Friday, January 26, 2024

ديپڪ راج جون لکڻيون ! Deepak Raj

 ديپڪ راج جون لکڻيون



ارسطُو (Aristotle) جي جدلي فڪر جي ارتقا, رسمي منطق (primitive logic) جي چوڌاري ڦيرا کائي ٿي جيڪا جامد شڪل ۾ پنھنجو اظھار ڪري ٿي.
اُنجي اُبتڙ ڪلاسيڪل جرمن مثاليت پسندي جي ٽيئن وڏي ۽ اھم نالي ھيگل جدلياتي سرشتو ترتيب ڏنو, اُنجي فڪري اوساري ڪئي.
ھيگل جي فلسفي جا قانُون موضُوعي يا داخلي آھن, اُھي انساني ذھن ۾ جنم وٺندا آھن ۽ انساني سوچ جي منطق پويان سرگرم عمل رھندا آھن.
ھيگل جدليات کي خيالي انداز ۾ ھڪ قطعي رُوح جي تاريخي, معرُوضي ۽ ارتقائي حيثيت ۾ سمجھايو.
ھيگل مُطابق ڪئين ھڪڙي حقيقت (ٿيسز اثبات) ارتقا جي عمل ۾ پاڻ منجھان پنھنجو ضد, اينٽي ٿيسز پيدا ڪري ٿي, ۽ اُنجو اظھار ڪري ٿي, ٻنھي جو باھمي ارتقائي تضاد سينٿيسز کي جنمي ٿو, جنھن ۾ پوئين اوسر يا پاسن جو ھاڪاري ڳر موجُود رھي ٿو ۽ دُنيا اڳتي يا مٿانھين طرف اوسر ڪري ٿي.
مارڪس ھيگل جي اونڌي مُنھن بيٺل جدليات کي سئنون ڪري پيرن ڀر بيھاريو, مارڪس سمجھايو ته جدليات جا قانُون انساني ذھن ۾ نه بلڪي خارجي, مادي دُنيا ۾ عمل پذير ٿين ٿا, ذھن صرف اُنجو معروضي ٻاھرين عمل جي  عڪاسي ڪري ٿو.
جدليات جو اُستاد لينن احساس کي " معروضي" ٻاھرين دُنيا جو موضوعي (انسان جو بڻايل عڪس ڪوٺيو ھو.
"Wheel of Desire"
  Model of liberty of Subjectivity"
خواھشن جو ڦيٿو اُڻکٽ آھي ۽ موضوعيت جو آزاداڻو تصور/ماڊل دراصُل داخلي سراب آھي,لينن جو فلسفياڻو لينس معروضي ۽ موضوعيت جي جدلي ڳانڍاپي جي مُنظم شڪل ھو.

__________________________________________________________________________

جارج ولھيم فريڊرڪ نٽشي (1900-1844) مطابق انساني رويا عقل کان وڌ جبلتن مان متاثر ٿين ٿا,ڇاڪاڻ حياتياتي فرق سببان صلاحيتن ۾ به فرق پيدا ٿئي ٿو انڪري ھُو سپرمين جو تصور کڻي آيو ۽ عوامي اڪثريت کي ان پٺيان ھلڻ جي ھدايت ڪئي..سپرمين جو تصور ھڪڙي خودمختيار, زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد فرد جو تصور آھي,جيڪو تاريخي حدن کان مٿانھون ھجي,ڪو به فرد تنقيدي جدلياتي ميٿڊ جي (Socio--Historical Catagory) وقت جي تاريخي ۽ سماجي لاڳاپن کان مٿانھون ٿي ئي نٿو سگھي,اتي نٽشي فراريت واري جبلت جو اثر قبولي ٿو,نتيجي ۾ عقليت تان دستبردار ٿيو وڃي, جبلتن جي اثر کي ھر وقت عقليت مٿان حاوي ڪرڻ جو نتيجو انتقام پرستي جي شڪل ۾ نڪرندو آھي انسان شعوري طور پاڻکي تبديل ڪرڻ جي لائق آھي جيتوڻيڪ نٽشي به مارڪس وانگر (Anti-philosophical Act) کڻي ٿو اچي ۽ روايتي فلاسفرن جي قطع نظر,تاريخ کي ٻن ڌارائن ۾ ورھائڻ ۾ اعتقاد رکندو ھو.
__________________________________________________________________________
انساني ذھن يا سماجي ذھن تاريخي طور ڪُل عضوياتي (Organic whole) وجود آھي, انساني ذھن ھڪڙو ارتقائي سلسلسو رکي ٿو جيڪو ارتقا جي مُختلف ڏاڪن تي پاڻ کي نروار ڪندو آھي,ڇاڪاڻ ته اھو تاريخ جو تجريدي نه پر ٺوس مادي لقاء ھوندو آھي, ھن زندگي ۾ سواء آدرشن  مُزاحمت کانسواء ارپڻ لاء اسان وٽ ڪُجھ به ناھي پر انساني تاريخ ۾ مُزاحمتي ڪردار به وقتي طور ٽُٽندا آھن,ڇاڪاڻ ته فرد سماجي جبُر جي پيداوار آھي پر ٽين دُنيا جي اڪثريت ٻن مُخالف جنسي وجودن جي جنسي جبُر جي پڻ پيداوار آھي انڪري ھر مُزاحمتي ڪردار کي مصلحت پسندي اختيار ڪرڻي پوندي آھي, جدليات جو اُستاد ولاديمير الائچ اليانوف لينن پُڻ انقلابي جدوجھدن جي جدليات متعلق انھيء راء جو ھو. (One Step forward ,two steps Back) 

ھن عھد جو وڏو اُسريل سچ اھو آھي ته آدرشن کان خالي ڪردار ويڳاڻپ جي اثر ھيٺ سگمئڊ فرائيڊ جي (Super Ego يا فريڊرڪ نٽشي جي (Will to nothingness) عدم جي ارادي جي ادراڪ کان وانجھيل ھُجڻ سبب ( To be guilt of Joy) جي ڌُٻڻ ھيٺ لھندا ٿا وڃن,ويڳاڻپ جيتوڻيڪ فردن کي بي اختيار ٿي بڻائي ۽ پنھنجي وجود تان اعتماد جو ذرو به کسي کين بدترين (Identity crisis) جي مُنھن ۾ ڌڪي اھڙا ڪم ٿي ڪرائي,جيڪي ڪم تنقيدي شعور رکندڙ ڏُکين حالتُن ۾ ڪرڻ کان به ڇرڪندا آھن.ايني ليونارڊ (Story of Stuff) شين جي آکاڻي ڊاڪيومينٽري ۾ فردن جي وجُودي ۽ تخُيلاتي بحران جو تنقيدي تجزيو ادراڪي مُدي خارج معيشت ۽ غير ادراڪي مُدي خارج معيشت جي دائري ۾ ٿي ڪري ۽ کپت جي سراب کي (Global consumpation Culture) ۾ ٿي سمجھائي ته سرمائي جو عالمگير رنگ فردن جي زندگي تي ڪھڙا ناڪاري اثر ٿو ڇڏي, ويڳاڻپ جي مُڙني شڪيلن کان آجو ٿيڻ نامُمڪن حد تائين ڏُکيو آھي.
__________________________________________________________________________
عقُلي سطح ته ڀل کڻي مُنظم ڇو نه ٿجي,پر جيسيتائين گھرو عشق ڪنھن به سماج جي شعبي سان نٿو ٿئي,اوسيتائين انسان معروض جا مخصُوص عبُوري ڏاڪا طئي ڪري منطقيت يا حتمي نتيجن تائين نٿو رسي.جيتوڻيڪ سائنس ۾ قطعي/حتمي راء جي ڪا گُنجائش ناھي ھُوندي پر سائنسي قانون اڻٽر ھوندا آھن.نفسيات جي علم ۾ اھڙي عقُلي چريائپ کي (Progressive abnormality) ترقي پسند چريائپ سان اصطلاحيو ٿو وڃي, چريائپ جي حد تائين عقُل جو اوزارجڻ ئي تاريخي حدُن جي چير ڦاڙ ڪندو آھي نه ته البرٽ آئنسٽائين کان ڪارل ساگان, نيل ڊي گريسز ٽائسن, آئزڪ نيوٽن, ڊيراڪ, چند شيکر ,پلوٽارڪ,ميڪس پلانڪ, فرينچ ميٿميٽيشن پاسڪل, يا ڪنھن عام ۾ طاقت جي مُروج  سرشتي کان ٻاھر نڪري تاريخ جي چير ڦاڙ ڪرڻ جي ھمٿ ئي پيدا نه ٿئي ھا.سائيريڪس جي رياضيدان آرڪميڊيز جنھن عام مُفتوح حاڪم جي سپاھ سالار کي ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏيڻ کي به غُلامي جي منسُوب حالتن جي دائري ۾ ڏٺو ۽ ھڪڙو غيرمعمولي سائنسدان عام سپاھي جي ھٿان مارجي ويو.انڪري عقُل جي طاقت چريائپ واري سگھ کان محروم ھُجي ته ڪم جي ناھي.ڪارل مارڪس,اينگلز,لينن,فينن,ڪاسترو,چي گويرا,مائو توڻي گرامچي کان ويندي جي ايم سيد جھڙا امُلھ تاريخ ساز شخص چريائپ جي عمارت تي بيٺل اُھي عقُلي نمونا ھُئا,جن سندُن چريائپ کي عقُليت سان ڳنڍي سماجن کي نيون راھون فراھم/ ھموار ڪري ڏنيون.
__________________________________________________________________________

سياسي جديديت جي اھم نانء پليجي صاحب کي ڀيٽا.....

ديپڪراج


سندس جنم ڏڻ تي ھڪ کان وڌيڪ رايا سامھون ايندا رھيا آھن,جيڪا ڳالھ ڪا وڏي اھميت جوڳي ناھي, فرد جي جنم ڏڻ کان وڌيڪ سندن سماج سان گھرو عُضوياتي ڳانڍاپو,جديد سياسي فڪرن جي پوکي ڪرڻ ۽ اُن منجھان نئين انسان جي تخليق ڪرڻ اھم وٿ ھوندي آھي,سماج جڏنھن اڏوھيء کاڌل ھُجن ۽ قومي,طبقاتي,صنفي,اڻبرابري تي آڌارت ھُجن ۽ مٿان وري سماج به سُنڍ بڻجي ويل ھُجي اُتي ھڪڙي سياسي اڳواڻ کي ڇا ڪرڻ گھرجي? پليجي صاحب جو ڪمال به اھو ئي ھو,ھُن نئين مٽي ڳوھي اھو انسان پيدا ڪرڻ ٿي چاھيو جيڪو جديد عُقلي,تھذيبي قدرن ۽ لطيف جي وطن دوست,انقلاب دوست فڪر سان ھم آھنگ ھُجي  ۽ ھُن غيرمعمولي شخص ائين ڪري به ڏيکاريو جيڪو ئي سندُس مھانتا جو فڪري جوھر آھي.
سندُس سماج جي شعورسازي ۾ بُنيادي ۽ اھم ڪردار کان يا سندس فڪري,عملي توڙي سياسي پورھئي کان ڪو به باشعور فرد انڪار نٿو ڪري سگھي,پليجي صاحب جي مارڪسي-لينيني-مائوازم فڪر سان ڪمينٽمينٽ ڪمال جي ھُئي.ھن فڪري پورھيت عام کي نئين عقُلي اک فراھم ڪرڻ ۽ کين سيئن دڳ سان لاھڻ لاء جدوجھدون ڪيون ۽ وڏا ڪشٽ پڻ سندُس حصي ۾ آيا پر لطيف جي بيت جي مصداق 
عاشق زھر پياڪ,وھ ڏسي وھسن گھڻو 
ڪڙي ۽ قاتل جا ھميشه ھيراڪ 
توڻي چڪنن چاڪ ته به آھ,نه سلن عام کي.

پليجو درياء سنڌ جو ازلي عاشق ھو,ھن سنڌ پاڻي ڪيس تي لاتعداد مضمون لکيا,سندس ڪتاب" سنڌ پاڻي ڪيس" ۽ انگريزي ۾ لکيل (Sindh punjab water dispute) پڙھڻ جھڙا ۽ ھئنين سان ھنڊائڻ جھڙا ڪتاب آھن, پاڻي بحران جي سوال تي سموري سنڌ کي متحرڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي مارچ,جدوجھدون ڪيون ۽ سنڌ جي اجتماعي شعور کي پاڻي مسئلي تي مُتحد ڪيو.ڇاڪاڻ ته زرعي سماج جي ماڻھن جو اجتماعي جياپو زرعي معيشت ۽ آبپاشي نظام جي فطري وھڪري سان لاڳاپيل ھوندو آھي ۽ رھندو انڪري سنڌ جي پاڻي مسئلي تي اوھانکي منظم ۽ ھڪڙي سگھاري اتفاق راء نّظر ايندي,ھوئن ته سنڌ جي وجودي سوالن تي سموري سنڌ جو اجتماعي شعور ھڪ راء ۽ ھم آواز آھي,جئين ڌاري آبادڪاري ۽ زمين تان اصُولڪي ڌرتي ڌڻين جي جبري بيدخلي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت  واري سوال تي حساس ۽ سخت ردعمل نظر ايندو.

ھيل تائين پنجاب جي سمورين ڪوششن,پاور ڪاريڊورز جي سازشن ۽ حڪمت عملين باوجود ڪالا باغ ڊئم ناھي ٺھي سگھيو نه ئي ٺھڻ جا ڪي امڪان موجود آھن.ڇاڪاڻ سنڌ جي اجتماعي سياسي شعور ۾ سگھارو وحدت عمل نظر ايندو.پليجي صاحب کان اڳ سائين جي ايم سيد لطيف کي مرشد,اوليائي صفتن کان ٻاھر ڪڍي آيو ۽" پيغام لطيف جھڙو ڪتاب لکي لطيف کي سنڌ جي قومي شاعر جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو,جيڪو سائين جھڙي سياسي مُفڪر جو غير معمولي ڪارنامو ھو ۽ آھي.پر پليجي صاحب لطيف کي گھڻ پاسائين انداز ۾ متعارف ڪيو ۽ عام خلق جي ٽٽل شعور کي نئين سر ڳوھيو ۽ تشيڪل ڏنو.
 ائين لطيف عوامي شڪل ۾ سامھون آيو ۽ عام ويڳاڻي شعور جي فھم جو تاريخي حصو بڻجي ويو,لطيف جي پارکوء جي حيثيت ۾ انُجي ڪيترن ئي ڪارج ڀرئي پاسن کي دريافت ڪندي سندس اڪارج پاسن کي رد به ڪيو, اھو سندس ٻيو وڏو ڪارنامو ھو.جديد قومپرستي کي " صُبح ٿيندو" ۾ مارڪسي-لينيني شڪل ۾ اڳيان آڻي ھڪڙي ڊسڪورس جو بُنياد وڌو,جيڪا گھڻي ڀاڱي زرعي سماج مان اوسر ڪندڙ قومپرستي تي ٺوس تنقيد ھئي ۽ انُجي سرشتيوار ارتقا کي ڏسڻ جو لينيني طريقو ۽ واٽ به ھئي.

قومپرستي جي شڪلين تي پليجي صاحب جو نُقطئه نظر

قومپرستي جي درجه بندي (Hierarachy) ڪندي اُنکي مٿيئن وچولي طبقي جي قومپرستي,وڏيرڪي قومپرستي, مڊل ڪلاس جي قومپرستي ۽ ھاري شعور سان لاڳاپيل (peasantry) جي قومپرستي جي دائرن ۾ ورھائي انکي بيان ڪيو ۽ ڪھڙي قومپرستي ۽ ڪھڙيون حڪمت عمليون سنڌ جي نجات ۾ اھم ڪردار ادا ڪنديون, انجو ڊسڪورس اڳيان آندو.

صنفي برابري جو سوال ۽ صنفي مٿڀيد

سنڌياڻي تحريڪ جھڙو روشن خيال فرنٽ جوڙي,عورتن مان وڃائجي ويل ويساھ کي بحال ڪيو ۽ مرداڻي سماج ۾ سندن متحرڪ شموليت کي يقيني بڻائڻ ۾ رھنما ڪردار ادا ڪيو,مرداڻي سماج جي اُٻھرائپ ۽ اوپري توڙي عورت دُشمن روين مان وڃايل ويساھ کي نئين سر تشڪيل ڪيو ۽ اھڙي ريت پُٺتي پيل اڻپڙھيل عورتن,ڳورھاري عورتن کي باشعور وجود ۾ تبديل ڪندي کين بامقصد سياسي سرگرمي سان سلھاڙي ڇڏيو,اھو به ڪريڊٽ کيس وڃي ٿو.

ھمعصر دور جي اديب,سياسي اڳواڻ جي پورھئي ۽ ڪردار کي مُڪمل اڻڏٺو نٿو ڪري سگھجي نه ئي سندن پورھئي ۽ سياسي جدوجھد کي قطعي ليڪ ڏئي سگھجي ٿي,اھو رويو اڪارج,غير سياسي ۽ بنھ اوپرو آھي.ڇاڪاڻ ته تاريخ فردن جي ذھنن جو داخلي اختراع ناھي نه ئي فردن جي ذھني پيداوار (Child birth) آھي.تاريخ ماضي جو منظم مادي رڪارڊ ۽ انجي گھڻ پاسائين سمجھ جي اُسريل ٺوس شڪل پڻ آھي.
__________________________________________________________________________

سنڌ جي سياسي جديديت جي اھم مفڪر سائين جي ايم سيد کي ننڍڙي ڀيٽا.......ديپڪراج 


  ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي وڍ جا گھاء اڃا تائين تازا آھن, برٽش ڪالونئيل پاورز ھتان جي پوسٽ ڪالونئيل سماجن جي آبادي جي توازن ۽ مزاحمتي سياسي سگھ کي مڏو ڪرڻ لاء پاڪستان جھڙي فرنٽ لائين اسٽيٽ جا بنياد وڌا جيئن عالمي سطح تي سندس سامراجي حڪمراني جي سياسي طاقت کي چئلينج ڪندڙ ايشائي طاقتن کي خطي جي مفادن جي تناظر ۾ روڪي اُن اڳيان بند ٻڌي سگھجي,ڇاڪاڻ اُن وقت دنيا ٻن گلوبل آرڊرز ۾ ورھايل ھئي ھڪڙي پاسي ٻي عالمي جنگ (1939-1945) کانپوء دنيا جي سرمائيداراڻو نظام جيڪو آمريڪا جي گلوبل لبرل آرڊر جي ڇانوء ھيٺ يورپي دنيا ۽ ٽين دنيا ۾ پاڪستان توڙي انڊيا جھڙيون رياستون پلجي رھيون ھيون ۽ ٻي پاسي, سوويت يونين جيڪو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي ٿوري عرصي کانپوء ئي "وارسا ٽريٽي آرگنائزيشن" جو سرواڻ بڻيو ھيء معاھدو مئي 1955 ڌاران نارٿ ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائزيشن ۽ اولھ جرمني جي ردعمل ۾  
دفاعي فوجي حڪمت عملي جي لحاظ کان جوڙيو ويو,جيڪو پولينڊ, سوويت يونين ۽ اوڀر جي ستن  سوشلسٽ ريپلڪن بلاڪ  ۽ ڏکڻ توڻي اوڀر يورپ وچ ۾ دفاعي,باھمي تعاون جو معاھدو ھو جيڪو ( Cold war world) دوارن eastablish ٿيو ھو,دارصُل ھي ھڪڙو باھمي دفاعي اتحاد ھجڻ ساڻ گڏيل اقتصادي ۽ فوجي الائينس جي شڪل ۾ باھمي رضاڪاراڻو اتحاد ھو.
 جنھن جو ھڪڙو تاريخي بُنياد ھو. سوويت يونين عالمي سوشلسٽ بلاڪ جي حيثيت ۾ بيٺڪيتي قومن جي آزادي جو سياسي,سفارتي توڙي عسڪري لحاظ کان مادي مددگار ھو انڪري انجي سنڌي سمنڊ تائين رسائي کي غير يقيني بڻائڻ نھايت لازمي ھو,ھوئن ته گڏيل ھندوستان جي ورھاڱي جا سبب تاريخي ۽ معروضي تضاد ھئا پر برطانوي شنشاھيت جي زوال پذير ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي تاريخي گھرج وڌي وئي ۽ مسلم ليگ جي ڇٺي ھيٺ اڪثريتي مسلمان صوبن جي جاگيردارن کي سياسي شڪل ھيٺ منظم ڪري پاڪستان جو بنياد انگريزن ويندي وڌو,اسان ان بحث کان پاسو ڪندي ۽ موضوع کي ڊيگھ/طوالت کان بچائيندي پاڪستان ٺھڻ کانپوء ٿيل ڪلورن مٿان تنقيدي ڳالھ ٻول کي اڳتي وڌائيندي,ھن رياست جي تناظر ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪردار جي تشڪيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪمران طبقن انگريزن جي ڇڏيل باقيات کي جئيرو رکندي جديد بيٺڪيتي علمي سرشتي کي منظم ڪيو ۽ مسلم قوميت جي بنياد تي ھتان جي تاريخي قومن جي حقن توڻي پيداواري سماجي وسيلن جي ڦرلٽ کي تيز ڪيو نتيجي ۾ اڳتي ھلي ھن رياست پنھنجي اصل شڪل کي (جيڪا رنٽئير اسٽيٽ آھي) انجا ساختياتي بنياد واضع ڪيا, ھي رياست تاريخي قومن جا وسيلا عالمي مارڪيٽ ۾ کپائي ان مان ڪرايو وصول ڪري ٿي ۽ ھتان جي قومن کي اسلام جي نظرياتي ھٿيار سان يرغمال بڻائي سندن استحصالي جو سامان ٿي تيار ڪري.قومن جي مزاحمتي شعور کي ڊيموگرافڪ بيھڪ جي تبديلي سان چٿيو ٿو وڃي ۽ قومن جي الحاق ۾ پڻ ڏار وجھڻ جي ڪوشش کي تيز ڪيو ٿو وڃي جيئن رياست جو وجود خطري ۾ نه پوي,جديد بيٺڪيتي سرشتي کي سائين ننڍي کنڊ ۽ وچ اوڀر جي مُسلمان مُلڪن ۾  (intra-decolonizing of post islamist world) طور متعارف ڪرايو اھڙي ريت  پاڪستان جي تناظر ۾ سائين جي ايم سيد (1995-1904)  اُُھو پھريون شخص ھو جنھن اونڌاھ کي احتجاج جو پھريون پٿر ھڻندي پاڪستاني ٿيسز خلاف اينٽي ٿيسز متعارف ڪرائي سنڌي قوم کي وطن جي تاريخي مالڪي ۽ قومي تشخص سان ھمڪنار ڪيو, انڪري سائين جي ايم سيد کي جيڪس سنڌ جي سياسي جديديت جو اھم ترين مفڪر سڏجي ته ان ۾ ڪو واڌاء ناھي, سندس تعارف کانسواء سنڌ جي تاريخ اڻپوري آھي.جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي شعور جي تشڪيل ۾ ھندو سنڌي مڊل ڪلاس جو اھم ڪردار ھو پر سندن ڪاسموپوليٽن ڪردار وطن جي تاريخي ۽ مستقل سياسي,اقتصادي مفادن کي اون ڪرڻ بدران پنھنجن مفادن کي ممبئي/ڪلڪتا سان ڳنڍيندي وطن جي تاريخيت ۽ مٽي جي خمير کان لاتعلق بڻجي فقط معاشي مفادن تائين محدود رھيا,انجا تاريخي ۽ معروضي سبب پڻ آھن.

پر سائين جي ايم سيد سنڌي قومپرستي کي مادي بنياد فراھم ڪيا ۽ انجي ڪلچرل ارتقا جي شڪلين کي واضع ڪيائين.انڪري پاڪستان ۾ ڊيڪالونائيزيشن جي پراجيڪٽ تي پھريون ڪم سائين جو آھي, فينن (1961-1925) لکي ٿو ته بيٺڪيتي قومن جو اسريل شعور قومپرستي آھي ڇاڪاڻ ڪالونائيزڊ سماجن جي لاشعور ۾ جبر سمايل ھوندو آھي انجو ردعمل مختلف مدي خارج قبائلي تشدد پسند روايتن ۽ شڪلين منجھ ڏسڻ ۾ ايندو.ان ڏس ۾ سائين پاڪستاني (State Narrative) رياستي بيانئي جي ابتڙ  سنڌ جا سورما ۽ سنڌي ڪلچر لکي سنڌ جي تاريخي سورمن کي دريافت ڪيو جيڪو سندس اھم تخليقي پورھيو آھي,سنڌي ڪلچر ۾ سائين جديد سنڌي ماڻھو ۽ ڪلچر جي صورتن کي واضع ڪيو آھي,سائين انفرادي ڪلچر جي اھميت کي سمجھندي مستقبل ۾ اجتماعي ڪلچر جڙڻ جا امڪان پُڻ ظاھر ڪيا آھن ڇاڪاڻ سندس نظر ۾ ڪلچر وسيع معني پئي رکي انڪري انکي محدود ڄاڻائڻ کان پاسو ڪيائين,ھوئن ته سائين جا علمي,فڪري پاسا گھڻا آھن جنھن تي لکڻ جي وڏي ضرورت آھي پر ڪجھ خاص فڪري پاسا ٿُلھي ليکي ھيٺ بيان ڪجن ٿا جئين سائين جي تاريخي شخصيت سامھون اچي سگھي..سائين جي ايم سيد پنھنجي ذات جي نفي ڪندي اُنکي عوامي شڪل ڏنائين, اھڙي ريت سائين سندُس روايتي  طبقاتي بيھڪ کي تاريخي حدبندي مان ٻاھر ڪڍيندي سنُدس ذاٿ کي قوميت جي تاريخي پيرائي ۾ تشڪيل ڪيو  ۽ جُزوي مفان مٿان اجتماعي قومي مُفادن کي فوقيت ڏني,گرامچي جي اصطلاح ۾ (Partial Negation) ڪندي سندُس ذات کي اجتماعيت سان ڳنڍيائين,انسان فڪري معني ۾ جڏنھن پنھنجي طبقي کي ڊي-ڪلاس ڪندو آھي تڏنھن ئي عوامي ثقافتي جُڙت سان ھم آھنگي پيدا ٿيندي آھي ھتي ته سائين صدين جي غُلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو جيڪي سنڌي قوم جي سماجي ارتقا جي تاريخي امڪانن اڳيان بند بڻيل ھئا.قومن جي پيرن ۾ غلامي جا ونگ بڻيل ڏانوڻ ٽوڙي انجي سياسي,سماجي تشڪيل ڪيائين.انڪري ھُو صرف روايتي معني ۾ سياسي مُفڪر نه ھو پر جديديت پسند سياسي مُفڪر ھو,سندس اھا انفراديت ئي کيس تاريخ ۾ اونچو مقام ڏياري ٿي.ٻي مرحلي ۾ سائين  تصوف کي استعاري طور ڪتب آندو.ڇاڪاڻ سائين صوفين جي مزاحمتي تاريخ جو وڏو شارح ھو انڪري کيس ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي ته تصوف اسلامي سماج ۾ مقبوليت ماڻيندو ۽ عوامي اڪثريت توڙي نوجوان باغي روح انجي چوڌاري گڏ ٿيندا اھو اناالحق جي نعري جو ڪمال آھي جو نوجوان سر اڏي تي رکي ڪپرائڻ لاء تيار نظر آيا ۽ بتدريج نظر ايندا.جيتوڻيڪ قومپرستي تي سائين کان اڳ ڪيترن ئي مفڪرن جو ڪم ٿيل آھي.ھيٺ ڄاڻايل مُفڪر ڪلاسيڪل لبرلزم جي پيرائي۾ قومن جي مٿاڇري تاويل بيان ڪن ٿا ائين ھُو صرف قومن جي خُود آگاھي جي شعور تائين محدود رھن ٿا, جنھن قطار  ۾ ارنيسٽ رينان,,جارج اسٽوراٽ ملز,ھابس بائوم اچي ٿا وڃن پر جديد سياسي تاريخ جيڪا اڻويھين صدي جي پڇاڙي ۽ ويھين صدي جي شروعات مان اسري ۽ بيٺڪيت مخالف قومي تحريڪن زور ورتو ان ۾ سڀ کان سگھارو نانء الجزائري قومي مفڪر فرانز عمر فينن جو آھي جنھن مارڪسسٽ پوسٽ ڪالونيل اسٽڊيز جي اڀياس ۾ تخليقي واڌارا ڪيا.سندس ڪم اڪيڊمڪ آھي جيڪو جديد ڊيڪالونائيزيشن جي پراجيڪٽ تي پورو لھي ٿو.                          
   

جيتوڻيڪ قومپرستي جي تاريخي ارتقا جديد دور جو سياسي لقاء آھي,جيڪا صنعتي سرمائيداري جي اوسر جي نتيجي ۾ مرحليوار اڳتي وڌندي پنھنجي تاريخي مُفادن کي (Political Forms) سياسي شڪلين ۾ اظھارڻ لڳي,زرعي سماج جيڪي (Agrarian Based Economy) جي ماڊل ھيٺ غير مُنظم ۽ سياسي طور ھيڻائي ۾ ورتل ھُئا,اُن دور ۾ قوم  قبيلن ۽ گروھن ۾ ورھايل روايتن ۽ ڪلچر ۾ ويڙھيل ھُئي.                
ارنيسٽ گيلنر(1995-1925)  سندُس ڪتاب (Nation and Nationalism) ۾ قومن جي تشڪيل ٿيڻ واري عبُوري مرحلي تي روشني وجھندي,(Daispora) قومپرستي جو  مثال ڏئي ٿو ته جيڪي وطن مان بيدخل ٿيل بي وطن آھن اُھي ماضي جون اجتماعي يادگيريون کنيو ٻين مُلڪن ۾ آزاد آھن,جئين يھودي,پارسي,ھندوستاني, فلسطيني جن جي ذھنن ۾ پنھنجي وطن جون يادگيريون تازيون آھن ۽ ان ياد جي بُنياد تي پاڻ ۾ مُتحد آھن.پر جئين جرمني ۾ يھودين جو قتل عام ٿيو ۽ بوسينيا ۾ مُسلمانن جو قتل اھي ۽ اھڙا ڪُجھ مثال ڏيندي,ھو  پنھنجي ٿيسز جو بُنيادي نُقطو ڄاڻائي ٿو ته ڪاروبار,تجارت قومن ۽ اقليتي فرقن ۾ نفرتون گھٽائڻ بدارن وڌايون پئي آھن , قومي رياست ۽ قوم جي تشڪيل پُرامن طريقي سان نٿي ٿئي,اُن جو مثال سنڌ ۾ آباد ٿيل مھاجرن جو وٺي ڏسو پوئين 75 سالن کان سنڌ کي وطن تسليم ڪرڻ لاء تيار ناھن ۽ ڪيڏي رتوڇاڻ پڻ ٿي آھي.جيتوڻيڪ سندن سياسي,معاشي مُفاد سنڌين سان مُستقل لاڳاپيل آھن.
 

   اُن ڏس ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو اھم قومي مفڪر آھي ته سن جو سيد آھي.سائين بھترين سياسي نقاد پڻ ھو سندس ڪتاب" جديد سياست جا نو رتن"  ُپُڻ  پڙھڻ وٽان آھي,جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪو اعلي پائي جو سياسي نقاد پيدا ناھي ٿي سگھيو انڪري في الحال سيد جي تخليقي,سياسي توڻي فڪري پاسن تي ان سطح جو ڪو ڪم ناھي ٿي سگھيو نه ئي ويجھي مستقبل ۾ ٿيڻ جا ڪي ٺوس,قوي امڪان نظر ٿا اچن,قصو ڪوتاھ اچو ته سترنھين جنوري سندس جنم ڏڻ تي گڏجي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ۽ اجتماعي قومي عوامي ارادي کي تشڪيل ڪريون....                     
 جدليات جي استاد لينن چواڻي اسان اجتماعي عوامي ارادو تشڪيل ڪرڻ ٿا چاھيون جيڪو انقلاب آھي.



__________________________________________________________________________

اُطالوي فلسفي ۽ سياسي مُفڪر انتونيو گرامچي جو مُختصر تعارُف ۽ سندُس رياست جي باري ۾ خيال..
ديپڪراج

گرامچي 27 اپريل 1891 اٽلي جي ننڍڙي ڳوٺ سارڊيينا پھاڙن جي وچ ۾ گھيريل ڳوٺ ايلس عباس ۾ ڄائو.(1891-1937) گرامچي مارڪسزم جو تخليقي ۽ تنقيدي سياسي دانشور ھو, انقلابي جي حيثيت ۾ ھُن رياست کي ڪئين ڏٺو? ھتي پڙھندڙن سان اُن باري ۾ ويچار ڪنداسُون.
گرامچي مُطابق رياست سندُس ھيجيمني سماجي ادارن وسيلي قائم ڪندي آھي, حُڪمران طبقو مُختلف ادارن جي زريعي قدُرن, اخلاقي معيار, نظرين جي طاقتور بيانئي, اُميدن جي توقع, دُنياوي نُڪتئه نظر ۽ سوسائٽي جو پنھنجو ڪردار مُتعين ۽ رائج ڪندو آھي.
گرامچي ثقافتي ھيجيمني (Socio-cultural hegemony)  کي ٻن اصطلاحن ۾ ڪتب آڻيندو ھو, پھريون سول سوسائٽي تي اقتدار ۽ اختيار قائم ڪرڻ لاء, ٻيو ڪو گروھ صرف سندُن معاشي مُفادن جي تحفُظ لاء نه بلڪي پنھنجي ڪارپوريٽ وجُود مان ٻاھر نڪري سياسي ۽ سماجي دُنيا ۾ ھيجيمني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
گرامچي سياسي جبُر/ڏاڍ کي ٻن شڪلين ۾ ڏسي ٿو.
(1) فرمانبداري (Domination) جي شڪل ۾ جھڙوڪ: پوليس, فوج, عدالت ۽ ٻين ادارن جي زريعي رياست سان لاڳاپيل طاقت جي مادي اوزارن جي پڪڙ/گرفت (2) ھيجيمني جي زريعي سان, جيڪو نظرياتي, عقُلي اوزاجڻ وسيلي (Complex hegemony ) سان قائم ڪئي ويندي آھي.

گرامچي مُطابق " رياست فڪري ۽ عملي, سمُورين سرگرمين جو پيچيده ڄار آھي, جنھن جي زريعي حُڪمران نه صرف پنھنجي غالب ثقافت جو منطقي جواز پيدا ڪندو آھي بلڪي اُنکي قائم رکڻ لاء اُنجو استعال به ڪندو آھي.
غالب ثقافت ھڪ پاسائون وحداني نظام ناھي ھُوندو, اُھو مُختلف پرتن جو ھڪڙو ڍانچو ھُوندو آھي.جنھن جي پُٺي تي حُڪمران طبقي جي ھڪڙي ئي سوچ ڪارفرما ھُوندي آھي ته پنھنجي ڪارڪُنن کي سندُس طبقي جي منطق, مخصُوص سماجي رويي ۽ مُنفرد طرز زندگي اپنائڻ لاء قائل ڪري, اھڙي طرز زندگي ۽ رويو کين ٻين طبقن جي طرز حيات کان مٿانھون ڪندو آھي.

حُڪمران طبقي جو دُنياوي نُڪته نظر (world outlook) بڻجي ويندو آھي, جنھن جي زريعي ھُو پنھنجي تخليق ڪيل سياسي, سماجي ڍانچي جي بقاء جي ضرُورت کي پنھنجي طبقي جو فڪري اساس ٺاھي ڇڏيندو آھي.
ھن قسم جو فڪر اُن طبقي جي ذھن ۾ رچي ويندو آھي ته اُنجو قائم ڪيل ڍانچو ھر فرد جي مُفاد ۾ آھي, جيتوڻيڪ اھا ثقافتي تعمير صرف حُڪمران طبقي جي مُفادن جي پورائي لاء ھُوندي آھي.اڳتي ھلي اُھي سماجي قدُر ۽ معيار عام فھم (Common sense) جي شڪل اختيار ڪري ويندا آھن, ڪامن سينس ڪنھن به طاقت جي سرشتي جي اطاعت سان لاڳاپيل فڪري دائرو آھي, جيڪو انڌي تقليد تي ھلندو آھي.

(Counter cultural hegemony)

مزدُورن کي حُڪمران طبقي جي مقابلي ۾ تنقيدي بالادست ثقافت تخليق ڪرڻ جي ضرورت تي گرامچي زور ٿو ڏي,جيڪا غالب ثقافت جي جنگ ۾ مُخالف قُوتن جي حمايت حاصل ڪري وٺي, اھو نئون بلاڪ سماجي نظام جي قبُوليت لاء بُنياد فراھم ڪندو آھي.جنھن کي گرامڇي (Historical block) چوندو ھو, جنھن نظام کي قائم ڪرڻ لاء نئون سماجي طبقو جدوجھد ڪري رھيو آھي, اُھو بلاڪ نئين سماجي نظام جي اُجاره داري قائم ڪندو آھي.
گرامچي جي خواھش ھُئي ته انقلاب برپا ٿيڻ کانپوء نئين حڪومت صرف رياستي اقتدار جي زريعي عوامي سوچن کي نه بدلائي بلڪي علم ۽ ثقافت کي انقلاب جي عمل ۾ ھڪڙي اوزار طور استعمال ڪيو وڃي.

گرامچي اُن انقلابي خيال جو سياسي مُفڪر ۽ سياسي طاقت جو فلسفي ھو ته حُڪمران سرمائيدار طبقي جا ثقافتي قدُر, لوڪ ڏاھپ جو ورثو, عوامي ثقافت مذھب سان جُڙيل ھُوندي آھي, مارڪسزم مذھب جي مُقابلي ۾ تڏنھن ئي کٽي سگھي ٿو جڏنھن اُھو ماڻھن جي رُوحاني ۽ مادي ضرورتن جو پوراء ڪري ۽ ماڻھو پاڻ چون ته ھي ته اسانجي عملي تجُربي جي ڳالھ آھي.

انساني ارادو ۽ تاريخ

گرامچي چوندو ھو ته انساني فطرت نالي ڪا به شيء ناھي, فلسفو ۽ سائنس ڪنھن حقيقت جو بيان انساني تجُربن کي الڳ نٿو ڪري سگھي. ڪو به نظريو اُن وقت سچائي سڏرائڻ جي لائق ٿيندو آھي جڏنھن اُن ڪنھن تاريخي صُورتحال ۾ پرورش پاتي ھُجي, مارڪسوادين جي ويجھو سچائي صرف سچائي آھي اُھا جٿي به ھُوندي پاڻمُرادو ظاھر ٿي پوندي.ڇاڪاڻ سائنس جو بُنيادي ۽ مڃيل اصُول آھي جيڪا شيء وجُود رکي ٿي اُھا نظر لازمي ايندي.

آئون ذاتي طور سمجھان ٿو ته رياست تجريدو ادارو ناھي, رياست پيچيده سماجي لاڳاپن/تُعلقن ۾ آپريٽ ڪندي سندُس ھوند کي اظھاري ٿي.رياست پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ قوت طور ظاھري ٿيندي, معاشي طبقن کان نسبتي دائري ۾ آزادي حاصل ڪندي رھي آھي, اھو شھري رياست جي تاريخي ارتقا جو معروض منطق آھي, ڇاڪاڻ رياست جو رسمي منطقي دائرو گھڻ ٻوليائي/ گھڻ مذھبي شعور جي شڪلين تي حاوي رھيو  آھي, ھيگل مُطابق رياست ڏاھپ جو معراج آھي. رياست علمي لاڳاپن/ شھري قانون ۽ آئين ۾ شھريت جي تصُور سان لاڳاپيل ڳالھ ٻول جو فڪري ڊسڪورس آھي, جيڪا (Ideological Narrative) کي تشڪيل ڏئي ٿي ۽ اُن جي چوڌاري پورھئي ۽ سرمائي جي رشتن کي بدلائڻ جي طاقت رکي ٿي, نتيجي ۾ جديد رياستي بيھڪ به (Security apparatus of State) تشُدد ۽ جبر جي بُنياد تي پنھنجي ھُوند کي قائم رکندي آھي. 

 ھڪڙي خاص تاريخي حالتن ۾ رياست جو اُڀار ٿيو, جڏنھن معاشي طبقا اڻ ٺھڪندڙ تضادن ۾ گھيرجي ويا ۽ کين پاڻ کان مٿانھين طاقت/اختياري قُوت جي گُھرج محسوس ٿي, رياست سماج مان جنم وٺندڙ قوت طور ظاھر ٿيندي آھستي آھستي سماج کان ڌار ٿي مٿانھين (Super Structure consturcted) شڪل ۾ تبديل ٿي وئي.عمومي شعور جي تنقيدي سمجھ  رياست کي معاشي بُنياد (economic Base) سمجھي ٿي, جيڪا ميڪانيڪي سمجھ جو نتيجو آھي, ڇاڪاڻ رياست صرف مٿانھين تھن ۾ ڏار پوڻ سان نٿي ٽُٽي, سندُس ھيٺيان تھه ( sub-Structure) جيڪي سندُس جبر جا مادي اوزار آھن, اُن ۾ به اظھارجي ٿي. انڪري رياست کي گرامڇي ٻن تھن ۾ ورھائيندي (ڪيٽيگورائيز ڪري ٿو, جنھن ۾ طاقت جو  مروج/ سڌي جبر جو استعمال ٿئي ٿو, اُھا پوليس, فوج, سول بيوروڪريسي, پارليامينٽ ۾ پوليٽيڪل سوسائٽي کي تشڪيل ڪرڻ ۽ عوامي اڪثريت کي پاڻ سان جبري طور ٺھڪائيندڙ قُوت ھُوندي آھي, ٻيو (Hegemonic terrain) آھي جنھن ۾ چرچ, پريس, ميڊيا, يونيورسٽيون, سئنيما,اسڪُول ۽ تعليمي شعورسازي جا ادارا اچيو وڃن.

 جنھن کي گرامڇي سول سوسائٽي سڏي ٿو, جيڪا بالادست قوت طور ماڻھن جي رھنمائي ڪندي آھي.اُطالوي مارڪسي مُفڪر,فيلسوف انتُونيو گرامچي اولھ جي رياستن جي بيھڪ کي (integral state) جي ٻن دائرن ۾ ورھائي انجي صورتگيري ڪري ٿو, جيڪي ٻئي دائرا (Consent/ and corecion) جي شڪل ۾ اڳيان اچن ٿا. سول سوسائٽي جي تاريخي اوسر رياست جي بيھڪ مٿان تنقيدي ٿئي ٿي, اھو دائرو ھڪ پاسائين سمجھ کي ھٿي ڏي ٿو,سول سوسائٽي جي (Notion) کي گرامچي قطعي جوھري تضاد نٿو سمجھي, سول سوسائٽي جي دائري کي عمُومي طور نجي ۽ غير رياستي دائرو سمجھي ٿو جيڪو (Free conflict terrain) آھي, گرامچي مُطابق اھا ورھاست تصُوراتي آھي ٻنھي حصن جي وچ ۾ ڪا ديوار ناھي کنيل , ڇاڪاڻ اھا رياست ۽ مارڪيٽ جي وچ وارو لقاء آھي جيڪو رياست ۽ مارڪيٽ ۾ توازن پيدا ڪندو آھي. پر سول سوسائٽي جي اوسر کي ڪئين پنھنجي طاقت جي توازن سان سلھاڙجي ۽ اُنکي گرامچي مرحليوار سمجھائي ٿو.پوليٽيڪل سوسائٽي اُنجي قطعي اُبتڙ رياست جي لاڳاپن کي بدلائڻ ۾ ڪو ڪردار نٿي نڀائي,پاپولسٽ سياسي تنظيمون الڪيشني محاذ وڙھندي پنھنجن مُفادن جو تحفُظ (intrest serve) ڪنديون آھن ۽ روايتي سياست جي دائري کان ٻاھر نٿيون نڪرن, نتيجي ۾ پاور ڊسڪورس ۽ جُڙيل پاور نيريٽو جي نيڪسس جي (Surrounding orbit) جي چوڌاري ڦرنديون رھنديون آھن, اربن سبالٽرن اسٽڊيز جي اھم مُفڪر رنجيت گوھا جي اصطلاح مُطابق جنھن رياست وٽ ڪلچرل ھيجيمني ناھي ھُوندي اُھا (Dominance without hegemony) پاڻ کي قطعي جبر جي صُورت ۾  اظھاريندي آھي.

 نيو لبرل پوسٽ ڪالونيل رينٽيئر اسٽيٽ جي بيھڪ:                       
 پوسٽ ڪالونئيل اسٽيٽ ۾ رياست جي پاور ڊسڪورس ۽ بيٺڪيتي علمي سرشتي ۾ پاڻ اظھارجندڙ لقاء روايتي لوڪل انڊيجينس (Local nationalism) مقامي قومپرستي جي آڏو رُڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ سندُس اوسر کي ڪاپاري ڌڪ ھڻندو آھي, اُن ۾ وڏيرو, جاگيرادار, اُسرندڙ معاشي پرت حاوي سماجي لاڳاپن جي بيھڪ کي جنمين ٿا.
ھلندڙ





No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون