Showing posts with label مضمون. Show all posts
Showing posts with label مضمون. Show all posts

Sunday, January 28, 2024

ريڊئي کان ٽي وي تائين جو سفر | منير حيدر لغاري

 

ريڊئي کان ٽي وي تائين جو سفر

منير حيدر لغاري

.

لڳ ڀڳ ڇهـ ڏهاڪا سال اڳ، جڏهن ٻهراڙين ۾ اڃا سائنس بانبوڙا پئي پاتا، ڳوٺ سائنس جي تخليقن کان اڃان ايترا آرائستا نـ ٿيا هئا. تڏهن ڳوٺن تائين اڃان صرف مارڪوني جي ايجاد پير پاتو هو، ملڪ دنيا جي خبر چار وٺڻ جو واحد ذريعو ريڊيو هو ۽ تڏهن هٽ هوٽلن ۾ ريڊئي کي وڏي اهميت حاصل هئي.  نانا حاجي نصير جي چوڻ موجب جڏهن سڄي ڳوٺ ۾ پهريون دفعو ادي ڌڻي بخش پنهنجي هوٽل لاءِ ريڊيو وٺي آيو هو تـ ان کي ڏسڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ هر ڪنهن وات واه واه لڳي پئي هئي. ماڻهو جي حيراني جو ڪاٿو ئي نـ هو جڏهن ان چار پنج ڦٽ جي پيتي نموني ريڊئي مان جڏهن سريلا آواز ۽ آلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا تـ خانڻ سرڪار نالي ڳوٺ جو سکيو ستابو ماڻهو ريڊئي تي هلندڙ گيتن تي مدهوش ٿي پيو پئسا گھوريندو هو  ۽ ڀلا ڀاڳ ان ريڊئي جي مالڪ جا جنهن جا پيا کيسا گرم ٿيندا هئا. خانڻ تـ مائٽن طرفان رکيل نالو هيس پر  سرڪار شايد سٺي پئسي وارو هجڻ ڪري  پيو هجيس. 

.

خانڻ سرڪار ٻيو انڪري بـ مشهور هو تـ خانڻ سرڪار جي موجودگي ۾ ٻاهر کان آيل مهمانن توڙي مسافرن جو خرچ بـ خانڻ سرڪار جي ذمي هوندو هو. ريڊئي جي عروج ۽ ڪمال کي ڌڪ رسائيندي جڏهن ٽيليوزن اچي پنهنجا رنگ ڏيکاريا تـ ماڻهن جون وايون ولڙيون ٿي ويون،  ڏندين آڳريون اچي وين اصل حيرت جي ڪا حد نــ رهي. رکي رکي اها سوچ پئي کائيندي هئي تـ ايترا سارا ماڻهو، گھر، گاڏيون آخر هن ٽن چئن فٽن جي ٽيليوزن ۾ ڪئين سمايا!

پي ٽي وي جي سروس سدائين خراب هجڻ ڪري ٽي وي جا شوقين پي ٽي وي کي  ڏسڻ لاءِ وڏيون وڏيون انٽينا وٺي ڪوٺي مٿان بانس ٽنگي وري تِروَرن ۽ شوڪاٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ انٽينا جا رُخ مٽائڻ کان وٺي ٻيون بـ الائي ڪيتريون ٽلون وڙهائيندا هئا ، هڪ ماڻهو بانس يا سيخ کي پيو ڦيرائيندو هو تـ ٻيا وري پيا هدايتون ڏيندا هئا ۽ تمام گھڻي مٿي ماري کانپوءِ وڃي ڀٽاري پي ٽي وي ڏسڻ جي قابل ٿيندي هئي. 


 پر سندن انهي شوق منجھان ڪنهن بـ قسم جي گھٽتائي يا بيزاري  پيدا نـ ٿي. قرب محبت جي گھڻائي هجڻ ڪري تڏهن گھر توڙي اوطاقن تي  ماڻهن جي گھڻائي بيزاري نـ پر عزت لائق سمجھيو ويندو هو، ان سبب ٽي وي ڏسندڙن جون شفٽون لڳل هونديون هيون  ڏينهن جو ٽي وي اوطاق تي تـ شام ڌاري وري گھر ۾ جتي پاڙي جون پوڙهيون پڪيون ننڍيون نيٺيون اچي گڏ ٿينديون هيون ۽ ٽي وي تي مٽجندڙ  “سين” سان چهري جا تاثرات بـ پيا مٽبا هئا ڪڏهن ٽهڪن جي صورت ۾ ۽ ڪڏهن وري ڇرڪن جي صورت ۾  تـ ڪڏهن وري هانو ڦاڙ دانهن جي صورت ۾ اڀرندا هئا. اڻ ڄاڻائي ۽ سادگي جي گھڻائي سبب ڪنهن سين ۾ جي ڪنهن جو موت ٿيندو هو تـ ان لاءِ عورتون پِڙَ ڪڍيو پيون روئينديون هيون ۽ جيسيتائين ڪنهن ٻئي سيريل ۾ ڏيکاري ڏي تيسيتائين ان جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ  پيو صدقو ڏينديون هيون، پر انجي ٻيهر جيئري ٿي وڃڻ انهن کي ڪيترن ڏينهن تائين سندن متيون منجھائيو ويٺو هوندو هو. فيض حسين جي ذڪر موجب تـ علو جڏهن کانس پي ٽي وي تي هر جمعي تي ايندڙ فلم جي هيرو جي باري ۾ پڇا ڪيائين تـ مون ٻڌايومانس تـ  نديم، منهنجو نالو وٺڻ سان ئي علو زوردار تڦڙ واهي ڪڍي ۽ چيائين مون سان ڪوڙ ٿو ڪرين نديم پوئين فلم ۾ جو مري ويو. هڪ ڳوٺاڻي موجب ٽي وي جي خراب ٿيڻ تي شهر کان مستري گھرايو ويو جڏهن هو ٽي وي کولڻ ويٺو تـ اسان ان خيال سان پئي گھوريو تـ اجھو ٿا ٽي وي مان ماڻهو نڪرن پر جڏهن ٽي وي کلي ۽ اکين اڳيان تارُن وائرن جو ڍير ۽ ننڍا وڏا پرزا جو ڏٺا سين تـ حيرت جي ڪا حد نـ رهي ۽ رکي رکي ٽراسسٽرن ۽ ڪنڊينسرن کي هيرو ۽ هيروئن پئي سمجھيوسين.

مشهور ڪهاڻيڪار سنڌي اديب جنهن ۾ امر جليل، آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، عبدلقادر جوڻيجو، علي بابا ۽ نورلهدا شاهـ، جن جي لکيل پي ٽي وي تي هلندڙ ڊرامن   اسان جي ڪلچر ۽ معاشرتي مسئلن جي سٺي نموني سان عڪاسي ڪئي آهي  جنهن جو تصور شهر ۾ رهندر ماڻهو نٿو ڪري سگھي. انهن ۾ علي بابا جو لکيل “دنگي منجھ دريا” کي بين الاقوامي ڊرامن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي سڀني ڊرامن مان پهريون انعام مليو هو، عبدالقادر جوڻيجو جي “راڻي جي ڪهاڻي” کي ايڏي تـ مقبوليت ملي جو ان کي اردو ۾ “ديوارين”  لکي پيس ڪيو ويو ۽ نورالهداشاه جو لکيل “جهنگل  ”اردو ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ معاشرتي براين کي کولي ڏيکاريو ويو. ان کانپوءِ ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ ڇوٽي سي دنيا، باک، آئينو، بدنصيب ٿري، وساريل واٽون، هٿين گل مهندي، اڃان ڪي آهين “ ۽ چاند گرهن”  جنهن بين الاقوامي مڃتا ماڻي. تڏهن جي اداڪارن جنهن ۾ انور سولنگي، منطور مراد، شفيع محمد شاه، يار محمد شاه، حسن قاضي، قيصر خان نظاماڻي، محمود صديقي، بدر خليل، نور محمد لاشاري، روشن عطا، انور بلوچ،  غزل صديقي، ماه نور بلوچ، سڪينا سمون، جن پنهنجي پنهنجي ڪردار کي ڀرپور نموني سان نڀايو ٿي.  


ان کانپوءِ جڏهن رنگين ٽي وي ۽ وي سي آر جو دور آيو تـ ماڻهن کان پي ٽي وي سان گڏوگڏ نديم ، بابرا شريف، انجم کي وساري  دليپ ڪمار، اميتاب بچن، ڌرميڌر، گوندا، سلمان خان، عامر خان، اجي، انيل ڪپور، اڪشي ڪمار ، ڪاجل، سري ديوي، ماڌوري، ريکا، شرميلا ٽگور، جيا بچن، ڪرشما ڪپور سندن ذهنن تي وري  ڇائجي ويا اڳي جيڪا بابرا شريف خوابن ۾ ايندي هئي سو هاڻ وري ريکا خوابن ۾ اچڻ لڳي. ان کانپوءِ ڳوٺ جي هٽ هوٽلن تي بـ وي سي آر کي وڏي اهميت حاصل هئي، هوٽلن جي مالڪن غريب عوام لاءِ نوان پيڪيج متعارف ڪرايا جن ۾ وڌ ۾ وڌ عوامي پيڪيج ڪامياب ٿيو جنهن ۾ پنج رپين ۾  فلم سان گڏ چانهن مفت ۾ هوندي هئي ۽ انهي پيڪيج  مان گھڻن ماڻهن فائدا ورتا.

 وي سي آر جا گھڻا شوقين مڇي ماني واري حيثيت رکندڙ ۽ جنهن ڏي  ٽي وي ميسر هوندي هئي تـ اهو وري شهر مان ٻـ سو رپيا رات ۽ پنجاه رپيا في ڪيسٽ تي ڪرايو ڀري اٺ ڏهـ فلمن سان ٻن ٽن ڏينهن جي لاءِ وي سي آر کڻي ايندا هئا، ان کانپوءِ  مڙس ڌنڌو ڌاڙي ڇڏيو  ڏينهن کي رات تـ رات کي وري ڏينهن ڪندا هئا. مطلب تـ وي سي آر جو دور بـ عروج تي رهيو جنهن ماڻهن جي ذهنن تي ٻين ڪلچرن جا ڪيئي رنگ چٽيا. سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾  وي سي آر جي ذڪر سان محبوب کي معيارون ڏيندي چئي ٿو.


اوهـان سـڄـو ڏينـهـن وي سـي آر ڏسـو،

پـنهـنـجـو پيـار وساري ٻين جا ٿا پيار ڏسو،

اســين  ڪـــهڙو   ٻـــڌايون   قـــصو؟

دک دل ۾ گھـسي آيـا ڄڻ ديس ۾ ڌاڙيلا.

دنيا ترقي ڪندي رهي ٽيڪنالاجي پنهنجي ڪوڪ منجھان نين شين کي جنم ڏنو  ۽ اسان جي ڏتڙيل، ڏکايل سورن ماريل قوم جي دل وندرائڻ لاءِ ڊش، ڪئبل ۽ سي ڊي پليئر  جھڙا تحفا ڏنا. شهرن ۾ ڪيبل جو عام جام تـ ٻهراڙين ۽ ڪچي  وارن علائقن ۾ سي ڊي پليئر ۽ ڊش پنهنجا پير ڄمايا.

2010  کان 2011 واري ٻوڏ دوران اين جي او ۾ ڪم ڪندي جڏهن ميرپورخاص ۽ کپري جي ٻوڏ متاثر علائقن کي اکين

ڏٺو سين تـ انهي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ هزارين گھر لهڙي ويا، لکين ايڪڙن جو فصل تباه ٿي ويو، هزارن جي تعداد ۾ پالتو جانور موت جو شڪار ٿي ويا هئا، پنهنجا اباڻا پنڊ ڇڏي مٿين سطح وارن جڳهن تي عارضي اجھا ٺاهي ويٺا. مگر انهن عارضي اجهن جي ڇتن مٿان ڊش جا وڏا وڏا کارا اهڙو تـ ڏيک پئي ڏنائين ڀائيم ڄڻ ڪنهن ريسرچ سوسائٽي ۾ پير رکيو هجي جتي هنن جا خلا ۾ سيٽلائٽ سيارا موڪليل هجن ۽ مسلسل ريسرچ ڪندا هجن، پر اصل ۾ اهي سڀئي ويچارا  هن قدرتي آفت وٽان ڏاج ۾ مليل تڪليفون، سور ۽ دردن جو دارون پئي ڪيو ۽ سندن منهن تي مرڪ ۽ دل وندرائڻ جو اهو آخري ذريعو ٿي لڳو. اڳي جتي صرف بالي وڊ پنهنجا اثر پئي ڇڏيا تـ هاڻي وري عورتن تي ٻڌل اسٽار پلس جي ڊرامن بـ ڪمال ڪري ڇڏيو  ڪهاڻي جو نڪو منڍ نڪي پُڇ بس زالن کي ويڙهائڻ لاءِ ماحول تيار ڪري ڏيڻ ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ  جي سٺي نموني سان تربيت ڏيڻ ۽ ان ويڙه جي مختلف رخن جي آگاهي سٺي نموني سان پئي ڏني آهي ٻيو هيڪاندي ۽ اجائي فيشن جي نمائش. جنهن  اسان جي معاشري جي اٻوجھ سادگي پسند عورتن جي ذهنن تي نفرت ۽ فتني   جا اثرات حاوي ٿيڻ جا سبب پيدا ڪيا ۽ اسان جي ريتن رسمن، لباس،  اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي، جي توازن ۾ وڏو بگاڙ آندو  ۽ هر گھر جو ماحول ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪرفيو لڳل هجي.


،

وڏو ويل تـ اسان جا پنهنجا سنڌي  چينل جنهن مان اميد هئي تـ ڪلچر جي سٺي عڪاسي ڪندا پر هي تـ ٻـ رتيون اڳتي نڪتا، هميشـ سنڌ جي منفي رجهانن کي همٿائڻ ۽ ڌاريئي ڪلچر جي عڪاسي ڪندي نظر ايندا آهن  جتي ڊرامن ۽ فلمن جون ڪهاڻيون زيتونن ۽ انبن جي باغن ۾ هٿيار کڻي گھمڻ، ڦُرڻ کان مارڻ تائين محدود آهن ۽ ڇوڪرين کي پينٽ شرٽ، جينز، ٽي شرٽ پارائي پنهنجي پاڻ کي جدت پسند ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي نظر ايندا آهن ڄڻ هنن جو بالي ووڊ Bollywood ۽ هالي ووڊ Hollywood سان مقابلو هلندڙ هجي.  اڄ بـ جي سنڌي چينل پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي مدي نظر رکندي سٺن ناولن ۽ ڪهاڻين کي ڊرامن جي صورت ۾ پيش ڪن ۽ سٺي نموني سان سنڌي قوم جي عڪاسي ڪن تـ پنهنجي ساک برقرار رکي سگھن ٿا ۽ عوام کان پڻ سٺي موٽ جي اميد رکي سگھن ٿا.

 


بقا جي هلندڙ ويڙه |منير حيدر لغاري

 

                                        


بقا جي هلندڙ ويڙه

منير حيدر لغاري

آثار قديمـ (Archaeology) ۽ علم الانسان (Anthropology) جي علم جي مطابق تقريبن ويهـ هزار سال قبل مسيح پٿر واري پهرين دور(Palaeolithic ) جڏهن انسان اڪيلو جانورن جيان جھنگ ۽ غارن ۾ رهندو هو تڏهن انسان کي فطرت جي ڪيترين ئي قوتن سان ويڙه  ڪري پنهنجي بقا کي يقيني بڻائڻو هوندو هو. تڏهن ماڻهن جي جياپي جو سڄو دارومدار جھنگلي جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ ميون جي گڏ ڪرڻ تي هوندو هو. انسان  پنهنجي ان جياپي جي ويڙه وڙهندي ڪڏهن  خونخوار جانورن کي مات ڏيندو هوتـ ڪڏهن انهن جو کاڄ بڻجي ويندو هو. انهي زندگي جي ويڙه وڙهندي وڙهندي نيٺ انهن پنهنجن تجربن، مشاهدن ۽ شعوري سگھ جي استعمال انهن کي هڪ نئين زندگي جو ڏيکاءُ ڏنو. جتي پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائيندي ۽ ضرورت ايجاد جي ماءُ جي مطابقت هٿيار کي جنم ڏنو، ۽ ان جي مدد سان خطرناڪ جانورن جي مقابلي ڪرڻ جي پڻ قابل ٿيا. انسان جي عقل جي سڀ کان پهرين ايجاد  نوڪيلي پٿر کي مضبوط  لٺ سان ٻڏي هٿيار جي شڪل ڏنائون جنهن سان شڪار ڪرڻ تمام سولو ۽ گھٽ هاڃيڪار ثابت ٿيو. ضرورت آهر اڳتي هلي انهن ئي پٿرن کي گھڙي انهن مان تيز تکا چاقو، بليڊ ۽ نيزا، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڍي، ڄار ۽ تير ڪمان ٺاهيا ۽ کاڌن کي محفوظ رکڻ لاءِ مٽي جا اڻ سڌريل ٿانو ٺاهيا. انهن پنهنجن تجربن منجھان گڏجي شڪار ڪرڻ ۽  گڏجي رهڻ کي ترجيع ڏني. تڏهن انسان پهريون ڀيرو ڪٽنبن، خاندانن ۽ ان کانپوءِ قبيلن جي صورت ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ انهن  پنهنجي ڪٽنب جي ننڍي عمر جي فردن کي  شڪار ڪرڻ جي تربيت ڏني. انهي انسان جي گڏجي رهڻ واري طرز تهذيبن کي جنم ڏنو ۽ لڳ ڀڳ پنجونجاه سال اڳ جي قديم ترين تهذيبن منهن ڪڍيو. جنهن  ۾  بابلي، مصري، سنڌو، چيني، يوناني ۽ رومي تهذيبون اڳيان اڳيان اچن ٿيون. موسم ۽ جاگرافيائي جي تبديل هجڻ ڪري مختلف علائقن ۾ رهندڙ قومن ۾ جسماني بناوٽ، شڪل ۽ الڳ الڳ سوچ ۽ سگھ پيدا ٿي ڪن قومن ڏي گھڻين سهولتن جي ميسري هجڻ ڪري آسائشن ۽ گھٽ جاکوڙائي واري زندگي ٿَي گذاري تـ ڪي وري فطرت جي  خطرن سان ڀريل جيون گھاريو ٿي ۽ وقت جي گذرڻ سان  انهي طرز زندگي انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪن کي گھٽ تـ ڪن کي  وڌيڪ قابليت ۽ مختلف يقين، وهم وسوسا ۽ تخيلقن جي سگھ  بخشي . جنهن ۾ عراق جي بابلي جي تهذيب پنجونجاه هزار سال قبل مسيح دنيا کي سڀ کان  پهرين نهري نظام ڏنو، چار هزار سال قبل مسيح ذراعت جي لاءِ حل جو استعمال ٿيو، سج گهڙيال، پاڻي گھڙيال ۽ واري گھڙيال بابلي تهذيب جون اهم ايجادون آهن.  پنجٽيه سو سال قبل مسيح دنيا جو پهريون شهر اوروڪ عراق ۾ آباد ٿيو ۽ دنيا جي پهرين رياست وجود ۾ آئي. بابل جي بادشاه حمورابي دجلا ۽ فرات جي رياستي نظام کي ختم ڪري سلطنت جو روپ ڏنو. ايڪٽيه سوسال قبل مسيح مصر جي پهرين بادشاه مينس کان مصر جي تهذيب جو آغاز ٿيو ٻـ هزار پنج سوسال قبل مسيح فرعون جي دور ۾ غزه جا عظيم احرام ۽ مندر ٺهيا، لڳ ڀڳ سترهين صدي قبل مسيح دنيا جي سڀ کان طب جي موضوع تي لکيل ڪتاب پڻ مصر جي آثارن مان ملي ۽ مصرين جو تحرير جي ايجاد جي ميدان ۾ پڻ حصو ورتو ۽ اها رسم الخط هيروغلافي جي نالي سان مشهور آهي. ٻارنهن سوسال کان هزار سال جي دور ۾ شانگ خاندان جي دور حڪومت ۾ چينين جي تهذيب وجود ۾ آئي, چن شي هانگ (Qin shi Huang)   چين کي متحد ڪري سلطنت قائم ڪئي، ريشمي ڌاڳو، زلزلو ماپڻ جو آلو، دنيا جو پهريون مقناطيس ڪتب نما، چيني ٿانو۽ لغام چين جون اهم ايجادون آهن ۽ چيني ماڻهن جو اهو يقين هو تـ هن دنيا ۾ ٻن قوتن جو وجود آهي هڪڙي ين yin ۽ ٻئي يانگ yang جنهن جي باهمي توازن سان هئ ڪائنات قائم آهي ۽ اهو ئي توازن انسان جي جسم ۾ موجود هوندو آهي جنهن جي غير متوازن هجڻ سان انسان بيمار ٿي پوندو آهي ۽ چين پنهنجي مخصوص طرز علاج  آڪيو پنڪچر Acupuncture جي ذريعي انسان جي جسم  ۾ سيون ٽنبي انساني جسم ۾ متوازن ڪيو ويندو هو. پندرنهن سو پنجاه سال قبل مسيح مائي سينائي تهذيب جي عروج ۾ يوناني ٻولي جو آغاز ٿيو۽ يونان ۾ خودمختيار رياستن جنم ورتو پنج سو سال قبل مسيح  يوناني تهذيب مختلف علم ۽ فن ۾ بي انتها ترقي ڪئي يوناي تهذيب جي طاقتور هجڻ جو ثبيوت سڪندر اعظم جنهن اڌ دنيا کي فتح ڪيو. يونان  پنهنجي  اڄ بـ جن انسانن جي جنم تي فخر وچان اوچو ڳاٽ ڪري ٿي انهن ۾ دنيا جو مشهور فلاسافر سقراط Socrates، افلاطون Plato  سقراط جو شاگرد، ارسطوAristole  افلاطون جو شاگر، دنيا جو پهريون تاريخ دان هيرو دوتس Herodotus ، دنيا جو پهريون شاعر هومر homer، ماهر رياضي فيثا غورث Pythagoras,  جنهن جا اصول آڄ  تائين قائم آهن، يونان جو ماهر طبيب بقراط Hippocrates ، ماهر فلڪيات ۽ رياضي دان ارشميدس Archimedes، ماهر مجسمـ ساز فيدياس Phidias   جنهن زيوس ۽ ايٿنز جو مجسمو ٺاهيو. انهي دنيا جي اوائلي دور جي قومن منجهان سنڌي قوم لڳ ڀڳ ٻٽيه سو سال قبل مسيح سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ ظاهر ٿي، جيڪا پڻ انهن چند قومن جيان عروج ٿي هئي ۽ دنيا جي انهن تهذيبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو پئي هلي جنهن جو ثبوت سنڌو تهذيب آهي جنهن ۾ ٻني ڪاهڻ ۽ مال ڌارڻ  ڪوٽ ڏيجي جو علائقو مرڪزي حيثيت رکندو هو، سنڌو ماٿري جو ٻيو دور اٺاويهـ سوسال قبل مسيح ۾ انسانن جي رهڻ ڪهڻ ۾ نروالو فرق آيو ۽ موهن جو دڙو ۽ هڙپا ۾ ذراعت جي ترقي ٿي ۽ زمين کيڙڻڻ لاءِ حل جو استعمال ڪيو ويو. پنجويهـ سو سال قبل مسيح کان ارڙهن سو سال قبل مسيح تائين موهن جي دڙي جي تهذيب اوج ۽ عروج تي هئي. جنهن جو ثبوت هن شهر جي ٿيل رٿابندي مان باخوبي لڳائي سگھجي ٿو. جنهن ۾ رهائش ۽ ڪاروباري مارڪيٽن جو الڳ هجڻ، اناج جي ذخيري لاءِ ٺاهيل گودام، پڪين سرن سان ٺهيل ويڪريون گھٽيون، ٻـ ماڙ ٺهيل گھرن ۽ گھرن ۾ٺهيل  غسل خانا ۽ انهن ۾ لڳل ٽائلون، گھٽين سان لڳولڳ  عمده قسم جي رٿابندي تحت  پڪين سرن سان ٺهيل  ناليون اهرو نظام جيڪو اڻيهن صدي جي وچ تائين ماڊرن دنيا ۾ ڪٿي بـ نٿو ملي. هٿ آيل  هٿرادو ٺهيل سامانartefact   جنهن ۾ ڪاٺ جي ٺهيل فرنيچر جنهن تي هڏن ۽ عاج جو ٿيل ڪم، ٽامي ۽ ڪانسي جا ٿانو ۽ اوزار، سون چاندي جا ٺهيل زيور، رانديڪا، مهرون، هٿيار، ماپ لاءِ ٺاهيل هڪجھڙي وزن جا وٽ، ڏاند گاڏي، مجسما جنهن ۾ ڪنگ پريسٽ ۽ ناچني شامل آهن. جيڪي ترقي يافتـ، پڙهيل لکيل ۽ وسيع ڄاڻ هئڻ جو ثبوت ڏين ٿا. پر اڄ جي دور ۾ جتي ڌرتي جي گولي تي رهندڙ هزارين قومن ڪروڙين انسانن جي بقا لاءِ  نوان چلينجز متعارف ڪرايا آهن انهن نون چيلينجن جي پوراءُ جي ڊوڙ ۾ ڪي قومون اڏرڻ جي سگھ رکن پيون تـ ڪن قومن ۾ اڃان بانبوڙا کائڻ واريون صلاحيتون بـ ناهن. دنيا جي مختلف قومن ۾ انهن چئلينجن جي پوراء لاءِ گھڻيون ئي تبديليون اچي ويون آهن ۽ قومون سجاڳ ٿي چڪيون آهن ۽ ايندڙ خطرن کان با خبر ٿي پنهنجي بقا جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي طاقت ۾ آڻي رهيون آهن ۽ هڪ منصوبي تحت هلي رهيون آهن ۽ مختلف ٽائم پيرڊ ۾ مختلف مقصد ماڻڻ جي لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رڌل آهن ۽ پنهنجي پاڻ کي اقتصادي، معاشي، سماجي طور تي مضبوط ڪري رهيون آهن. پر افسوس جيڪا قوم ماضي جي ٻٽيهـ سو سال قبل مسيح اڳ جي تهذيب تي فخر سان اوچو ڳاٽ ڪري ڪالر ڇنڊيندي نظر اچي ٿي ان جو اڄ  ٽئين دنيا جي پٺ تي پيل قومن جي شمار ۾ اچي ٿو. اڄ جي ان حالتن جو جي پيرو کڻجي تـ ان جي پيرن  جا نشان اسلام جي تبليغ جي نالي تي تاريخي ڦورو عرب، ارغون، ترخان، مغل جي حاڪمن جنهن ۾ محمد بن قاسم،علائو الدين خلجي، شاه بيگ، مرزا باقي، فرخ سير،  جهڙن ظالمن حڪمرانن جي سوچ ۽ غلامي واري ڪلچر جي پيداوار ڀوتارڪي ۽ جاگيرداري واري نظام تائين پهچن ٿا. جنهن جي ويڙه وڙهندي  راجا ڏاهر بن راجا چچ، دودو بن خنيف سومرو،  نواب دولهـ دريا خان عرف نواب مبارڪ خان، مخدوم بلاول بن ڄام حسن سمون، شاه عنايت الله عرف شاه شهيد صوفي جھوڪ جھڙن سوره   پنهنجن جانين جو نذارنو ڏنو.  پر اڄ هن ترقي يافتـ دنيا ۾ جتي ٽيڪنالاجي جي ٻولي ڳالهائي ويندي آهن جتي هن ڌرتي جي گولي کي ترقي يافتـ ماڻهو جي مُٺي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿس. اتي هتان جي ماڻهو جو پنهنجي ڌرتي تي بـ ڪو وس نٿو هلي انهن سڀني شين جي  کوٺ پوري ڪرڻ لاءِ  تعليم جي ميدان ۾ اڻ ٿڪ محنتن جي ضرورت آهي. پر افسوس اڄ جي تعليمي نظام جو مٿين سطح تي سراسري جائزو وٺنداسين تـ سڀ کان پهرين نظر اسان جي وڏي ۾ وڏي سدابهار سنڌ يونيورسٽي تي کُپي ٿي، جيڪا سالن ۾ ئي  ڪجھ مهينا ڪنهن درگاه تي لڳندڙ ميلي جيان کلندي نظر اچي ٿي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي مٿس ڪلور  ڪيا وڃن ٿا  جھڙوڪ سياسي پارٽين جا دنگل، هڙتالون، قتل، فائرنگ،استادن توڙي ملازمن يونين جا بائڪاٽ شامل آهن.  اهائي حالت مهراڻ يونيورسٽي جي پڻ آهي جتي شآگردن جي خون کان اغوا ٿيڻ جون وارداتون پڻ سامهون آيون آهن ۽ انتظاميا انهن سڀني شين کان ڪن ٽار ڪيو ويٺي آهي. وڏو ويل تـ جيڪي نمائندا تعليم جي تباهي ۾ ڪرنگھي واري حيثيت رکن ٿا سي ئي پريس ڪانفرنسن ۾، تعليم جي ملهائيندڙ ڏهاڙن تي تعليم سان سچائي جو سُرندو وڄائيندي نظر اچن ٿا. يونيورسٽين کان علاوه ٻين تعليمي ادارن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي ٻهراڙي توڙي سياست ۽ صحافت جي ور چڙهيل آهي جتي اڪثر اسڪول اوطاقن يا وٿاڻن جو روپ اختيار ڪيل آهن ۽ بلڊنگون آثار قديمـ جا ڪي وساريل ورق نظر ايندا جتي اعلٰي آفيسرن جي ڪوتاه نظري پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي. انهن سڀني شين جو ڪارڻ پڻ اهوئي تاريخ جي پيدا ڪيل ڀوتارڪي نظام آهي. ڀوتار هر پنجين  سال کانپوءِ ووٽ ذريعي تڪ جي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪري وڃي حڪومتن جي اعليٰ اعوانن ۾ پير رکندا آهن ۽ اهي چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي ۾سرڪاري ادارن کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ جا حق رکن ٿا پوءِ ڇو نـ اهي تحفظ ۽ انصاف جا ادارا هجن. ۽ انهي عوام پاران حاصل ڪيل طاقت جو استعمال پڻ انهي عوام مٿان ڪندا آهن. اها ڳالهـ واضع آهي تـ جتي جتي تعليم عام ۽ جام ٿيندي آهي اتي غلامي واري زندگي کان نجات ملندي آهي، ۽ اتي ناانصافي، غلامي، بي واجبي ۽ ظلم کان بغاوتن جھڙا جذبا  پيدا ٿيندا آهن. جنهن کان تَر جو هر وڏيرو ۽ پير باخوبي واقف آهي. شايد انهي جي ڪري ئي هو تعليم کي انهي نظام جي زوال جون نشانيون سمجھن ٿا، تنهنڪري اهو هرگز نٿا چاهين تـ  غريب، هاري، مزدور جو ٻار پڙهي لکي سجاڳ ٿي بغاوت جھڙا ڪارناما سر انجام ڏي. ڀوتارن جي دور انديشي جي کوٽ جي ڪري شايد ان ڳالهـ کان اڻ واقف آهن تـ انهن جي طاقت جو بنياد انهن ئي مسڪين ماڻهن تي ٻڌل آهي اگر هو انهن غريب ، مسڪين ماروئڙن کي جيترو بـ هيسائيندا ۽ ڪمزوز ڪندا تـ مستقبل ۾ اها ئي ڪمزوري انهن جي ثابت ٿيندي جنهن جو احساس ڪنهن ٻئي سگھاري قوم جي قابض ٿيڻ کان پوءِ ئي پوندو پر اگر جي بنا ڪنهن لالچ جي قوم جي خدمت لاءِ جاکوڙين ۽ قوم جي هر ٻارن کي اڄ جي جديد دنيا جي گھرجن مطابق معياري تعليم ۽ تربيت  کي ترجيع ڏين تـ اڳتي هلي اها تربيت ۽ تعليم هڪ انوکي طاقت بڻجي قوم جي بقا جي ضمانت هوندي.


فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون