Thursday, February 20, 2020

سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ|لسانيات|ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ ۽ ان جي صوتي حيثيت          اڀياس جو پس منظر
ڊاڪٽر الطاف جوکيو

وسرڳ (Aspirate) جو تعلق آواز سان آهي، وسرڳ ڪنھن اوسرڳ وينجن آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوڪ ملائڻ سبب بيـﻫـندو آهي؛ جنھن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنھن اوسرڳي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجن آواز جڙندو آهي. مثلاً ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج (Point of articulation) وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جھ‘ جو آواز نڪرندو. سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ۾ ڪل ڏهه وسرڳ (ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه) پڙهايا ويندا آهن، جڏهن ته پنج وسرڳ (ڙه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن. اهڙا آواز جن جا ممڪن وسرڳ (Aspirate) ٿي سگهندا آهن، تن کي ’اوسرڳ‘ (Inaspirate) ڪوٺبو آهي، مثال طور: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ، ڪ ۽ گ، سنڌي آئيويٽا/ الف- بي موجب ’اوسرڳ‘ آهن؛ جڏهن ته سنڌي ٻاراڻي ۾ ڄاڻايل وسرڳن موجب ’ڙ، ل، م، ن ۽ ڻ‘ پڻ اوسرڳ آهن. ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ آواز به صوتيي (Phoneme) جي حيثيت رکندڙ آهي.
صوتيي (Phoneme) مان مراد اهڙو آواز جيڪو لفظ ۾ معنوي فرق رکندڙ هجي. لسانيات پٽاندر آواز (Phone) جا ٻه قسم آهن: وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel). سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن سڀني آوازن مان هرهڪ کي صوتيو (Phoneme) چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪندڙ هوندا آهن، مثال طور:
وينجن آواز جي مٽجڻ سان:
ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري- ابهم- نابالغ- بي سمجهه وغيره.
بارُ: وزن- ٻوجهو- سامان وغيره. (جيٽلي، 2000: 43)
پارُ: درياه يا ڪنهن به ڌار جو ٻيو پاسو يا ڪپ- ڏس- پتو وغيره.
ڏارُ: چيرُ- ڦوٽ- ڦاڙ- وڍُ- ڦاڪُ وغيره.
(
مٿين لفظن ۾ صرف اڳيون وينجن آواز تبديل ڪرڻ سان معنوي فرق ٿئي ٿو، ان سبب اڳئين هر وينجن آواز کي صوتيو (Phoneme) سڏبو.)
سُر آواز جي مٽجڻ سان:
ڪَنو: ڪنهن ٿانوَ جو ڪنار- پاسو- گهيرَ، ڀر- ڪنارِي- حاشي، وٽِ وغيره.
ڪِنو: خراب- ميرو- ڪوجهو- بُرو وغيره.
ڪُنو: رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو- ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏي وغيره.
ڪانو: سَرَ جي ڏانڊي. جوئر يا ٻاجهري وغيره جو ڳَنو. ڇڙهي- لڪڙي- ڏنڊي- لڪڻ. تارازيءَ جو ڳن. ڳَٽ وغيره.
(
مٿين لفظن جي صرف پهرين وينجن (ڪ) جي زبر /اَ/، زير /اِ/، پيش: /اُ/ ۽ مد: /آ/ مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو. جنهن سبب انهن سر آوازن کي صوتيو ڪوٺبو)
لسانيات موجب آواز ۽ صوتيي جو فرق معنوي بنياد تي رکيو ويو آهي. پروفيسر علي نواز جتوئي ڄاڻائي ٿو ته ”صوتيو اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ (Bloomfield) صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو...“ (جتوئي، 1996: 69- 70)
اڀياس جو سوال
هن پيپر جو رخ هيٺئين سوال تي ٻڌل آهي ته:
 
سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به وسرڳ آهن، تن جي ڪهڙي صوتي حيثيت آهي؟s

وسرڳ جي صوتي حيثيت جو اڀياس
علمي لحاظ کان ڊاڪٽر غلام علي الانا وسرڳ جي مخرجي حيثيت بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته آوازن جي اچارڻ مھل ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾ ججھو ٿيندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ گهٽ ٿيندو آهي. هوا جو زور ’پيٽ ڇھه‘ (diaphragm) جي وسيلي ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهن هوا جي داٻ ۾ زور گهڻو هوندو آهي، ۽ اهو جي لنگھ ۾ رڪاوٽ يا رنڊڪ پيل هوندي آهي، تڏهن انهيءَ رنڊڪ يا رڪاوٽ جي ’هٽڻ يا ڇٽڻ‘ سان، هوا جي ڦوڪ هڪدم آواز جي پويان، ان سان گڏوگڏ، ٻاهر ڌوڪيندي ايندي آهي. هوا جي انهيءَ ’ڦوڪ‘ کي ’وسرگائي‘(aspiration) چئبو آهي.“ (الانا، 2009: 77))
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هتي اهڙن وسرڳن جي تعداد ۽ ان جي صوتي حيثيت تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪبي. حقيقت اها آهي ته صورتخطيءَ جي خيال کان وسرڳن ۽ ان جي فونٽن بابت ڪافي عرصي کان اسان وٽ مونجهارو رهيو آهي، ان جو مک سبب لاپرواهي ۽ اڻڄاڻائي پڻ آهي. هڪ وڏي عرصي کان ان جي فونٽن بابت به بحث هلندو رهيو آهي، پر ان تي اسان جا ادارا باضابطه ڪو خاطر خواه توجه نه ڏئي سگهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي وسرڳ صوتي حيثيت رکن ٿا، ڪي صوتي دائري کان ٻاهر آهن. وسرڳن جي صوتي حيثيت جو درجو ڪيترو آهي، ان بابت اڃان ڪو ڪم سامهون نه ٿو اچي.
فرض ڪريو ته اسان وٽ وسرڳ، صوتيي جي حيثيت سان آئيويٽا ۾ شمار ڪيا ويا آهن، جيڪي صرف ڏهه آهن: ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه. انهن جا اوسرڳ (Inaspirates) آهن: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ، ڪ ۽ گ. جيڪڏهن انهن کي صوتيي (Phoneme) جي اصول/ پيراميٽر ۾ توربو ته هيٺين ريت معلوم ڪري سگهبو:
اوسرڳ: ب
مثال: بَرُ = ويڪر- موڪرائي- مُنڍو. ڪپڙي جو پنو- عرَضُ. رڻ پٽ- بيابان. کنڊ- ٿڪل حالت ۾ وهنجڻ يا پاڻي پيئڻ ڪري بدن ڪُڙجي پوڻ جي حالت.
وسرڳ: ڀ
مثال: ڀَرُ = زور- سَتُ. جهَل- ٽيڪَ. آڌارُ- آسرو- ڀروسو- وسيلو- داٻُ- دٻاءُ. بارُ- وزن. ڀراءُ- ڀنڊار- خزانو. تڪبر- غرور- هٺُ.
اوسرڳ: ت
مثال: تَرُ = ترو- پاڻيءَ جو هيٺيون دنگ- ڪنهن به شيءِ جو هيٺيون پاسو. جتيءَ جو تري وارو ڀاڱو. بنياد. مٿاڇرو- سطح. آسپاس- پسگردائي- ويجهي ڇِڪَ- ويجهڙائي. ڪپڙي جي اڻت-.گهاٽائي. ڊيگهه. سَرن جا پڪل ٻوڙا. شرط ۾ لڳايل رقم. لانجهو- هيڻو- مرڻينگ.
وسرڳ: ٿ
مثال: ٿَرُ = مٽيءَ جو ڪيل ڍير، دڙو. واريءَ جي دڙن ۽ ڀٽن وارو ملڪ. ريگستان. غير آباد ملڪ. پاڻيءَ جو ڇڏيل ريٽ- لَٽُ- رءُ. کير جي گَجُ. کير ۽ ڌؤنري جو ملائيءَ وارو تهه.
اوسرڳ: ٽ
مثال: ٽِڪَ = مُنڊيءَ جي ٽِڪَ- هڪ جاءِ تي پوري بيهڪ. اصل.
وسرڳ: ٺ
مثال: ٺِڪَ = ٿورو پنڌ- قدم- وک.
اوسرڳ: ج
مثال: جَرُ = جل- پاڻي- آب- لڙڪ- ڏيک- چمڪو- همت- جام- گهڻو.
وسرڳ: جهه
مثال: جهَرُ = جهنگ- ميدان- هي لفظ فقط ’جهنگ‘ سان گڏ استعمال ٿئي ’جهرُ جهنگ‘، ’جهنگ جهرُ‘.
جهَرَڻ (ڳڻتي- ڳاراڻو- جهوري) جو امر.
اوسرڳ: چ
مثال: چَـرَ = کڏَ- چَري. اها کڏ جنهن ۾ باهه ٻاري مٿان ديڳ چاڙهجي. ڪپڙي ڦاڙڻ جو آواز.
وسرڳ: ڇ
مثال: ڇَرَ = پاڻيءَ جي اٿل- ليٽَ- ٻوڏِ. هيٺاهينءَ زمين ۾ بيٺل تانگهو پاڻي. پاڻيءَ جي لسَ. درياهَ جي چاڙهه جو پاڻي.
اوسرڳ: د
مثال: دَنُ = اناج جو ڍير يا گُندي- گاه يا ڪانن جو وڏو ڍير- ڍِڳُ- سَٿِي.
وسرڳ: ڌ
مثال: ڌَنُ = چوپايو مالُ. ڌَڻُ- نصيب- بخت- ڀاڳ- ملڪيت- ناڻو- دولت- مال- متاع- مايا- خزانو- دنيا- زر- اِملاڪ- ٽڪو- ٽُڪر- مُوڙي- پونجي- آجڪو- اَجهانگ- الهو تلهو. قوس- ڪمان- جَسُ- شاباس- آفرين- واه واه- خوش رهه.
اوسرڳ: ڊ
مثال: ڊُڪَ = ڊوڙ- ڀاڄ- ڀَڄ- ٽاپي- سَٽ- لُوههَ
وسرڳ: ڍ
مثال: ڍُڪَ = (ڍُڪُ جو جمع) سرُڪَ- سُرڪي- سُرڪو- ڳيتَ- ڇِڪَ- اُرڪ- چُڪو- کَپَ- چَرون.
اوسرڳ: پ
مثال: پَڪَ = مضبوطي- پڪائي- تصديق- يقين- خاطري- دلجاءِ- تحقيق- فيصل ٿيل معاهدو. خاطريءَ سان- ٺيڪ- برابر- يقيني.
وسرڳ: ڦ
مثال: ڦَڪَ= (ڦَڪُ جو جمع) ڪنهن سفوف يا چُوريءَ جي لپ- ڦڪي- ڦڪو- ترڪي- لپ ۾ ايندڙ ڪنهن شيءِ جو انداز. هڪ ئي واري سان وات ۾ پئجي سگهندڙ شيءِ جو انداز. گرهه. ذرو- ٿورو- حصو.
اوسرڳ: ڪ
مثال: ڪَنُ = ٻڌڻ جو ڪم ڏيندڙ مشهور عضوو يا حواس- گوشُ- سمعُ- اُذن. توجه- ڌيان- خيال- ڊپ- ڀؤ- خطرو- انديشو- بي سمجهه- موڳو- موڳشٽ. ڳڻپ- شمارو. ڇيڙو- پڇاڙي. ستار يا سرندي جي ڳيٽي- ڄاريءَ جو رسو- پکين ڦاسائڻ جو ٽنگڙ جو پاسو.
وسرڳ: ک
مثال: کَنُ = مانيءَ جو ٽڪر- ٽُڪر- ڀور، ڳڀو- چوٿو- ماني وغيره جو اڌ. اٽڪل- اندازا- اٽڪل رُوءِ- لڳ ڀڳ- ڌاري- ٿورو اڳتي- ٿورو پوءِ- قريباً (جيئن: سؤ کَنُ يا سير کَنُ). انگن جو ميڙ ڏيکاريندڙ عدد، مثلاً ڏهاڪو کن- ويهارو کَنُ.
اوسرڳ: گ
مثال: گَرُ = بدن وغيره سان گڏ ڄميل مٽي- گندگي- مَرُ- مٽي- ميرُ- ميراڻ- ميلُ- ميرائي- غلاظت (بت تي). چمڙيءَ جي بيماريءَ جو هڪ قسم- خارش- ڪرِنهِن- جانور جي بيماريءَ جو قسم. هڪ يا ان کان وڌيڪ جبلن وارو ملڪ.
وسرڳ: گهه
مثال: گَهرُ = رهڻ جي جاءِ- جاءِ- مڪان- اَجهو- جهُڳو- چونڪي- چؤنڪي- چؤنرو- ڇنو- مَنَهُن- لانڍي- صفو- ڪوٺو- بنگلو- محلات- ڇپر- ڀونگو.

(
بلوچ: 1960، 1981، 1984 1985، 1988. جامع سنڌي لغات جلد: 1- 5)
هي خيال خاطر چند مثال اوسرڳ ۽ وسرڳ آواز جا ساڳين لفظن واري بيهڪ ۾ تبديل ڪري ڏٺا ويا، جن سبب لفظن ۾ معنوي فرق معلوم ٿيو. ان سبب اهو ئي چئي سگهبو ته اهي ٻنهي قسمن (اوسرڳ ۽ وسرڳ) جي آوازن مان هرهڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتيي (Phoneme) جي حيثيت رکي ٿو. توڻي جو اها وسرڳائي (Aspiration) لاڙي لهجي جي عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ گهٽ آهي، تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن نسبت، يڪسان طور تي، سنڌي آئيويٽا ۾ اهڙن وسرڳ آوازن جا اکر رکڻا پون ٿا. ڄاڻايل وسرڳن جي استعمال ٿيڻ جي سطح معلوم ڪرڻ وارو معاملو وري هڪ الڳ زاويو ٿي وڃي ٿو، جنهن تي پڻ ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وسرڳن بابت تقابلي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”وسرگ آواز، انگريزي ٻوليءَ ۾به ملن ٿا؛ پر انگريزي زبان جي صوتياتي نظام ۾ وسرگائي، صوتي (Phonemic) نه آهي، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرگ وينجن آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ وسرگ آواز ڌار صوتئي طور ڪم نه ٿا اچن. مطلب ته سنڌيءَ جي صوتياتي نظام موجب [پ] ۽ [ڦ] ٻه ڌار ڌار صوتيه (Phonemes) آهن. …اهڙا وسرگ آواز آهن: ڦ، ڀ، مهه، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڻهه، نهه، ڇ، جھ، ڙهه، ک، گھ، لهه.“ (الانا، 2009: 75- 76)
ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻائڻ مطابق وسرڳي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ظاهر آهي ته جيستائين آئيويٽا ۾ ان وسرڳي آواز لاءِ ڪو اکر يا علامت مقرر نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين ان آئيويٽا کي اڌورو ئي ڀانيو ويندو آهي. ان لاءِ موجوده آئيويٽا ۾ اهڙا ڏهه وسرڳ شامل ڪيا ويا آهن؛ بعد ۾ پنج وسرڳ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب/ ڪچي پـﻫـرين درجي ۾ صورتخطيءَ جي خيال کان ڏنا ويا آهن. اڄ تائين انهن کي آئيويٽا / پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهي پنج وسرڳ جيڪڏهن صوتئي جي تارازيءَ ۾ پورا لـﻫـن ٿا ته انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ ضميمي طور ئي سـﻫـي، سنڌي پٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن. مذڪوره ’ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه‘ نظر انداز ٿيل وسرڳن جي سندن اوسرڳ آواز جي مٽا سٽا سان معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيان مثال ڀيٽ جي صورت ۾ ڏجن ٿا:
اوسرڳ: ڙ
ڪوٗڙُ= تاڃي ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ کوڙيل ڪِلن جي قطار- تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺي- ڪروڙ.
ڪُڙِ = ٿڪ، ٿڪاوٽ. ڪڪڙ کي هڪلڻ جو آواز.
سَڙُ = (امر) سڙڻ، ڪاوڙ ۾ پچڻ
وسرڳ: ڙهه
ڪوٗڙهه = بدن تي اڇا داغ ڪندڙ هڪ وچڙندڙ بيماري- جذام
ڪُڙهه = ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي پلجڻ ۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ
سَڙهه = ڪم ڪوس يا سست (ڏاند)
اوسرڳ: ل
ڪَلَ = سُڌ، ڄاڻ؛ انجڻ؛ اٽي جي ڳوهه
مالَ = ڌن، ڍور ڍڳا (جمع)
ڪُلو = پٽڪي هيٺان وجھندڙ ٽوپي
مَلَ = مهٽو؛ گدلاڻ
وسرڳ: لهه
ڪَلههَ = گذريل ڏينـﻫـن
مالههَ = هار؛ نار ۾ لوٽين ٻڌڻ لاءِ رسو
ڪُلهو = ٻانـﻫـن ۽ ڪنڌ جو وچيون حصو
مَلههَ = سنڌي ڪشتي
اوسرڳ: ن
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
وسرڳ: نهه
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
اوسرڳ: ڻ
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
وسرڳ: ڻهه
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
وسرڳ: م
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
اوسرڳ: مهه
ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي نسبت، ڏنل مٿين پنجن وسرڳن (ڙﮩ، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) کي صوتيي جي اصول/ پيراميٽر تي جاچيو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته انهن پنجن وسرڳن مان ’ڙﮩ ۽ لهه‘ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، باقي گهُڻن وينجنن (ن، ڻ ۽ م) جا وسرڳ صوتي معيار (Phonemic Standard) تي پورا نه ٿا لهن.
1.
اڀياس جو نچوڙ
وسرڳ جو وينجن آواز، ڪنهن اوسرڳ وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ ملائڻ سان بيهندو آهي.
سنڌي آئيويٽا موجب اوسرڳ آواز صرف اهي ئي سڏبا آهن، جن جا وسرڳ ممڪن هجن، جيئن: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ ۽ ڪ.
سنڌي آئيويٽا ۾ صرف ڏهه وسرڳ ڄاڻايل آهن، جهڙوڪ: ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه.
سنڌي صورتخطيِءَ جي نسبت، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ پنج اضافي وسرڳ ڄاڻايل آهن، جهڙوڪ: ڙه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه، جن جا اوسرڳ: ڙ، ل، م، ن، ڻهه آهن.
ڄاڻايل پندرهن وسرڳن کي صوتيي (Phoneme) جي پيراميٽر ۾ جاچيو ويو. ياد رهي ته صوتيو، ڪنهن ساڳي لفظي جوڙجڪ ۾ صرف گهربل آواز (وينجن توڻي سُر) بدلائڻ سان معنوي فرق ڏيکاريندو آهي.
جاچڻ بعد واضح ٿيو ته سنڌي آئيويٽا ۾ ڄاڻايل ڏهه وسرڳ، صوتيي جي پيراميٽر ۾ پورا لهن ٿا، جڏهن ته سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل پنج اضافي وسرڳن مان ٻه /ڙﮩ / ۽ /لهه/ وسرڳ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، باقي ٽي گهُڻا وسرڳ [مهه]، [نهه] ۽ [ڻهه] صوتيي جي اصول تي پورا نه لهن.
2.
نتيجو
هن پيپر ۾ تمام مختصر انداز ۾ ڊاڪٽر الانا جي ان راءِ کي جاچيو ويو ته ”سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرگ وينجن آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا.“ ڊاڪٽر الانا جي راءِ کي صوتيي جي ميزان/ اصول/ پيراميٽر ۾ ڏسڻ بعد هيٺيون نتيجو نڪتو:
سنڌي آئيويٽا ۾ ڏنل ڏهه وسرڳ /ڀ/، /ٿ/، /ٺ/، /جهه/، /ڇ/، /ڌ/، /ڍ/، /ڦ/، /ک/ ۽ /گهه/ سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا.
سنڌي صورتخطيءَ نسبت، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل پنجن وسرڳن (ڙﮩ، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) مان ٻه وسرڳ /ڙﮩ/ ۽ /لهه/ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، جڏهن ته گهُڻا وسرڳ [مهه]، [نهه] ۽ [ڻهه] سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي (Phonemic) حيثيت نه ٿا رکن.

حوالا/ ذريعا
*
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1967] 2009. سنڌي صوتيات- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
*
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960، 1981، 1984 1985، 1988) جامع سنڌي لغات. جلد ترتيبوار 1 کان 5. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
*
جتوئي، علي نواز، پروفيسر [1968] 1996. علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
*
جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (2000) سنڌي ڌوَني وگيان (سنڌي صوتيات). دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.
*
سنڌي ٻاراڻو ڪتاب. (2018) ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.



No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون