Friday, January 26, 2024

اُکري مُھري- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ|ڊاڪٽر الطاف جوکيو| Dr Altaf Jokhio

ڊاڪٽر الطاف جوکيو


اُکري مُھري- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

اُکرِي مُھرِي آهن ته ٻه الڳ الڳ وَٿُون، پر هڪٻئي لاءِ نر ماديءَ جيان ٺھيون آهن. اڪيلِي اُکري، وائڙي لڳي پئي هوندي، ته مُھرِي به اکريءَ کان سواءِ بيڪار! باقي جي جهيڙو ڪرڻو هجي، ته مُھريءَ سان ڪنھن جو مٿو ڪچو ڪري سگهجي ٿو، پر ان ڪم لاءِ آهي ئي ڪونه! جيستائين اُکرِيءَ ۾ ڪا جنس وجهي، ان کي مُھريءَ سان ڪُٽي، گهربل گهرج پوري نه ڪبي، تيستائين ٻئي وَٿُون ڪنھن ڪم جون ناهن.
هي گهرُو وَٿُون آهن، جن سان ڪُٽڻ يا مھٽڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. نئين دور ۾ ته مشينون اچي ويون آهن، پوءِ به اکري مھريءَ جو ڪو نمونو گهر ۾ ضرور هوندو. گرم مسالو، ڳاڙها يا ڪارا مرچ، سُڪا ڌاڻا، دوائن لاءِ جڙي ٻوٽيون وغيره ڪٽڻيون هونديون، ته اکري ڏنڊي سان ئي ڪُٽي وٺبيون. توڻي کڻي مشينون به ڪم آڻبيون، پر ڪاٺ واري اُکري ۽ ڏنڊو گهر ۾ ضرور هوندو.


اکري، ٺڪر جي ڪنڀر ٺاهيندو، مُھري وري ڊکڻ ٺاهيندو. انهن کان ننڍي ماپ واريون وَٿُون به ٿينديون ۽ مختلف نمونا به ٿيندا، پر ڪم گهڻي ڀاڱي ساڳيو ئي هوندو. اڳي ته ٺڪر جي اکري ۽ ڪاٺ واري مُھري گهڻي ڪم آندي ويندي هئي، ٻه ٻه مايون به گڏجي ٺڪر جي اُکريءَ ۾ گهرج واري شيءِ يا اَنُ وجهي، ڇڙينديون يا ڪُٽينديون هئيون. بيٺي به ڪُٽينديون هئيون ته کٽ تي ويٺڙ به ڪُٽينديون هئيون. هاڻي مشيني دور سبب اکريءَ مھريءَ جو ڪم نه رهيو آهي، پر ان جون ننڍيون صورتون ڪم آنديون وينديون آهن.
گهر ۾ امڙ کي اکري مھريءَ ۾ اَنُ ڪُٽيندي ڏٺو، ان لاءِ ته جيئن اَن جي ڪڻن تي چڙهيل تُھُه يا ٻِٽ ٻُوهو ۽ ڀتر ڀوسو يا ڪَڏا ڪُٽجي الڳ ٿي بيھن ۽ پوءِ ان کي ڇڄ يا ڇاڻي ۾ ڇنڊي ڇاڻي، ٻاچڪي ۾ وجهندي هئي، جيڪو پوءِ وري اَٽي جي چَڪيءَ تي پيھڻ لاءِ موڪلبو هئو. باقي ٻڌائين پيا ته ان ۾چانور به ڇڙبا هئا، جيڪي مون نه ڏٺا.
محرم جي ڏهاڪي ۾ امڙ ٻاٽ جي ڪُٽي ٺاهيندي هئي. ٻاٽ يا ڏاري سان ٿلھا روٽ پچائي، ٺڪر واريءَ اکريءَ ۾ ڪُٽي، پوءِ ان ڏڏر ڀور کي ديڳڙي ۾ ڦوٽي جو داڳ ڏيئي، ڀُڃي، مٺاڻ وجهي، اوڙي پاڙي ۾ ورهائيندي هئي ۽ مون کي پنھنجي امام بارگاهه ۾ ڏيڻ لاءِ موڪليندي هئي. امڙ کان پوءِ ان ڪُٽيءَ جو سواد ئي گم ٿي ويو. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن محرابپور جي هڪ ڀر واري ڳوٺ مان امجد نانگور کڻي ايندو آهي، جنھن مان امڙ جو سواد ۽ يادگيري ايندي آهي. اهڙو سواد وري نوشھري جي ڀر ۾ ڪنڊا کاهيءَ واري ڳوٺ مان مليو. 2022ع ۾ ڊاڪٽر پير بخش لاڙڪ سان ملڻ ويم، حشر جا ئي ڏهاڙا هئا، ان جي گهر ڀرسان، گهٽيءَ مان ڪنھن لاڙڪ ٻار، اهڙي ڏاري جي ڪُٽي، ڪنھن ڀر واري گهر ۾ ڏيڻ پئي ويو. ٿالھيءَ کي ڍڪ ڪونه هئو، مون جو ڏٺو ته مون کان ’وهه واهه‘ جي رڙ نڪري ويئي. ڇوڪرو ڪو سلجهيل هئو، گهر وڃي ڳالھه ڪيائين. ٿوري دير ۾ ان جو ئي وڏو وَٽي ۾ اها ڪُٽي کڻي آيو. مون بسم اللـہ ڪري کاڌي، سرواڻ به گڏ هئو، جنھن مٺاڻ کائڻ کان به روڪيو، پر جنھن جي ذهن ۾ ڪُٽيءَ جو سواد ويٺل هجي، سو ڪٿي ٿو مُڙي! ان لاڙڪ همراهه کي ڏاري جي روٽن ۽ ٺڪر واريءَ اکريءَ ۾ مھريءَ سان ڪٽڻ جي به ڳالھه ڪيم، همراهه کِلي، تاڙو هڻندي، چيائين ته اسان جي گهر ۾ به اهڙي نموني ئي ٺھندي آهي.
جيتري تائين مون کي ياد ٿو پوي ته اسان جي گهر ۾ هڪ ٺڪر جي اُکري ته هئي ئي هئي، پر ٻِي ڪاٺ جي اُکري به هئي، جيڪو اکرلو سڏبو هئو. امڙ، ڪاٺ واري اُکرلي ۾ وري ڳاڙها مرچ ڪٽيندي هئي. سڄي پڌر ۾ ڄڻ ته مرچن جو واس اچي ويندو هئو، جيڪو لنگهيو ته سمجهه نِڇُن ۾ وٺجي ويندو هئو ۽ اکين مان ڳوڙها پيا ڳڙندا هئا. ڳاڙها سڄا مرچ پھرين سُڪائي، پوءَ جڏهن ڪٽيندي هئي، ته ان ۾ سرنھن جي تيل جا ڇنڊا به وجهندي هئي. ٻُوٿ ٻڌي، ڳاڙها مرچ، ان اُکرلي ۾ بيٺي ڪٽبا هئا. ان اکرلي جي اوچائي گهڻي ڀاڱي سوا ٻه فوٽ هوندي هئي، ۽ گولائيءَ جو قطر سوا فوٽ هوندو هئو. اندر اونھو ڏيڍ فوٽ کن هئو، باقي ان جو ترو، مھريءَ جي ڌڪن سھڻ لاءِ منو فوٽ کن هئو. ان جا پاسا به ٿلھا سوا انچ ٿيندا. هئو ڄڻ ته جنڊيءَ لٿل، ڪنھن بُنڊ جي ٽڪر مان ٺھيل، ڏاڍو سَگهو لڳندو هئو. مون ان ۾ امڙ کي ڳاڙها مرچ ڪُٽيندي ڏٺا. ان جي ڊگهي مھري به الڳ هوندي هئي، جنھن جي ڊيگهه ٽي فوٽ ۽ ٿولھه اڍائي انچ ٿيندي. وچ ۾ هٿيو، وجهڻ لاءِ گهُٻ ٺھيل، جيڪو گهڻي ڀاڱي سوا يا ڏيڍ انچ ٿلھو ٿيندو. ان جا ڇيڙي وارا پاسا ٿورا گهڙيل، جنھن جو قطر ٻن انچن تائين ٿيندو. ڪاٺ جو اکرلو ۽ ان جي مھرِي، رنگين جنڊيءَ لٿل هئي. مون کي لڳي ٿو ته اهي گهڻو پراڻا هئا، جيڪي منھنجي پُڦڙ زوار نبن جا ورتل هئا. زوار نبن، منھنجي ڏاڏي جي حيثيت سان آهي، جو بابا سائينءَ کي به ان پاليو ۽ پڙهايو. زوار نبن وڏو گهومُو هئو، ان لاءِ ڪاڏي به ويندو هئو ته ڪو نه ڪو گهر لاءِ ٽپڙُ ٽاڙِي وٺي ايندو هئو. ٽويا، پاٽيون، چوٿڙا، الڳ الڳ نمونن جا وڏا تَوا، ننڍا تَوا، الڳ الڳ ماڻ جون تَئيُون وغيره جھڙين وَٿُن جو وڏو ڪوڏيو هئو. منھنجي ڄم کان گهڻو اڳي رب کي پَرتو، باقي ان جو گهڻو سامان ڏٺو، پر پتو ئي ناهي، ته ڪيڏانھن ويو، بس ايئن ٿيو ته مُئي جو مال، مُئي سان!
اکري مھريءَ جون الڳ الڳ ماپون به ٿينديون آهن، ڪي ننڍيون، جيڪي گهر جي رنڌڻي ۾ ڪم اچن، ڪي وري وڏيون، جيڪي اَن ڇڙهڻ لاءِ به ڪم اچن. اهي پٿر، ٺڪر ۽ ڪاٺ جون ٿينديون آهن. باقي جيڪڏهن ڌات جون ٺھيل هونديون ته انهن کي حَمام (اُکري) دستو (مُھرو) ٿا ڪوٺين.
ٺڪر جي اُکري، ڪنڀار ٺاهيندو آهي، جڏهن ته نِگهَه، پٿر جي ٺھندي آهي. سلام اهڙن هٿن کي جيڪي پٿر ٽُڪي اهڙيون وَٿُون ٺاهين. پٿر جي اُکري: نِگهَه، جنھن جا ڪَنا، زمين جي ستھه تائين پوريل هوندا آهن. اها نِگهَه جيئن ته هيٺ زمين ۾ کُتل هوندي آهي، ان لاءِ ان ۾ ويھي ڪُٽَ ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته ڪنڀارڪي اُکري، زمين جي ستھه تي رکيل هوندي آهي، ان لاءِ ان تي بيھي به ڪُٽ ڪئي ويندي آهي. جيئن ته اُکريءَ لاءِ مُھرِي وڏي رکي ويندي آهي، ان لاءِ ويھي ڪُٽ ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي. اڳي ته ساريون، ٻاجهري يا سانئون وغيره به نِگهَه يا اُکري ۾ ڪُٽي، ڇڄ ۾ ڇنڊي تُھه يا ڪَٽِي الڳ ڪئي ويندي هئي. پوءِ سارين ڇَڙڻ لاءِ جنڊ جي پُڙ جھڙي، ٺڪر جي جَنڊِي ڪم آندي ويندي هئي، هاڻي ته مشينون ٿي ويون آهن.
ٺڪر واري اکريءَ جي شڪل سنڌ سڀيتا ۾ عام آهي، ممڪن آهي ته جتان پراڻيون وَٿُون نڪتيون آهن، انهن ۾ اُکريءَ جا لِڱَ به هجن. مون کي اندازو ناهي، ته مھين جي دڙي مان به ڪا اکري ملي آهي يا نه، ليڪن جيئن ٿانوَن جي گهڙت ۽ نمونا مليا آهن، ته اُکريءَ جو ٺڪراٽو اوس نڪتو هوندو. اهي اهڙيون وَٿُون آهن، جيڪي مھراڻ درياه جي آسپاس رهندڙ وسندين جي اتھاس سان لاڳاپو رکن ٿيون.
اکري مھريءَ جي آڪَھِه ۾ گهڻئي وَٿُون اچي ٿيون وڃن، جيئن: نِگهَه- مُھري، ڏنڊو- ڪونڊو، پٿر جي روهِي- مُھرو، پٿر جو کَرلُ- مھرو وغيره، رڳو انهن جي شڪلين ۾ فرق ٿئي ٿو ۽ الڳ الڳ شين ڪُٽڻ لاءِ الڳ الڳ ڪم ورتو وڃي ٿو. وري انهن کي ٺاهيندڙ به پنھنجي ماپ ۽ ڀير رکندا رهيا آهن. ايئن جي ڏسجي ته هزارين سانچا سامھون ايندا. ڪٿي، اکريءَ جا الڳ الڳ نمونا ملندا ته ڪٿي وري مُھريءَ جا الڳ الڳ ڀيرَ ملندا. هر ڪاريگر، پنھنجي ڪاريگري ڏيکارڻ لاءِ ڍنگ ئي پنھنجا رکندو، جو ڏسڻ وارو ڀانپي وڃي ته ڪھڙي ڪاريگر جون وَٿُون گهڙيل آهن. گهاڻي جو به اهم هٿڻُ اُکري هوندي آهي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڪاٺ واري ڪم آڻيندا آهن، جنھن ۾ تيل پيڙڻ لاءِ لَٺ پئي ڦرندي آهي. ان کان اڳئين دور ۾ پٿر جي اُکري ڪم آڻيندا هئا.
اُکري ته وڏي ماپ ماڻ جي ٿئي ٿي، جنھن جي اوچائي، ڏيڍ کان ٻه فوٽ رکي ويندي آهي، ۽ مٿان ان جي گهيرَ جو قطر وري سوا کان ڏيڍ فوٽ ٿيندو آهي. جڏهن ته تَري جي ويڪر جو قطر اڌ فوٽ کن ٿيندو. يعني هيٺان کان سوڙهي، مٿان ويڪري، ايتري تائين جو ٻه مايون ويٺيون، واري واري سان الڳ الڳ مھريءَ جو ڪٽڪو ڏيَن. سچ ته اهڙو ڏيکُ گهر ۾ به ڏٺو. اڳين مائين جو چوڻ به اهو ئي هوندو هئو ته ڪم زندگي آهي.
ڏنڊو ڪونڊو وري سڀ جو ساٿي، جو ملنگ موالي ساهه ۾ پيا سانڍيندس. ننڍپڻ ۾ گرميءَ جي ڏينھن ۾ بابا سائينءَ کي ٿاڌل گهوٽيندي ڏٺو، پوءِ اسان کي به ڍُڪ ڍُڪ پياري ڇڏيندو هئو. سُڪون اهڙو ملندو هئو جو نه ته گرمي لڳي ۽ نه وري ڪا ننڊ ڦٽي. گهڻي ڀاڱي، اها ٿاڌل، پاڙي ۾ هڪ هَٽَ تان، مان ئي وٺي ايندو هيم، کس کس، باداميون، ڪارا مرچ، ست مغز، گلن جون پتيون وغيره ۽ مصري پوندي هئس. صافي ۾ وجهي پھرين ڌوئبو هئو، ته کس کس جي واري تَري ۾ هلي ويندي هئي، پوءِ کڻي ڪونڊي ۾ وجهبو هئو، پوءِ هوريان هوريان ڏنڊي سان گهوٽبو هئو ۽ پاڻيءَ جو ڇنڊو به پيو لڳندو هئو. گهوٽيندو بابا سائين ئي هئو، ڪيڏي ڪيڏي مھل مان به هٿ ونڊائيندو هيومانس، سو به مڙيئي ريچڪ تي، باقي گهوٽڻ ڪونه ايندو هئو. گهڻو پوءِ مون به اهڙو شوق ڪيو، ٿاڌل گهوٽي ٻارن کي گرمين ۾ پياريندو هيم، ٿاڌل پيئڻ کان پوءِ سڀڪو سُتو پيو هوندو هئو، ڄڻ ته ڪا ڀنگ پيتي هجين! مزي جي ڳالھه ته ننڍي هوندي، مان ٿاڌل کي ڀنگ چوندو هيم، هڪ ڀيري ويجهڙي هَٽ تان ڀنگ گهريم، ان وري مون کي ’گهُتي‘ جو ڏَس ڏنو، مان به وڃي ورتم. جڏهن ڏٺم ته هيءُ همراهه رڳو سايون ڏانڊيون ٿو ڏيئي، اتي مون به دانھن ڪئي ته هن ۾ باداميون ته ڪونھن. نيٺ، اهو سمجهي ويو ۽ مون کي ٻئي هَٽ جو ڏَسُ ڏيئي، چيائين ته وڃي ٿاڌل گهرُ! سو ننڍپڻ ۾ اهڙي وائڙائپ به ٿي ويندي هئي.
گهر ۾ رکيل اهو ڪونڊو، گهڻو ڪري، ڀٽ شاهه تان آندل هئو ۽ ڏنڊو وري ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جو هئو، جيڪو لڳي ٿو ته اڃا مون وٽ سنڀاليل هوندو. ڪرڙ جي ڪاٺيءَ جو ڏنڊو، هڪ ته سگهو ٿئي ٿو، ٻيو حڪيمن جي چوڻ موجب، ان جي رسُ، جسماني قوت لاءِ به ڀلي آهي. ڪونڊا وري هڪڙا عام ڪنڀر اندران لسا ٺاهيندو آهي، ٻيا وري اندران ٻُرڙِ ٻُرڙِ رکيا ويندا آهن، جن کي ڪُڪري وارو ڪونڊو چئبو آهي. ڪنڀارڪا لَسا ڪونڊا، ڪنھن شيءِ کي گهڻي مھٽ نه ڏيئي سگهندا، جڏهن ته ڪُڪري وارا ڪونڊا ڄڻ ته آهوڙيا پيا هوندا آهن.
اهڙن ڪونڊن ۾ ته گهر ۾ مايون ويڳرُ به گهوٽينديون هئيون، جنھن ۾ نموريون ۽ آهرا ڪُٽي گهوٽي وارن ۾ وجهنديون هئيون. آهرا ڪجهه نھرا ٿين ٿا، ان لاءِ ڪُڪري واري ڪونڊي ۾ چڱيءَ ريت گهوٽجي ويندا آهن. اهي ڪُڪري وارا ڪونڊا، چئن ماپن ۾ ٺاهيا ويندا آهن. هڪ: ننڍي ڪونڊي، جيڪا مني فوٽ تائين بيھاريل هوندي آهي، ٻيو: عام ڪونڊو جيڪو هڪ فوٽ تائين هوندو آهي، ٽيو: وري سوا فوٽ تائين ٿيندو آهي، چوٿو: وري ٻن فوٽن تائين به ٿئي. ايئن ئي وري ڏنڊي جي اوچائي ۽ ٿولھه الڳ الڳ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪي ته وري پراڻا ڏنڊا، گسي گسي بندرا ٿي ويندا آهن. ڏنڊي ڪونڊي جا وري اهڙا به ڪوڏيا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي ڏنڊن کي گهنگهرو هڻي، جڏهن گهمائيندا ته ڇڻ ڇڻ جو پڙلاءُ پيو ٻُرندو ۽ ڪنڌ به پيو جهومندن.
هاڻي ته شھرن ڳوٺن ۾ ٿاڌل جا ڇاٻا هڻي ويٺا آهن، جتي وڏو ڪونڊو ۽ ٿلھو ڏنڊو پوي ڦرندو ۽ گهنگهروءَ جي ڇڻ ڇڻ به پئي ٻُرندي، پر اهو ڏنڊو هلي مشين تي ٿو! آهي ساڳي تازي ٿاڌل، پر بازاري هجڻ ڪري، ان جي پوري نرملتا ۽ پوترتائي نه ٿي رهي. اڃا به اهڙي گهوٽي ۾ جنھن تور تڪ سان شيون، اسان وجهنداسين، اهي نه ٿا وجهن. بس ڏيکارڻ لاءِ باداميون، ست مغز يا ڪارا مرچ هوندا آهن، پر ان بازاري ٿاڌل ۾ اها تڪ تور نه هوندي آهي. اهو سو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته هن جديد دور ۾ جتي ڀانت ڀانت جا گرينڊر اچي ويا آهن، اتي ڏنڊي ڪونڊي وارو ڪم اڃا هلي پيو. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته گرينڊر مشين ۽ هٿ واري گهوٽي جو ڪيڏو ته وِڇاندرو آهي!
گهر ۾ امڙ کي به ڏنڊو ڪونڊو، ڪم آڻيندي ڏٺو. بابا سائينءَ جي نوڪري سدائين ٻاهر، ان لاءِ گهڻي ڀاڱي، هفتي هفتي ۾ ايندو هئو. گرمين ۾ ياد ٿو اچي، ته ڪوٺي تي سمھندا هئاسين، رات جو امڙ ’کس کس جي ڪَڻ‘ ڪپڙي ۾ ڌوئي، وارِي وغيره ڪڍي، پسائي ڇڏيندي هئي، صبح جو باک ڦٽڻ کان اڳ ئي، ان کي ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي، ديڳڙيءَ ۾ ننڍي ڦوٽي جو داڳ ڏيئي، کير ڪاڙهي، پوءِ ان ۾ گهوٽيل کس کس وجهي، پچائيندي هئي ته ڪمال جو مائي وانگر سِيرو ٺھي پوندو هئو. ان جو سواد سچ ته وسري ئي نه ٿو. ان لاءِ ٻڌائيندي هئي ته ان سان ڇاتيءَ جي بيمارين کان بچاءُ رهي ٿو ۽ دماغ تازو رهي ٿو.
مون به اهو مشاهدو ڪيو، کس کس کي پسائي، گرينڊر ۾ پيٺو، سِيرو ته ڀلو ٺھيو، پر امڙ جي هٿن جو سواد ڪا ٻي ڳالھه آهي. سچ ته گرينڊر جي پِيسَ ۽ ڏنڊي ڪونڊي جي گهوٽَ ٻه الڳ الڳ سواد ٺاهيندا. تڏهن ته هر ڪنھن جي پچائڻ جي هٿ جو فرق رهي ٿو ۽ سواد ۾ ويڇو رهي ٿو. اهو گهوٽڻ جو آڳاٽو ڍنگُ شين جو سواد نرالو رکي ٿو. جڏهن گرينڊرن جا رواج نه هئا ته ڏنڊو ڪونڊو يا اکري مھري هر گهر جي سونھن هئي. هاڻي ته سڀڪو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهي.
ڪونڊي جو اسم تصغير وري ڪونڊِي آهي، جيڪا ڪونڊي کان ننڍي ٿيندي، وري ساڳيو لفظ گلن ٻوٽن رکڻ لاءِ هڪ ٿانوَ لاءِ به ڪم اچي ٿو. ڪنڀر ننڍي ماپ ۾ گهوٽڻ لاءِ ڪونڊِي ٺاهيندا آهن. ان لاءِ ڏنڊو به ننڍڙو ٿئي، جنھن کي ’ڏنڊڙو‘ چئبو آهي. ايئن ئي اکريءَ جو اسم تصغير وري ’اُکرِڙِي‘ سڏبي آهي. اهي اُکرِڙيُون ڪُٽڻ يا گهوٽڻ جي ڪم ته گهٽ آنديون وينديون آهن، پر چند هنڌن تي پينگهن/ هِندورن يا کٽن جي پيرن ۾ رکيل ڏٺيون آهن. پينگهي جي پيرن ۾ رکڻ سان اهو ٿيندو آهي ته پينگهو لوڏي تي سِرڪندو ڪونه، ۽ کٽن جي پيرن ۾ رکي، ان ۾ پاڻيءَ ڍُڪ وجهي ڇڏبو آهي ته جيئن ڪا ڪِوِلِ يا ڪو جيت وغيره کٽ تي نه چڙهي سگهي.
اکرِي اڳي ته ماپ ۾ وڏي ٺاهي ويندي هئي، جيئن سڀني وَٿُن ۾ سوس پئي آهي، تيئن مِٽيءَ جي وَٿُن ۾ به سوس پئجي ويئي. هاڻي اوچائيءَ ۾ ڏيڍ فوٽ ۽ ويڪر ۾ سوا فوٽ کن رکي ويندي آهي. ڪنڀرُ، اکري هڪ ئي واري سان، مِٽيءَ جي ٽيرِيءَ (پنوڙي) مان ٺاهيندو آهي. البت، جڏهن تيار ٿي ويندي، ته آڊوکي (اڌ سُڪل) ڪري، پوءِ ان جي تري کي اندران، چَپَڻِ (ٺڪري جي مُھرِي) سان هوريان هوريان ڌڪ هڻندو ته جيئن ترو سگهو ٿئيس ۽ مھريءَ جي ڌڪن تي ڏري نه!
جڏهن ته ڪونڊو ٺاهڻ لاءِ مِٽيءَ ۾ وارِي ملائي ويندي آهي ۽ تيار ٿيڻ کان پوءِ به اندران ٿوري وارِي ڇڙڪبي آهي، ته جيئن ٻُرڙِ ٻُرڙِ رهيس ۽ ٽڙڪي نه! جڏهن ته ڪُڪري واري ڪونڊي ۾ اندران ڪاري رنگ جو ’ڪُڪِرو‘ ملائي، ان کي اندران ئي ڪُنيري جا ڌَڪ هڻي، ان ڪُڪري کي اندرتي ويھاريندا آهن. جڏهن ان ڪُڪري واري ڪونڊي کي سَجيھه باهه ڏيندا آهن ته اهو ڪُڪرو ٿورو رِجي، اندران ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. نئون وٺڻ مھل ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ته اندران ڪو ڪارو رنگ ڏيئي، ان تي ڪُڪرو ٻُرڪيو ويو هجي! جڏهن ته اهو ڪُڪري جو ڪمال هوندو آهي، جو ڪونڊو ٻُرڙِ ٻُرڙِ به لڳندو ۽ اندرئون ڪارو رنگ آيل به ڏسڻ ۾ ايندو. مون پاڻ گهر لاءِ هڪ ڪُڪري وارو ڪونڊو وٺي رکيو آهي، پر اڄڪلھه ڪم ۾ ناهي.
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• اکري ۾ منھن وجهبو، ته مُھري مٿي۾ لڳڻي ئي آھي. (ڏکيي ڪم ۾هٿ ڳنڍبو ته تڪليف ته ايندي)
• جيڪي اُکرين ۾ مٿو وجهندا آهن، سي مھريُن کان نه ڊڄندا آهن. (جيڪي ڏکين ڪمن ۾ هٿ ڳنڍيندا آهن، سي تڪليفن ڪارڻ پوئتي پير نه ڪندا آهن)
• اُکريءَ ۾ مٿو وجهڻ (ڄاڻي ٻجهي جان خطري ۾ وجهڻ- تڪليف کي منھن ڏيڻ)
• اُکريءَ ۾ پاڻي ڇَڙِڻُ (اجائي ڪوشش ڪرڻ)
• سج کي ڪونڊو هجڻ (برسات جي علامت هجڻ)
• ڪونڊو پيتل هجڻ (گمراهه هجڻ- بي حوصلي هجڻ- نشي ۾ هجڻ)
• هٿُ مُھريءَ ۾، مُنھن ميھر ڏي. (هٿ ڪم ۾، دل يار ڏي. ظاهري ڪم ڪندي، عبادت ۾ هجڻ)
• سورهيه اهو جو ڪُڏي اُکريءَ ۾ مٿو وجهي. (دلير اهو آهي جيڪو تڪليف کي منھن ڏيئي)
• مُھري ڀُتي ته به ڀتر ڀڃڻ جي ڪم اچي. (بيڪار وَٿُ به ڪم اچي ويندي آهي- کوٽو سڪو به ڪم اچي ويندو آهي)
• مُھريءَ کي ٻه مٿا، جيڏانھن وراءِ، تيڏانھن وَري. (ڏاڍي مڙس جي لٺ ٻئي پاسا وھندي)
• سمجهڻ وارا سمجهي ويا، ڇا سمجهن ڳنوار، اکريون ٻَڌي پيرن کي، سيھڙ چري ويا واڙ. (چوريءَ کي وڃائڻ لاءِ فضول راءِ ڏيڻ)
• اکري ٿي مُھريءَ کي ڳولھي. (جنس جنس کي ڇڪيندي/ پسند ڪندي)
• ڪُتِ، ڄارو، ڪُنڊائي، ٽيئي خلقت اجائي. (هن چوڻيءَ ۾ ڪُتِ ۽ ڄاري سان گڏ، موالين کي پڻ اجائي خلقت سڏيو ويو آهي)
• ڏنڊو پٽ ڪونڊو، ذات جو صافو. (سڀني جا افعال ساڳيا هجڻ)
• مکڻ مولائي ميلي تي، ڏنڊو ڪونڊو ڪُلھي تي. (موالي ماڻهو نشي پتي جو سمر ساڻ کڻندو آهي)
(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاحن ۽ پھاڪن جي سلسلي ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي)

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون