ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سينھُو- سينھُوڙو- سينھِي- سينھِين- موٽڙِي- سينڊوڙِي مختلف نالن سان اڳڙين وغيره سان ٺھيل هڪ گول ٿلھي ڪڙي کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنھن گول تري واري وَٿُ رکڻ لاءِ ڪم اچي. اهڙو موڙو يا گول ڇلو جيڪو مٿي تي رکي، ڪو بار کڻجي ته ان کي سينھو ڪوٺبو، پر جيڪڏهن اهڙي ئي گول موڙي، سَرن جي تيلين جي ٺھيل، ڪاٺ جي ٺھيل، ٺِڪر مان بيھاريل، يا لوهه وغيره جي ٺھيل کي ’گِرَنوَ‘ يا ’گِرَڻِ‘ چئجي ٿو. مٿي تي لوهه يا ڪاٺ واري وٿُ نه رکي سگهبي، ان لاءِ نرم ۽ لِچڪڻِي وٿُ رکجي ٿي، جنھن کي سينھُو چئجي ٿو. سينھُوءَ جي گهيري جي قطر جو ماپو گهڻي ڀاڱي اڌ فوٽ رکيو ويندو آهي ۽ ان جي ٿولھه انچ کن رکي ويندي آهي؛ جڏهن ته ان جي وچ ۾ پورُ هوندو آهي. مثال طور، دلي، ديڳڙي، ڪُنِي، چَونرِيءَ جھڙين گول تري وارين وٿُن کي جڏهن تراکڙي هنڌ تي رکبو ته گول تري واريون وٿون ڦٻي نه بيھنديون، ان لاءِ سينھُوءَ يا گِرنوَ کان ڪم ورتو ويندو آهي. جيڪڏهن دلي يا چَونرِيءَ کي مٿي تي رکبو، ته ٽِڪاءُ نه ڪري سگهندي، ان لاءِ مٿي تي سينھُو رکي، پوءِ ڀريل دلو يا چَونرِي رکبي ته هروڀرو لوڏو نه کائيندي.
سينھُو، سنڌي سڀيتا کان سواءِ ٻين تھذيبن ۾ به الڳ الڳ نالن سان ڪم اچي ٿو. سنڌي سڀيتا ۾ ان جو ڪو مُلھه ته آهي ڪونه، ليڪن ان جي گهرج وڏي رهي آهي. سيبائتن ماڻھن وٽ اهڙيون وَٿُون سنڀاليل هونديون آهن. وقت تي هٿ نه آئي ته پوءِ انگوڇي، گوڏ يا ڪنھن چادر کي ئي گول وٽي، ان جي پڇڙي پڪڙي، چوڌاري گول وٽ ڏبو هلبس ۽ آخري ڇيڙو ان جي وچ ۾ اٽڪائي، کڻي مٿي تي رکبو ته سينھو تيار! اهڙي ڀير جو سينھو وقتي هوندو آهي. پنھنجو ڪم ڪڍي، وري جو کڻي ڇوڙبس ته انگوڇو يا گوڏ ساڳي صورت ۾ اچي ويندي.
سينھُوءَ جي ٻي صورت گِرَنوَ/ گِرَڻِ آهي، جيڪا سخت شيءِ مان ٺاهي ويندي آهي. جيئن چاڏي يا ماٽيءَ جي هيٺان سينھُو ته ڏبو، پر جيڪڏهن سينھُو ناهي ته گِرنوَ ڏيئي ڇڏبي، جنھن جو ڪم به ساڳيو آهي. گِرنوَ لوهه جي گول ڪڙي وانگر ٺھيل هوندي، لوهي پٽين سان چورسي ٺھيل هوندي، ڪنھن چاڏيءَ جي ڪَني کي اٽڪل سان گهڙي به گِرنوَ وارو ڪم وٺي سگهجي ٿو. مطلب ته گرنوَ ڪنھن به نھري شيءِ مان ٺاهي ڪم ڪڍي سگهجي ٿو. رڳو اهو ڌيان ۾ رکبو آهي ته ان جي مٿان جيڪا وٿُ رکجي، اها ٿڙي نه ۽ ان جو ترو ڦٻي بيھي.
گهڻي ڀاڱي ڪوسي ديڳڙي کي جڏهن کٽ تي رکڻو هوندو آهي ته گِرَنوَ ڪم آندي ويندي آهي. اسان جي گهر ۾ هڪ چورسي لوهه جي گرنوَ هوندي هئي، جيڪا کٽ رکي، ان مٿان ڪوسو ديڳڙو رکبو هئو. امڙ کي جڏهن ٻوڙ يا ڀاڄيءَ جو ديڳڙو يا چانورن جي سِپرِي (ٽامي جي ديڳڙِي)، گرَنوَ تي رکي، پوءِ سڀني کي تَسريُن، وٽيُن ۽ ٿالھيُن ۾ لاهي ڏيندي هئي.
گرنوَ مٿي تي نه ٿي رکي سگهجي، مٿي تي صرف سينھُو ئي سُونھندو. سينھُو ٺاهڻ لاءِ ڪنھن کپت جي گهرج نه پوندي آهي، بس رڳو ان کي بيھارڻ جي سگهڙائپ هجي. سَرن جون تيليون گڏ ڪري، ٿورو پاڻي هڻي، اڌ ڪلاڪ کن ڇڏي ڏبس، ته نرم ٿي وينديون، پوءِ ان کي ڪچن ڌاڳن يا اڳڙين سان ٻڌي، ورائي، اڌ فوٽ کن قطر سان، گول موڙو ٺاهي، ان جي چوڌاري اڳڙين جون پٽيون، اهڙي نموني سان وڃبُس ورائبيون، جو اهي کُلن نه! جيترين اڳڙيُن جا وڃبس ويڙها ڏبا، سينھُو اوترو وڌيڪ سگهو ٿيندو ويندو. ڪي وري پراڻي سُراڻي رَسي يا ڪپڙن جي بيڪار ٽُڪرن کي ويڙها ڏيئي، چوڌاري اڳڙين سان ويڙهبس ته به سينھُو تيار! مطلب ته اندر ڪجهه به وجهو، پر ٻاهران اڳڙين جون پٽيون ويڙهبس ته اندر وارو سامان لِڪي ويندو ۽ ٻاهران گول ڇَلي نما هڪ وَٽيل سينھو ٺھي بيھندو. ڪي سگهڙ زائفون وري ان جي مٿان آر جو ڪم ڪري، ان تي ڄاري هڻي ڇڏينديون آهن، ته ڀل ته بار کڻڻ کان اڳ، ويٺو سينھُوءَ کي ڏسي! ڪي ته وري ان گول ڪڙي جي ٻاهرين گهيري ۾ موتي يا ستارن جو اهڙو ته رنگا رنگي ڪم ڪنديون آهن، جو ويھي ڏسجي. ٿر جي پاسي ته ڏاج ۾به نياڻين کي سھڻا ۽ سيبتا سينھُو ٺاهي ڏنا ويندا آهن، جن تي ڀرت يا موتين جا ڪم ٿيل هوندا آهن. اهي موتي گول ڪڙي جي صرف ٻاهرئين گهيري ۾ لڳي سگهندا آهن، ڇو جو جيڪڏهن سڄي تي موتي پوئبا ته پوءِ سينھو مٿي کي ڏکوئيندو. ڪي ته وري ان سينھُوءَ تي موڙ وانگر لڙهيون به لڳائينديون آهن، جن ۾ لونگ ڦوٽا ۽ ننڍڙا ڦندڻ پڻ لڳل هوندا آهن، ته جيئن مٿي تي رکڻ سان زائفان جو منھن به ڍڪجي، ۽ ان مان ديد به چڱيان پئي؛ سينھُوءَ جو سينھو، موڙَ جي موڙ! ڪي وري چوڌاري موتين جي جهالر به هڻي ڇڏينديون ته جيئن مٿي تي رکجي ته ايئن لڳي ڄڻ ڇَٽُ پاتو ويو آهي.
ٿر ۾ گهڻي ڀاڱي اڃا سوڌو زائفون پري پنڌ کان دلن تي پاڻي کڻنديون آهن، هڪ مٿي تي، ٻيو چيلھه تي؛ جيڪڏهن مٿي تي سينھو نه هوندو ته دلو سنڀالبو ئي ڪونه! ان لاءِ سينھُو وڏي ڪم واري وٿُ رهندي آهي. شاهه ڪريم به جيڪو ’ٻَھڙو‘ (ٻٽو دلو) بابت چيو آهي، سو به سينھُو کان سواءِ مٿي تي رکي نه سگهبو. بيت آهي:
پاڻياريءَ سِر ٻَھڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
پاڻي ڀري کڻي اچڻ واري، مٿي تي، بنا هٿ جِي ٽيڪ جي، ٻٽا دِلا ڀري کڻي هلندي آهي، تنھن لاءِ به لازمي آهي ته مٿي تي سينھو رکي، پوءِ دلي مٿان دلو رکي، هلندي.
يعني سينھو ان صورت ۾ کنيو ويندو آهي، جڏهن گولائيءَ واري تري واري وٿُ مٿي تي کڻبي. کير وارو جڏهن ڳوٺن مان مٿي تي کير جون ڀريل چَونريون کڻندو آهي، ته ان لاءِ سينھو ضرور ڪم آڻيندو. ننڍپڻ ۾ هڪ موجائيءَ کي ايئن مٿي تي ٽي چَونريون کڻي ايندي ڏٺيون: پھرين مٿي تي سينھو، ان تي هڪ وڏي چونري، وري ان مٿان وچولي چونري ۽ بنھه مٿان ننڍي چَونري. ان جي کڻي هلڻ تي اچرج ٿيندي هئي، رڳو ڪنڌ جي لوڏي سان مٿي تي رکيل چَونريُن کي توازن ۾ رکندو هئو. اهڙي هيرَ گهڻن ئي ماڻهن جي ڏٺي آهي ۽ ٻين به ضرور ڏٺي هوندي. هاڻي ته ماڻهوءَ جي هيرَ ئي مٽجي ويئي آهي، کير کڻي ٿو سو به سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي، پاڻي ڀري کڻي اچڻ واري گهرج نه رهي، ان لاءِ سينھُوءَ جو ڪارج ئي نه رهيو آهي.
سينھو اهڙي وٿُ آهي، جيڪا مٿي تي رکڻ سان کُپي ويندي آهي، وري جي ان مٿان گول تري واري وٿُ رکبي، سا به کُپي ويندي؛ ان لاءِ سينھُو وڏي ڪارائتي وٿُ آهي. هاڻي ماڻهو سائنسي دور ۾ اچي چڪو آهي، ان لاءِ اهڙين وٿُن کي ڏسڻ لاءِ سِڪون پيا.
اڳي مايُون مٿي تي ٽوڪرا يا ٽٻڪ ٽٻڻا کڻي، ڪو گهرو سامان وڪڻنديون هئيون ته سينھو مٿي تي لازمي رکنديون هيون. مٽي ڍوئڻ وقت به جيڪي ڏَلھا کڻبا هئا، ته مٿي تي سينھو رکي، پوءِ کڻبو. مائي جا، يا ڇولن جا ٿالهه گهورارو کڻندا هئا ۽ ڪڇ ۾ سنھڙو موڙو هوندو هئن، ته مٿي تي سينھو هوندو ئي هوندو هئن. مطلب ته اهڙن بارن کڻڻ لاءِ سينھو وڏو سھارو هوندو آهي. ڪاٺيرُ به ڪاٺين جي ڀَري ٻڌندو ته مٿي تي کڻڻ لاءِ ان کي سينھو گهرجي، پوءِ هاڻي ان تي آهي ته ڪيئن ٿو سولو لڳيس. جيڪڏهن جهنگ ۾ ڪي ٻوڙا هوندا ته انهن کي ڪٽي، موڙو ٺاهي، کڻي مٿي تي رکندو، ڪو انگوڇو هوندس ته ويڙهي کڻي مٿي تي رکندو، مطلب ته مٿي تي ڪاٺين رکڻ لاءِ هن کي مٿي جو بچاءُ گهرجي ته جيئن سولائيءَ سان ڪاٺيون مٿي تي رکي سگهي، ان صورت ۾ سينھو ئي سندس ڀرجهلو ٿيندو. اڳي ته ٻاليشاهي، جيڪو دٻن ۾، گهر گهر مان گندگي کڻندا هئا ته سينھو مٿي تي ضرور کڻندا هئا. هاڻي ته ويچارن ٻاليشاهين جي به ان گندگيءَ مان جند ڇُٽي پيئي.
سرڪسن ۾ مدارِي، وڏا ڪرتب ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ مداري، ٻئي ساٿيءَ کي پنھنجي مٿي تي اونڌو ڪري کڻندو آهي، سو به مٿي تي سينھُو ئي رکندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنھي مٿن کي توازن رکڻ لاءِ سينھُو ئي ڪم ايندو آهي.
ڪٿي ته وري سينھُوءَ کان هڪ دلي رکڻ وارو ڪم به ورتو ويندو آهي. هونئن ته دِلا، گهڙا منجيءَ تي ئي رکيا ويندا آهن، ۽ هڪ گهڙي لاءِ ٽنگن کان سواءِ هڪ چَونڪ واري گهڙا منجي به ڪم آندي ويندي آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن سينھو پراڻو ٿي ويندو آهي يا وري گهرج ۾ نه ايندو، ته ان کي اڇلائڻ بدران دلي جي هيٺان ڏيئي ڇڏيندا. درگاهن تي پيل سينھوءَ مٿان دلن وارو ڏيک به ڏسڻ ۾ ايندو آهي.


No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا