Showing posts with label لطيفيات. Show all posts
Showing posts with label لطيفيات. Show all posts

Friday, January 26, 2024

محبت پائي مـَـنَ ۾/ New Year

محبت پائي مـَـنَ ۾، رَنڊا روڙيا جـَـنِ،

تـَـن جو صرافـَـن، اڻ توريو اَگهائـِـيو. شاھ سائين 

منير حيدر 



ھن ڪائنات ۾  وقت سڀ کان وڏي وَٿ آھي، جيڪو اسان کي زندگي جي روپ ۾ مليل آھي ۽ انھي زندگي جو اصل جوھر محبت آھي. گذريل وقت اسان جي سڀ کان وڏي ۽ بيشتر قيمتي سيڙپ ھئي. ان سان اڄ اھو سوال پيدا ٿو ٿئي تہ ان سيڙپ جي بنياد تي اسان ڪيتري محبت جي ڪمائي  ڪري سگھيا آھيون؟

ڇا  اسان  زندگي جي گذريل سالن ۾  محبت کان واقف  ٿي سگھيا آھيون ؟ يا رُڳي پاڻي پئي ولوڙيو آھي! 

محبت کان سواءِ اسان جون  خوشيون ڪيڏيون نه  خسيس ٿي پيون آھن، اسان پاڻ ڪيڏا نه ننڍڙا ۽ تمام ننڍڙا  ۽ سطحي ماڻھو ٿي پيا آھيون. اسان کي ڪيڏو نه وڏو، ڪيڏو نه وسيع،  سچار، سورھ ۽  مددگار ٿيڻ کپي ھا.  اسان جي آس پاس سچائي، خلوص، محبت، ھمدردي ۽ پنهنجائپ موڪلائيندي وڃي ۽ محبت جي ھر احساس جي جاءِ تي ٻھروپ، فريب ۽ جڙتو روپن جڳھہ والاريندو وڃي. ڇا اسان جون اکيون اڇيون ٿي پيون آھن يا  اسان سچائي کي  سڃاڻندي بہ  کڻي اکين تي ھٿ رکيا آھن.  ڪنھن ۾ به فراخدلي، نيڪ نيتي ۽ محبت جو حوصلو ۽ اعتماد ڪونھي رھيو، ھرڪو پنھنجي خسيس، تنگ نظر جبلتن جو غلام ٿي پيو آھي.

نئين سال جي شروعات نئين سوچ سان ڪرڻ گھرجي، پنھنجي ذات ۾  احتساب جھڙي قوت کي اُڀارڻ گھرجي ۽ پنھنجي ذات جي نفرت جھالت جي گُگھہ اونداھين ۾ محبت، محنت ۽ علم جو ڏيئو ٻارڻ گھرجي جئين ايندڙ آنڌي ۾ منھن ڀر ڪرڻ کان بچي سگھجي.  اسان کي خسيسپڻي مان نڪري پنھنجي سوچ، پنھنجي ويچار  ۾ ھڪ ڪائنات ٿيڻ جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ ته ايندڙ سال ايندڙ وقت ايندڙ حالات اسان منجھان اھا ئي توقع رکن ٿا.  اسانکي نفرت، حسد، سازش ۽ ڪيني کي دل مان نيڪالي ڏيئي محبتن جا سڀ دروازا کولڻ کپن.  ماءُ پيءُ جھڙا لاطمع  رشتا، انھن جو محبت ڀريو احساس جيڪي خدا طرفان وڏيون نعمتون آھن، سي محبت جا سڀ کان وڏا مثال آھن. نئون سال  انھن لازوال  نعمتن ۽ رشتن جي حوالي ڪرڻ گھرجي. انھن لاء محبت جا سڀ دروازا کولي ڇڏڻ گھرجن، انھن کي وقت ڏيڻ انھن سان گڏ ويھڻ انھن جي اڪيلائين کي دور ڪرڻ  انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ گھرجي.

فطري زندگي جي شناس ئي حقيقي زندگي جي معرفت آھي. خدا جي ڪائنات اوھان لاءِ اُتساھ جو سڀ کان وڏو سبب آھي. قدرت جون ھزار نعمتون سج، چنڊ، آسمان، تارا، ڍنڍون ڍورا، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، گلن جا ھزارين قسم ۽ انھن جون خوشبويون جيڪي دل کي فرحت ۽ راحت بخشين ٿيون، اسان کي گھرجي تہ انھن جا ٿي وڃون  ۽ پوءِ يقينن ائين ڪرڻ سان اسان ننڍڙين ننڍڙين انيڪ خوشين کان واقف ٿيندا سين. اسان کي گھرجي تہ نئين سال ۾ ان رستي تي وک وڌايو ۽ پنھنجي نئين سفر جي شروعات ڪيون، يقينن محبت جي ان سفر جي منزل ڏاڍي  خوبصورت ھوندي. 



Friday, February 11, 2022

نيڻ نه ننڊون ڪن. لطيفيات

 نيڻ نہ ننڊون ڪن, ڀڳو آرس اکئين

اجھاميو ٻرن توکي ساري سپرين.

شاھ سائين



اک انسان جو اهو باب آهي, جيڪو هر جذبي جو اظهار ڪري ٿو. محبت ۾ تہ نيڻن جي نرگسي نگاھ بہ گھايو وجھي, پر جي ڪنھن جي محبوب جي اکين ۾ الماس هجن ۽ تارن ۾ تبرون, ڀرون پالا تہ ان جو شڪار ٿيندڙ عاشق جنھنجي دل تي محبوب جي نشيلي ۽ نماڻي نھار جو نمونو دل تي اهڙي تہ ڇاپ ٿو ڇڏي, جو آخري پساهن تائين به اها ترو تازا رهندي آھي. عاشق ان گرمائش کي محسوس ڪندي زندگي جي هيڪلائي وارن پلن ۾ ٿڌا ساھ ڀريندو رهي ٿو. مجازي محبت جو اهو خيال اهو احساس ڪيڏو نه اتساهيندڙ آهي!

 ٿڪل, ٽتل, ماريل, هاريل ۽ نٻيل روح کي ڪيڏي نہ راحت ڪيڏي نہ طاقت بخشي ٿو. انھي پل جو اهڙو احساس جنھن ۾ رنج بہ آهي تہ راحت بہ، سور بہ آهي تہ سرور بہ. مجازيت سان ٽمٽار هوندي بہ اهي احساس ڪيڏا نہ پاڪ, ڪيڏا نہ صاف آهن. ڪو آهي جو انھي فطري خيال پرکي ۽ پنھنجي ماضي جي معصوم يادن کي ساريندي سرور جون ساعتون ماڻي.


اکين پنهنجي مت پاڻ سان پاڻين ڪئي 

اتي وڃي اڙيون جتي جان کپت 

ڳاله نه ڪي ڳت جئي ڏني ري نه جڙي

لطيف سائين 


اکين کي آهين وڏا وجه وڙهڻ جا

سور پراهي ڏيه ويهو وهائين 

اتي لنوءن لائين جت حاجت ناهي هٿيار جي

لطيف سائين

محروم ٿي مري وي

 محرو


م ٿي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا،

چڙي جيئڻ چھنچ ھڻي لڏيائون لئا،

حباب ئي ھئا، انھي وادي وچ ۾. 

علم, انسان ۽ جانورن جي وچ ۾ فرق جو وڏي ۾ وڏو سبب آھي. اھو علم ئي آھي، جيڪو انسان کي پٿر ۽ غارن واري زندگي (پئليوليٿڪ) دور مان ڪڍي اڄ جي جديد دور تائين آڻي بيهاريو آھي. انساني زندگي جو مقصد محدود ناھي، ان جو دائرو ڪمائڻ، گڏ ڪرڻ ۽ کائڻ تائين ناھي. انسان جي اشرف المخلوقات ھجڻ سان ان کي سوچڻ، سمجھڻ، سکڻ، ۽ غور ويچار ڪرڻ جي طاقت مليل آھي. ھي ڪائنات ڪروڙين ڳجھن جو جھان آھي، جنھن کي ڏسڻ پرکڻ سمجھڻ انساني سماج جو اھم ڪارج آھي. ھن بيت ۾ لطيف سائين انھن انسانن جي زندگي تي افسوس ڪندي چوي ٿو ته جيڪي ھن جھان ۾ اڻ ڄاڻ ٿي آيا ۽ اھا اڻ ڄاڻائي ساڻ کڻي موٽي ويا. حالانڪ زندگي انھن کي ھزار موقعا ڏي ٿي ته ھو پنھنجي ناسمجھي، اڻڄاڻائي ۽ مورکپائي واري شناخت کي ختم ڪري ماھر، ڪاريگر، سگھڙ، ڄاڻو، استاد ۽ رھبر واري حيثيت حاصل ڪري. 

اھي غير معمولي انسان جيڪي تاريخ جي وڏي پنڌ تي پنھنجا گھرا نشان ڇڏيا آھن، جيڪي انسان جي تاريخي تاريڪي کي ختم ڪري انھن جي زندگين ۾ روشني آندي انھن جو تعداد تمام ٿورو آھي، پر اڪثريت لطيف سائين چوڻي ته: 

 محروم ٿي مري ويا، ماھر ٿي نه مئا،

چڙي جيئڻ چھنچ ھڻي لڏيائون لئا،


 انھن ماڻھن وجود جيڪو اڻڄاڻائي ۾ گذريو، جيڪي زندگي جي مقصد کي ڪمائڻ، گڏ ڪرڻ ۽ کائڻ تائين محدود رکيو. اھي اڻڄاڻ ٿي پيدا ٿيا ۽ اڻڄائي سان ئي ھي جھان ڇڏيو.

انھن ماڻھن انسان ھجڻ جو ڀرم نه رکيو! بلڪ انھن جي زندگي جھرڪي جي مثل اجھو ٺاھڻ، کائڻ ۽ آخر ۾ فنا ٿي وڃڻ تائين محصور رھي. 


حباب ئي ھئا، انھي وادي وچ ۾.

 

ھن جھان ۾ ھن وادي ۾ انھن جو وجود پاڻي جو بڙبڙو ھو، اھي پاڻي جو ڦوٽو ئي ھئا. 


جو جي جرڪيا جر تي، سي تان سڀ حباب. 


 انسان جي بھتري ۽ فلاح جي بنا زندگي گذاريندڙ ۽ صرف پنھنجي وجود تائين محدود رھندڙ ماڻھو حباب مانند آھن. جنين جي شخصيت ڀلي عام ماڻھن جي ذھنن جو مرڪز رھي ھجي ، پر سندن وجود حباب جيان آھي جنھن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ انھن جو وجود باقي نٿو رھي، جيڪي ڪٿي به ڪنھن خيال ۾ باقي نٿا رھن.

تحرير منير حيدر لغاري

ڌودا تون نه ڌئين. لطيف سائين | Shah Abdul Latif

ڌوڌا تون نه ڌئين

منير حيدر

ڌوڌا  تـــون نه ڌئين آڳ اوڏو نـــه وڃين،
اُلا جا عشق جا سين تان تون نه سھين، 
اڀـــو ائيــن چــئين آئــــون آڳـڙيو آھيان
. 






بيت تمثيلي آھي ھتي ڌوڌا( ڌنوڻ ھلائڻ وارو، لوھار) کي مخاطب ٿي چوي ٿو تون ڌنوڻ (لوهارن جو هڪ اوزار، باھ ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڦوڪڻي) ھلائين ڪونه ٿو، باھ جي ويجھو نه ٿو وڃين، ٿورو سيڪ اچي ٿو ته پير پوئتي ٿو ڪرين، مٿان وري راڄ ۾ تون پنھنجي پاڻ کي باھ وارو ٿو سڏائين. 



حق جي رستي تي سچ جي رستي تي ھزارين مشڪلاتون ھونديون آھن، سو ڪو ڪو ماڻھو انھن کي سر تي سھائي اڳيان وڌندو آھي، ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي ھوندي. خبرون ڪرڻ وارا الاھي ملندا، تمام وڏيون وڏيون ڳالھيون، دنيا ملڪ جون ڳالھيون، آسمانن جون ڳالھيون، حق سچ جون ڳالھيون، مٺيون مٺيون ڳالھيون پر عمل جي ميدان ۾ پٺ تي. 

لطيف سائين ھتي صرف لوھار کي مخاطب ناھي پر ھر انھي ڪردار کي جيڪو جيئن پنھنجي پاڻ کي ظاھر ڪري ٿو ۽ ان سان معاشري ۾ پنھنجي سڃاڻپ ٺاھي ٿو. ھاڻ معاشري جي ڪيترائي ڪردار آھن، ماستر، ڊاڪٽر، چڱو مڙس، مولوي، نيڪ بزگ، سماجي اڳواڻ، وڪيل، سياستدان، مذھبي اڳواڻ وغيره وغيره. اھي سڀئي ڪردار جيڪي جڙتو آھن. ٻھروپي آھن. جيڪي سچا ناھن، انھن سڀني کي ھن بيت ۾ آئينو ڏيکاري ٿو ۽ اوھان اڳيان لطيف سائين جو اھو پرک جو معيار آھي، جنھن سان اوھان کي سڃاڻپ واري نئين اک ملندي. 

 

لفظن جي معنيٰ

ڌوڌي : جتي اڱر ٻرندا آھن. ننڍي  چلھہ

ڌنوڻ: ڌوڌي کي ٻارڻ لاءِ  ھوا ڏيندڙ چمڙي جو ٺھيل خاص اوزار 

ڌئين: ڌنوڻ کي ھلائين 

آڳ: باھ 

اُلا: باھہ جا شعلا 

اڀو؛ مٿان

آڳڙيو: باھ وارو 

 


Saturday, May 22, 2021

هَنجَنِ سين هيڪارَ| لطيفيات/ منير حيدر لغاري

هَنجَنِ سين هيڪارَ


 

زندگي ۾ جي اوھان حقيقي خوشي ماڻڻ چاھيو ٿا تہ پوءِ اوھان کي مادي دنيا مان فطري دنيا جو سفر ڪرڻو پوندو. پنھنجي خيالن جي ھڪ الڳ دنيا ٺاھڻي پوندي، نوان اصول گھڙڻا پوندا، پنھنجن ترجيحاتن کي بدلائڻو پوندو. نيون صحبتون جوڙڻيون پونديون، نوان ساٿ ڳولڻا پوندا، جيڪي پنھنجي ذات ۾ منفرد ھجن، جيڪي ڏيکاءُ کان آزاد ھجن. اھي ساٿ جيڪي اوچ نيچ، ذات پات جي فرق صاف سٿرا هجن.
جيڪي عملي زندگي ۾ اعلي ڪردار جا مالڪ ھجن. جيڪي دلين کي ڏڍُ ڏيندڙ ھجن، جيڪي ٿوڻي ۽ ٿنڀ ٿي پون، جيڪي گفتار مان آٿت، ھمت، جرات ڏيندڙ ھجن. جنھن جي صحبت ماڻھو کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏي، جنھن جي رھاڻ ھيرن کاڻ ھجي. سي ماڻھو واقعي لطيف سائين جي ھنج وانگي آھن. هي هنج جنهن جيڪو اعلي خصلتن جو مالڪ آهي، هي هنج جيڪو اوچائي کان اوناهي ۾ پيل هيرن جو طالب هجي. ان هنج مثل ماڻھو جي تلاش ڪيو، اھڙي شناسائي واري اک ڌاريو جيڪا ان انسان کي پرکي سگھي. ھي اکيون جيڪي رنگين خوابن، آسائشن ۽ موہ جون آڌي ٿي پيون آھن. تنھن سان ھنج مثل ماڻھو کي پرکڻ ممڪن ناھي، ھتي احساس جون اکيون گھربل آھن، جنھن جي گھرائي ماڻھو جو جسم ٽپي روح تي پوي ٿي. جنھن جي جوت ميري بدن کي پار ڪري ان جي اندر جي جوت ۾ جهاتي پائي. سو جي اھڙي سنگت ملي پوي، اھڙو مرشد ملي پوي ته ٻگھن مثل ماڻھن سان گذاريل ڏينهنڙا اوهان لاءِ افسوس جو باعث هوندا، انهي لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:


هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِھارِئي
ٻَگهَنِ ساڻ ٻِيھارَ، ٻيلَهہ نہ ٻَڌِين ڪَڏهِين

          سر ڪارايل 

Saturday, March 7, 2020

سنڌي علم ادب|لطيفيات|ڊاڪٽر علامہ دائود پوٽو


سڀ ڪنهن قوم جو علم ادب پهريائين پهريائين شعر سان شروع ٿيو آهي. سنڌي به انهي قاعدي کان مستثنيٰ  ناهي. اوائلي حالت ۾ انسان جا جذبا ۽ شعور صحيح ۽ صاف رهن ٿا جيئن، سُرندي جي تارن کي ٿوريئي ڇهڻ سان سرود نڪرندو، تيئن سالم دل کي ٿوريئي ڇٻي اچڻ سان عظيم اثر ٿئي ٿو.
قدرت جي من موهيندڙ نظارن پسڻ ڪري، قلب ۾ جا رقت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي، تنهن جو اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب وسيلو آهي. شهر سان وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي.
جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل سخن، دل تي اثر ڪن ٿا، تنهن صورت ۾ شعر جو پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي، تنهن جو اثر به دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري ابتدائي حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل بنياد مذهب آهي. قدرت جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن انهن جي خاطر ۽ رضامندي لاءِ گيت ڳايا ۽ ڪرم ڪريائون بجا آندائون.
ڪنهن قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو ٿو پوي. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو بنائين ٿيون، پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پئي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا ڇا خيال ۽ جذبا هئا. سندن علم جي مراد ڇا هئي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا! مطلب ته هر ڪنهن قوم جي تاريخ سڪندر جي زماني کان وٺي ويندي سومرن ۽ سمن تائين مبهم آهي. چه جائيڪ ان جي اوائلي ادبي تاريخ به اونداهيءَ جي پردن اندر لڪل هجي!
هت اسان جو مطلب نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي بحث ڪريون، يا سندس مخفي ادبي خزانن جي ڳولا ۾ اجايو وقت وڃايون؛ بلڪ اسان جو مقصد آهي ته ڏسون ته نظمي توڙي نثري ادب ڪڏهن کان وٺي شروع ٿيو. اگرچه سنڌي زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس موزون ڪلام تقريباً 11 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ٿيو. اِهو ڪلام آهي سيد عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت، جي سندس خاص مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف ”بيان العارفين“ ۾ پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044 هجريءَ ۾ قلمبند ڪيا. پر انهي عرصي کان گهڻو گهڻو وقت اڳي، سنڌي نظم جو پڙاڏو ڪَن تي پوي ٿو. ڄام تماچي، هڪ الله لوڪ شيخ حماد نالي جي دعا سان دهليءَ جي نظربنديءَ مان ڇٽي، سنڌ جو تخت ڌڻي ٿئي ٿو. ڄام تماچي جي والده جي زار حالت تي قياس کائي، درويش جولان ۾ اچي هڪ سنڌي بيت وڏي واڪي پڙهيو، جنهن ۾ سندس ماڳ موٽي اچڻ ۽ ملڪ ماڻڻ جو اشارو ڪيائين جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته انهيءَ جي بيت جي تاريخ سنہ 777 هجري (مطابق 1375ع) ڌاري مقرر ڪري سگهجي ٿي.
ساڳئي سمي سردار جي ڏينهن ۾ ”هفت تنن“ جو حادثو ٿي گذريو آهي، جن پنهنجي شهادت وقت آئينده واقعن جون پيشنگويون بيتن جي صورت ۾ ڪيون. اگرچه انهن جي صحت ۾ شڪ آهي، ته به سندن قديم هئڻ جو ضرور اقرار ڪرڻو پوندو. انهن کان پوءِ وري تحفة الڪرام جي صاحب شيخ ڀرئي جو نالو ورتو آهي، جنهن واتان حديقةالاولياءَ جي مصنف، اسحاق آهنگر جو هڪ بيت ٻڌو. هن درويش 903 هجري (1497ع) ۾ وفات ڪئي ۽ گنجي ٽڪر جي دامن ۾ پوريل آهي. اهڙي طرح راڌڻ شهر ۾ راڄو درويش هڪ خدا رسيدو مست ٿي گذريو آهي، جو استغراق جي حالت ۾ مٺي آواز سان سنڌي بيت پڙهندو هو، ۽ جيڪي چوندو هو، ائين ٿي پوندو هو. سندس وفات جو سنہ 977 هجري (1569ع) آهي. افسوس جو اهي بيت ڪٿي به قلمبند نه آهن.
پر راڄي فقير کان گهڻو اڳي قاضي قاضن جو اسم گرامي اچي ٿو. سندس وسيع ڪلام مان فقط ست بيت ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن. اهي سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن تارن وانگر چمڪندڙ آهن. انهن مان اسان کي پنهنجي سلف صالح جي ذهني ۽ روحاني ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اهي سراپا سونهن جو سر آهن، منجهائن عقل جزويءَ جي عاجزي، ظاهري علم جي سکڻائي سڃائي، محبوب حقيقيءَ ۾ محويت ۽ وحدت الوجود جا ڳوڙها مسئلا روشن ٿين ٿا. انهن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اسان جي بزرگن جو دلي رجحان هميشہ تصوف ۽ روحانيت ڏي رهيو آهي، انهن پنهنجي وجداني ڪلام کي مجازي عشق ۽ دنيوي امورن سان ملوث نه ڪيو آهي. حقيقت به ائين آهي ته اسان جي بزرگن ۽ شاعرن جو فطري لاڙو، روحاني ڳالهين ۽ اندر جي پاڪائيءَ ڏي آهي. انهن پنهنجي عرفاني سخن کي ڪڏهن به بادشاهن، اميرن ۽ تونگرن جي ساراه سان نه ڀريو. فقط الله جي ساراهه، بزرگان دين جي مهما، ۽ نصيحت پردازي تي سارو ڌيان صرف ڪيو اٿن.
قاضي قاضن (قادن) اصل درٻيلي (ڊڀري) جو ويٺل هو، ۽ مخدوم ميران مهدي جونپوري جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو، جنهن ڪري زماني جا ظاهري عالم مٿس لعن طعن ڪندا هئا. جن مان هڪڙو ”بيان العارفين“ ۾ ڏنو اٿس ته ڪيئن نه هڪڙي ملامتي فقير جي تنبيہ تي سندس اکين مان اونداهي جون اکياڙيون لهي ويون، ۽ ڪيئن نه معرفت جو ماڳ هٿ آيس:
جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
وري اٽڪل پنجاه ورهين تائين شهر جو پتو ڪونه ٿو پوي. اگرچه انهي مدت ۾ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا ڪلام چيا هوندا، جي زماني جي خوردبرد ڪري الوپ ٿي ويا آهن، سواءِ ڪن چند بيتن جي. بزرگن جا سماع ٿيندا هئا، حلقا لڳندا هئا، واعظ جون مجلسون ٿينديون هيون، جن ۾ اهي معرفت جا ڪلام پڙهيا ويندا هئا. اهڙي قسم جا ٻه ٽي بيت خوش قسمتيءَ سان هٿ آيا آهن. مخدوم احمد ڀٽي رحه حيدرآباد شهر ۾ سماع ٻڌنديئي (930 هه ۾) وفات ڪئي، تنهن بابت روايت آهي ته: هڪ دفعي سماع ۾ ڪنهن سوناري نينگر هي بيت ڏنو:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
هي بيت ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل بالله ٿيا. تنهن تي سوناري وري چيو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين
مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وَٽِي ٿي وڌلهي.
۽ پڻ مخدوم نوح رحه پنهنجي وفات وقت (998 هه) هڪ خاص مريد کي پاڻ وٽ ستت اچڻ لاءِ هڪ بيت ڏنو آهي، جو سندن ملفوظات ۾ مندرج آهي.
مٿين حقيقتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات چوڏهين صدي عيسوي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي اوائل ۾ ٿي آهي. ان کان اڳ سنڌي شعر تي ايترو ته ڌنڌ چڙهيل آهي، جو نور جو هڪ ترورو به نظر نٿو اچي. شاه ڪريم جو ڪلام سنڌي شعر جو وهائو تارو آهي ۽ منجهانئس انهي پرڀات جا پَرتوا پون ٿا، جن جو شمسي شعاع شاه لطيف جي بيتن ۽ ڪافين ۾ ظاهر ٿئي ٿو. شاه ڪريم سنہ 1030هه (مطابق 1620ع) ۾ چالاڻو ڪيو. ان کان پوءِ تقريباً سؤ سالن تائين وري شعر جو دهو ڪونه ٿو پوي، اونده انڌوڪار لڳو پيو آهي.
شاه عنايت صوفي جهوڪ واري جي شهادت جو مال 1130هه آهي. ان بزرگ جا ارشاد ۽ مقولا به ضرور شعر جي صورت ۾ هوندا ۽ جيڪڏهن درگاهه جي متصدين وٽ اڃا تائين سندس ڪلام موجود آهي ته اهو ڪوشش وٺي ڪٺو ڪرڻ گهرجي. شاه شهيد جو مٿو کوڙڻ ۽ لطيفي لات جو شروع ٿيڻ. ڇاڪاڻ ته سچو شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو اثر يا سلسلو ڪڏهن نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي اڃا پوري مس ٿي ٿئي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. اهو نظم جو ڌاڳو ڪڏهن به ڇڄڻ جو ناهي. عربيءَ جي مشهور شاعر ابو تمام جو قول آهي: ولکنہ صوب العقول اذا نحلت سحائب منہ اعقبت سجائب، ”پر اهو (يعني شعر) عقلن جو ماٺو مينهن آهي: جڏهن ان جا ڪي ڪڪر وهي وڃن ٿا ته انهن جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.“
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اهو نظمي ڪلام اڪثر بيتن يا دوهن جي صورت ۾ هو، جن جي ڪمال اچي شاه عبداللطيف ڀٽائي تي دنگ ڪيو. انهيءَ شاعرن جي شاه پنهنجو ڪلام هڪ لاثاني نوع ۾ چيو آهي، جو ايتري قدر معمور معنيٰ آهي ۽ ايتري قدر سوز ۽ گداز، رقت ۽ ميٺاج اٿس، جو کانئس پوءِ آيل شاعرن جي انهيءَ قسم جي شعر مان اهو رس ۽ اها لذت ورلي حاصل ٿئي ٿي. پر شاه لطيف کان اڳ، توڙي ساڳئي ئي وقت، ڪي وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن سنڌي ادب ۽ زبان جي خاصي خدمت ڪئي آهي. کانئن اڳ ڪتابت سموري عربي يا فارسي ۾ ٿيندي هئي، پر هنن پنهنجن ڀائرن سان خاطر ٿيڻ ۽ انهن کي سچي دين جي دڳ تي هلائڻ لاءِ ڪيترائي قيمتي ڪتاب پنهنجي ٻاجهاريءَ سنڌي ۾ لکيا، انهيءَ لاءِ ته عام کي فائدو پهچي. انهن مان هيٺين صاحبن جا نالا قابِل ذڪر آهن: مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم، محمد ابراهيم نقشبندي، خواجه محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، رضوان الله عليهم.
مخدوم ابوالحسن جي سنڌي ته مشهور آهي. هن صاحب سنڌي صورت خطيءَ کي علمي شڪل ڏني، بلڪ ان ۾ اهي خوبيون ۽ نزاڪتون پيدا ڪيائين، جي اڄوڪي ’اَلفباءٗ ۾ به موجود ڪين آهن. ڪنهن مخدوم ضياءالدين جي سنڌي فقہ جي مسئلن تي جدا شعري هم قافيہ فقرن تي مبني آهي، زبان اعليٰ صاف ۽ سليس آهي، اگرچه منجهس ڪو اهڙو حظ ناهي. اهي سڀيئي گڻ ۽ وصفون وري مخدوم محمد هاشم جي سنڌيءَ ۾ آهن، جو پنهنجي پر ۾ بيمثل آهي. ساڳيو ئي سوز ۽ گداز اٿس، جهڙو شاه جي ڪلام ۾، اگرچه ان کان بلڪل نيارو آهي. ”بناءالسلام“ صاف ”اسين، آ آ“ وارين تڪن ۾ چيل آهي، ۽ منجهس ”دين متين جا مسائل درج آهن جنهنڪري عبارت گهڻي قدر رُکي، ۽ اڀوڳي ٿي پئي اٿس. پر عم سيپاري جي تفسير ۽ ”قوت العاشقين“ جي تمهيد ۾، جنهن ۾ سندس روح، الله جي ساراه ۽ رسول جي سڪ ۽ چئن يارن جي مدح ۾ ريلا پيو ڏئي. منجهس اهو جذبو، ميٺاج ۽ رواني آهي جو پڙهندڙن جو قلب جهڄيو پوي ۽ بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڳلن تي ڳڙيو پون. اهڙي قسم جو ميٺاج وري پوئين زماني جي بزرگن، جهڙوڪ ميان عبدالله منڌري، محمد اشرف ڪاماري شريف واري ۽ هارون شاه جي ڪلام ۾ آهي، انهن سڀني بزرگن جو ڪلام شعر ۾ آهي.
خواجہ محمد زمان ۽ فقير گرهوڙيءَ وري پنهنجو طبقو پاڻ ٺاهين ٿا. خواجہ صاحب جا سنڌي ابيات، جن جو تعداد 84 کان به مٿي آهي، هن ضعيف فقير عبدالرحيم جي شرح سان شايع ڪيا آهن، جو اصل دقيق عربيءَ ۾ هو. خواجہ صاحب جن جو نثري ڪلام ۽ وعظ به عربيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سندس اصليت جي خبر پئي نٿي سگهي ته ڪهڙيءَ بناوت تي هو.
خود فقير گرهوڙيءَ جو ڪلام نهايت پاڪيزو ۽ اعليٰ درجي جو آهي، هڪڙن ڪلمن ۾ ته قرآني سورتن ۽ آيتن جو تفسير ڪيو اٿس، پر اهو به اهڙي دلڪش پيرايي ۾، جو ان جي پڙهڻ سان خستگي نٿي ٿئي. ان ۾ سچي شعر جون سڀيئي خوبيون ڪوٽ ڪوٽ ڀريليون آهن. ٻين ڪلمن ۾ وري تصّوف ۽ فلسفي ۾ اچي پلٽيو آهي، ليڪن اعليٰ شعر جي دامن هٿان نه ڇڏي اٿس. اڳين بزرگن جي ڪلام وانگي منجهس رکائي ۽ آلُوڻائي ڪانهي. ان جي پڙهڻ مان لنوُ لنوُ ٺري ٿي ۽ دل کي ڏاڍو لطف ٿو اچي. فقير عبدالرحيم گرهوڙي اسان جو پهريون ئي اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جو نثري ڪلام اسان وٽ پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾ موجود آهي. سندس سارو ڪلام مون گڏ ڪري رکيو آهي، اميد ته جلد ئي کيس جلوه گر ڪيو ويندو.
مخدوم محمد هاشم، بزرگ گرهوڙي، ميان عبدالله منڌري ۽ ميان اشرف جي ڪلام تي عربيءَ جي مشهور شاعر بوصيريءَ جي مبارڪ قصيده ”برده“ جو ڳوڙهو اثر آهي. ”برده“ جو سنڌي مثنوي ۾ ترجمو بزرگ شفيع محمد پاٽائي ڪيو آهي، جو اڃا طبع هيٺ نه آيو آهي نهايت پاڪيزو ۽ رس ڀريو آهي، سنڌي بيتن ۾ وري مولوي علي محمد مهيري آندو اٿس ۽ ڪمال ڪيو اٿس. هي اديب ۽ عالم شخص ويجهڙيءَ ڇَڪَ ۾ گذاري ويو آهي. تازو فارسي مثنوي ۾ شرح سان ترجمو ۽ تفسير وري منهنجي دوست لطف الله بدوي ڪيو آهي، جنهن مان جامي ۽ سعديءَ جون سڪون ٿيون لهن، عبدالله اثر به پاڻ کي انهيءَ ڏس ۾ چڱو موکيو آهي.
شاه عبداللطيف جو ڪلام ته بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ ڪي استاد غواص ۽ روحاني رازن جي درياء جا نهنگ، پيهي معرفت جا موتي هٿ آڻي سگهن ٿا. هن مختصر مقالي ۾ ان جي جدا جدا ماهيتن ۽ موضوعن تي بحث ڪرڻ عبث آهي. سندس نڪو آند آهي نڪو پاند، ان لاءِ جدا هڪ ڪتاب گهرجي ۽ مطالعي سان گڏ فڪر ۽ تدبر، رياضت۽ باطني صفائي جي ضرورت آهي. مطلب ته ان جي سڀني ڪلامي ۽ عرفاني خوبين جي اپٽار جو دم هڻڻ ۽ دعويٰ ڪرڻ محض جسارت آهي. کانئس پوءِ سچل ۽ سوامي جو ٿورو ذڪر ڪرڻ واجب آهي. سچل جو ڪلام پڻ بيتن ۽ ڪافين تي مبني آهي، اگرچه ڪين گهٽايو اٿس، پر شاه جي ڪلام کان ڪئين ڪوهه پوئتي آهي. سندس بيتن ۾ اهو چَسُ ناهي ۽ نڪي ڪي وري سندس ڪافين ۾ اها شيريني ۽ سلاست. پنهنجي ڪلام ۾ تصّوف گهڻو ئي ميڙيو اٿس ۽ اناالحق جي نعري کان به ڪين گٿو آهي، پر ائين چئجي جيئن چچڙي ۽ هڏن جي ڪڙ ڪڙ. ماڳهين شريعت جي ليڪي کان لنگهي وڃي تار ۾ پيو آهي. ڪافين ۾ سو مستي ۽ موج واه جي اٿس. گويا ڏنڊو يا چمٽو کڻي رقص پيو ڪري. پر شاه جي واين واري منجهن لذت ڪانهي. سوامي وري ويدانت جي واٽ ورتي  آهي. سندس ٻولي هندڪي آهي ۽ سنسڪرت جي غير مانوس لفظن ساڻ ڀريل آهي. ڪو ڪو شلوڪ لڀندو، جنهن مان دل کي ورونہ ايندي، يا قلب تي رقت طاري ٿيندي نه ته سراپا خشڪ ۽ بي سوادي آهي.


قديم سنڌي شاعري |لطيفيات|ڊاڪٽر علامہ دائود پوٽو

شاه ڀٽائيءَ کان اڳ قديم سنڌي شاعري  
اسان جي پياري سنڌي زبان گهڻو آڳاٽي آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اها سڌيءَ طرح پراڪرت زبان جي وراچبا ڀاشا مان نڪتل آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جو اصل سنسڪرت سان نٿو لڳي. شايد اهي قديم مرده زبانن جا آثار آهن، جي اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ رهجي ويا آهن. هي تسليم شده ڳالهه آهي ته سنسڪرت زبان آريه لوڪن هند و سنڌ ۾ آندي. ليڪن آرين جي اچڻ کان هزارها سال اڳ سنڌ کي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجو تمدن هو، جنهن جا آثار موئن جي دڙي ۽ ٻين دڙن جي کنڊرات مان ظاهر آهن. قديم موئن جي دڙي واري ٻوليءَ جو نالوسميري ۽ ٻين قديم ٻولين سان وڃي لڳايو اٿن ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان جي جڙ اهي قديم ٻوليون آهن.
اگرچه پڪ سان چئي سگهجي ته سنڌي ٻولي موجوده صورت ۾ ڪڏهن ڳالهائڻ ۾ آئي. عرب سياح جهڙوڪ اصطخري ۽ مقدسي جيڪي ڏهينءَ عيسوي صديءَ ۾ سنڌ آيا، تن صاف لکيو آهي ته ان وقت ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون ۽ تقريباً ساڳئي زماني ۾ مشهور اديب البيروني پنهنجي تاليف ڪتاب الهند ۾ ڄاڻايو آهي ته ان وقت ڏاکڻي سنڌ ۾ ويندي ساحل تائين ملواري الفباء رواج ۾ هئي، ۽ ڪن ڀاڱن ۾ ارڌ ناگري رسم الخط چالو هو. پر يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اهي اکرن جا نمونا ڪهڙي وقت عربي رسم الخط ۾ تحويل ٿي ويا. اها تبديل ضرور درجي بدرجي ٿي هوندي. منهنجي راءِ آهي ته جيئن سنڌ جا رهاڪو زياده تعداد ۾ مسلمان ٿيندا ويا، تيئن انهن جاهليت جي رسمن سان گڏ اهي هندو رسم الخط جا آثار به درگذر ڪري عربي صورتخطي اختيار ڪئي هوندي. ساڳيو رنگ ايران ۾ ٿيو. مجوسين جي اقتدار ٽٽڻ بعد سندن زبان پهلوي به ناس ٿي ويئي ۽ ماڻهن عربي لکڻ جو نمونو اختيار ڪيو.
بهر حال آڳاٽي ۾ آڳاٽو سنڌي عربي لکڻ جو نمونو جو اسان وٽ موجود آهي، سو آهي ”شاه ڪريم جا بيت“، جي خاص سندس مريد محمد رضا 1038 هجري ڌاري پنهنجي ڪتاب ”بيان العارفين“ ۾ درج ڪيا.  اگرچه اهو لکڻ جو نمونو نهايت ناقص آهي، جو مرحوم ميرزا قليچ بيگ صاحب جهڙو عالم به انهن بيتن کي پوري طرح درست ڪري نه سگهيو. جيتوڻيڪ انهن جي اکري معنيٰ باقاعدي پارسي ۾ ڏنل آهي، ته به اهي گهڻي مشڪل کان پوءِ پڙهي سگهجن ٿا. انهن اکرن ۾ ”هه“ جو اچار ۽ ”نون جا غنو“ بلڪل ناهي، ۽ سڀڪو سمجهي سگهندو ته سنڌي ”الفباء“ ٻاونجاه آواز عربيءَ جي ٽيهن حرفن ۾ ادا ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي.
دنيا جي سڀني ادبن وانگر سنڌي ادب به شعر سان شروع ٿئي ٿو. انسان ذات کي جڏهن ٻوليءَ جي ڏات عطا ٿي، تڏهن کيس پنهنجي وندر لاءِ راڳ جي به نعمت بخشي ويئي. تنهن ڪري بلڪل بديهي امر آهي ته سنڌي زبان جي وجود ۾ اچڻ سان ان ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه شعر به چيو ويندو هوندو، ليڪن افسوس جي ڳالهه آهي ته اهي پراڻا دفتر اسان جي هٿن تائين نه پهتا آهن. سو ته ڇڏيو پر رڳو عربن جي زماني جي تاريخ به اسان تائين سلامت نه پهتي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن عربي زبان ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو، جنهن لاءِ عربي ادب، تاريخ ۽ ديني علومن ۾ اڪيچار شاهديون آهن. اهڙي طرح سنڌي عبقريت قبل از اسلام واري زماني ۾ به ضرور پنهنجو ذاتي جوهر ڏيکاريو هوندو. پر ان لاءِ حال في الحال اسان وٽ ڪا اهڙي زبردست ثابتي ڪانهي. اسلام پاڪ جي اچڻ بعد سنڌين پنهنجون اوائلي روايتون وساري ڇڏيون، ۽ سندن دليون اسلام جي خالص تعليمات سان معمور ٿي ويون، ۽ اڳڀرو هلي تصّوف جي اثر هيٺ نوان گل ڪڍيائون.
شعر جا آڳاٽا نمونا، جيڪي اسان جي هٿن تائين رسيا آهن، تن تي مذهب ۽ تصّوف جو ڳوڙهو صبغو چڙهيل آهي، ۽ ناصحاڻي سانچي ۾ سنڃيل آهن. انهيءَ اوائلي شعر ۾ اگرچه ايتري رواني ۽ ايترو تخيل ۽ نغمو ناهي، ته به اهو هلي هلي دلڪش راڳ ٿي پيو، ۽ ان جو انتها ڪمال شاه لطيف جي ڪلام ۾ ظاهر ٿيو. اسان جي سنڌي ادب جي اها بدبختي آهي، جو اسان جا ڪهنا اديب ۽ عالم عربيءَ ۽ فارسيءَ کي چهٽي پيا ۽ پنهنجي مادري زبان تي ڪوبه توجهه نه ڏنائون. انهيءَ جي معنيٰ اها ناهي ته سڀني ماڻهن کي عربي يا فارسي ايندي هئي. بلڪ ائين چوڻ برحق آهي ته عام ماڻهن جي زبان سنڌي هئي ۽ انهن پنهنجي اندر جا راز ۽ جذبا ضرور سنڌي زبان ۾ ظاهر ڪيا هوندا. ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا هوندا جن پنهنجا خيال پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ ۾ ادا ڪيا هوندا، پر زماني جي بي اعتنائيءَ ڪري اهي قلمبند نه ٿيا ۽ دنيا جي پٽيءَ تان ميسارجي ويا. ازانسواءِ عربن وانگي منجهن راوين جو دستور ڪو ڇڊو هو، جو سندن آواز پونيَرن کي پهچي. انهيءَ ناقابل معافي غفلت اسان جي ادب ۽ تاريخ کي عظيم نقصان پهچايو آهي. مان بلڪل تاڪيد سان چوان ٿو ته عربن جي دور ۾ سنڌي شاعري ضرور موجود هئي، جيئن هيٺينءَ حڪايت مان ظاهر آهي: مجمل التواريخ جو مصنف، برمڪين جي سخا جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته ”هڪ دفعي ڪو سنڌ جو ماڻهو فضل بن يحييٰ برمڪي وٽ آيو ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت چيائين:
اره بره کنکره کراکري مندره
فضل پڇيو ته: هي ڇا ٿو آکي؟ تنهن تي ترجمان چيو ته هيئن ٿو چوي!
واذا لمکارم في آفاقنا ذکرت
فاِ نما بڪ فيها يضرب اُلمثل.
(جڏهن اسان جي چوڌاري ملڪن ۾ چڱا ڪم ياد ڪيا ويندا، تڏهن تنهنجي ئي نالي پهاڪو ڏنو ويندو). تنهن تي فضل کليو ۽ کيس هزار دينار انعام ڏنائين ۽ سهڻي سروپا پهرايائين ۽ ڪيترائي اُٺَ ۽ چوپايا ڏيئي روانو ڪيائينس. ترجمان کي پڻ پنج سؤ دينار بخشيائين ۽ چيائين ته اسان کي هي زبان نٿي اچي.“ افسوس جو اهو بيت اڃا صحيح طور پڙهي نه سگهيو آهيان. اميد اٿم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ بيت تي ڪافي روشني وڌي ويندي.
ڳالهه ڪري ڪيئن به هجي، پر اهڙا گهڻائي سنڌي شاعر گمناميءَ جي گوشي ۾ مري کپي ويا هوندا. جن جو شعر جيڪر اڄ اسان جي اکين جو ٺار بنجي ها، تنهن هوندي به ساموئيءَ جي هفت تنن جا، جا ست بيت، جيڪي ايندڙ زماني جي اڳڪٿي ڪن ٿا، سي اڃا موجود آهن، پر شيخ جمالي (وفات 1326ع)، شيخ ڀرئي، درويش راڄي ڪامل ۽ ٻين قديم بزرگن جا بيت اُمّ کي غائب ٿي ويا. رڳو اسحاق آهنگر (لوهر) ڏي منسوب ٿيل بيت قائم آهي،  جنهن ۾ هڪ عجيب خوبي رکيل آهي:
”ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ تي
مانَ چؤنم ڊرڪ، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ سان.“
جيڪڏهن اندلس جو هڪ مهذب عمدو شاعرابن زيدون هيئن چوي ته ”ڪاش مان ڏندڻ هجان“ جو معشوق ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ چپن سان لائي“ ته آهنگر جو هي بيت به نزاڪت کان خالي نه آهي. انهن آڳاٽن شاعرن کي ڇڏيو، پر ڪن تمام مشهور شاعرن جو سنڌي ڪلام،  جهڙوڪ درس الهڏني جو ڪلام، جو سيد علي ثاني (وفات 971 هه) جو معاصر هو ۽ ساڻس بيت بازي به ڪندوهو. يا يوسف سهتي ۽ مخدوم محمد معين (وفات 1748ع) جو ڪلام اڄ عدم پيدا آهي، اگرچه اهو پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ معروف هو، هي سڀ اسان جي تذڪره نويسن ۽ مورخن جي تساهل ۽ غفلت جو نتيجو آهي.
هن بعد اُهي ٻه بيت آهن، جن جو لاڳاپو هالن پراڻن جي مخدوم احمد ڀٽي رحه جي وفات سان آهي، جنهن جو ذڪر تحفةالڪرام جي مولف ڪيو آهي. خوش قسمتيءَ سان اهي بيت ڀٽي بزرگن جي خانداني روايتن ۾ محفوظ آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ لڱا نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع جي محفل هئي. جنهن ۾ مخدوم صاحب به شامل هو. اتي هڪ سوناري ڇوڪر هي بيت ڳايو:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
ميين عيسي پنهنجي سنڌيءَ ۾ اهو ساڳيو بيت هن ريت ڏنو آهي. چي، هڪ بزرگ فرمايو آهي:
سَڏُ سڃاڻي پرينءَ جو، واڪي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوسن سين، سي ڪڄاڙي کي ڪِنَ،
طلب نه سُڄي تن، هُنهم سَڌ سڏائيون.
اهو ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل بالله ٿيا. تنهن تي سوناري ڇوڪر وري هي بيت ڏنو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڪن سين
مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌلهي.
ساڳيو ئي بيت شاه جي رسالي ۾ هن ريت خواه مخواه شامل ڪيو ويو آهي:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، آڻي خنجر کوڙ
مرڻا منهن مَف موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.
وچين سٽ ڪنهن ڄاڻي واڻي ٽنبي آهي ۽ پهرين توڙي پوئين سٽ سان ڪوبه واسطو ڪونهيس. نڪي ڪي اهڙو لفظي تڪرار وري شاه جي شان وٽان آهي. جنهن صورت ۾ اهو واقعو 1528ع ۾ ٿيو، تنهن صورت ۾ اهي ٻئي بيت انهيءَ سال کان گهڻو اڳڀرا ٿا ڀانئجن ۽ سچي سنڌي شعر جي شروعات تي دلالت ڪن ٿا. انهن کان پوءِ قاضي قاضن (وفات 958ع) جا ست بيت آهن، جي هن ضعيف پهريائين پهريائين واضع ڪيا آهن، نه ته شاه ڪريم جي ڪلام ۾ خلط ملط ٿي ويا هئا. اهي ثابت ڪن ٿا ته قاضي قاضن هڪ بلند مرتبي جو ”وحدت الوجودي“ صوفي بزرگ ۽ شاعر هو، جيئن سندس هيٺئين بيت مان پڌرو آهي:
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي
هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.
شاه ڪريم ان جي مقابلي ۾ وري هيئن فرمايو:
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي سڀ ڪنهن
نابودي نه ٿيي، اي ناديدي جهت.
قاضي قاضن جو گهڻوئي شعر ٿو ڀانئجي، پر زماني جي خرد برد ڪري معدوم ٿي ويو آهي. اهڙي طرح حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليہ به پنهنجن ارشادن ۾ ڪيترائي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر عام طرح ٻه ٽي مشهور آهن. هيٺيون بيت روحاني راز سان ڀريل آهي:
پئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا
روئي چري رات، ڏسي ڏکوين کي.
 سندس وفات 27 ذوالقعد 998هه جمعي جي رات واقع ٿي، مگر سومهڻي نماز بعد مسجد مان نڪرندي فرمايائون ته:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سُکي چاٽ
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻئا.
وفات کان ٿورو اڳ پنهنجي خاص خليفي ابوبڪر لڪياريءَ کي ساريندي چيائون:
ابوبڪر آءُ سامين سفر چتائيو
متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي.
 خليفي ابوبڪر کي مڪاشفي ۾ اهو احوال معلوم ٿيو ۽ هي بيت پڙهندو فوراً اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو:
اچان ٿو اڃان، ڪجو ڪا ذري جي جٽا
متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي.
تاريخ 21 فبروري 1950ع تي جناب مخدوم غلام حيدر صاحب جي خدمت ۾ حاضر هوس، جن کان مخدوم صاحب عليہ رحمت جي وڌيڪ ڪلام بابت استفسار ڪندي معلوم ٿيو ته هڪ دفعي ڪنهن سوالي اچي سندن در تي سين هنئي:
سمي ڄام آئي، عالم سڀ آجو ٿيو.
تنهن تي پاڻ فرمايائون:
سمو به ساٿين گڏ، تون به لوچج لڄ کي
هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪج
ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي جي به سوڀ ٿئي.
منهنجي خيال ۾ هي بيت مخدوم صاحب جن جو نٿو ڀائنجي، ڇاڪاڻ ته ان جي عبارت گهڻو ڪريل آهي. ساڳئي وقت ڌاري. مخدوم پير محمد لکوي هڪ عاليشان شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪلام ”بياض خادمي“ ۾ مندرجه آهي، جنهن جو اختصار منهنجي دوست لطف الله بدوي پنهنجي تذڪره ۾ ڏنو آهي. انهيءَ شعر ۾ صبا کي پنهنجو قاصد بنائي نهايت دلڪش الفاظن ۾ پاڻ ڪريمن ڏي نياپو ۽ نياز موڪلي ٿو:
اي صبا واء صبح جا، خاطي خير هٿان
تون ريٻارو رحمان رحمان جو، ۽ قاصد قريبان
تون ميانچي محبوبن جو، پَيڪ سندو پريان
تون پانڌي پيارن جو، اولي اکڙيان
تون ساٿي سڪاين جو، ماهر مشتاقان
آڻين عجيبن جون، خبرون خوشحالا.
نين نياپا نينهن جا، واڍوڙين وٽان
آنا املح قول جنين، سلوڻا سڄڻا
حُب جني جي هيريو، هِنيون حيرانا
سڪ تنين جي ساه کي، سڪايو سوڪا
ونءُ تون مِٺا وائُڙا، واقف واٽِڙيا.
هيءَ مناجات خاص لنبي آهي. اهڙي قسم جو شعر مخدوم محمد هاشم، عبدالله منڌري ۽ پير محمد اشرف جي هٿن ۾ ڪماليت کي رسيو ۽ انهن سڀني سنڌي شاعرن تي ابن الفارض جي تائيہ ۽ بوصيري جي برده جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي.
هينئر اسين شاه ڪريم جي زماني (944، 1032هه/ 1537، 1623ع) کي اچي ويجها پيا آهيون، جنهن حضرت مخدوم نوح وٽان فيض پرايو ۽ جنهن کي سنڌي شعر جو ”وهائو تارو“ ڪري چئجي ته جڳائي. دوهرو جنهن جو قاضي قاضن موجد هو، سو شاه ڪريم جي هٿن ۾ پختو ٿيو ۽ ڪمال کي پهتو. سندس شعر ڪلي ٻه، تُڪا بيت ۽ ٽِه تُڪا بيت (جن مان هڪ پراڙ نالي شاعر جو ڏسجي ٿو) ۽ هڪ مصرع آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته شاه ڪريم جي وقت کان وٺي دوهري جي تُڪن ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. اهي ٽِه، تُڪا ٻه بيت هي آهن:
جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ
تان سڃي سيڄ پرين ري، پنهون پڌر ناه
نڪرندي چياءِ، گهوڙا گهر نه سپرين.
_________
جهوڙيرا جهڻڪن، مٿس مين مڱڻا
سپڙ رات سمگئا، ڏکيا ڏيهه ڏسن
گهر ٿا گهوٽ وڃن، چِندا لٿي چارڻين.
شاه ڪريم جو شعر قدامت جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گونا گوني سا ڪانهي، باقي سچ، سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ موجود آهن. پڙهندڙن کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي. سندس ڪلام سريلو ۽ سوزناڪ آهي. ڪيترابيت ته اهڙا آهن جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهي وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ ۽ تصّوف تي آهن، جن ۾ عرفان ۽ اِيقان جا موتي پُوتل آهن. توحيد، وحدت درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ ۽ ايجاز سان بيان ڪيا اٿس. مطلب ته شاه ڪريم جا بيت سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن، جن کان سواءِ هوند سندس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. اهي بيت صاف سنڌيءَ ۾ چيل آهن ۽ منجهن عربيءَ ۽ فارسيءَ جي گهڻي آميزش ڪانهي ۽ اهي انهيءَ ڳالهه تي پڻ دلالت ڪن ٿا ته اسان جي سنڌي زبان ٻين زبانن جي محتاجيءَ بغير اونهن روحاني افڪارن جو تعبير ڪري سگهي ٿي. شاه ڪريم جا اڪثر بيت سواءِ ڪنهن تحقيق جي شاه جي رسالي ۾ گڏجي مسجي ويا آهن ۽ ڪيترائي تنگ ظرف ماڻهو انهن کي شاه جو سمجهي ڀري مجلس ۾ انتشار ڪندا آهن.
اڳي اهو خيال ڪيو ويندو هو ته شاه ڪريم جي وفات کان پوءِ وري شاه عنايت جي شهادت تائين ڪو اهڙو نامي گرامي اديب يا شاعر سنڌ ۾ ڪونه پيدا ٿيو. مگر اِها وڏي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته ادب يا شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو سلسلو ڪڏهن به نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي مس پوري ٿئي ٿي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. عربيءَ جي هڪ مشهور شاعر ابو تمام جو مقولو آهي:
ولڪنہ صوب العقول اِذا اُنجلت
سحائب منہ اعقبت بسحائب.
(يعني شعر عقلن جو ماٺو مينهن آهي. اڃا مس ان جا ڪي ڪڪر وسي وڃن ٿا، انهن جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.)
ٽيون سال اتفاق سان عزيزم پروفيسر قاضي نبي بخش جي معرفت بيان العارفين جو هڪ نسخو مليم جنهن سان گڏ لطف الله قادريءَ جو هڪ نادر فارسي ڪتاب ”منهاج المعرفہ“ به شامل هو، جو هن 1078هه ڌاري لکڻ شروع ڪيو، يعني شاه لطيف جي ولادت کان چوٽيهه ورهيه اڳي. منجهس قادري طريقي موجب 13 باب سلوڪ جا ڏنل آهن. هرهڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻه بيت سنڌيءَ ۾ ڏنا اٿس. اهڙا بيت ڪل 10 آهن، جن مان هڪ ٽِن سِٽن وارو، ڏهه چئن سٽن وارا، ٻه پنج سِٽا، هڪ ڇهه سِٽو ۽ هڪ ست سِٽو بيت آهي. انهن مان خبر پوي ٿي ته شاه ڪريم جي وفات کان ٿورو پوءِ سنڌي بيت ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي ويئي هئي. اها ڳالهه غلط آهي ته شاه لطيف ئي دوهري جي سٽن ۾ واڌارو آندو. مثال طور هڪ نموني جو بيت ڏجي ٿو:
ٽه سٽو
”لا“ سين لهه ٿئون، پار ”اِلہ“ جي آئيا
ڪين کنيائون پاڻ سين، سچو پهه پئون
وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان جي.
چؤ سٽو
اولياء تن عالم ۾، جيئن ستون منجهه گهرن
تئان ڪڙڪي هيڪڙي لڏي سڀ وڃن
هوءِ جوکو جيءَ تنين، هيجي ساڪن سنداتن
منجهي سڀ وڃن، مَتِيون ماڳ ڌڻين کي.
پنج سٽو
سيئي سالڪ هلئا، واٽون ويهه وهن
ڪوڏان پسون قطارئا، پانڌي لءِ پرين
اُوءِ هيجان هلئا حق ڏونه، ٻيون ڏيو ٻن
اوري ڪن نه آسرو، تاڻئو توڙ وڃن
وادي تنهن رهن، جت ري پرينءَ ڪين پسجي.
ڇهه سٽو
جنهن پنڌ نهايت نا ڪا، نڪو انت نه ڇيهه
سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيہ
ان هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چيتا ٿو چليہ
اوري ڪر مَ آسرو، وادي وچ مَ ويہ
ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيہ
ته سو پسين ڏيہ، جنهن کي سڪي سڀڪو.
ست سٽو
تان ڪو ڏهو پهيڙا، سنيهڙو سندونءَ
ڪينءَ پانڌيڙا پنڌ ۾، ڪنهن پر اُهڃاڻون،
ڪنهن پر هلن حق ڏونہ، ڪنهن پر وصالونءِ
ڪينءَ فاني ٿيا في الله ۾، ڪنهن پر مشاهدون
ڪهڙو حال حقيقت ان جو، ڪهڙو پنڌ پرونِ
لايعلم تاويله الاالله، اونهون ان سندون
ڪو نه ڄاڻي منجهونِ، اوءِ ٻجهڻا ٻهر ٿيا.
شاه لطيف جو اڀياس انهن ٿورن بيتن جي مطالعي مان معلوم ڪندا ته شاه صاحب ڪيتري نه قدر اڳين بزرگن جي ٻولي ڪم آندي آهي. لطف الله قادريءَ جو ٻيو به ڪتاب سلوڪ تي لکيل آهي، پر اڃا اسان جي نظر نه چڙهيو آهي. هي شخص هڪ وڏي پايي جو صوفي بزرگ، مصنف ۽ شاعر ٿو ڏسجي. سندس زندگيءَ جو احوال هيل تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
اهڙيءَ طرح لطف الله قادري جهڙا ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ شاعر ٿي گذريا هوندا، جي گلاب جي گلن جيان برپٽ واسي زماني جي تند رفتار اڳيان الوپ ٿي ويا ۽ ڪنهن به لکندڙ سندن بي واقع ۽ گمنام هستيءَ جو احوال پوئين لاءِ ڪونه ڇڏيو.
هن کان پوءِ ستت ئي لطيفي دور شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاه عنايت نصرپوري، مخدوم محمد معين، ميين عيسيٰ، مخدوم محمد هاشم، خواجہ محمد زمان ۽ شهيد گرهوڙيءَ جهڙا عظيم الشان بزرگ شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن جنهن جو بيان ڪرڻ هن موضوع کان ٻاهر آهي. قديم دور جي شاعرن جي شاعري بيتن ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي، جن ۾ الله ۽ سندس رسول جي واکاڻ ۽ سلوڪ ۽ روحانيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. انهن جي سنڌي جبل جي چشمي وانگر صاف ۽ پاڪ آهي ۽ مٿس فارسي زبان جو برو اثر نه پيل آهي. جيئن متاخر ۽ موجود شاعرن جي ڪلام تي جنهن فارسي ترڪيبن جي جهجهائي ۽ زير اضافت جو زور آهي، ۽ جو چنڊ شهري دماغ ڦريل شاعرن بغير ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو. رب تعاليٰ توفيق ڏني ۽ عمر بخشي ته مستقبل قريب ۾ ”ادبي ذوق“  تي مقالو لکي موجود شاعري تي مبسوط تبصرو ڪيو ويندو.

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون