Wednesday, March 4, 2020

فياض لطيف|شاعري


فياض لطيف
اکين کي اوجاڳا ازل جا


اسان طلب تاتي سمونڊن جي سانئڻ!
اوهان بوند لئه ڀي صديون آ سِڪايو.
”اوهان جي قرابت، نه ساحل نه ڪشتي،
اسان پاڻ ٻوڙيو، ڪڏهن پاڻ تاريو!“

اکين کي اوجاڳا ازل جا ڏناسون
سدا ٿيون اِڇائون مسافت جون عادي،
چپن کي ڏنيوسين چميون آٿتن جون،
اسان رند روڳي، اسان آد ــ جڳادي!

هجومن جي دنيا ۾ هيکل ئي هيکل
ڪيونسين هميشه پنن سين پچارون،
مٽي ۾ ئي صورت ڏٺي سون سدائين،
مٽي ۾ ئي مورت پَسيون سين نهارون!

خوابن جي خانه بدوشيءَ وانگر
ڪڏهن جيءُ جوڳي، ڪڏهن من بهارون،
اڙي عشق! توتي ڏيون ڇا ميارون!
اڙي عشق! توتي ڏيون ڇا ميارون!


تون امرتا! پر ڪٿي آن...؟
تون امرتا! پر ڪٿي آن...؟

آءٌ ساحر تنهنجو ساڳيو
تون امرتا! پر ڪٿي آن؟
جيءُ جنهن جي لاءِ ڀٽڪيو،
تون اَجنتا، سا ڪٿي آن؟

اڄ به منهنجا گيت سانئڻ!
تنهنجي ساڳي آرزوءَ ۾،
ڪيترو بي چين آهن!
ڄڻ ته ڪائي سَينَ آهن!
طلب جن ۾ تنهنجي ايڏي،
ڪوئي ڪاٿو ڪونه آهي!
مون ته ڄاتو ڪونه آهي،
زندگي سان تو سوا ڪو،
منهنجو ناتو ڪونه آهي!

ڄڻ ته ڀڪشو دشت ۾ ڪي
نيڻ پنهنجا جانِ جانان!
تنهنجي تعاقب ۾ رهيا هِن،
ڪيترا هي بي چيا هِن،
پير پنهنجا جن جي جيءَ ۾،
جاڳ جي ڪا آڳ آهي!
ڪيتريون تنها سفر جون
سرد ۽ بي سُرت راتيون
پوءِ به ساڳي آڳ آهي!
پوءِ به ساڳي جاڳ آهي!

پنڌ تنهنجي جون پُڇائون
هر قدم جي ٿيڙ تي ئي،
اڄ به آتيون تنهنجون ٻانهون،
منهنجي خيالن ۾ سدائين
ڪيتريون تازيون لڳن ٿيون!
پر ڪٿي آن، تون ڪٿي آن؟
او امرتا! تون ڪٿي آن؟
او امرتا! تون ڪٿي آن؟



کڻون، جي نيڻ کڻئون ڪئن!
کڻون، جي نيڻ کڻئون ڪئن!

جفائن جو تِکو خنجر
وفائن جو بدن زخمي!
کڻون جي نيڻ، کڻئون ڪئن؟
نگاهن جو بدن زخمي!

اسان جي خواب ــ نيڻن ۾
روهيڙي جا رتا گلڙا،
خزائن جي مگر موسم،
اِڇائن جو بدن زخمي!

ڊگھو آ درد جو رستو
پِٿون هِن پير پانڌيئڙا!
ڪئين ڪو سڏ وراڪو ٿي؟
پناهن جو بدن زخمي!

چپن تي چينَ جون ڳالهيون
اچن جي ڪئن اچن آخر؟
اندر ۾ ٿيون چُڀن سارون،
صدائن جو بدن زخمي!

چوَنِ ٿا آ لٿي موسم
هُڳائن جون چڳون ڇوڙي!
پٿر جي شهر ۾ ليڪن،
هوائن جو بدن زخمي!
کڻون جي نيڻ، کڻئون ڪئن؟
وفائن جو بدن زخمي!
گھٽائن جو بدن زخمي!



سدائين ڪوتا زخم ڀريا هن
سدائين ڪوتا زخم ڀريا هن

جمال تنهنجو ڪمال جانان!
خيال تنهنجو خمار وانگي
اُڃاري ٿر تي جئين ڪو آگم،
ائين تو ڪاڪل قرار وانگي!

سدائين دل آ رهي مسافر
سدائين پاڳل رهيون پُڇائون.
سمونڊ ۾ جيئن ساحلن جون،
سدا اُڃاريون اسان جون ٻانهون!

سدائين پيرن آ پنڌ جھاڳيو
سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي.
سدائين سارون، پرين ــ پچارون،
سدائين دلڙي آ نينهن ــ واڳي.

سدائين خوابن سندي خدائي،
سدائين من جون عجب اِڇائون!
سدائين راحت، اسان جي چاهت،
اسان جي منزل، اسان جون راهون!

سدائين ڪاغذ بدن رهيو آ
اسان جي آڱر سندو جياپو!
سدائين ڪوتا زخم ڀريا هِن،
اسان جي دل آ سڄي ئي ٽاڪو!

ائين ئي گذريو اسان جياپو
سدائين خوابن سندي خدائي.
سدائين پيرن آ پنڌ جھاڳيو!
سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي!
سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي!


تنهنجي ياد
تنهنجي ياد

جنهن وقت ٿي آڌيءَ رات ٺري
۽ چنڊُ مٿان ٿو ڇانوَ ڪري،
تنهن وقت هنئين جي ساگر ۾،
ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري.

جنهن وقت به ڪوري ڪاغذ تي،
ٿي ڪوتا ڪوسا چپ رکي.
تنهن وقت اوهان جي نيڻن جي،
ٿي مون کي ڏاڍي ياد اچي.

جنهن وقت گھٽا گھنگھور ڪري
۽ بادل برسن شور ڪري،
تنهن وقت مٽيءَ آغوش منجھان،
ٿي مون کي تنهنجي مهڪ اچي.

جنهن وقت شفق جي ساگر ۾،
ٿو لهندڙ سج سنَان ڪري،
پُور وهيءَ ۾ جوڀن جوڙو،
ڪو سنڌوءَ ڀر ٿو شام ڪري،

تنهن وقت هنئين جي ساگر ۾،
ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري!
ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري!



ڪونج من جي بي قراري
ڪونج من جي بي قراري

ڪيتريون آيون ويون هِن
ڪونج جھڙيون ڪامڻيون ڪي!
پياس جان پنهنجي جواني،
مڌ جيان هُون موهڻيون سي!

ياد جا لمحا سمورا،
ڪيترا پيارا لڳن ٿا!
جاڳ جي لمبي سفر ۾،
ڄڻ ته ڪي تارا لڳن ٿا!

ٻار وانگي دل جنين سان
راتڙيون ريجھي رهي آ.
جيئن گل تي ماڪ قطرا،
زندگي پنهنجي رهي آ!

ڪا خبر ڪانهي ته پنهنجي
آ ڪٿي منزل به ڪائي؟
ڪو ٽڪاڻو، ڪا سهائي؟
دل رڳي آ درد ڀائي!

ديد پنهنجي آ ديواني
پيار پنهنجو آ پتنگو.
پنهنجي رقصم آ خدائي،
نينهن سرمد وانگي ننگو.

ڪيئن چئجي ڪنهن جي ڪارڻ؟
هيءَ بدن جي بي قراري!
ائين جُڳن کان منتظر ڇو؟
هيءَ اکين جي انتظاري!

روح پنهنجو لهر وانگر
ساھ پنهنجو سحر وانگر،
پر عمر ڀر لاءِ آتو،
کوج ڪنهن جي ۾ رهيو آ؟
موج ڪنهن جي ۾ رهيو آ؟



رقصم رقصم
رقصم رقصم

سچل! تنهنجو سچ ته اڄ ڀي،
ساڳي سورج وانگر آهي.
جنهن جو ڪِرڻو ڪِرڻو ڄڻ،
جنهن جو جھرڻو جھرڻو ڄڻ،
”اناالحق“ اقراري آهي،
رقصم روپ هزاري آهي!

تو جا ڪالھه درازن ۾ هئي،
دولھه چڻنگ دکائي ڪائي.
تجلا تنهن جا اڄ به ساڳيا،
بيشڪ سائين! برحق آهن.

سندءِ سنيهو سمنڊ سراپا،
سرڪش جنهن جون ساريون لهرون،
اڄ به ڪنارا ٻوڙن ٿيون، پر،
تڙ تي ڪوئي تارون ڪونهي!

ماڪڙ وانگر ڀيلي وئي آ،
ننڊ ندوري ملڪ سڄي کي،
ماڻهو ماڻهو ماس جو طالب،
ڍونڍ دنيا تي مکين وانگر،
ميڙو آهي، جھيڙو آهي!
مٽي من ۾ مورت نوري،
ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه پُرجھي!

سچل! تنهن جو سچ سنيهو،
تنهن لئه پر سرمستي گھرجي!
هڪڙي سائين! هستي گھرجي،
ننڊ اُجھاڻل نيڻن کي جا،
جاڳ جي ڪائي جوت ڏئي ڪا!
ماڳ جي ڪائي ڳوت ڏئي ڪا!
ماڳ جي ڪائي ڳوت ڏئي ڪا!


اکين ۾ خواب ٿو مهڪي
اکين ۾ خواب ٿو مهڪي

پٺيان هُو سج پهاڙيءَ جي
لڳي ٿو روپ بيوھ جان!
لڳي ٿو رات جي ماٿي،
سندر هُو چنڊ ڪنهن ڳھه جان!

عقابن جي اکين وانگي،
ستارن جون اکيون ڀاسن!
ڪڪر جون سانوِريون ٻانهون،
امبر کي ٿيون ٻَکيون ڀاسن!

ٿڌي آ رات سياري جي،
وسي ٿي ماڪ مُکڙين تي!
سمرتين جي کڻي خوشبو،
هينئون ٿو هير جو ڀِٽڪي!

چُني آ رات جي ڦهلي،
مٽيءَ جو ٿو بدن مَهڪي!
ننڊاکا نيڻ ناريءَ جا،
اکين ۾ عشق ٿو ٻَهڪي!

اونداهيءَ ۾ ڪوئي پاڇو،
ڇا لئه ٿو پاڻ کي رولي!
هوائن ۾ هُڳائن جو،
پتو هُو ڪير ٿو ڳولي؟
پتو هُو ڪير ٿو ڳولي؟


پرينءَ کي چئجو!
پرينءَ کي چئجو!

اسان جي جيون اُماس رڻ ۾،
جڏهن به جلندي ڏيئو ڏسو ڪو،
ڏکڻ ــ هوائون، ڏکڻ ــ هوائون!
وڃي پرينءَ کي ته هيئن چئجو:

”اسان جي هينئڙي اڃا هُرن ٿيون،
اوهان جون باتيون، اُماس ــ راتيون،
اوهان جي ڀاڪر سندي آ ڳولا!
اسان جون ٻانهون، اڃا به آتيون!

ڪٿي به جانان! قرار دل آ،
ڪڏهن نه پاتو، ڪڏهن نه پاتو،
اسان جو من آهه راھَ ــ رمتو!
اسان نه ڄاتو، اسان نه ڄاتو!

رڳي رهيون هِن اوهان پچارون،
اَتو ئي ڪونهي، پتو ئي ڪونهي!
ڪٿي وساري، وجود ــ سارون؟
اسان رُڳا هون، اسان پُڳا هون!

اَجھاڳ پنڌ ۾ سدائين سرتي!
رهيو آ تو لئه هي جوڳي جيئـڙو!
متان تون سمجھين اکين اسان جي،
ڪڏهن ڪو آهي اُجھو اوسيئِـڙو!
ڪڏهن ڪو آهي اُجھو اوسيئِـڙو!“


ڪاش اياڻا ڄاڻين تون!
ڪاش اياڻا ڄاڻين تون!

ڪوئي پنڇي جي پَرَ ساهي،
پڃري مان آزاد ٿئي ٿو.
منهنجي دل تان درد جو پٿر،
دوست! هڪڙو ڄڻ ته ڀُري ٿو.

جيئن خزان جي خنجر سان ڪو،
ڪنهن ٽاريءَ مان گل ٽٽي ٿو.
ان جي ساري پيڙا جو ڄڻ،
منهنجي من ۾ درد چڀي ٿو.

ڪنهن دکيءَ جي نيڻن مان جي،
ڪوئي بيوس لڙڪ لڙي ٿو.
ساري هن سنسار جو ان ۾،
ڄڻ ته ڪوئي ٻول ٻُري ٿو.

ڪوئي جي ڦٽ پاٿ تي ڦٿڪِي،
تنها تنها دم ڏئي ٿو.
ڪاش اياڻا! ڄاڻين، سو تون،
انسانيت جو موت ٿئي ٿو!

ڪوئي پنڇي، جي پَرَ ساهي،
پڃري مان آزاد ٿئي ٿو،
منهنجي ساري هستيءَ جو ئي،
سوئي ڄڻ آواز ٿئي ٿو.
سوئي ڄڻ آواز ٿئي ٿو.


دار تي دارا شڪو ھ
دار تي دارا شڪو ھ

رسمِ وفا جي راھ ۾،
ڪيئي ڪُٺا ڪوپا ڪوي.
آ رات جي هر رَند ۾،
اڄ رَت سندي تن روشني.

هُو دار تي دارا شِڪوھ،
ٺٽّي ۾ سرمد جي سِسِي.
خوشبو تنين جي خونَ جي،
تاريخ ٿي تنهن کي چُمي!

آڪاش جي آغوش ۾،
هُو چنڊ پيو آ آهلي.
ڏيئي وساڻل جان لڳي،
ٿِي جھوڪ جي هر ڪا ڳلي!

ڇو ڀٽ ڌڻيءَ جي ديس ۾؟
ڪا رات آ ڪاهي پَئي!
ٿيون رت ڦڙا روئن اکيون،
زخمي پَيو آ روح ٿِي!

آ زندگي جي راھ ۾،
ڄڻ زندگي رهجي وئي!
ڪائي تمنا روح جي،
آ روح ۾ رهجي وئي!



تون ڇا ڄاڻين!
تون ڇا ڄاڻين!

ماڻهوءَ جي، جا مٽي ٿئي ٿِي
ڳوڙهي ڳاڙهي چٽي ٿئي ٿِي.
تو نه ڪٽي ڪا رات اکين ۾!
تون ڇا ڄاڻين چاهت ڇاهي؟
محبت ڇاهي، راحت ڇاهي؟

تون ڇا ڄاڻين مورک ماڻهو!
پريت پريم جي پيڙا ڇاهي؟
تو نه گلابن ـــ ٻوٽا پوکيا!
تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين؟
من جي لئه ڪنهن مندر جان آ،
يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!

جڳمڳ جڳمڳ ڏور ستارا،
آڪاش منجھان واجھائن ٿا،
سار پرين جا لمحا سارا،
تن من منهنجو تڙپائن ٿا!
بي حسَ ڪهڙي ڪَلَ ته ڇاهي؟
پيار جي جيڪا مِٺي ٿئي ٿي!

جيون جي هِن ٻاٽ نگر ۾،
عشق اُجالن وانگي آهي!
”هُن“ جي ساٿ جو خيال به ڄڻ ڪو،
مڌ جي پيالن وانگي آهي!

غمِ جدائيءَ ۾ هم رازو!
زخمي دل لئه مرهم وانگر،
محبوبن جي چِٺي ٿئي ٿِي!
من جي لئه ڪنهن مندر جان آ،
يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!
يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!



اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟

ڪارونجھر کي پٿر ماري
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
موت نه جنهن کي ماري سگھيو،
ان کي تون ٿو مارڻ چاهين!

ناھ اڃا ڀي پوڙهي هڏڙن،
پنهنجو رت ۽ ست وڃايو!
گيت اڃا ڀي رت رتولا،
اڃا نه راڳيءَ ڪت وڃايو!

ڪنڌ اڃا ڀي اوچو ان جو،
جنهن کي تون ٿو جُھڪائڻ چاهين!
لفظ جوالا مُکي جنهن جا،
تنهن کي تون ٿو اُجھائڻ چاهين!

توکي ڪهڙي ڪَل او ڪانئر!
جنهن تي ڀٽائي، ڇانوَ هجي ٿو.
مور نه سوئي مِٽجي سگھندو،
جيڪو سنڌڙيءَ، هانوَ هجي ٿو.


ڪيسين بندش، ڪيسين پهرا؟
چوٽي جابر چار ڏيهاڙا!
مٽي تريءَ تي واءَ جو ڦوڪو،
اوندھ پويان سج آ لوڪو!

ڪوتا جي نگريءَ ۾ چوڏس،
جنهن جي جوت جو سج جرڪي ٿو.
مورک! ان جي جوت جلا کي،
تريءَ هيٺان ٿو وارڻ چاهين!
ڪارونجھر کي پٿر ماري،
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟



(سکر ۾ شيخ اياز جي لائبرري سان وردي وارن جي هٿ چراند کان متاثر ٿي لکيل)


ڪيئن ڪري ڪوئي مسافر...!
ڪيئن ڪري ڪوئي مسافر...!

عمر ڀر جي آرزوءَ ۾،
هڪ ئي سندر عاشقي آ.
خواب ساگر جي سپن جان،
ڄڻ ته موتي زندگي آ.

هر سفر جو توڙ آهي،
تند هڪڙي تار جي ڄڻ.
من اندر جون موسمون سڀ،
هر گھٽي آ يار جي ڄڻ.

ڌنڌلي ڪنهن درسني جان،
عقل جون سڀ آڱريون هِن!
اُلجھيل سُٽُ آدمي آ،
روح ۾ سڀ روشنيون هِن!

طلب ٿي اُڻندي رهي ڪا،
جسم ڪوئي تشنگي جو!
ننڊ جو ليڙون لٽو ڪو،
ڄڻ ڍڪي جاڳيل اکيون ٿو!

پور آهي ڄڻ پتنگو،
سور آهي سمنڊ وانگي.
ناو وانگي دل جنهين ۾،
پرتِ جو ساحل ٿي ڳولي!

ڪيترا طوفان ئي ڄڻ،
تَنهن جي تعاقب ۾ لڳل هِن!
پنڌ ۾ هر پير هيٺان،
ڪيتريون چوڙيون ڀڳل هِن!

ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر،
ڇانو وڻ جي کي ڇپر ڪو!
وقت آهي سمنڊ وانگي،
جنهن کي ڪونهي, پر ڪپر ڪو!

تيز پيو هر پل بدلجي،
لهر جھڙو هي سفر آ،
قهر جھڙو هي سفر آ!
ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر!
ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر!



تون سحر جون ڪي صراحيون
تون سحر جون ڪي صراحيون

شبنمي جان تون او سانئڻ!
آءٌ ڄڻ ڪو گل خزان جو!
تون ڏکڻ جي هير وانگر،
آءٌ ڄڻ ڪو پل سنجھا جو!

تون صبح، تون سانجھه آهين،
تون ئي جھرڻو، جانجھه آهين.
سمنڊ تنهنجي آ سندرتا،
تون ڪويتا آن سراپا!

رنگ تنهنجا رت ــ بسنتي،
روپ تنهنجو چاندني جان.
تون وٺيءَ جو واءُ سرهو،
من منهنجو تشنگي جان!

مان صدا ڪا سانت جي ۽
تون مڌر آلاپ جھڙي!
مور ــ من ٿي منهنجو موهي!
ٽور تنهنجي ڊيل جھڙي!

مِرگهه وانگي جيءُ منهنجو
تون سحر جون ڪي صراحيون.
آءٌ راهي رات جو ۽
چاندني سڀ تنهنجون راهون!

مان مسافر دشت جو ۽
تون سدائين آن گھٽائون!
آتا چپ بي چين ٻانهون،
چاندني سڀ تنهنجون راهون!
چــاندني سڀ تنـهنجون راهـون!



تنهنجي مهڪ اڃا به آ
تنهنجي مهڪ اڃا به آ

منهنجي من تي ياد سندءِ،
شام چپن تي سج چمي!
وينگس! تنهنجي ٻانهن جي،
ڪيئن وساريان آڇ اُڃي!

تنهنجي تن جي خوشبو جا
وسريا ناهن واس اڃا!
اچڻي آنهه اماوس ۾،
اڄ به اٿم سا آس اڃا!

تنهنجي جوڀن پيالي مان،
موھ جو مڌ هو مون پيتو.
اڄ به تازو خيالن ۾،
تنهنجي مرڪن جو موتيو!

روز تصور شيشي ۾،
سامهون آهي سو چھرو.
مون سان هاڻِ ملي وئي آن،
سُڌِ ــ پڻي تي ڀاسي ٿو،
تنهنجو پيرو ڄڻ تازو!

ڪيئن مڃان تون هُئين سپنو!
منهنجي اُپٽيل نيڻن جو.
مهڪ اڃا ڀي تنهنجي آ،
تازي منهنجي ساهن ۾!
تڙپ اڃا ڀي تنهنجي آ،
منهنجي آتي چاهن ۾!



ان کان اڳ ۾
ان کان اڳ ۾

ڪڏهن جي تنهنجي تنهائين ۾،
منهنجي ياد جا آتا پنڇي،
پنهنجا زخمي پر ڦڙڪائي،
سندءِ آسڻ اچن جي سانئڻ!
ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
پنهنجي پريت، پريم ــ نگر جون،
سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

ننڊ ــ شهر جا لنگھه لتاڙي،
سانت ــ ڳليءَ مان آڌي ويلي،
ڪڏهن اچن جي منهنجا سپنا،
ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
پنهنجي نيڻن سپني ــ گھر جون،
سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

ورق ورائيندي ماضيءَ جا،
چِت چُڀيئي ڪا چُهنڊي جي،
ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾
پنهنجي ياد ــ سفر جون،
سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

تنهنجي سونهن گلابن تي جي،
جانان! اچانڪ اچن اُڏامي،
منهنجي گيتن جا ڪي پوپٽ،
ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
پنهنجي جوڀن سونهن ــ شھر جون،
سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!
سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!



تون جا اچڻي آهين
تون جا اچڻي آهين

هن جھڙالي شام پهر ۾،
ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!
تنهنجو ساٿ نه آهي سرتي!
پوءِ به ڄڻ آهين سيني ۾!

پوياڙيءَ جو لهندڙ سورج،
آءٌ اڪيلو تنهنجون سوچون.
ڪهڙي پار پرين تون آهين؟
ڪهڙي پار پرين تو لوچون!

ڪيڏي اُڻتڻ اوسيئڙو آ،
آ تنهنجي دڳ ۾، ديد ٽنگيل!
تون جا، منهنجو امرت آهين،
۽ تون جا منهنجي ڏات رٺل!

تنهنجي اوسيئڙي ۾ سرتي!
گل نه سي مرجھايا آهن!
جي مون دل جي گلدستي ۾،
تنهنجي لاءِ سجايا آهن!

نيڻ ننڊاکا ٻوٽيا ناهن،
اڃّا به ننڊ جي ڀاڪر ۾،
تون جا اڄ آن اچڻي جانان!
منهنجي ٻانهنِ جي آڳر ۾!

اڄ جا آهين رچڻي جانان!
منهنجي گيت گلابن ۾ تون.
منهنجي موھ حجابن ۾ تون،
منهنجي رات خوابن ۾ تون.

اڄ جا آهين اچڻي جانان!
ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!
ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!



تون ئي مايا جو موتي
تون ئي مايا جو موتي

تنهنجون راهون روز تڪيندي،
منهنجا نيڻ پيا هِن ٿڪجي.
ڀٽڪي رڃ وڇوڙي جي ۾،
منهنجا پير پيا هِن ڦٽجي!

ڪيسين تنهنجي اوسيئڙي ۾؟
آس جا ديپ جلايان جيڏي!
ڪيسين تنهنجي سپنن سان مان؟
پنهنجو روح رِجھايان جيڏي!

خواب ته ناهين نيڻن جو تون
جنهن کي آءٌ ڀُلائي ڇڏيان!
لڙڪ ته ناهين پلڪن جو تون،
جنهن کي آءٌ وهائي ڇڏيان!

تون منهنجي جيون ــ ٽاريءَ ۾،
ڄڻ ته گلابن وانگر آهين!
تون منهنجي تخيل ــ ڌرتيءَ تي،
ساڀيان ـــ خوابن وانگر آهين!

سو ڪئن آءٌ وساري ڇڏيان؟
تو جنهن منهنجي جيون ـــ بن ۾،
ڪا جوت جلا جي اوتي آ،
منهنجي حياتي ــ سپ ۾ سانئڻ!
تون ئي مايا جو موتي آن!
تون ئي مايا جو موتي آن!



پوڄاگر جي پريم جو پٿر
پوڄاگر جي پريم جو پٿر

موت جي جاڙي ڀيڻ جيان آ،
هيءَ ننڊ جي ڪاري ڪانويلي!
جا جيون موتي ــ داڻن کي،
پنهنجي چهنب ۾ روز چُڳي ٿي!

هن وقت جي سرڪش گھوڙي جي،
ڪيڏي ٿي اُڏامي پير ــ پڻي!
رات اوجاڳيل چنڊ تڪي ٿو،
پنهنجا خمّاريل نيڻ کڻي!

ڄڻ ٽُڪريون ٽُڪريون ٿي پيو آ،
درد جي ڌڪ سان دل جو شيشو!
۽ وکريو پيو آ ڌرتيءَ تي،
وشواسن جو پتّو پتّو!

روشن جيڪا آ هيءَ رات،
تنهن جي سيني منجهه چُڀي ٿو،
هر پل سيّاهي جو خنجر،
اي ڪاش اياڻا! ڄاڻين تون،
پوڄاگر جي پريم جو پٿر!
پوڄاگر جي پريم جو پٿر!



هوا ۾ آ هڳاءُ تنهنجو
هوا ۾ آ هڳاءُ تنهنجو

تنهنجي دڳ ۾ ديد اسان جي،
ائين ازل کان آتي آهي!
جئن ٿر جي ڌرتيءَ جي هوندي،
پياسي بوند لئه ڇاتي آهي!

من اسان جو ميت اوهان لئه،
ريتن جا سڀ ٽوڙي رشتا.
تنهنجي در تي آيو آهي،
گل کڻي ڪي رابيلن جا.

سرتي! تنهنجي چوٽن جو ڄڻ،
رات هڳاءُ هوائن ۾ هو!
وئي ننڊ رُسي هئي نيڻن کان،
هو چاھ چورائي چين ويو!

سِٽ لِکي آ جيڪا سانئڻ!
مون آڌيءَ ننڊ مان ڇرڪ ڀري.
چنڊ جي چانڊوڪي ۾ تون ڄڻ،
مون وٽ آئي آن پير ڀري!

مون کي پڪ آهي ايندينءَ تون،
آڌيءَ ويلي اوجاڳن سان،
۽ پنهنجي ڦوھ شبابن سان،
تنهنجي آڌرڀاءُ لئه مون وٽ،
اڄ به اڃ اَڄاتي آهي،
اوسيئڙي جي راھ ۾ تولئه،
منهنجي ساري حياتي آهي.



اڃايل هرڻ جان هردم
اڃايل هرڻ جان هردم

دنيا جي دشت ۾ ڀٽڪي،
اُڃايل هرڻ جان هر دم،
پناهون پيار جون ووڙيون!
نگاهون يار جون ووڙيون!

اڻانگي ڪنهن سفر گس تي،
ڪٿي ڪو پير جي ٿِـڙڪيو،
پُڇائون پيار جون ووڙيون!
۽ ٻانهون يار جون ووڙيون!

لٿو سج شام جي هنج ۾،
سمرتيون سانجھه جيئن آيون،
لڙي پيا لڙڪ نيڻن مان،
صدائون سار جون ووڙيون،
پناهون پيار جون ووڙيون!
۽ راهون يار جون ووڙيون!


آزادي او آزادي
آزادي او آزادي

سج آ نيزي پاند او سرتي!
ٿي پيرن هيٺيان باھ ٻَري،
پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
ڪو مون کي هڪڙو جام ڀَري،
او آزادي، او آزادي......!

تنهنجي سُنت جي رستي تي،
ٿي جڳمڳ جڳمڳ جوت جلي،
هڪ روشن صبح جي خاطر،
ٿو رات ڏيئي ۾ رت ٻَري،
او آزادي، او آزادي......!

ڪالهه ڪراڙ ڪنڌيءَ تي ويهي،
جنهن باک جي ساک ٿي شاھ ڏني،
اڄ ڏور انڌيرن جي ڪُکِ مان،
ٿي وک وک تي هڪ لاٽ ٻَري،
او آزادي، او آزادي......!

جنهن وقت به ٿي سرِ طلب صنم!
لال لهوءَ جو ريج لتاڙي،
ها! اچبو اوچو ڳاٽ ڪري،
پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
ڪو مون کي هڪڙو جام ڀَري،
او آزادي، او آزادي......!


ڪو به نه ڄاڻي
ڪو به نه ڄاڻي

ڇا دل جي پياسي هرڻيءَ جي،
ڪو واڳ ورائي سگھيو آ؟
ڇا ننڊ اُجھاڻل نيڻن جي،
ڪو جاڳ ورائي سگھيو آ؟
هيءَ ساري هستي ماڻهوءَ جي،
گھري اونهي سمنڊ جيان آ.
سمنڊ جنهين جي هر هڪ ڇولي،
چوڏهين اُجري چنڊ جيان آ.

سوچ به ڄڻ ته صراحي ٿئي ٿي،
جنهن مان پوري پياس جو امرت،
اڄ تائين ڪنهن پاتو ناهي!
آ دنيا ديد آئيني جي،
جنهن کي ڪنهن ڀي ڄاتو ناهي!
هو چنڊ اڪيلو آڌيءَ جو
ڪينجھر ڀر تي ڪنهن جي ڪارڻ؟
اڀري اوسيئـڙو ٿو ڪاٽي!
روز سياهي جي سيني مان،
۽ هو سورج ڪنهن جي ڪارڻ؟
نڪري نروار ٿِئي ٿو پيو!
ڪنهن جي ڪاڻ جِئي ٿو پيو؟

ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه ڄاڻي،
ڳُجھه جي ڳنڍ انوکي آهي!
موت جي مٽيءَ ۾ پر ڪنهن؟
موھ حياتي پوکي آهي!
موھ حياتي پوکي آهي!



تنهنجا نيڻ چمان
تنهنجا نيڻ چمان

گِھنڊ وَڄن چوڌار اڃا ٿا
موهي ٿي مهڪارِ اڃا ڪا
دل چاهي ٿي ٻيهار اڃا
نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.

موت اڳي پوءِ اچڻو آهي،
ميل نه ٻيهر مچڻو آهي،
تنهنجي ڳل تي اڄ کان پو ڪو،
رنگ نه منهنجو رچڻو آهي!

ڇانوَ شفق ۾ تنهنجي ڊونڊي،
ڪينجھر هنج تي هوندي ڀي جي،
مان ته نه هوندس، مان ته نه هوندس!
چنڊ ستارا ساکي هوندا،
سونهن نظارا باقي هوندا،
مان ته نه هوندس، مان ته نه هوندس!

موھ آ پيالو مڌ جو اهڙو،
ڪو به پياڪو پيتي ان مان،
ڪڏهن به جانان! ڍايو ڪونهي!
ٿوهر وڻ جان آهي حياتي،
پيار بنا ڪو سايو ڪونهي!

ائين الئه ڇو مون کي لڳي ٿو؟
تنهنجو هي آغوش آهي جو،
جنهن ۾ منهنجي ساري هستي،
موتئي جي ڪنهن مکڙي وانگي،
ٽڙي پئي آ، کڙي پئي آ،
تنهن جو پل ئي ڪافي آهي،
جنهن ۾ پيو ٿو آئون جيئان.

ليڪن پياري! پو به الئه ڇو؟
پياس ٿئي ٿي اڃا پيئان،
دل چاهي ٿي ٻيهار اڃا
نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.
نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.


رات ڇڏيا هِن زلف وکيري
رات ڇڏيا هِن زلف وکيري

رات ڇڏيا هِن زلف وکيري
ڪيڏو ڇانيل سناٽو آ!
تنهائي جي رڻ ۾ تنهنجي،
سارنِ جو ئي وڻ گھاٽو آ!

چنڊ جتي اڄ بيٺو آهي،
ڪهڙو هي چَوواٽو آهي؟
دل چاهي ٿي تو ساڻ هجان،
ڪيڏو اوکو آٽو آهي!

اجري جو آڪاش ۾ ڪوئي،
آڌيءَ جو اونداھ ڪري ٿو.
ڪهڙو هي راڪاس آهي جو؟
سارو مٺ ۾ ساھ ڪري ٿو!

ڪک پن ڏڪي پيو پاري ۾،
ڪيڏي سارن ـــ سردي آهي!
ڪوبه ته ڪونهي، ڪوبه ته ڪونهي،
تنهائي بي دردي آهي!

ڪير سُتو آ سانجھي ــ هنج ۾؟
ڪنهن جو هي کراٽو آهي؟
اوندھ جي اوڀڙ لئه اڄ ڀي،
سورج ــ هٿ ۾ ڏاٽو آهي!
سورج ــ هٿ ۾ ڏاٽو آهي!



اسان جي تمنا
اسان جي تمنا

چـــــري دل چـــوي ٿي،
وري دل چــوي ٿـــــــي،
اوهان جي اکين جــي،
مِٺي! ميڪدي مـــــان،
ڀـــري چار سُرڪيون،
وري يــــار سُـرڪيون!
الئه ڇــــــا حيــــــاتي؟
ڪـڏهن ڪا ملي ٿي،
غــمِ زنــــدگــــيءَ کـي،
دمِ آرزوءَ جـــــــــــــــي،
گـــھڙي سا به هڪڙي!
اوهـــــان جـي حجابي،
گـــــلابي چپــــن تـــي،
اســــــان جــي اڃـايل،
تمنــــا او جـــــانــــان!
ٿــــي تڪميل چاهي.
سندءِ ڪـاڪلن جي،
گھٽــــائـــن ۾ سـانئڻ!
اســـان رنگ پنهنجي،
جــــوانــــيءَ جــا سارا،
لُٽـــــائــــڻ ٿا چاهيون،
اوهـان کي اوهان کان،
چـــــورائڻ ٿا چاهيون.



موت اهڙو آ سرڪش گھوڙو
موت اهڙو آ سرڪش گھوڙو

هي جو موت آ، سرڪش گھوڙو،
انڌو، گونگو، بي حس، ٻوڙو،
جيڪو جيون ــ رَند لتاڙي،
روز اچي ٿو شهر ــ جياپي،
ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!

هُن جي پويان پيرا ـــ واڍو،
پر نه ڇڏيائين پٺتي پيرو!
جنهن پل آيو تنهن پل ٿي ويو،
چوڏس ڄڻ ڪو گهگهه انڌيرو!

ڇا به هجي پر سچ آ لوڪو!
جيءُ ته ناهي ڪارونجھر ڪو!
ڦوڪ هوا سان آھ ڊهي پيو،
جيون، جڳ ۾ واريءَ ـــ گھرڙو!

هي جو موت آ، سرڪش گھوڙو،
انڌو، گونگو، بي حس، ٻوڙو،
روز اچي ٿو شهر ــ جياپي،
ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!
ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!


ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟
ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟

سڪ اسان جي سمنڊ سراپا
درد ئي دل جو ساحل آهي
پيار اسان جو پنج ــ ند جهڙو،
پياس ئي پنهنجي پاڳل آهي.

لهرون لهرون لمحا سارا،
چنڊ ــ ڳليون هِن پنهنجا چارا
ديد آ تنهنجي عيد اسان جي،
نيڻ ئي تنهنجا ٽيھ سيپارا.

سار به تنهنجي سنڌوءَ جھڙي
تاري ٻوڙي، ٻوڙي تاري
قرب به تنهنجو قاتل جھڙو
ماري جياري، جياري ماري.

صبح به تون آن، سانجھي تون آن
من جي نيّا، مانجھي تون آن
آر به تون آن، پار به تون آن
سارو ئي سنسار به تون آن.

دوري هوندي، ويجھي ڀاسين
ويجھي هوندي، ويجھي ناهين!
مون ۾ آهين، مون ۾ ناهين!
آهين ناهين، ناهين آهين!

ڇاهين آخر، ڇاهين ڇاهين؟
سارا منڊَ ۽ چنڊَ تون آهين
تنهنجو واسو، آسو پاسو
ڪيڏو پيتو پوءِ به پياسو
من اسان جو آ وارياسو
ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟
ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟




ساره شگفته جي نانءِ
ساره شگفته جي نانءِ

ساره! دردُ سمندر جان آ
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
درو اُفق ۾ تارا آهن
تن جي هيٺيان چارا آهن
ڪيڏا ڪُنَ ڪنارا آهن!

اُڏريا پنک پکيڙي پنڇي
آگم جان آواره اکڙيون
نيڻ نديءَ جو پور پرانهون
سار سفر جون صحرا راهون.

من روڳي بنجارو آهي
هِيڻا هنجّ اُٻهريون لهرون
تڙ تڙ ئي تاسارو آهي
جيون پياسو سارو آهي.

بَر جي ڪيڏي ڪَيئي مسافت
بُٺَ تي ڪيڏا گل ڇَٽيا تو
آپگهات جا خواب ڏِٺا تو
اَرمانن جا پوپٽ اُڏريا
پن پن ٿي هِن لمحا وکريا.

تو ته اکين جا ديپ جلائي
سوچيو هوندو، لوچيو هوندو
لوڪ پٿر ۾ ڪوئي هڪڙو
ميڻ به هوندو، سيڻ به هوندو
آس انهيءَ ۾، پياس انهيءَ ۾
تو ته بدن جو بَرُ به جھاڳيو
ٿوهر ٿوهر ٿَرُ به جھاڳيو.

لوڪ نگاهون خنجر جھڙيون
وک وک تي آ گهاءُ نئون ڪو
هاءِ حياتي هيرن جھڙي
جڳ سمورو جوئا خانو
ديد ديد آ داءُ نئون ڪو.

جيون سارو جوکو آهي
دشت به آهي، دوکو آهي
نيڻ ئي تنهنجا نڪتا ويري
ڪهڙا پنڌ ۽ ڪهڙا پيري؟
دنيا ساري هيرا ڦيري!

جوڀن توسان جاڙ ڪري ويو
موت به تنهنجي تاڙ ڪري ويو
تنهنجا شعر قبر جو ڪتبو
تنهنجون ”اکيون“ ئي تعارف تنهنجو.

تو جنهن چنڊَ جو مَنڊُ ٿي چاهيو
جوٺي جڳ ۾ سچ او سانئڻ!
چنڊ ته ڇا پر تارو ڪونهي!
ساره درد سمندر جان آ
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!


(ساره شگفته اردو جي ناموَر شاعره)

سرمد روح اسان جو
سرمد روح اسان جو

اسان جي چاهت خدا ــ نگر ۾،
مڃوسين جانان! آ مئڪشي جان.
جياپي جڳ ۾ اسان جا سپنا،
رودالي روحَ جي ڄڻ اِڇا ڪا!

اکيون اسان جون ازل اڃايل،
پيئڻ پڄاڻان به ڄڻ ته پياسيون!
ڀرئي بزم ۾ اداس ٻالڪ،
ڪڏهن ته سرمد اسان جو من آ!

ڪڏهن ته جوڳيءَ جيءَ وانگر،
ناهي به آهيون، آهي به ناهيون!
ننگي ــ بدن تي لباس گيڙو،
زخم زخم جي زبان آهي!

سوال پنهنجا صليب ڳالهيون،
قدم قدم تي مسيح ــ مرڪون،
نظر نظر آ نماز پنهنجي،
سجود پنهنجو وجود سارو!

مٽي جي من ۾ حوا جي خوشبو،
تلاش پنهنجي تندور وانگر،
چِتا جي اک ۾ سُتي ڪٿي آ؟

ادا اوهان جي خدا ٿو ڄاڻي،
سمونڊ ڪهڙي جي سرڪشي آ؟
سدائين مقتل جڏهن به سِر جي،
ڪٿي او سانئڻ! صدا ڏني آ،
اسان جي آذر هي عاشقي ئي،
اُتي اُتي خود هلي وئي آ!
اُتي اُتي خود هلي وئي آ!



چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان

دل جي هِن خانه بدوشي،
آ ڇڏيو رولي اسان کي،
چنڊ هاڻي هُن کي چئجان
ڪينڪي ڳولي اسان کي.

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
ماڪ سان مجذوب دل جا
نيڻ هر پل هي ڀِنا هِن،
رات جون رولاڪ ــ راهون،
هاڻِ ٿي ويون آشنا هِن.

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
هينئين ــ بن ۾ هيکلائي،
زرد شامون ٿي لٿي آ!
سار جي هر پهر دل تي،
درد لامون ٿي لٿي آ!
جوڳي وانگي جاڳ پنهنجي،
راھ ۾ ڀٽڪي مُئي آ!
حسرتن جا لاش پُوري،
دل رودالي ٿي پئي آ!
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
دور هوندي دور ناهين،
مون ۾ مون سان تون ئي آهين،
پيار تنهنجو آ پناهون،
تون ئي تون آن سڀ ڏسائون.

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
شام جا هُو پهر پويان،
ويل تنهنجي واپسيءَ جي،
۽ ولين جان چيلھه ــ وڻ ۾،
ور وراڪا تنهنجون ٻانهون.
مورناهن مون کان وسريون،
تنهنجي زلفن جون گھٽائون!

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
اڄ به ٻوڙن ٿيون مِٺي!
حُسن تنهنجي جون ادائون!
اڄ به جانان! جام وانگي،
سانجھه ٿي هر ڪائي ڀاسي.
اڄ به تنهنجو هر تصور،
روح ساري کي ٿو واسي،
پر او سانئڻ! وقت سان گڏ
ٻار هوڏي دل جو هاڻي،
کوڙ سمجھو ٿي ويو آ!
ڪجھه قدر بي چين دل جون
آرزوئن جي بدن تي،
آڱريون مدهم ٿيون هِن!
ڪجھه قدر آوارگي جو
روح ڀي ريجھي ويو آ!

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
ها! مڃون ٿا، موھ تنهنجو
ئي سراپا مڌ جيان هو،
سُرڪ جنهن جي جانِ جانان!
ساھ کي مدهوشِين ۾،
هو ڪڏهن ويڙهي ڇڏيو ۽
سمنڊ جان هو سحر تنهنجو،
سُرت جو ساحل نه ڪوئي،
دلڪشي جي ديد هر ڪا،
خواب ــ لمحا ها سڀوئي!
چند ساعت کيپ نيڻن،
جاڳ ساڳي، جوڳ جيون،
هير جھونڪو سنگَ سارا،
دشت پياسو من اهو ئي!

چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
دل نديءَ جو پُور آهي،
سڀ اِڇائون لهر وانگي!
ناکئي جان نيڻ ماندا،
پياس سُرمئي سانجھه جھڙي.
ساٿ تنهنجو سَوَ سُڳنڌون،
پر او سرتي! عشق تنهنجي ــ
کوڙ سُندر ڪائناتون،
هِن ڇڏيون کولي اسان تي،
چنڊ هاڻي هُن کي چئجان!
ڪينڪي ڳولي اسان کي!
ڪينڪي ڳولي اسان کي!

ª

شهرِ جانان
شهرِ جانان

چيوسين اکين کي
کڻو پير سوچي،
غضب شهرِ جانان،
پٿر لوڪ سارو.
هي جلوه ــ نمايون،
هوائن جا جھونڪا،
سدا ساٿ ڪنهن جو،
ڏئي ڪيسين سگھندا!
مڃي نيڻ ويا پر،
مُڙي دل نه پاڳل!
چيو بي چئي دل:
”مڃيوسين ته سارا،
هي محبوب منظر،
اکيون پوري پل لئه،
وساري به ڇڏجن.
مگر هو جو مهڪيل
ڪي گيسو ــ گھٽائون،
کڻي روز اينديون،
رهيون هِن هُڳائون،
هٿن تي حِنا سان
لِکيل نينهن ناتا،
حُسن جي چپن تي،
هُو نغما سرايون.
هجر جون هُو تنها
۽ تاريڪ راتيون،
حَسين ساعتون ڪي
وصالِ صنم جون.
مينهوڳي جي موسم،
مٽي جي بدن جون،
هُو معطر هوائون،
اوسيڙي ۾ آتيون،
رهيون جي سدائين،
ڏِيئن وانگي روشن،
اهي بي قراريون،
اهي انتظاريون...،
ادا جي ڪيون سِين،
سدا عابدن جان،
اندر ئي اندر ۾،
عبادت نمازون،
ڪري ڪير ڪافر،
فراموش تن کي“!
امر سڀ اکين تي،
مگر ها ڪجي ڇا؟
هُو يادن جا ريشم،
جوانيءَ بهارون،
حُسن جانِ جان جو
خدائي جو پرتوو،
ڪري ڪير ملحد،
ڪو انڪار تنهن کان
ٿئي ڪير مرتد،
ڪو منڪر انهيءَ جو!

ª

تون چوين ٿي!
تون چوين ٿي!

تون چوين ٿي،
تڙپَ منهنجي عاشقيءَ ۾،
اڄ رهي ناهي اُها.
خواب منهنجي حسرتن جا
سڀ هراسيل هرڻين جيان،
سُرت جي صحرا ۾ ڪٿ،
بي سبب ڀٽڪي ويا هِن!

تون چوين ٿي،
آڱرين جي جانِ جان! آوارگي ــ
آرزوئن جي بدن تي،
ڏاڍي مدهم ٿي وئي آ،
منهنجي من جون موسمون سڀ،
ٻار جي ڪنهن آر وانگر،
ڏاڍيون مَٽجي هِن ويون!

تون چوين ٿي،
سڀ ڪٿائون قرب جون،
ڪنهن مسافر جي قدم جان،
پنڌ جي ڪنهن ڌُنڌ ۾،
مون کان ڀٽڪي هِن ويون.

جانِ جانان!
ڇا به سمجھين تون مگر،
ايئن ڪونهي،
جيئن چوين ٿي.
نيڻ منهنجا
هڪَ به لمحي لاءِ سانئڻ!
سچ پُڇين جي صبر سان،
تنهنجي تصور کان سوا،
ننڊ جي آغوش ۾،
ڪين ٻوٽيا هِنِ ڪڏهن.
اڄ به منهنجو مَوجزن آ،
موھ ڪنهن مهراڻ جان،
تَن تارون،
من مانجھي،
ساھ سارون،
روح راڳي،
ساز ڄڻ تنهنجي لگن آ.

اڄ به منهنجي آس تون آن
پياس تون آن،
تون سراپا سمنڊ آهين،
ڄڻ ته ڪوئي منڊ آهين،
آڱريون منهنجي اِڇا جون،
روز ڪنهن گوتم جيان،
جاچنا جو جيءُ ڳولن،
تِشنگي جو روح ڦولن.
تون هميشه چنڊ وانگر
منهنجي راتين ۾ رهي آن،
هر ڪويتا ــ لفظ منهنجي،
حُسن تنهنجي مان سدا،
اڻ مئيو پيتو مٺِي آ.

اڄ به منهنجا رنگ سارا
روپ تنهنجي جو رچن ٿا،
نقش ڪوئي،
ننڊ جھڙو،
گھِنڊ جھڙو،
جو وڄي ٿو رات ڏينهن،
روح منهنجي جي رڳن ۾،
تنهنجي زلفن جي چَڳن ۾،
اڄ به منهنجي آڱرين جو،
چينُ ٿو اُلجھي پوي.

اڄ به منهنجي راحتن جا
چاهتن جا،
سارا رستا،
سونهن تنهنجي تي کُٽن ٿا،
۽ ڦُٽن ٿا،
پِرھ ڪرڻا،
مُرڪ تنهنجي مان مِٺي!

نيڻ تنهنجا
لهر وانگر،
سحر وانگر،
اڄ به ٻوڙن ٿا سَکي!
پيار منهنجي جون پڇائون،
توکي ڳولن ٿيون نگاهون،
تنهنجون ٻانهون،
منهنجي گردن چَوطرف
اڄ به ڄڻ آتيون ڦِرن ٿيون،
ڀَونر جان باتيون ڀِرن ٿيون.
اڄ به منهنجي نينهن جون
سڀ سيمائون،
تنهنجون ٻانهون.
اڄ به منهنجي عاشقي آ،
آڳ وانگر، جاڳ وانگر،
تون جنهين ۾،
نيڻ آهين خواب جا!
نيڻ آهين خواب جا!

ª

آيتن جھڙيون اکيون
آيتن جھڙيون اکيون

هن جي دستڪ لاءِ آتو
اڄ به منهنجي دوار دل جو،
هُن جي مُرڪن لاءِ ماندي،
اڄ به منهنجي آ اماوس.
منهنجي دل جي موسمن ۾،
اڄ به تازو گل هُن جي،
راحتن جو، چاهتن جو.
اڄ به منهنجي پيچرن ۾،
هُن جي پيرن جا نشان هِن،
ٽمڪندڙ ڪنهن ديپ وانگي.
مُور ناهن مون کان وسريون،
اڄ به يونيورسٽي جون،
چنڊ ـــ راتيون، سانت رستا،
سُرَ مڌر ماريا ڪَري جا.
خوشبُوئن سان واسِيل هُو
خيرپور جون سرد شامون،
موھ ـــ لمحا، ٽهڪ ـــ باتيون،
بحث پيارا زندگيءَ تي.
رقصان پاڻيءَ تي هُو پاڇا،
چنڊ ــ چارا، هو ستارا،
هُو سمرتيون، هُو سڳنڌون،
ساٿ سندر ئي سمورا
۽ مهاڻي هُنَ سنديون جي،
آيتن جھڙيون اکيون هُون،
اڄ به ڄڻ منهنجي هنئين ۾،
چنڊ جان جاڳن پيون ٿيون!

ª

پياسو ساحل
پياسو ساحل

ڪير ڄاڻي ڪاڪ دل جي،
ننگي پيرين آرزو ٿي،
ڪنهن جا پيرا پنڌ ڳولي؟

ڪير ڄاڻي نيڻ ــ ننڊ جا،
خواب ڪهڙي جي سفر ۾؟
کوئجي ٿا ڪنهن کي ماڻن!

ڪير ڄاڻي چپ سپي جان،
ڪهڙي بارش جي بدن لئه؟
ايترا بي چين ٿين ٿا!

ڪير ڄاڻي هرڻي وانگر،
دل هٺيلي ڪهڙي تـڙ لئه؟
ايتري ڊوڙي ڊُڪي آ!

ڪير ڄاڻي سمنڊ ۾ ڀي،
آتيون ٻانهون ساحلن جون،
ايتريون پياسيون رهن ٿيون!

ڪير ڄاڻي هٿ لڪيرون،
ڪهڙي مٽيءَ جو مقدر؟
ڪهڙي نالي ۾ لِکن ٿيون!

ڪير ڄاڻي ڪا چڪوري،
آڌي ٽاڻي ايتري ڇو؟
چنڊ لئه بي چين ٿئي ٿي!

ڪير ڄاڻي پيار ماڻي،
پو به دل ڇا لئه سدائين؟
درد جو ٿي دشت جھاڳي!

ª



محبتون ممنوع آهن
محبتون ممنوع آهن

ڪيتريون ئي ڪائناتون
تنهنجي بس هڪڙي نظر آ!
مُرڪ تنهنجي آ بهارون،
تون سراپا ڄڻ سحر آن!

حُسن تنهنجو هيري وانگر
هينئون پنهنجو آ حسينا!
ديد ڪائي درسنيءَ جي،
سُرت جون ساريون صراحيون،
خيال تنهنجي تي کُٽن ٿيون،
ڄڻ ڦُٽن ٿيون پِرھ باکون،
تون جڏهن ٿي زلف کولين!

سونهن تنهنجي خود مصور
خيال سان آ ويهي ٺاهِي،
تون دنيا جي دشت ۾ آن،
بهشت جي ڪنهن اَپسرا جان!
موسمون تنهنجي بدن جون،
سڀ گلابن جي سمان هِن،
تشنگي پنهنجي به آهي،
رڃ ۾ پياسي هرڻ جان!
پر ڪجي ڇا؟ جانِ جانان!
ديس جي دستور ۾ ئي،
محبتون ممنوع آهن!
محبتون ممنوع آهن!


ª

زلف پريشان ڪنهن لئه آتا….؟
زلف پريشان ڪنهن لئه آتا….؟

ڪچي ڏوريءَ وانگر آهن
پريت سوا سڀ ريت جا رستا!
چِتِ ــ چُوليءَ تان ٽُٽي پون ٿا،
هڪڙي سٽَ سان سڀئي ڌاڳا!
رات اچانڪ ائين ٽِمي پيا
نيڻ ــ ڇپر مان لڙڪ ــ چُئاڪا!
دُکندڙ نيڻن جي زخمن تي،
ننڊ رکيا ها مرهم ــ پها!
دل جي در تي دستڪ هئي پر،
خواب اکين تي کيپ هئا ڪي،
ڇرڪ ڀري جو هوءَ آ جاڳي،
ٽُٽي پيس سڀ سپنن ــ شِيشا!

دل آ ساگر، سارون ڪشتي
لهرون پاڳل نيڻ سفر جا!
شام جي هنج ۾ سج لٿو آ،
چوڏس پکڙيا رات جا پاڇا!
ڪومل هٿ تي هير ٿي ووڙي
زلف پريشان ڪنهن لئه آتا!
حسنِ بدن ٿي خوشبو ويو آ،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڀَنوَرن ڀيرا!
اونداهيءَ ۾ مِرگھه ــ اکي هوءِ
ڪير ٿي ڳولي گس تي پيرا؟
ڪير ٿي ڳولي گس تي پيرا؟

ª

پياس ساري زندگي آ
پياس ساري زندگي آ

ڪاڪ جي محلن ۾ ماندو،
روح هن جو ساز جھڙو،
آڱرين جي آسري ۾،
اڄ به ائن ئي آهه آتو،
جئن ڪليءَ جي آرزوءَ ۾،
ڪائي موسم منتظر آ،
لوڪ سارو بي خبر آ،
ديد هر ڪا دربدر آ.

ڪير ڄاڻي ڪنهن نظر لئه،
ڪا دري ڇو مضطرب آ؟
دل لڳي ڀي ديپ جان آ،
لاٽ ٿي لرزي نه جنهن جي،
دِيوَ ڪنهن ڀي واءَ جي کان،
نيڻ آهن نهر وانگر،
سرمدي ڪنهن سحر وانگر،
وهڪرو جن جو سدائين،
پيار جي ئي پار ڏي آ،
يار جي ئي پار ڏي آ.
چَوڏسا ئي چنڊ آهي،
موھ آهي، منڊ آهي،
شبنمي هر لڙڪ آهي،
مُرڪ ڀي ڄڻ سُرڪ جيان آ،
سُرڪ جنهن جي ئي سحر ۾،
پاڻ ڪو پائي ڇڏي ٿو،
گيت سو ڳائي ڇڏي ٿو،
ڳالھه جنهن ۾ راز جي آ،
ساز ۽ آواز جي آ.

ڇا اهو ڄاتو ڪنهين آ؟
ساز ۾ هڪ سوز ٿئي ٿو،
سوز ۾ هڪ سرمدي آ،
هٿ ـــ ڏِيا هِن روشنيءَ جا،
پياس ساري زندگي آ!
پياس ساري زندگي آ!

ª

نديءَ جھڙي نگاهن ۾
نديءَ جھڙي نگاهن ۾

اسان جي دل جي دامن تي
ڪِري جو چڻنگ چاهت جي,
ڀسم ٿي ويا ڀرم سارا
رهي سالم نه ڪا اِڳڙي،
وجودِ سِر اسان جي تي!

اسان جي لاڏلي دل جو،
چُورائي چينُ ويو ڪوئي!
اسان جي ننڊ ــ نيڻن جي،
اُڏامي وئي الئه ڪاڏي!

اسان جي طلب ۾ هر پل
الائي تات آ ڪهڙي؟
رُني آ دل سدا پنهنجي،
الائي بات ڪهڙي آ؟

جُڳن کان جيءُ ٿو جاڳي،
اسان جي روح کي واڳي،
وئي ڪائي ولين وانگي،
اڃايل مور جان من آ،
ويڳاڻي ڊيل جان دلڙي!

اڪيلي چنڊ جان ڀٽڪي
پيو ٿو روح راهن ۾!
وڃائي پاڻ ويٺاسين،
نديءَ جھڙي نگاهن ۾!
نديءَ جھڙي نگاهن ۾!


ª

پٿرن جي شهر ۾
پٿرن جي شهر ۾

ڪيتري آ بي چئي،
دل جي هيءَ ديوانگي،
مون چيو، ڏس او چري!
”ڪانچ جي چوڙين جِهو
پنهنجي سپنن جو بدن
هل نه تون ايئين کڻي.“

”لوڪ جي خنجر نظر
۽ ابابيلن جيان،
عاشقي پنهنجي پرين!
راهون ٿوهر جان رڳو،
آ فريبي جڳ سڄو،
ٿورڙو تون خيال ڪر،
کڻ سنڀالي تون وکون
تهمتون هِنِ بي نقاب،
تنهنجي تعاقب ۾ مِٺي!“

”عمر تنهنجي آ اَلهڙ
نيڻ تنهنجا بي خبر،
ڪٿ نه اٽڪن او چري!
تون ڪنول آ ڪاڪ جو
تون آ قطرو ماڪ جو،
چاندني تون چنڊ جي،
پير تنهنجا پدمڙا،
تون ڇا ڄاڻين ڄر منجھان،
تون ڇا ڄاڻين بر منجھان،
پنڌ اوکو پيار جو،
نينهن نوتو دار جو!“
پر هي هوڏي، ٻار جهڙي،
دل هٺيلي،
ڪجھه مڃي ئي ڪونه ٿي.

ª

سپنا به آواره ٿين ٿا
سپنا به آواره ٿين ٿا

خواب به چورن وانگر آهن
سارا دُوريءَ پنڌ لتاڙي،
روز اچن ٿا شهر ــ جياپي،
آڌيءَ ٽاڻي،
پريميڪا جا چپ چمڻ لئه.
سانت جي ٻک ۾،
لوڪ سمورو،
رات سمي
ننڊ جي چادر تاڻي ٿو.
خيال جي گس ۾،
ليڪن خوابَ،
بنجارا ٿين ٿا،
سپنا ڀي آواره ٿين ٿا،
ڪنهن جي روڪي ڪونه مُڙن ٿا.
ڪنهن جي روڪي ڪونه مُڙن ٿا.

ª

دوستي آ خواب جو زخمي بدن!
دوستي آ خواب جو زخمي بدن!

مون هو سمجھيو، دوستي آ
درد جي درياھ ۾،
ڪنهن سگھاري ناوَ جان،
سڙھ جنهن جي ساٿ جا،
ڪنهن طوفاني واءَ ۾ ڀي،
ڪين ٿا ساڻا ٿين!

مون هو سمجھيو، دوستي آ
رڻ تتيءَ جي رڃ ۾ ڪنهن،
بڙ جي گھاٽي ڇانو جان،
جنهن جي ٽارين مان ڪڏهن،
اُس جون ننگيون نگاهون،
پار پئجي ڪين سگھنديون.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
رات ــ رڻ ۾،
دل جو روشن ڪو ڏيئو،
جنهن جي جھيڻي لاٽ جو،
ڪائي ٻيڻي ٻاٽ ڀي،
سِرُ جُھڪائي ڪين سگھندي.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
چينَ جو ۽ چاھ جو،
روشنين جي راھ جو،
خوبصورت ڪو سفر،
جنهن جي راهن ۾ ڪڏهن،
ڪا خزان، ڪائي سياهي ڪونه آ.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
آئيني اُجري جيان،
جنهن جي دل ۾،
داغ ڪوئي ڪونه آهي.
عڪس جنهن جا،
رقص جهڙا،
سڀ ڏسائون
ڄڻ ڪي ڇانئون،
جنهن جون ٻانهون.
ڄڻ گھٽائون.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
دل ــ نگر جي ديس جو،
سرخ سندر ڪو گلاب،
مهڪ جنهن جِي کي ڪڏهن
موسمن جي بي وفائي،
ڀي مِٽائي ڪونه سگھندي.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
دل ــ مندر جي مورتي،
سونهن جنهن جِي کي ڪڏهن
بُت شڪن جي بدنظر،
گھائي سگھندي ڪينڪي،
ڊاهي سگھندي ڪينڪي.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
جيءَ ــ گھر جي ڪنهن ٽٽل
ڪام لئه،
ڄڻ ڪلهي جيان،
جنهن کي ڪڏهن،
ڪا رواجن جِي اڏوهي،
ڪين ٿي جھوري سگھي،
ڪين ٿي پُوري سگھي.

مون هو سمجھيو، دوستي آ
ننڊ ـــ نيڻن جي وطن جو
خوبصورت خواب ڪوئي،
جنهن جي تعبيرن جي ڌرتي،
چنڊ ــ تارا رات آهي،
۽ اها پرڀات آهي،
سحر جنهن جِي ۾ قهر جي،
ڄڻ ته ڪائي مرڪ آهي.
مرڪ جيڪا،
آهه مڌ جي سرڪ وانگي،
جنهن مان پيتي پياس ڄڻ،
پوري ٿيڻي ڪونه آ،
دُوري ٿيڻي ڪونه آ.

ها، مگر هُو جو بروٽس جي هٿن ۾،
خون سان لت پت خنجر،
تتل تئي جي تيز اک جان،
تاڙ ۾ آهي سدائين،
ٻاڙ ۾ آهي سدائين،
تنهن جي حوَس جي حسرتن جو،
بَکُ آ بڻجي ويو.
منهنجي تخيل جو بدن،
ها بدن، خوابِ عدن،
جنهن ۾ هيو،
سرمدي ڪو ساھ هڪڙو!
سيزر جھڙو ويساھ هڪڙو!
سيزر جھڙو ويساھ هڪڙو!

ª

توکان جدا جيئان پيو
توکان جدا جيئان پيو

سوچيو هيم،
توکان سوا،
جِي نه سگھندس،
پل جدا،
ليڪن پرين!
هي وقت آ مرهم جيان،
جيڪو ڇڏيندو آ ڀري،
جيون جي هر گھاءَ کي،
پل، پهر، ڏينهن، هفتا
۽ مهينا سال ڪي،
تنهن پريت جي
ڀوڳي سزا،
آءٌ جيئان پيو،
آءٌ جيئان پيو،
توکان سوا،
توکان جدا،
توکان پري...!

ª

سروم دکم دکم
سروم دکم دکم

شاعر جي دل ئي،
هُن جو ديس ٿئي ٿي،
ويس ٿئي ٿي،
جنهن ۾ ڍڪيل آ،
اُن جي زخمن جو بدن،
۽ موجي من،
ڪنهن سمنڊ جيان آ،
سنسار سمورو جنهن ۾،
ڪنهن لهر جيان،
ڪنهن سحر جيان،
رقص ۾ آهي.
جيون ڇاهي؟
نيڻ ڪويتا،
ڪاغذ ڪشتي،
ساحل سوچون،
خواب هوائون،
لمبي مسافت،
صحرا راهون،
قدم قدم تي زخم هزارين،
لفظ مرهم،
سروم دکم دکم!
سروم دکم دکم!

ª

جيون مڌ جيان آ
جيون مڌ جيان آ

اڄ رات ستارا،
چُور نشي ۾،
ٿيڙ کائي ٿا،
اوندھ جي دنڌلن،
شيشن سان،
پنهنجا اُجرا جام ٽَڪرائن،
۽ چنڊ پيتل مَدو مواليءَ جان،
ڪڪرن جي تاڻي چادر،
ڪي پل ويهي سوچي ٿو:
”هي جيون ڀي ڪنهن مڌ جيان آ،
موت پياڪو جنهن مان،
چُڪي چُڪي ٿو روز پيئي!
چُڪي چُڪي ٿو روز پيئي!“

ª

تشنگي جو بدن
تشنگي جو بدن

سُرت جي ساري سفر ۾ سڀ وڃائي،
پوءِ به مون کي ائين لڳو آ،
زندگي ڄڻ ڪو سڳو آ.
تند جنهن جي لمحي لمحي آ اُڻيو،
آرزوئن جي بدن جو،
ليڙون ليڙون ڪو لباس،
۽ پياس،
دشت ۾ پاڳل هوائن جي پٺيان،
چين پنهنجي چاھ جو خود ئي وڃائي
خود ئي پيري ۾ رهي آ،
هير جھڙي هيءَ وهي آ،
خوشبو جنهن جي،
خود بهارن جا بدن،
ڪيترا بي چين ڪيا هنِ،
پير واريءَ پيچري تي،
ڪيترا وکريا پيا هنِ.
نيڻ ڪنهن خانه بدوش،
خوبصورت خواب وانگر
هرڻ جان جن جي پٺيان،
من ــ جياپو ڪيترو ماندو ڀَڳو آ!
پو به مون کي ائين لڳو آ،
زندگي ڄڻ ڪو سڳو آ،
ريشمي ڪا تند جنهن جي،
تشنگي جي ڄڻ بدن تي،
ننڊ جا ٽاڪا هڻي ٿي!
ننڊ جا ٽاڪا هڻي ٿي!

ª

ڪوي جي خواب جھڙيون اکيون
ڪوي جي خواب جھڙيون اکيون

ڪنهن ڪوي جي خواب جھڙيون،
او پرين! تنهنجون اکيون.
مرڪ تنهنجي مئڪشي جان،
زلف تنهنجا ڄڻ گھٽائون،
تون سراپا
شاعريءَ جھڙي حسينا!
تون اڪيلي او ڳهيلي!
ڳوٺ جي ڪنهن ڀي ڳلي ۾،
پئه نه ائين نڪري ڪڏهن،
ڪيتريون پاڳل نگاهون،
تنهنجي تعاقب ۾ وتن ٿيون ڀٽڪنديون،
ڪنهن سمي ڪنهن باز جو
چوڳو نه بڻجي پئين چري!
پير پنهنجو کڻ سنڀالي،
اوپري، او پوپري!
ڇوڪري، او ڇوڪري....!
ڇوڪري، او ڇوڪري....!

ª

پروميٿئس
پروميٿئس

پوڙهو چنڊ صدين کان هُو
اُڀ جي ڪاري ڌرتي تي،
سوڀ جي مشعل ساڻ کڻي،
پنهنجي پوري هستيءَ سان
ساري جڳ جي بستي مٿان،
هر رات ٻَري ٿو،
ساک ڀَري ٿو.
هُو سج ازل کان،
سياهي جي سوري تي،
روز پيو لَٽڪي،
ڪنهن گھايل پنڇيءَ جان.
اڃا نه مُئو آ،
اڃا نه مُئو آ،
عيسى جڳ مان،
دنيا ۾ جيئرو،
اڃا به آهي پروميٿئس،
جنهن جي جيءَ تي روزانو ڪا
چُوٽَ لڳي ٿي،
ڳوٽ ڀڄي ٿي،
چاڪ چِڪن ٿا،
رنگ رچن ٿا،
ها، پر پوءِ به،
چنڊ جي ريت اڃا به ساڳي!
سج جي جيت اڃا به ساڳي!

ª

دلين جا زخم ڀربا ناهن
دلين جا زخم ڀربا ناهن

توکي گھنور ڇا گھرجي؟
هڪڙي ڪوجھي ڪاري رات گھرجي!
رات جنهين ۾،
رنگ به آهن، سنگ به آهن،
انگ به آهن، ڏنگ به آهن،
ٿورا ڌنڌلا دنگ به آهن،
جن مان تنهنجي ديد گھڙي کن
پنهنجا نيڻ ته سيڪي سگھندي،
تنهنجي طلب جي تات به شايد
ڪجھه لمحن لئه ماٺي ٿيندي،
پر او پيارا!
ڪچا رنگ سدائين ان جا،
ڪنهن به بدن جي ڪاغذ تي،
ڪنهن رنگ رچڻ جي بدران
هڪ گھاءُ رچيندا آهن!
گھاءُ جنهين ۾،
هڪ درد جو سور سدائين
ڪُرندو رهندو آهي،
هُرندو رهندو آهي!
هڪ رات جنهين جي
بي نور نيڻن ۾،
آشا ڪانهي،
ڀاشا ڪانهي،
جنهن جي بدن ۾ گرمي بدران
وئي بي حسي جي برف ڄمي آ،
ان جي سرد انگن تي،
نرم چپن جي،
گرم چپن جي،
جاڳ سمهارڻ
جيڏيا! ڪيڏي اوکي آهي!

توکي گھنور ڇا گھرجي؟
هڪ پرھ ڦٽيءَ جي باک گھرجي؟
باک جنهن ۾،
ساک آ سورج رنگن جي.
هڪ گل گھرجي؟
گل جنهن جي،
گرم چپن تي ماڪ چمين جان،
چمڪي پئي آ.
يا هڪ ناتو گھرجي؟
جوڙ جنهن جي،
تنهنجي ريشم سوچن ۾،
هڪڙو سندر خواب اُڻيو آ،
۽ گلابن جھڙو،
شباب اُڻيو آ،
حجاب اُڻيو آ.
توکي گھنور ڇا گھرجي؟
توکي تنهنجو اندر گھرجي؟
توکي تنهنجو ٻاهر گھرجي؟
يا ڪو من جو مندر گھرجي؟
جنهن ۾ تنهنجي چاهت جو،
راحت جو،
تنهنجي ئي اوسيئڙي ۾،
هڪ بُت پيو آهي،
بُت جنهن جي روح کي تون،
روز ٿو لالو لال ڪرين،
ڇو نه ٿو هڪڙو خيال ڪرين؟
دل جا زخم ڪڏهن به دلبر!
راتين جي تاريڪ مرهم سان،
ناهن ڀربا، ناهن ٺرندا.

توکي گھنور ڇا گھرجي؟
چنڊ گھرجي، منڊ گھرجي؟
يا ڪو هڪڙو گھنڊ گھرجي؟
جنهن ۾ تنهنجي جيءَ جون تارون،
جيئن گونجن،
جنهن ۾ تنهنجي من جون مرڪون،
جيئن مرڪن،
جنهن ۾ تنهنجي خواب اکين جا،
تنهنجي پيرن جو گس ٿين،
ڏَس ٿين،
توکي رات گھرجي يا روشني؟
توکي گھنور ڇا گھرجي؟
توکي گھنور ڇا گھرجي؟

ª

( منهنجو دوست، گھنور خان جتوئي، جيڪو جوانيءَ جي بهارن ۾ ئي
خودڪشي جي خزان جو بَکُ بڻجي ويو)



تون جنم کان جيءَ ۾
تون جنم کان جيءَ ۾

مه جبين! تون اجنبي،
ڪيئن چوان مون لاءِ آهين!
ڇا ٿي چاهين؟
ڏور تائين،
جيئن ڏسان ٿو،
ٿي ڏسائين
منهنجي آهين.

دور هوندي دور ناهين،
ويجھڙي به مور ناهين،
پو به من ۾ ڄڻ ته آهين،
تون سڳنڌن واس وانگي،
چين منهنجو ٿي چورائين.


ڪيئن مڃان تون ڪا گھڙي
ڪنهن سفر ۾،
هم سفر آهين رهي!
۽ لهي ڪنهن موڙ تي،
مون کان وڇڙي آن وئي.

زندگي لمبو سفر آ،
اجنبي ڪوئي شهر آ،
ڪيترا جنهن ۾ مسافر،
ٿا ملي وڇڙن وري،
رُت انوکي هيءَ حياتي،
روز جنهن ۾،
گل ٽـڙي اُجـڙن وري،
ديد آهي ڄڻ دري،
پياس پنهنجي آ چري،
ياد تنهنجي آ وري،
روز نئين ڪنهن رنگ ۾،
تون آن هر پل سنگ ۾.

هن دنيا ۾،
حافظي جي هٿ تريءَ تي،
ڪيترو ۽ ڪير ٿو،
ڪنهن کي ائين سانڍي رکي!

پر او سانئڻ! چنگ وانگي
تند تنهنجي طلب جي،
چاھ منهنجي جي چپن تي،
هر گھڙي بي چين آهي،
دل ٿي چاهي،
ساھ ۾ توکي سمائي،
ڪٿ لڪائي آءٌ ڇڏيان.


روز تنهنجي آرزو،
نئين سِري سان ننڊ ۾،
خواب ٿي ڪورا اُڻي.
۽ وڻي ٿي،
روز مون کي،
منهنجي دلڙي،
طلب جنهن پل،
تنهنجي مون کان ٿي ڪري.
تون پري
ڪاٿي مِٺي آن!
تات تنهنجي منهنجي من جي،
هر ڏسا ۾،
ائين وڳي آ،
ڄڻ لڳي آ،
آشنائي منهنجي توسان،
آ ازل کان،
اڳ به ڪاٿي ئي رهي.

هي سفر هو هڪ بهانو
تون جُڳن کان منهنجي جيءَ ۾،
هير وانگر ڄڻ گھُلي آن!
وير وانگر ڄڻ ڇُلي آن!

ª

پياسو من
پياسو من

تو چيو هو:
پيار تنهنجو،
ڪنهن گھٽا گھنگھور جيان آ،
مور جيان آ.
پياسي من جون
تل ــ ترايون،
تون ٻُوڙي سڀ ڇڏيندينءَ،
ائين گڏيندينءَ،
ساھ پنهنجي سان،
ساھ منهنجو،
چاھ منهنجو،
ڪا به دُوري ڪانه رهندي،
اُڃ اڌوري ڪانه رهندي،
پر جُڳن کان سِپَ وانگر،
اڄ به تنهنجي ،
پيار بارش لاءِ آهيان،
آءٌ ماندو،
آءٌ اڃايل.
آءٌ پياسو

ª


عمر سموري عذاب ڀوڳيا
عمر سموري عذاب ڀوڳيا
خنجر خنجر جان خواب ڀوڳيا!

پٿر شهر ۾ سوال شيشا،
نظر نظر هِن سراب ڀوڳيا!

زخم زخم ٿي ڪَنڊن جي وچ ۾،
سدا زخم هِن گلاب ڀوڳيا!

دنيا ڪٿان جو ڪٿي پُڳي آ،
نسل اسان جي نصاب ڀوڳيا!

بهار موسم لٿي بدن تي،
ڪَلي ڪَلي پر حجاب ڀوڳيا!

ڦـڙو ڦـڙو ٿـي رُنـي آ دلـڙي،
پٿر پٿر جان جواب ڀوڳيا!

نه نيڻ ڪجرا، نه گيسو گجرا،
شهيد دل هِن شباب ڀوڳيا!


ž

چڳون چڳون ٿي بهار وکريو
چڳون چڳون ٿي بهار وکريو
نظر نظر ٿي خمار وکريو.

جواني هُن تي لٿي جئين ئي،
ڪَلي ڪَلي ٿي نِکار وِکريو.

ڪنول بدن جو ٻَکيو ٻَکن ۾،
چُمي چُمي ٿي آ پيار وکريو.

اداس دل تي ڪڪر وڇوڙو،
مِلي جو مُرڪي، غبار وکريو.

ڪڪوھ ڪامڻ هُيون نِگاهون،
کڻي ڏٺائين، قرار وکريو.

فياض ڏاڍو اَڏول هو پر،
پريت ــ پنڌ ۾ هو يار وکريو.




ستارا ستارا رهيون هنِ اکيون
ستارا ستارا رهيون هنِ اکيون
عجب ئي نظارا، رهيون هن اکيون.

ٻُڏاسين ٻَکن جي سحر ۾ سدا،
ڪنارا ڪنارا، رهيون هِن اکيون.

اسان جي عبادت ۽ رياضت عجب،
سيپارا سيپارا، رهيون هِن اکيون.

ڪٿي ساھ سرمد، ڪٿي جيءُ جوڳي،
ڪٿي ديد دارا، رهيون هِن اکيون.

نه ڪشتي، نه ساحل، بحر ــ عشق ۾،
سدائين سهارا، رهيون هِن اکيون.












ž

چري دل تمنا ڪٿي ٻي ڪئي آ
چري دل تمنا ڪٿي ٻي ڪئي آ
پرين! آرزو بس اوهان جي رهي آ.

ائين رات ڀر هِن ڀِنا نيڻ بادل،
جِئين ماڪ مُکڙيءَ تي روئندي رهي آ.

نه راهن ۾ رونق، نه شامن سُندرتا،
کڻي واءَ ڪهڙي، خوشين کي وئي آ.

مسافت کُٽي ٿي، نه ئي پير ٿَڪجن،
عجب تنهنجي چاهت ۾ راحت رهي آ.

اياڻي، هٺيلي، اسان دل آواره،
سدائين حُسن جي ئي سجدي رهي آ.








ž

سدائين سار جي موسم
سدائين سار جي موسم
پرين جي پار جي موسم.

هُڳائن جان لٿي هر دم،
اسان تي يار جي موسم.

گلن کي چئو نه ائن مَهڪن،
چمن ۾ خار جي موسم.

کُلي ڪا چڳ جي گيسوءَ جي،
هُلي هُٻڪار جي موسم.

چنبيلي واس ويو ويڙهي،
نشو هئي نار جي موسم.

سدا هُن سوڀ ٿي چاهي،
ٿياسي هار جي موسم.








ž

اوهان جي ئي يادن ــ ڳهر ۾ رهياسين
اوهان جي ئي يادن ــ ڳهر ۾ رهياسين
پرين! سچ ته ڏاڍي سحر ۾ رهياسين.

اوهان جو ”سڀاڻو“ ٿي سُولي ويو آ،
اسان بس انهيءَ جي قهر ۾ رهياسين.

ڪڏهن دشت دوري، ڪڏهن پيار ساگر،
سدا عشق تنهنجي سفر ۾ رهياسين.

پُڇو ٿا ته ڪِئن، زندگي پيئي گذري؟
ٻُڏي توڙي اُپڙي لهر ۾ رهياسين.

کُليل زلف ويڙهي، کِلي هوءَ گذري،
اڃا تائين تنهن جي اثر ۾ رهياسين.

ڪڏهن پياس پُورِي نه ساحل جيان ٿي،
عمر توڙي پُورِي بحر ۾ رهياسين.













ž

سراپا سندرتا سکيءَ جون اکيون،
سراپا سندرتا سکيءَ جون اکيون،
ڪوي جي ڪويتا، سکيءَ جون اکيون.

ڪٿائون مٿي ڪيئن ڪاغذ ڪٿيون؟
نسوريون امرتا، سکيءَ جون اکيون.

ڪڪر، سمنڊ، ساحل، ستارا، ڪَتيون،
نيارا نياپا، سکيءَ جون اکيون.

سوين گيت سرگم، ڪنول جون ڪَليون،
مي، مهڪون، مڌرتا، سکيءَ جون اکيون.

هُو آرس، هُو اُلڪا، اُهي مِرگھه ــ ڇالون،
سحر هِنِ سراپا، سکيءَ جون اکيون.






ž

کوڙ ساريون ڄڻ نگاهون ٿي رهي آ
کوڙ ساريون ڄڻ نگاهون ٿي رهي آ
شاعري پنهنجون پناهون ٿي رهي آ.

پاڻ تي پنهنجو ڪٿي آهي هليو وس،
عاشقي تنهنجي ادائون ٿي رهي آ.

پنهنجي پيرن ۾ رهيون هِنِ ڌرتتيون ئي،
سانوري ڄڻ ڪي گھٽائون ٿي رهي آ.

پاڻ کان ئي پاڻ ڄڻ وسري ويا هُون،
هوءَ جڏهن کان پيار ٻانهون ٿي رهي آ.

جڳ جفائون توڙي سارو، پر اسان لئه
زندگي ڄڻ سڀ وفائون ٿي رهي آ.

قطري ۾ مون سمنڊ جو ڳوليو بدن آ،
تشنگي ساحل صدائون ٿي رهي آ.

دل لڳي ڀي دشت جو آ ڪو مسافر،
ساحري ڄڻ سيڻ راهون ٿي رهي آ.




ž

پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
خواب مجذوب جو هي رُڳيون هِن اکيون.

درد جِي دلبري ڀي رهي آ عجب،
دشت سارو سفر ۽ جُھڳيون هِن اکيون.

چَپ جتي ڀي نه ڪجھه هِن چئي جي سگھيا،
راز دل جا اُتي هِي اُڳيون هِن اکيون.

رڻ جي راهن ۾ ئي روح رمتو رهيو،
دل رُني آ سدائين ڀِڳيون هِن اکيون.

ڇا نه ڀوڳيو هميشه مِٺي! آ اسان،
موڙ ڪنهن تي جي توکان ڇِڳيون هِن اکيون.



ž

نه ٿو جيءُ ڀرجي، نه ٿا نيڻ ڍاپن،
نه ٿو جيءُ ڀرجي، نه ٿا نيڻ ڍاپن،
اڃايل سمندر ڪِئين چپ آجھاپن!

ڪٿي چين موسم ڪو پاتو آ جانان!
رڳو زخم دل آ، اسان جي شبابن.

وُٺيون بارشون پر ڀِڳو ئي بدن آ،
هينئون مِرگھه وانگي لُٽيو آ سرابن.

ڪيا ڪاغذن ۾ دفن لڙڪ پنهنجا،
هي ”لفظن جو ماتم“، تڏو آهي خوابن!

حُسن زندگي ۽ حُسن آ خدائي،
ڪيو سونهن سجدا، نه ڀِيليو گلابن.

اڃا چندُ لمحا ته ترسو ڪي جانان!
اڃا چنڊ ـــ چهرو چمڻ ڏيو حجابن.







ž

لٿي آ رات نيڻن ۾،
لٿي آ رات نيڻن ۾،
پرينءَ جي تات نيڻن ۾.

لِڪايون ٿا وتون لوڪان،
اوهان جي بات نيڻن ۾.

پُسيو آ پاند ڇو دل جو؟
وُٺي برسات نيڻن ۾!

خدا جو پَرتوو جانان!
اوهان جي ذات نيڻن ۾!

نهاريو هُن کڻي نظرون،
ڦُٽي پرڀات نيڻن ۾!

رکون سانڍي ڪِئين سرتي!
اُلا جذبات نيڻن ۾!

سَلي آ راز سارا وئي،
اوهان جي سانت نيڻن ۾!




ž

هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو؟
هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو؟
پريشان ڀَونر هِن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

اکين ۾ کيپ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
خماريل چنڊ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

هينئين تي هير جو جھونڪو بڻي ڪا ياد جي دستڪ،
سنواريل زلف هُو ڪارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

گھڻو مانوس ٿو ڀاسي، لڳي ٿو روح ۾ رچيل،
مِٽي جي مهڪَ جان پيارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

نظر جي بي قراري ۽ چپن جي تانگھه ٿي تـڙپي،
چَريا هِن چاھ ۾ چارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

ڀنل هِن ماڪ سان مُکڙيون، لٿي آ رات چانڊوڪي،
اڙي او پوھ جا پارا! بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!





جيئڻ لئه ٿورڙو جيون، حياتي ڀوڳنا ساري،
جيئڻ لئه ٿورڙو جيون، حياتي ڀوڳنا ساري،
پُڇي ڪوئي ڏسي چنڊ کان ڪَٽي آ رات جنهن ڪاري.

سمندر جان ڪٿي آهي تمنا جو ڪنارو ڪو!
جياپو نيڻ سپنن جا، مسافت پنڌ آ واري.

هئي ڪنهن عاج جان اُجري، ڪلي معصوم جان ڪومل،
ڪُٺي ناري وئي آهي ڪري جا ڪالھه هوءَ ڪاري!

اڙي او لاڙڪاڻا! هُو گھٽيون تنهنجون ڪئين وسرن؟
رُليون جي پاڻ سان گڏجي، جنم جن سان رهي ياري!

جواني خواب ناکئي جان، بتيلي ـــ پُور جان دلڙي،
سدائين عشق جي لهرن، ڪٿي ٻوڙِي ڪٿي تاري!

انوکي چڻنگ چاهت جي، پتو مجذوب ئي ڄاڻن،
هئي تِيلي ته هڪڙي پر وئي ٻيلو سڄو ٻاري!


ž

اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،
اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،
اسان جي طلب ۾ بارش مگر هوءَ آڳ وئي ڏيئي.

چيوسين ”چنڊ“ کي ٿورو ڪڪر ڪاڪل ڇڏيو ڇوڙي،
کنوڻ وانگي کِلي، خوشبو سندا هوءَ ڀاڳ وئي ڏيئي.

اسان لئه هير جو جھونڪو، هئي جا موھ جي موسم،
اسان جي خواب نيڻن کي ازل جي جاڳ وئي ڏيئي.

گذر جو شام جو ٿيو آ، لٿي آ رات تنهائي،
نظر جي ديد کي هر ڪا پهر آ داڳ وئي ڏيئي.

هُئي جا خواب جي صورت، سدا ڪنهن ساز جو نغمو،
اسان جي روح کي ڪيئي نوان سا راڳ وئي ڏيئي.

سسئي جان پيار ٿيو پنهنجو، سونهان سڀ سوز جا پنڌ ٿيا،
پنهون جي پار جي ساري حياتي واڳ وئي ڏيئي.









ž

وڃائي پاڻ کي جانان! وري آ پاڻ ئي ڳوليو،
وڃائي پاڻ کي جانان! وري آ پاڻ ئي ڳوليو،
پڙاڏن جي پٺيان پنهنجو سدائين روح آ روليو.

تتل واري آ پيرن ۾، مٿان ڪوئي ڪڪر ڪونهي،
اڙي محجوب او جانان! گھڙي کن زلف ئي کوليو.

ڪٿي آ پاند ڪو آجو، بدن دل جو زخم آهي!
ڏسيو ڪو گھاٽ ڌوٻيءَ جو، جتي ڪنهن دل کي ڇاڇوليو؟

ٿي ڀٽڪي ننڊ نيڻن ۾، خمارن جو پتو ڪونهي،
اڙي او دل جي مجذوبي! گھڙي آغوش ڏي پنهنجو.

بهارن جون بهارون ئي ڪٿي هِن پاڻ ڪي طلبيون،
اسان جي بي قراريءَ کي ملي ڪو چين ئي ٿورو.

وسڻ جي مند ڪٿي آهي، وسن ٿا نيڻ ٿي بادل،
هنئين جي هيکلائيءَ ۾ جلي جوڳي جيان جيئڙو.










ž

اکين ۽ خواب جي وچ ۾ بدن آ بي قراريءَ جو،
اکين ۽ خواب جي وچ ۾ بدن آ بي قراريءَ جو،
چپن تي تشنگي تڙپي، بدن آ بي قراريءَ جو!

کڻي خوشبو ڪٿان آئي عجب موسم هي آواره؟
سڄو ئي ساھ ويو مهڪي، بدن آ بي قراريءَ جو!

نگاهن ۾ ادائن جي، ادائن ۾ نگاهن جي،
انوکي سانجھه ٿي مُرڪي، بدن آ بي قراريءَ جو!

تمنا چنڊ جي جنهن ۾، اڙي مجذوب سا دلڙي،
ستارن سان ڪِئين سرچي، بدن آ بي قراريءَ جو!

بهارن جو پتو ڪونهي، خمارن جي خبر ناهي،
خزائن آ ڇڏيو ڀيلي، بدن آ بي قراريءَ جو!

اندر ۾ ٿي اِڇائن جي انوکي آڳ پئي ڀڙڪي،
اچو ڪا بوند ئي بڻجي، بدن آ بي قراريءَ جو!












ž

نظر جي جام ۾ جادو،
نظر جي جام ۾ جادو،
سکيءَ جي نام ۾ جادو.

اسان دلڙي هئي پنڇي،
پرينءَ جي دام ۾ جادو.

گُذر هُن جو هتان ٿيو آ،
هُلي ويو عام ۾ جادو.

خدا جي مصوري فطرت،
صبح ۾، شام ۾ جادو.

پتيون وکرن ٿيون پيرن ۾،
غضب آ گام ۾ جادو.








ž

ساري رات ستارا جاڳن،
ساري رات ستارا جاڳن،
چنڊ ٿو جاڳي، چارا جاڳن.

ڪاٿي ننڊ نديءَ کي آهي،
لهرون، ناوَ، ڪنارا جاڳن.

ماڻهن جا هِن خواب سمهي پيا،
ديوارن تي نعرا جاڳن.

پنهنجو روح سدا سيلاني،
جوڳ ٿا جنهن ۾ سارا جاڳن.

رت ۾ لت پت آهي ڪراچي،
گھر گھر ٿا اوسارا جاڳن.

جوڳي جو آ ڀاڳ سمهي پيو،
ٽٻڻي ۾ ٿا ڍارا جاڳن.



ž

ڌرتتـــــي ڌرتتـــــــي،
ڌرتتـــــي ڌرتتـــــــي،
زنـــــدگي زنــــدگي.

ڇـــــــانورو ڇانـــورو،
شــــــاعري شـــاعري.

آرزو آرزو،
مئڪشي مئڪشي.

انــــــت اونــــداھ جو،
روشــــنـــي روشــني.

ديــس گيــــــڙوءَ رتـو،
شــــــانتي شـــــانتي.

آءُ آغــــــــــــــوش ۾،
او ســــکي، او سکي!

تيـــــز خنــجر جيان،
بـــي رخــي بي رخي.

دشــــت ۾ دلـڪشي،
دوستــــي دوستــــي.




ž

دوکن جي هن جھنگ ۾ سرتا!
دوکن جي هن جھنگ ۾ سرتا!
خواب اُجاڙيا ويا اسان جا.

وماس رڃّ ۾ جاڳي جاڳي،
نيڻ اجهاڻا رات ننڊاکا.

ڪالهه ڀٽائيءَ پير ڇهيا جن،
کوليءَ بَک بڻيا سي رستا.

تون جي وڇڙين يار اسان کان،
لُڙڪ اکين ۾ ها ڦٿڪي پيا.

خيالن جي کِڙڪي کُلندي ئي،
لفظن کاڌا ڪيڏا ڀڙڪا!

تو ئي هڪڙي ڪارڻ سانئڻ!
نيڻ اسان جا در در ڀٽڪيا.

من جي اجڙيل ڪاڪ جيان هِن،
رات ــ شهر جا ڌنڌلا شيشا.

وڃن ٿا ڇڻندا هڪ هڪ ٿي،
جيون ـــ وڻ مان جوڀن پتا.






ž

سدا خواب نيڻين ٻَکيون بس پرين هِن
سدا خواب نيڻين ٻَکيون بس پرين هِن
اسان پوڄيون تنهنجون اَکيون بس پرين هِن.

اداسي ۾ تنهنجون چِٺيون آيتن جان،
چپن تي چميون ڏئي رَکيون بس پرين هِن.

سڄي دشت دنيا، سڄو من آ ٿر جان
عجب آٿتن جان سَکيون بس پرين هِن.

ڪڏهن ماڪ مُکڙيون، ڪڏهن مُرڪ موتيا
ادائون اوهان جون بَکيون بس پرين هِن




ž

کڻي نگاهون خمارَ اَرپي
کڻي نگاهون خمارَ اَرپي
وئي ڪا وينگس بهارَ اَرپي.

هوا جو جھوٽو ڇُهي بدن کي
ويو آ سُندر ڪا سارَ اَرپي.

سڄو جُھڙالو ٿي من ويو آ
وئي جو آلا آ وارَ اَرپي.

سڄو زمانو ستم ظرف آ
ٿي شاعري پو به پيارَ اَرپي.

عجب سوداگر اوهان جي دلڙي
گلن جي بدلي ٿي خارَ اَرپي.






ž

رات سارون ۽ مان
رات سارون ۽ مان
لڙڪ ــ لارون ۽ مان.

ساٿ تنهنجو پرين!
ڄڻ بهارون ۽ مان.

تنهنجي راهن ۾ هِن
اک ــ نهارون ۽ مان.

مُند ميران بڻي
تند ــ تارون ۽ مان.

پيار پوپٽ جيان
اُڀَ ــ اُڏارون ۽ مان!

ڪاڪ دل جي ڀِني
پل ــ پڪارون ۽ مان.

ساڻ مومل هئي
مڌ ــ خمارون ۽ مان.

رات راڻي بدن
من ــ ملهارون ۽ مان.


ž

تنهنجي حاصل دلبري آ ٿي وئي
تنهنجي حاصل دلبري آ ٿي وئي
شاعري پيغمبري آ ٿي وئي.

جام مُرڪن جو ڀري تو جو ڏنو
ڄڻ نظر جي مئڪشي آ ٿي وئي.

تنهنجي راهن ۾ اڙي او بانوري!
ٿوهرن جان زندگي آ ٿي وئي.

ويڙهي ڇڏيئي جو چڳون چوٽن سنديون
ڇانوري ۾ ڌرتتي آ ٿي وئي.

منهنجي گھر جي تو جڏهن دهليز تي
پير رکيا، روشني آ ٿي وئي.

ڪهڙيون ڪهڙيون ساروڻيون، پوئي پويان يار،
ڪهڙيون ڪهڙيون ساروڻيون، پوئي پويان يار،
هيري موتي هار، تنهنجون ساريون ڳالهڙيون!

تون ئي منهنجو آجپو، تون ئي آنهه امنگ،
تو بن ڪهڙا رنگ، تو بن ڪهڙيون راحتون!

آهن کوڙ اتاوليون، تو جيئن ڪائي ڪانهَ،
سمنڊ سراپا جانَ، تـڙ جيان ٻيون ڪامڻيون.

تو ريءَ مون کي ساءُ، ڪنهن ٻي مان اچي ڇو نه ٿو!
واهوندي جي واءُ، مون گل ڪيئي گود ۾.

تنهنجون سارون سانوري! مون من هٻڪارون،
ڪيڏيون بهارون، تنهنجي آئي آئيون!

تو جو اچي اوچتو، هٿين ڍڪيا نيڻ،
مون هو توکي سيڻ! ڪيئن سڃاتو پل ۾!

سارا رستا سُڌ جا، آهن اجايا،
مايا ئي مايا، روپ نرالو نينهن جو.

سدا منهنجي ساھ کي، آهي تنهنجي سار،
هينئين مون هٻڪار، نيڻين ننڊ نه آئـڙي.

اچ اچ منهنجي آرزو، تنهنجا نيڻ چمان!
ڳلي لائي ڳالهڙيون، تو سان ڪي ڳرهيان،
هينئون هنج ڪريان، مٺي! مون وٽ جي اچين.

اونداهيءَ ۾ چنڊ، تيئن تون منهنجي آرزو،
موهيو موهي منڊ، مون کي تنهنجي سونهن جو.

جئن هو سَرَ تي هنج، ائن پڻ تنهنجي سونهن آ،
موتي سپي منج، تئن تون من ۾ موهڻي.

آهي سونهن سمونڊ، پياس انوکي پيار جي،
اکين ننڊ اکنڊ، آٿت ريجھي ڪينڪي.

تون جي نيڻ نينهن جا، آءٌ سراپا سوز،
آءٌ سندءِ امروز، تون امرتا مون مٺي!

تون جي منهنجي موھ جي، آهين مجذوبي،
ٻيون به ڪيئي ڪامڻيون، مُنهنَ جون محبوبي،
تو ۾ جا خوبي، ڪنهن ۾ پَسان ڪينڪي.

ساجن، روپي سج جيان، نيڻين نينهن نکار،
مون کي موهي يار، نيڻين ننڊ کڻي ويا.

آهي هو آڪاش ۾، جيئن ننڊاکو چنڊ،
ائن پڻ منهنجون اکڙيون، اٺئي پهر اُکنڊ،
تون سراپا سمنڊ، آءٌ پياسو بوند جان!

آهي انت نه پار ڪو، عشقَ اڻانگا پنڌَ،
ڏورئي ڏکن هڏڙا، سُتي چِڪن سَنڌَ،
ايءُ پروڙن رِندَ، روڳ جنين جي روح ۾.

چانڊوڪي ۽ چنڊ تون، تون ئي چين چڪور،
تون ئي هينئين هور، تون ئي راحت روح جي.

تنهنجي سونهن سمونڊ مان، سپي ڪا سوجھان،
اچ اچ منهنجي آرزو، تنهنجا نيڻ چمان،
تو بن چندرمان، آءٌ اڌورو آهيان.

تنهنجون ساروڻيون ائين، سَرَ تي اُجرا هنج،
تو بن ڏينهَن اهنج، راس نه آيون راتڙيون.

ڪڏهن تند ڪٽار جي، ڪڏهن قرب ڪڪوھ،
ڪڏهن نيڻ ننڊ جا، ڪڏهن رمتو روح،
ڪڏهن سج صبوح، سانجھه ڪڏهن آ آدمي.

آهي انت نه پار ڪو، پياس انوکو پنڌُ،
جيون ماٽيءَ ــ مَنڌُ، ازل پياڪو آدمي.

جئن هوءَ گل تي ماڪ، تئن هي پل پريت جا،
اکيون اوجاڳيل طاق، من آ پياسو مِرگھه جان.

آئينءَ تون جو اوچتو، ٻانهن ۾ ٻيهار،
آرنڀ تنهنجي ارپيا، مون کي کوڙ خمار،
ساجن! تنهنجي پيار، هينئون هٻڪارون ٿيو.

پهريان ڪرڻا پرھ جا، ساجن سنيها،
مون کي موهي ويا، نوتو ڏيئي نينهن جو.

سارون تنهنجون سپرين، ٿر تي ٿڌڙا مينهن،
سِڪي راتو ــ ڏينهن، ساھ ٿو تو لئه سانوري !

مون جي اڱڻِ پوکيا، مينديءَ رتا گُلَ،
هيڏا ڇا لئه هُلَ، احمق لوڪ مچائيا!

توڙي جيون ٽوھ آ، ڪَسو ڪَسارو،
پوءِ به تَنهن جو مڌ جيان، پل پل آ پيارو،
تون جي جانان سنگ آن، ساٿُ سُڳنڌ سارو،
قربُ آ ڪنارو، سمنڊ جيان آ ساحري.

جانان! جوٺو جڳ، تو سڱ هڪڙو سپرين،
ازل کان ڀي اڳ، تو سان رشتو روح جو.

جانان! آهي عشق ڇا، اڳ نه ڪڏهن ڄاتو،
تو سان جو ناتو، سڀ پروڙيم سرمدي!

جانان! هاڻي آءُ تون، ننڊ ٿا نيڻ گُھرن،
هينئين منجھه هُرن، هر پل وارن آڱريون.

جانان! هاڻي آءُ تون، دوري ٿي ماري،
هينئون تو بن هر گھڙي، هنجھون ٿو هاري،
سانئڻ! تو ساري، ڏکيا گذرن ڏينهڙا.

آئون ڏاڍو رڃ ۾، ڀٽڪِي ٿڪو هان،
آءُ گھڙي آغوش ۾، ٿورو ٿڪ ڀڃان،
الئه پو جانان! جيئڻ گھڻا ڏينهڙا!

جانان! تو بِن آهيان، ڄڻ ته اڌورو مان،
ڳولا سندا ڏينهڙا، جي ٿو ساڃايان،
آءٌ ائين ڀانيان، سپني تون ئي ساڀيان.

جانان! جيون دشت جان، اڳ هو ائن ڄاتو،
توکي جو پاتو، مهڪي راھ گلاب جيئن.

جانان! رڻ ۾ جيئن ٿي، مٿان ڪڪر ڇانءُ،
ائن پڻ تنهنجو نانءُ، مون لئه ڇپر ڇانورو.

جانان! رڻ ۾ جئن هجي، هرڻ ڪو پياسو،
مون پڻ هِردو آ ائين، وُٺيءَ ــ وارياسو،
ونين وِماسو، درشن تنهنجي ديد جو.

جانان! جيون آ ائين، گل تي ماڪ ڦڙا،
تنهنجا قرب ڪڙا، ”پيار پناهون ڇانورا“.

جانان! جئن ڪا رات، چنڊ بنا بي نور آ،
تيئن پڻ منهنجي ذات، تو بن ٻُسي جڳ ۾.

جانان! تنهنجو آرنڀ آ، موتئي مهڪارون،
سرتي! تو سارون، وسري وسرن ڪينڪي.

سرتي! راھ گلاب جئن، آئي تو مهڪي،
مُرڪي هر مُکڙي، ٽـڙيا گل ٽانگر تي.

سرتي! سُٻنڌ ڏينهڙا، سرهيون سمرتيون،
تو سنگ صحبتون، وسري وسرن ڪينڪي.

سرتي! ڀاسي اوپرو، تو ريءَ هر ڪو پنڌ،
تون جان آهين سُڳنڌ، وِسريو وِسرين ڪينڪي.

سرتي! سليان ڪيئن مان، تو سان جو رشتو،
لمحا چند رفاقتون، خوشبو جو جھونڪو،
تنهنجو هڪ جلوو، نانوَ هزارين نينڍ جا.

سرتي! رُت بسنت جي، تو آئي ڀانيان،
ڳلي تو پايان، ٻانهون موتئي هار جئن.

سرتي! رات پڙهي پئي، مون تنهنجي شاعري،
ڀانيم ڄڻ ساحري، منهنجي آس پاس هئي.

جئن هُو صحرا گل آ، سرتي! تو سرهاڻ،
تون جا نينهن نياڻ، منُ اُڃايل مِرگھه جان.

نينهن نِسوري نينڍ، نيزي تي نروار جي،
ڪُسڻ پڄاڻان ڪاپڙين، پوءِ به ڪيڏي ڪينڍ!
سرتي! سُڳنڌ سينڍ، مام انوکو مامرو.

سرتي! جئن هو سمنڊ آ، تئن هي پيار پڙاءُ،
تو سان جيءَ ــ جڙاءُ، انت نه جنهن جي آر جو.

رُتِ ڀِني رابيل جي، سرتي! تنهنجا رنگ،
جھڙا تند ترنگ، تهڙا جوڀن ڏينهڙا.

آئون ها نيڻ ننڊ جا، سرتي! تون آن خواب،
تون ئي منهنجي جيءَ ۾، تون ئي مهڪ گلاب،
تون ئي روح رباب، تون ئي راحت راڳڻي.

سِڪي راتيون ڏينهن ٿو، منهنجو تو لئه ساهه،
سانئڻ! ڪڏهن آءُ، اکئين ڍاپي تو ڏسان.

سانئڻ! تنهنجي سار آ، هينئين هُٻڪارون،
آيون بهارون، مون گھر آئي تو مِٺي.

سانئڻ! تون نه امرتا، نه ئي آءٌ امروز،
ها پر تنهنجو سوز، ساحر جان مون ساھ ۾.

سانئڻ! منهنجي پياس ۾، اڻ ڄاتي آ آڳ،
اکين ننڊ اَجھاڳ، پنبڻيون تـڙپن تات ۾.

سانئڻ! چئه تون ڪيئن مان، اکيون هي اُپٽيان،
صورت سڀ رنگَ سامهون، چوڏهين چندرمان،
سپنو ۽ ساڀيان، ٻيئي مون آغوش ۾.

سانئڻ! آر نه پار آ، سِڪ سراپا سمنڊُ،
مون کي موهي مَنڊُ، سدا سندءِ سونهن جو.

سانئڻ! چئه تون ڪيئن مان، اکيون هي پوريان،
آهي تنهنجي ساڀيان، سندر سپني کان،
تنهنجو پل اڳيان، عمر بهارون آجپو.

سانئڻ! رنگ محل، جي جيون آ جَڳَ ۾
موهت خود مصور آ، ماڻهو موتيو گل،
پريت انوکو پل، ڄاڻو ڄاڻن ڪينڪي!

آءٌ جي مٽيءَ مورتي، سانئڻ! تون هڳاءُ،
لونءَ لونءَ منجھه لڳاءُ، تو سان آد جڳاد کان.

هينئون نه منهنجي هٿ ۾، نه مون وس وِماس،
آهي منهنجي روح ۾، رڳو تنهنجي تاس،
چوڏس تنهنجو واس، مون من تڙپي مرگھه جان!

سکي! روح رباب، سرير آڱر سوز جي،
تند انوکو تاب، ساھ سراپا سرمدي.

سکي! تو بن ڪيترو، اوکو آ جيوَن،
سامهون جو درپن، تو ريءَ ڀاسي اوپرو.

سکي! آءُ ته اوريان، تو سان اندر اُڪير،
تون جا اتر هير، مون من ماندو مند جئن.

سکي! تنهنجو روپ، ڳهڻو چنڊ آڪاش جو،
موتئي مهڪِي ڌوپ، تو جي وار وکيريا.

œ

2010 ع واري مها ٻوڏ جي پس منظر
2010 ع واري مها ٻوڏ جي پس منظر
۾ لکيل بيتَ

سنڌوءَ ٻوڙي سنڌڙي، ڦورن ڦُريا ڌراڙ،
ايڏي جوءِ ۾ جاڙ، سنڌ روئي ٿي رت ڦڙا.

ڌراڙن جا ڀرجھلا، ڀاڳين جا ڀڳوان،
مِهر ڪج مسڪينن تي، موج ڀريا مهراڻ،
ڌرتيءَ جا ڌنوان، سنڌ سندءِ آ آسري.

ٻوڏ سٽيل ماروئڙا، پَٽ تي پيا آهن،
دهشت دم درياءَ ۾، ويرون تارِ وَهن،
اَجھي ريءَ اُڀ هيٺ، واهر واجھائن،
آسروند آهن، ماڻهو مالڪ مِهر لئه.

صاحب! سُڻي سڏڙا، ٻوڏ مصيبت ٽار،
اَڌر نِڌر ننگپال تون، اوکيءَ ويل اُڪار،
ڌرتي شاھ لطيف جي، آهي تو آڌار،
موج ڀرئي مهراڻ جي، بَــرَ ڏي مُوڙِ مَهار،
واهر ڪر ولهار، سنڌڙي ٻُڍڙي ٿي ٻُڏي!

ويڙها ويرين ڀيليا، جھيڙن جھوري جند،
سُک نه سنبري سنـڌ، اڌ صدي اتهاس ۾.

ڪڏهن اُجاڙي سوڪهڙي، ڪڏهن اُجاڙي ٻوڏ،
سنڌڙي سدا اوڏ، اَڏيا مٽيءَ گھرڙا.


ڀَرِي تُري سنڌڙي، ٻوڙي ويئي ٻوڏ آ،
هاڃي هنيون ڪيتريون، هينئين هنئي هڪڙي،
درد ڀري دلڙي، دُکي دردن دود ۾.

سگهه بڻائي سورن کي، سانگي جي اُٿندا،
ڀتر ٿِي ڀُرندا، دک سموري ديس جا.

مٿان ماروئـڙن جي، هي جي ڏينهن ڏهاڳ،
ڏورڻ ڏکيو هيڪلو، آهي پنڌ اَجھاڳ،
وکان ويجھو ماڳ، جي تو جاڳ آ جيءَ ۾.

وکان ويجھو ماڳ، جي تون ساٿي سچ جو،
آهي تنهنجي وس ۾، تنهنجو ڀاڳ اَڀاڳ،
جِيءَ ۾ تنهنجي جاڳ، آهي گس پرينءَ جو.

سُکن پاڙون واءَ ۾، ڏکن پاڙون ڀونءِ،
جندڙي سنڌڙيءَ سونءِ، سکن ڏينهڙا ٿورڙا.

ٻُڏي لُڏي ٻارِ مان، پُڄي وڃبو پارِ،
هينئڙو ڪين هارِ، ”ڏکن ڏينهڙا ٿورڙا.“

اُٿو، ورنايو سڏ، مِڙي سڀ مُٺِ ٿيو!
ڏوريو پنڌ ڏکن جو، گوندر کڻي گڏ،
محبت آهي مَڏ، تَرِي پاڻ اُڪاريو.

سنڌوءَ نه ٻوڙي سنڌ، ٻُوڙي ٻوگھلن،
هاڃي هنيا ماروئـڙا، ڪنهن در دانهن ڏين،
”ڏئي ڏنڀ ڏڏن“، سُکي ٻوڙي سنڌڙي.


تون جو آئي آن
تون جو آئي آن
منهنجي جيون ۾،
جوت ڏيئا جرڪي پيا.

سوچن جي رڻ ۽
جيڏي! جوڀن ۾،
جوت ڏيئا جرڪي پيا.

تنهنجي ايندي ئي،
آتين ٻانهن ۾،
جوت ڏيئا جرڪي پيا.

اکيون جو اُپٽيون،
منهنجي سپنن ۾،
جوت ڏيئا جرڪي پيا.

تنهنجي مُرڪڻ سان،
منهنجي راهن ۾،
جوت ڏيئا جرڪي پيا.

|

تنهنجا گيت گلاب،
تنهنجا گيت گلاب،
خوشبو تن جي جڳ واسيا.

تنهنجون ڪوتائون، ڪوي!
تنهنجا ڏوھ ثواب،
خوشبو تن جي جڳ واسيا.

چارڻ، ٻيجل آهين تون،
تنهنجو روح رباب،
خوشبو تن جي جڳ واسيا.

جرڪيا تنهنجي جوت مان،
مينديءَ رتا خواب،
خوشبو تن جي جڳ واسيا.

|

(شيخ اياز جي ياد ۾ لکيل )

سارو لوڪ ستو،
سارو لوڪ ستو،
چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

واءَ وسائي وئي،
مندر جو ڏيئو،
چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

ٿڪل نيڻن ۾
آهليو اوسيئڙو،
چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

سنڌوءَ جون لهرون
ناکئي جو ٻيڙو،
چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

رات جي ڀاڪر ۾
سمهي پيو سونچو،
چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

|

ڪڪر ڪارونڀار،
ڪڪر ڪارونڀار،
چوڏس وڄ وراڪا.

اُٻن اوٻارون، مٿان-
تاڙي جي آ تنوار،
چوڏس وڄ وراڪا.

آهن ڄڻ ڪي اوچتو،
ويگنس ڇوڙيا وار،
چوڏس وڄ وراڪا.

اکڙيون آسرونديون،
نڀ نهاري نار،
چوڏس وڄ وراڪا.

آئي آهي بانوري،
ڪري هار سينگار،
چوڏس وڄ وراڪا.

|

ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
ٽٽو گل گلاب جو!

ڪُوڪيون ڪَوِيلڙيون،
ٿيو روڄ رباب جو،
ٽٽو گل گلاب جو!

موت جي جهڙپ جھٽي وئي،
آ آجپو عقاب جو،
ٽٽو گل گلاب جو!

ڏات ننگر ۾ ٿي ويو،
خون ننڊاکي خواب جو،
ٽٽو گل گلاب جو!

|
(استاد بخاريءَ جي وڇوڙي تي لکيل)

بادل جو برسيا،
بادل جو برسيا،
ٿر جي واريءَ جا،
آتا نيڻ ٺري پيا!

چَوڏس کيت ڦلاريا،
هيڻي هاريءَ جا،
آتا نيڻ ٺري پيا!

پنڇي جئن ويٺو اچي،
اُجڙيل ٽاريءَ جا،
آتا نيڻ ٺري پيا!

پاتئين لوڙهي کان ليئو،
پياسي ناريءَ جا،
آتا نيڻ ٺري پيا!

|

روز ٻُڏي تري پئي،
روز ٻُڏي تري پئي،
جيون جي ٻيڙي،
درد جي ساگر ۾!
ڏور ڪنارا ها
ساڀيان مون هڪڙي،
روز ٻڏي تري پئي،
درد جي ساگر ۾!
آڌيءَ جو اُڀ ۾،
چنڊ جي چانڊوڪي،
روز ٻڏي تري پئي،
درد جي ساگر ۾!
صدين کان من ۾
سانڍي هڪ گھڙي
روز ٻڏي تري پئي،
درد جي ساگر ۾!
|

ڦُريو ڦوڙائي،
ڦُريو ڦوڙائي،
ڦورو ڪيئن ڦوليان!

جيڏيون جيءُ جھريون
لوڪان لڪائي،
ڦورو ڪيئن ڦوليان!

سُڌ نه مون سُٽ جي
هينئين هورائي،
ڦورو ڪيئن ڦوليان!

منهنجي ويو آهي
چِت ڪو چورائي،
ڦورو ڪيئن ڦوليان!
ڦورو ڪيئن ڦوليان!

|

تنهنجي اوسيئڙي
تنهنجي اوسيئڙي
منهنجي جوڀن جو،
سرتي! سج لهي ويو.

پن ڇڻ موسم ۾
ٽاريءَ پن پن جو،
سرتي! سج لهي ويو.

تنهنجي سپنن ۾
منهنجي سوچن جو،
سرتي! سج لهي ويو.

تو بن منهنجي آ
مڙني خوشين جو،
سرتي! سج لهي ويو.

|

تو جي ڏني مون
تو جي ڏني مون
ٻانهن سيراندي،
سرتي! ننڊ اچي وئي!

منهنجي سپنن کي
تنهنجي پيراندي،
سرتي! ننڊ اچي وئي!

ساريندي توکي
سوچن ۾ باندي،
سرتي! ننڊ اچي وئي!

ڪُنن جي ڪڇ ۾
ايندي ئي آنڌي،
سرتي! ننڊ اچي وئي!

اهنسا ــ اڳواڻ
گوليءَ سان گانڌي،
سرتي! ننڊ اچي وئي!


No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون