ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سَوَڙِ- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
هيءَ سياري جي مند ۾ گهرج واري اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا دنيا جي هر انسان وٽ هوندي؛ ليڪن ان جي جوڙجڪ ۾ فرق هوندو. هيءَ وٿُ هر قوم جي سڃاڻپ چئبي، جن وٽ ڪپھه، اُنّ، ڏاس، کاٻار وغيره هوندي. سوَڙ ته گهڻن ئي قسم جي لِھن مان ٺھي سگهي ٿي، پر ڪپھه واري سوَڙ جو مزو ئي پنھنجو آهي. مختلف نالن سان سنڌ- هند جي ننڍي کنڊ ۾ ڪم آندي ويئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ’چيرِي‘ لفظ به ڪم آندو ويندو آهي. سنڌي سڀيتا ۾ جنھن ڀير سان بيھاري وڃي ٿي، ان جي هڪ الڳ سڃاڻپ ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اصطلاح ۽ پھاڪو عام آهي ته ’سوَڙ آهر پير ڊگهيرڻ‘ ۽ جي سَوَڙ هرڪو پاڻ ڏانھن ڇڪي‘. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته سوَڙ سنڌي سماج ۾ اهم وَٿُ ليکي ٿي وڃي، تڏهن ته ان تي پھاڪا ۽ اصطلاح جڙيل آهن. شاعرن به هن لفظ کي تمثيلي طور ورتو آهي:
آئُون ڪِيئَن سَوڙين سُمھان، مُون وَرُ گهاري وِلَھَه،
کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اھڙِي.
اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نه مُون سَوَڙِ نه گَبِرو،
چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.
هيءَ وٿُ ڪپڙي ۽ ڪپھه مان جڙندي آهي. هن جي تيار ٿيڻ ۾ جيڪي وَٿُون کپن ٿيون، تن ۾ رڳو ٿلهو سڳو ۽ وڏي سُئي آهي، باقي ته ڪنھن سگهڙ زائفان جي هٿَن جي مھارت گهربل آهي. جڏهن سوَڙ ٺھندي آهي، ته ان جي مٿان اوتري ئي ماپ جي ڪپڙي جو ڍَڪ چاڙهيو ويندو آهي، جنھن کي ’ڇِوَ‘ چئبو آهي. جنھن ڪپڙي ۾ ڪپھه دنگبي آهي، ان کي ’کَلَ‘ چئبو آهي.
سوَڙ جي عام ماپ ويڪر ۾ چار فوٽ ۽ ڊيگهه ۾ ڇھه فوٽ رکي ويندي آهي. ڪي سوَڙ جا ڪوڏيا ان جي ماپن کي وڌائي به رکندا آهن. هڪ سوَڙ ۾ گهڻي ڀاڱي هڪ ڌَڙِيءَ تائين ڪپھه وڌي ويندي آهي. باقي گهٽ وڌ به ڪري وٺندا آهن. ڪپھه، ونئڻن جي ڦٽين مان نڪرندي، جيڪا پڃارو به ڪڍي وٺندو آهي. نه ته جيڪڏهن ڪنھن هَٽ تان ڪپھه وٺبي، ته به ان کي پھرين پڃاري کان پڃرائبي آهي. ان سان اهو ٿيندو آهي ته ڪپھه ۾ ڪا مِٽي وغيره هوندي ته اها به نڪري ويندي ۽ ڪپھه نرمل اجري ٿي پوندي، ته وري ان جا ريشا به ڦنڊجي پوندا. اهڙي ڇنڊيل ڦوڪيل ۽ پڃيل ڪپھه، ڪپڙي جي کَل ۾ هڪ ڪَرو تَھهُ ٺاهي بيھندي ۽ دَنگِڻ ۾ سولي ٿي پوندي.
سڀ کان پھرين، چئن فوٽن جي منڍي ۽ ڇھن فوٽن جي لام وارِي ڪپڙي جي ڳوٿري سِبِبي. ڳوٿري جا ٽي پاسا سيبو ڪبا ۽ هڪ پاسو کليل ڇڏبو. هاڻي جڏهن اها ڳوٿري تيار ٿي وڃي، ته ان کي اٿلائي نه ورائبو، بلڪ ساڳي صورت ۾ زمين تي سڌي ڪري وڇائبي. وڇائڻ سان ’کَلَ‘ جو ابتو پاسو سامھون هوندو. ان جي ئي مٿان انچ- ڏيڍ ڪپھه جي پُوڻن جو هڪ ڪَرو تَھُه بيھاربو. اهو ڪپھه جو تَھُه بيھارڻ به سُگهڙائپ جو ڪم آهي. هر زائفان اهو تَھُه بيھاري نه سگهندي. جڏهن سڄي کَلَ تي ڪپھه جي پوڻن جو تَھه بيھي ويندو، ته پوءِ ان کي وَرائي، ڪپھ جو تَھُه اندر ڪرڻ ۽ سبتو پاسو مٿان ڪرڻ ۾ به مھارت گهرجي. ورائڻ مھل کَلَ جي سبيل ويڪر واري پاسي کان ڪنڊون پڪڙي گول وَٽُ ڏيئي ويڙهبو وڃبو. جڏهن کليل پاسي تائين ويڙهي اچبو، ته اتي مارموت ڪيل پاسا سوگها جهلي، کَل جو جي هيٺئين وَٽ کي، هيٺائين ورائي، مارموت ڪيل پاسي کان ٻاهر ڪڍبو، ايئن ئي ٻئي پاسي جي ڪنڊ کي ورائبو، ورائيندي، کڻي ڇڪبو ته سڄي کلَ سڌي ٿي بيھندي ۽ ڪپھه اندر واري پاسي هلي ويندي. جڏهن کَل جي اندران ٻئي ڪنڊون سامھون اينديون ته انھن ڪنڊن کي پڪڙي، وري ويڙهيل کي کڻي هوريان هوريان مٿان کولبو وڃبو، ته ڪپھه جو تھه به کَل سان لڳو رهندو ۽ کَل به سبتي ٿيندي ويندي. البت، پڇاڙيءَ ۾ ڪنڊن نڪرڻ کان پوءِ ڪپھه کي ٿورو ٿيڙُ ايندو آهي، ان لاءِ هٿن سان ٿورو سڌو به ڪري وٺبو آهي. اهو اٿلائڻ وارو مرحلو هڪ ماڻهوءَ جو ڪم ناهي، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه زائفون ملي ڪري اهو ڪم ڪري وٺنديون آهن. ڪپھه جي تھه کي وڌيڪ هڪ ڪَرو ڪرڻ لاءِ، آڱر جھڙي ٿلھي سونٽيءَ سان ڪٽڪو ڏبس. ان سونٽيءَ جي ڪُٽڪي سان اهو ٿيندو ته جتي به ڪپھه ڳوڙهو ڪري ويئي هوندي، اها به کُلي پوندي. ڪپھه کي هڪ ڪرو ڪرڻ لاءِ سونٽيءَ جي سَٽَ به اٽڪل سان ڪئي ويندي آهي. آخر ۾ کل جو کليل پاسو، سُئي سڳي سان بند ڪري ڇڏبو. ڪي ڪُٽڪي کان اڳ ئي ان پاسي کي سبي ڇڏيندا آهن، ته ڪي وري ڪٽڪي کان پوءِ! ان کان پوءِ وڏي سُئِي ۽ ٿلھي سڳي سان دنگبو. دنگڻ ۾ اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکي ويندي آهي ته دنگڻ جي شروعات پاسن کان ڪندي، ٽئي پاسا ٽوپا هڻندي، وري اتان ئي وربو ۽ ٽوپا ڏبا اچبا. ٽوپا گهڻي ڀاڱي ٻن انچن جي وٿيءَ سان وڌائبا آهن. ٽوپي ڏيڻ جو ڍنگ هرڪنھن جو پنھنجو هوندو آهي. جڏهن ٽوپي سان سُئي هلائبي آهي ته ڪپھه کي هڪ ڪَري ڪرڻ لاءِ سُئيءَ سان به اڳتي پوئتي ڪري وٺبي آهي. سڄو ڦيرائبو اچبو، ته باقي وڃي اڳيون پاسو رهندو، جنھن کي هٿ سان وٽِ ورائي، سُئي سان وريَل ٽوپا ڏبا ته کَل سان ڪپھه ملي سوَڙ بڻجي پوندي. هاڻي جيڪڏهن ان کي الڳ سان ڪپڙي جي ’ڇِوَ‘ نه وجهبي ته پوءِ سوَڙ اگهاڙي لڳندي. ان لاءِ ان کي چولو پارائڻ لاءِ ساڳي ماپ يا انچ سوا وڌاري ’ڇِوَ‘ تيار ڪبي. ڇِوَ جا ٽئي پاسا سيبي سان بند ڪبا، مُنھن واري پاسي کان وَٽ ورائي سيبو ڪبو ته جيئن کليل پاسي جي ڪِناري ٺيڪ رهي. ڪي وري ان ڇِوَ جي مُنھن واري پاسي کان هڪ هڪ فوٽ بند ڪري ڇڏيندا آهن ته جيئن سَوَڙ اندر ڪنڊن ۾ چڱيءَ ريت ڦٻي بيھي. ڪي ته وري ڇِوَ کي مُنھن کان ئي ورائڻ وارو ٽاڪو هڻي بند ڪري ڇڏيندا آهن، ڪي وري ان ۾ قميص وانگر ڪاجُ ڪري، بٽڻ هڻي ڇڏيندا آهن. مطلب ته سوَڙ جي ڇِوَ هيڏانھن هوڏانھن نه ڦري ۽ ڦاڏر نه ٿي وڃي. وري ايئن به آهي، ته گهڻا ماڻهو سَوڙ کي ڇِوَ چاڙهيندا، ڪي ته وري ان سوَڙ کي ڇِوَ ڏيندا ئي ڪونه، سڄو سيارو ايئن ئي پئي هلندي. مزدورن يا مسافرن لاءِ جيڪي عام هٽن تي سوڙيون ملنديون آهن، ان ۾ ڇِوَ جو ڪو نالو ئي نه کڻندا آهن. ڇِوَ، سوَڙ جو وڏو بچاءُ ڪندي آهي، هڪ: مِٽي مير ڇِوَ کي لڳندي، سوَڙ بچيل رهي، وقت تي ڇِوَ ڌوئڻ سولي، ٻيو: ٿڌ سان پھرين ڇِوَ منھن ڏيندي، پوءِ سوَڙ کي ڏيڻو پوندو. جنھن ڇِوَ سان سوَڙ وجهي ڏٺي، ان کي ڇِوَ کان سواءِ سوَڙ مزو ئي نه ڏيندي. سنڌي ماڻهو گهڻي ڀاڱي، بافتي جي ڇِوَ وٺندا آهن. بافتو، رنگ ۾ هلڪو ميٽُوڻو لڳندو آهي، ليڪن ٻه- ٽي ڌوپن کان پوءِ اهو به اڇو ٿي ويندو آهي.
ڳوٺن ۾ ته کَل، بچيل سچيل ڪپڙي جي ٽُڪرن کي ملائي به تيار ڪئي ويندي آهي؛ ايئن ئي وري ڇِوَ به تيار ڪري وٺندا آهن. باقي ته خرچ ڪبو آهي هُوندِ تي، جيڪڏهن هُوندِ نه هوندي ته ڪم ته ڪنھن به ڪپڙي مان ٽپائي سگهجي ٿو. البت، ڪپھه ته پورهيت لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي.
هاڻي ته گرم گرم ڪنبل نڪري پيا آهن، الائي ڪٿان ڪٿان جون جنسون اچي ويون آهن، پر ٿڌ جو جيڪو جهَلُ سوَڙ ڪندي، ڪنبل وغيره جي جاءِ ئي ناهي. يا وري دل لڳائڻ جو مامرو آهي، جيڪو سوَڙ سان هِري ويو، ان کي ٻيو ڍَڪاڻو نه وڻندو.
سَوَڙ جي سنڀال به لازمي هوندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن کان پوءِ ان سوَڙ جي ڪپھه ڪڍي، پڃرائڻ ڀلي ڳالهه سمجهي ويئي آهي. پراڻي سوَڙ جي ڪپھه پڃرائڻ کان پوءِ جڏهن دنگبي آهي، ته ڄڻ وري نئين ٿي پوندي آهي. سَوِڙيُن رکڻ لاءِ وري اڳي ته وڏي ٽين جي پيٽي رکبي هئي، هاڻي گهرن جي سوڙهه ڪري، ڇتين جي وچ ۾ اهڙا ڇاڄا رکيا ويندا آهن، جن ۾ اهڙي قسم جو سامان رکي سگهجي. ڪي ته وري سوَڙ جي رڳو ڇِوَ پيا اجري رکندا باقي اندرئون کل به ميري ته وقت سان ڪپھه به ڳوڙها ڳوڙها ٿي ويندي آهي. اهڙي سوَڙ هلي ته ويندي، پر سيءَ سان منھن ڏيئي نه سگهندي. مطلب ته سوَڙ جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي ته جيئن اجري ۽ صاف به رهي ته ڪپھه به ڳوڙها ڳوڙها نه ٿئي.
امڙ سوِڙيُن جو وڏو خيال ڪندي هئي، گهر ڀاتين لاءِ هڪڙيون هونديون هئيون، ته آئي ويئي لاءِ الڳ هونديون هئيون. سياري کان پوءِ انھن کي وڏي پيٽيءَ ۾ سنڀالي رکندي هئي. ننڍپڻ ۾ گهڻي ڀاڱي مون کي اندر لاهي، سوڙيُن ۽ رلھين جي سڌائي ڪرائيندي هئي، مون کي ته رَونشو لڳندو هئو. ساهه تڏهن سڪندو هئو، جڏهن امڙ دڙڪو ڏيندي هئي ته ’بيھه ته وڏي پيٽيءَ ۾ ٿي پوريانءِ!‘
گهر جون سوڙيُون امڙ پاڻ کولي، پڃڻ لاءِ پاڙي ۾ هڪ هندستاني پڃاري ڏانھن موڪليندي هئي، جنھن کي پڻ پڃڻ جو وڏو ڏانءُ هئو، ان کان پوءِ پڃيل ڪپھه کي پاڻ ئي دنگيندي هئي. گهڻو پوءِ پاڙي جي هڪ زائفان کان دنگرائيندي هئي. ان کان ئي گاديلا به دنگرائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هئو ته پڃرائڻ کان پوءِ ڪپھه سُسِي ويندي هئي، ته سوَڙ مان گاديلو ٺھي ويندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ مزوري بچائڻ جي چڪر ۾ امڙ پاڻ ئي کٽ تي پراڻي ڪپھه وڇائي، ٻوٿ ٻڌي، اچي وٺندي هيس سونٽيءَ سان، ايئن ڪپھه پڃجي به ويندي هئي ۽ سوَڙ ۾ وجهڻ جوڳي بڻجي ويندي هئي.
جڏهن ٿڌ پوندي آهي ته سَوَڙ جو مزو ئي پنھنجو آهي. گهڻي ڀاڱي، سوڙ وجهندڙ سمھڻ مھل پيرن واري پاسي کي پيرن هيٺان ورائيندو آهي، ايترو ئي چاهيندو آهي ته مٿان به ورائي وٺجي. ان لاءِ گهربل ماپ کان به سوائي جوڙي ويندي آهي. جيڪڏهن سمھندڙ جو هٺ ڪاٺ ئي ڇھه فوٽ ڊگهو هجي، ته ان لاءِ ڇھه فوٽي سَوَڙ سڪون نه ڏيندي. ظاهر آهي ته ان لاءِ ڊگهي سوَڙ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪا ننڍي سَوَڙ لڳي ويئي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪرُونڊڙي سمھڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. تڏهن ته چوندا آهن: ’سوَڙ آهر پير ڊگهيرجن.‘
هڪ ڀيري ڊاڪٽر اڪبر اسير قريشيءَ سان، شاهه گودڙيي کان موٽندي، ڪاڇي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهياسين، سيءُ به چئي ته ’اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان‘، هڪ در درين کان سواءِ کُلي اوطاق ۾ ترسياسين، ڀاڳين وڏو مچ ٻاريو، ڏاڍي فرحت ورتي. ٻارهين تائين ته ڪچھري هلي، ان کان پوءِ گهڙياسين هنڌن ۾! سوَڙ اهڙي ته ٿلھي ۽ وزني هئي، جو مس مس چوري، کڻي مٿان ڏني. سمھڻ کان پوءِ اهڙي سگهه نه پئي رهي، ته سوَڙ جي هيٺان ڪو پاسو ورائي سگهجي! ان ڳالهه تي ڊاڪٽر قريشي ۽ مان اهڙو کلياسين جو جان مان سيءُ ته نڪري ويو پر سوَڙ ۾ چُري نه پئي سگهياسين. پتو ناهي ته سوَڙ ۾ ڇا پيل هئو، جيڪڏهن ڪپھه هئي ته اها زور تي دٻيل هئي، جيڪڏهن ڪا کاٻار پيل هئي ته اها به دٻي وڌل هئي. بھرحال زندگيءَ ۾ اهڙي وزني سوَڙ نه ڏٺي نه ٻڌي.
سگهڙ زائفون ٻڌائينديون آهن ته سوَڙ جو مزو، هلڪي ۽ پوري ساري ڪپھه ۾ هوندو آهي. ان لحاظ کان ساڍن ٽن کان چئن ڪِلو ڪپھه واري سوَڙ مناسب آهي، ان کان وڌيڪ وزن واري ڪپھه سُھائيندڙ نه بيھندي. باقي ته ڏاس ۽ اُن واريون سوِڙيُون به تيار ڪيون وينديون آهن. ٻڌائين ٿا ته اُوني سنھي سوَڙ به ڪمال جي گرم هوندي آهي، ڀلي ته ويڙهي وِلھَه تي سمھي رهو، ٿڌ ڪونه لڳندي. مون کي اهڙي سوَڙ ڪم آڻڻ جو مشاهدو نه رهيو آهي.
سوَڙ سڀني ماڻھن جي وڻندڙ وٿُ آهي، ان لاءِ پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا پڻ جام ملن ٿا:
پرولي:
• هڪ رَن، چار ڪن، دُھرا ٿي دسي. (ڀڃڻي: سوَڙ)
• گهر گهر ۾ دنبي زال. (ڀڃڻي: سوَڙ)
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ (حال سارو خرچ ڪرڻ- سھائيندڙ قدم کڻڻ)
• پنھنجي سوَڙ آهر پير ڊگهيرجي. (پنھنجي اپت آهر خرچ ڪجي)
• سوَڙ آهر پير ڊگهيڙيندڙ کي، ڪڏهن به هٿ ڊگهيڙڻو نه ٿو پوي. (سنڀالي خرچ ڪندڙ، ٻئي جو ڳيجهو نه ٿيندو آهي)
• سياري جي سوَڙ هرڪو پنھنجي پاسي ڇڪي. (هرڪنھن کي پنھنجو مفاد پيارو آهي)
• کٿي واري سان کينس نه ڪريان، سوڙ وارو آ سائين، رِلھيءَ واري جا پاسا ڀڃان صبح تائين. (سياري ۾ سوَڙ يا وري کٿو ڀلو آهي، باقي رِلھي ته ڪنھن ڪم جي نه ٿي رهي)
• کٽ سَڙي سھائڻ، سوَڙ سَڙي نه سھائڻ. (اهم وٿُ جو وڌيڪ احتياط ڪبو آهي)
• وڃڻو کڻي اندر وڃجي، سوَڙ کڻي ٻاهر اچجي. (گرمين کان پوءِ ٿڌي مٺي مند ۾ رات جو ماڪ پوڻ شروع ٿيندي آهي، ان لاءِ وڏڙن جو گفتو هوندو آهي ته اندر گرمي ٿئي ته اها ڀلي آهي، وڃڻو کڻي گذارو ڪجي، پر جيڪڏهن ٻاهر سمھڻو آهي ته پوءِ سوَڙ ڪم آڻجي، جيڪا ماڪَ کي منھن ڏيئي سگهي ٿي)
• سوَڙ جو جهيڙو سوَڙ ۾. (گهر جا معاملا گهر ۾ نبيرجن)
• ٿلھي زال، سياري جي سوَڙ. (ٿلھي زائفان کي سياري جي سوَڙ سان ڀيٽ ڏني ويئي آهي)
• هو سوَڙ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ ۾ سمھندي. (اڳلو هڪ ته وڻي ڪونه، ٻيو وري ناز نخرا)
• سوَڙ ۾ چھنڊڙي لڳڻ (زال پاران پارت ٿيڻ)
• آهي سوَڙ ته آهي سيءُ. (جيڪڏهن سھولتون هونديون ته پوءِ ان جو سک به وٺي سگهبو. نه هوندو ته گذارو ته ڪري وٺبو)
• سوَڙ جي مار، خبر نه چار. (لڪ واري سزا، ڏاڍي ڀيانڪ هوندي آهي)
(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا انجنيئر عبدالوهاب سھتي پاران شامل ڪيا ويا آهن)


No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا