ڊاڪٽر الطاف جوکيو
گهاگهَرِ
سنڌ جي سڀيتا جون پاڙون، ان جي ڌرتيءَ ۽ ماڻھن جي روح ۾ کتل رهيون آهن. هڪ الڳ ٿلڳ سماج رهيو آهي، جنھن جا پنھنجا قدر آهن. انھن قدرن مان ئي سنڌي ٻولي وڌي ويجهي آهي. سنڌ جون ڪھڙيون به وَٿُون کڻو، ان تي اصطلاح ۽ پھاڪا جڙيل هوندا، يعني انھن وَٿُن سان رڳو ٻولي وڌي ويجهي ڪونھي، پر اسان جي ٻوليءَ به انھن وَٿُن جي مالڪي ڪئي آهي. سمي سان، اهي شيون به پنھنجو ساهه ڇڏين پيون، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا جو ڍنگ رهيو آهي ته نيون وٿُون، پراڻين وَٿُن جي جڳھه والارين ٿيون، پر ٻولي پنھنجو ساهه ۽ ساءُ نه ٿي ڇڏي. ان لاءِ اسان کي کپي ته جيئن ٻولي، اسان جي نئين نسل ڏانھن پلٽجي ٿي، ايئن اهي وَٿُون ۽ انھن جي سڃاڻپ به پلٽائيندا اچون. ان جي گهرج ان لاءِ به پوي ٿي ته جيئن اسان جو آئيندو، ٻوليءَ ۾ اهي اصطلاح ۽ پھاڪا ٻڌندو ٿو اچي، ته جيستائين انھن وَٿُن جي اهميت کان ڄاڻو سڃاڻو نه ٿيندو، ته پوءِ سمجهه جو دائرو ويندو گهٽبو! ان لاءِ سنڌ جي سڀيتا جي وَٿُن کان ڄاڻڻ جي وڏي گهرج پوي ٿي. اسان جي نئين نَسُل کي جڏهن سنڌي ورجيسي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ وَٿُن جو پتو پوندو ته ان جي پس منظر ۽ ٻوليءَ جي سونھن سوڀيا کان به سُچيت رهندو.
جيئن ته سنڌ جو سُر ۽ سنگيت سان سنگم رهيو آهي، ان لاءِ راڳ آلاپ به نرالا (راڻو يا ڪوهياري وغيره) ته ساز به نرالا رهيا آهن، جيئن چنگُ، بوڙينڊو، گهاگهر وغيره. اهي اهڙيون وَٿُون آهن، جيڪي اسان جي پراڻي سڀيتا مُھين جي دڙو مان به مليون آهن. جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي ساز اڃا پراڻا هوندا. جيئن ته سنڌ ۾ سنڌو درياهه سبب، ان جو وچ چيڪي مٽيءَ جو دُن رهيو آهي، ان لاءِ ان جي آڳاٽي وَٿُن جي بيھڪ به پٿر جي بدران مِٽيءَ ۾ رهي آهي. جيڪڏهن سازن کي ڏسون ٿا، سي به گهڻي ڀاڱي مِٽيءَ مان ٺھيل ملن ٿا، جيئن ڦوڪ وارو ساز: بوڙينڊو، يا وري تار ۽ لئي جو ساز: گهاگهر!
گهاگهَرِ کي گهڙو به ڪوٺيو ويندو آهي. گهَڙو، پاڻيءَ واري دِلي کي به ٿو چئجي ته وري وڄائڻ واري ساز لاءِ به ڪم ايندو آهي؛ ليڪن گهاگهر کي ’دِلو‘ نه ٿو چيو وڃي. گهاگهر جي شڪل يا بيھڪ ايئن ٿيندي آهي ته ڪناريءَ تائين گول، باقي مٿيون پاسو سڌو افقي (horizontal) نما بيھي ٿو. حالانڪ مٿيون پاسو بلڪل افقي به ناهي، ان ۾ ٿوري گولائي آهي، پر اها دِلي جي ڀيٽ ۾ اڻ لَکِي ٿئي ٿي! گهاگهر جو منھن ايترو ئي رکيو ويندو آهي، جيترو دلي جو، ساڳيا ڪنا، ساڳيو ڪنڌ، فرق صرف گولائيءَ ۽ افق جو آهي. اڃا به جيڪڏهن دِلي ۽ گهاگهر کي غور سان ڏسبو ته گهاگهر جو ڪنڌُ، دلي جي نسبت ننڍو ٿئي ٿو، البت ڪَنن وارو منھن ساڳيو رهي ٿو.
مَٽُ وري دلي کان ٿورو سوايو ٿئي ٿو، البت ان جي بيھڪ ۾ دِلي جي ڀيٽ ۾ گولائي گهڻي رکي ويندي آهي. ايئن کڻي چئجي ته مَٽُ هيٺان کان وٺي، ڪنڌ تائين گول رکيو ويندو آهي ۽ ان جي وچ ۾ ڪِناري نالي ماتر ٿيندي آهي، جڏهن ته دِلي ۾ ڪناري رکي، اتان وري گولائي گهٽائبي ويندي آهي ۽ وري گهاگهر جي بيھڪ ۾ ڪنارِي رکي، باقي ڪناريءَ کان مٿي ڪنڌ تائين ان جي گولائي نالي ماتر رکي ويندي آهي، ان لاءِ گهاگهر جي ڪناريءَ کان وٺي ڪنڌ تائين وارو پاسو، ڄڻ سڌو افقي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
بوڙينڊو ته هر ماڻھو يا مِٽيءَ سان کيڏندڙ ٻار به ٺاهي ٿو وڃي، پر گهاگهر کي رڳو ڪنڀر ئي چِيڪي مِٽيءَ مان ٺاهي سگهي ٿو. ايئن ته عام دِلو ڪنڀر ٺاهي ٿو وڃي، پر گهاگهر يا وڄائڻ وارو گهڙو، ڪو ڀلو ڪنڀر ٺاهيندو، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ سگهڙ هٿن جو پورهيو گهربل هوندو آهي. اهڙن هٿن کي ڏهه ڏهه ڀيرا جُھارُ!
ڪنڀر به مِٽي ڳوهي، گهاگهر ٺاهيندو دلي/ مَٽَ وانگر، پر هن جي بيھڪ نرالي ٿئي ٿي. ڪنڀر محمد رمضان ويٺل ڪنب، ڄاڻ ڏني ته گهاگهر ٻن قسمن جي ٺھندي آهي، هڪ پاڻي وجهڻ لاءِ، ٻي وڄائڻ واري. پاڻيءَ واري جيڪا گهاگهر ٺھي ٿي، ان جا ٻه ڀاڱا ٺھندا آهن، هڪ پورو دلي وارو، ٻيو ان جي منڍيءَ وارو! پھريائين دلو بيھاري، ان جي منڍي، لوهي پٽر سان ڪَٽي ويندي آهي، پوءِ جڏهن اها ڦٽرِي (اڌ سڪُل پاڻ ڀَري) ٿيندي، ته ان سان دلي جي الڳ سان منڍي ملائبي. اڃا به وڌيڪ هن جي پاسن واريءَ ڪناريءَ سان الڳ مٽيءَ جي جهالر لڳائڻي پوندي آهي. ان سان اهو ٿيندو ته گهاگهر جي مٿين پاسن کان هلڪو ڦلڪو بيٺل پاڻي، ان کي ٿڌي رکڻ وارو ڪم ڪندو.
اڳي ته کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٻوڪي جي بدران گهڙي يا گهاگهر جي ڪنڌ ۾ وَرتُ يا رَسِي وجهي به ڪم ڪڍيو ويندو هئو. گهڙي يا گهاگهر ۾ پاڻيءَ کان سواءِ کيرُ به رکيو ويندو هئو. گهڙي ۾ کير رکڻ سان کير مناسب گرمي پد ۾ رهندو ۽ ڦِٽندو به ڪونه! مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري ڪنڊياري ۾ هڪ شاديءَ تي وڃڻ ٿيو، گهر ڀاتي سڀ هئا، مان ننڍو هيم، اتي بابا سائينءَ سان هڪ چاهه رکندڙ پرائمري استاد شمشاد جوکيو، پورو گهڙو، کير جو ڀري آيو. شاديءَ جي مانيءَ کان پوءِ سڀني کير جو چَس ورتو. ان دور جا کاڌا پيتا به نرالا هئا، نيرن تي وري اسان کي سِيري سان ماني مِلي. اسان هروڀرو چھراڻ تي هريل، ان ڪارڻ اها نيرن وڻي ڪونه پئي، پوءِ امڙ جي ٻُلن کان بچڻ لاءِ نيرن ڪري ورتي. بس اهي ڏينھن ياد ڪجن ٿا، ته هنيانءُ جهري ٿو پوي. ڇا ته ماڻھن جي سِڪ ۽ پرِيت جو انداز هئو!
وڄائڻ واري گهاگهر هڪ ئي ڌَڪ ۾ ٺھندي آهي، ان ۾ ڪا ڌاري مِٽي نه ملائبي آهي. ٺھندي اها به دِلي وانگر، جڏهن چَڪَ تي ٺھي بيٺي، ته ان کي ڇَپو ڪبو. ڇَپي مان مراد، گهاگهر جي منڍيءَ واري ڪَني جي منھن تي مٿان هٿ جو داٻ ڏيئي، هيٺ سنئين زمين تي کوڙي رکبو. ان سان هڪ ته هٿ جي هوا واري داٻ تي اندران گهُٻ نه ڪندي ۽ ٿوري ڦوڪجي به ويندي. جڏهن چَڪ تي دلي نما گهاگهر گول ٺھي ويندي ۽ ڇَپو ڪري به رکبي، ته پوءِ ان کي اندران ڪانا يا لسيون ڪاٺيون ٽيڪ ڪري ڏبيون آهن، ته جيئن گهاگهر مٿان هيٺ جهِمَ نه کائي ۽ پنھنجي جاءِ تي ڦٽري ٿئي. جڏهن اڌ سُڪي ويندي، ته پوءِ اچي وٺبس ڦرهي (ٺپڻِي) سان ڪُٽڻَ! ڦرهو ته گهاگهر کي ٻاهران ڪُٽيندو، ان لاءِ جيستائين اندران جهَلُ نه ڏبو ته گهاگهر گهُٻائتي ٿي ويندي. ان لاءِ ڪنڀر گهاگهر کي جهولَ ۾ رکي، اندران ڪُنيرو (مٽِيءَ جو گول هٿڻ) رکي، بلڪل ان جي مٿان ٻاهران ڦرهي سان ڪُٽيندو. ڦرهي سان ڪُٽڻ سان ئي ان جي گهربل بيھڪ بيھندي. پڇاڙيءَ ۾ ليئُه ڏيئي ۽ چِٽَ ڪڍيا ويندا آهن ۽ آويءَ ۾ پچائڻ لاءِ رکبي آهي.
گهاگهر ماپ ماڻ ۾، دِلي کان وڏي ٿيندي آهي. ان جون به ٻه ماپون رکبيون آهن، هڪ ننڍي، ٻي وڏي! وڏي گهاگهر ساز طور ڪم آندي ويندي آهي، جيڪا پوري ٻانھن جيڏي ٿئي ٿي. هن جو قطر جهڙوڪر منو وال ٿي وڃي ٿي. ان کان ننڍي به ٺاهيندا آهن، جنھن جو قطر اڌ وال ٿي ٿو وڃي. عام ساز لاءِ مني وال واري قطر جي گهاگهر کي وڌيڪ کنيو ۽ وڄايو ويندو آهي.
پروفيسر رام پنجواڻي ته ڳائيندو ئي گهڙي تي هئو، ان لاءِ جواهر لال نھرو کيس سڏيندو ئي، مٽڪي وارو پروفيسر! ان کان سواءِ سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين واهڻن جي ننڍين توڻي وڏين رهاڻين ۾ گهڙي ۽ گهاگهر کي وڄائيندا رهيا آهن. هاڻي ان جا وڄائيندڙ گهٽجي ويا آهن، نه ته ڳوٺاڻين رهاڻين ۾ گهڙي يا گهاگهر تي وڄت هوندي ئي هوندي هئي. آڳاٽي دور ۾ ته ڍولڪ يا پڪواز بدران وڄندي هئي، پر هاڻي ڍولڪ سان گڏ پڻ وڄائي ويندي آهي.
آهي، ڪنڀارڪي وَٿُ، ان لاءِ ان سان ڪا تڪڙ به نه ڪبي آهي، هڪ ماپ ۾ وڏي، ٻيو وري ٿوري به وائڙائپ ڪبي ته ٽُٽي پوندي. هن جا وڄتڪار، گهاگهر کي ايئن سنڀاليندا آهن، جيئن ننڍڙي ٻار جي تات ڪجي! مون هڪ ڀيري سنڌ جي وڏي گهڙي نواز مٺا خان زرداريءَ جي گفتگو پئي ٻُڌي، ڪنھن ڳالھه جي موٽَ ۾ ٻڌايائين پئي ته ’هوائي جھاز ۾ اسلام آباد ويم پئي، جھاز جي هڪ سيٽَ تي گهڙي کي رکڻو هئو، ته ٻيءَ تي ويھڻو هئو. انتظاميه وارن نابري واري ته هيءُ مٽڪو ته سامان واري هنڌ رکڻو آهي. ليڪن سرڪاري زور هئو، ان لاءِ گهڙي کي سيٽ تي رکڻ جو بلو ڪيو ويو.‘ سو مٺا خان جي اها ڳالھه ٻڌي مون کي به سچ ته اچرج ورتو، ته ان گهاگهر لاءِ الڳ سان ٽڪيٽ بُڪ ڪئي ويئي. سچ ته مانُ ڏياريندڙ وَٿُن جو ايئن ئي مانُ ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ مٺا خان زرداريءَ گهاگهر وڄائڻ ۾ وڏو نالو ڪمايو. سندس ڪا الڳ سان ڪا سکيا ڪونه هئي، بس پنھنجي مائٽن ڪامل خان ۽ خدا بخش زرداريءَ کي ڳوٺاڻي ماحول ۾ وڄائيندي ڏسي، اتساهه ورتائين. گهڻو پوءِ جڏهن ماسٽر چندر سان وڄايائين ۽ هُن کيس ٻڌو ته ان کي سندس گهاگهر وڄائڻُ ڏاڍو وڻيو. سنڌ ۾ اچڻ ڀيري سيڙجي ساڻس ملڻ آيو، ۽ کيس وڄت جا چند انگ به ٻڌائي ويو، جنھن ۾ هيڪوٽو ٽِرڪو ۽ ٻِٽو ٽرڪو ۽ ٿاپ جا انگَ به شامل هئا. ان کان پوءِ مٺا خان، مٺا خان رهيو. احمد سولنگي ۽ الھه بخش لاسي به ڀلا گهاگهر نواز هئا، جيڪي ريڊيو پاڪستان جا ملازم رهيا. الھه بخش لاسي، گهاگهر ڪجهه وڏيرڙي رکندو هئو، سندس خيال هئو ته گهاگهر ماپ ۾ وڌيڪ گهيري واري هوندي ته آواز وڏو ۽ ٿلھو نڪرندو، پر مٺا خان جي گهاگهر ٻن فوٽن جي قطر کان مٿي نه هوندي هئي. مٺا خان پاڻ ويھي، شاهپور چاڪر جي ڪنھن ڪنڀر کان ٺھرائيندو هئو. سندس چوڻ هوندو هئو ته پوري ساري گهاگهر جو آواز سنھو ٿيندو ۽ ٻاڙو نه ٿيندو. خير، اهو ته وري هر ڪنھن جي هٿ ۽ ڪَن رَس جي مزاج تي آهي ته ان کي ڪھڙِي ۽ ڪيترِي گهاگهر ٿي آئڙي! وري به اهم ڳالھه ٻڌڻ واري تي آهي، اهو ٻڌڻ واري جو مزاج، ڌيان ۾ رکڻ به وڏي ڳالھه آهي.
گهاگهرِ جو ڀير نِجو پِجو سنڌي آهي، ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ به گهڙو يا مٽڪو وڄائين ٿا، پر سنڌ جي گهاگهر جو ڀير ۽ ان جو آواز نرالو آهي. وڄائڻ مھل گهڻي ڀاڱي کاٻو هٿ گهاگهر جي منھن تي رکيو ويندو آهي، ۽ ساڄي هٿ سان گهاگهر جي ڪناريءَ واري پاسي کي وڄايو ويندو آهي. وڄائڻ مھل کاٻي هٿ سان گهڙي جي مُنھن تي هٿ جي ٿاپ هنئي ويندي آهي ته جيئن هوا اندر خال جي جاءِ وٺِي موٽي ته هڪ آواز پيدا ڪري، جڏهن ته ساڄي هٿ جي آڱرين سان وڄت ڪئي ويندي آهي. گهاگهر کي وڄائڻ وارو ڪڇَ ۾ رکِي، پاسيرو بيھاري، پوءِ ئي وڄائيندو آهي. جڏهن ته سنڌ کان ٻاهر وارن علائقن ۾ جتي گهڙو وڄائين پيا، اهي ٻنھي هٿن جي آڱرين سان گهڙي جي ڪناريءَ کان مٿي واري پاسي وڄت ڪندا آهن. سنڌ ۾ جيئن گهاگهر وڄائي وڃي ٿي، ان جو ڀير سڀني جو ساڳيو ئي رهيو آهي. البت، وڄت سان گڏ تاڙي هڻڻ واري ٿاپ، ان وڄت ۾ وڌيڪ لئي جو چَس پيدا ڪندي آهي.
جڏهن دُهل يا دهلڙي نه هئي، ڍولڪ نه هئي، پڪواز يا نالِ نه هئي ته تال/ تار لاءِ گهڙي يا گهاگهر جي وڄت کان ڪم ورتو ويندو هئو. جيئن جيئن ماڻھوءَ ترقي ڪئي ته سازن ۾ به نواڻ ايندي ويئي، ليڪن گهاگهر جي ٿاپ کي اڄ به وساريو نه ويو آهي. بس ان جي وڄتڪارن جو لھه لحاظ نه رهيو آهي، باقي ساز طور گهاگهر اڄ به اسان وٽ جيئري آهي. سنڌ ۾ گهاگهر نواز ته گهڻائي ٿيا، ۽ ٿيندا رهندا، پر جيڪا موج مستي مٺا خان زرداريءَ جي گهڙي واري وڄت ۾ رهي، تنھن جو جواب ئي ناهي.
فقير هادي ڦل ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ به ڀلا گهڙي نواز ٿي گذريا آهن، جن ۾ فقير مير خان ٽالپر، دين محمد عرف دينڻ خاصخيلي ۽ فقير محمد بخش سھاڳ شامل آهن. محرابپور ۾ به مون زوار ٽوهه ڪنڀر کي، پير انڙ جي درگاهه تي، گهڙو وڄائيندي ڏٺو، ان وقت ان جي اهميت جو پتو نه هئو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڍولڪ وارو نه هوندو هئو ته ڍولڪ به وڄائي وٺندو هئو، پر ڍولڪ تي ايتري پڪڙ ڪونه هئس.
راجسٿان جا سنڌي مڱڻھار وري گهاگهر نه پر دِلو/ گهڙو ئي وڄائيندا آهن. ڪي وري دلي جو منھن ڪپڙي سان ٻڌي، گڏ لوهي تغاري رکي، بم ۽ تاليءَ واري تار ڪڍي وٺندا آهن. ان کان سواءِ دلي کي منھن سامهون رکي، ان ۾ وات جي ڦوڪ اڇلي، تار جي اهڙي بيھڪ بيھاريندا آهن، جيئن دهل جي نر پاسي واري ’بم‘ مان آواز جڙندو آهي ۽ ساڳئي وقت تاليءَ جي آواز لاءِ، هٿ جون آڱريون به لڳائيندا آهن. ان دلي جي وڄت وارو وري رنگ ئي نرالو ٿئي ٿو. يعني گهڙو هٿ جي آڱرين کان سواءِ ڦوڪ سان به وڄايو وڃي ٿو.
ان ڪنڀر کي جس هجي، جنھن اهڙو گهڙو ۽ گهاگهر ٺاهي، جنھن جي وڄت جي ٿاپ سنڌي ڪلواڙي ۽ ٻين تارن سان به سنگت ڪندي اچي ٿي. گهڙو، ٺھيل ته رڳو پاڻي سنڀالي رکڻ ۽ ان مان واڌارا مادا ڪڍي پيئڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ آهي، ليڪن ان کان ٻيا ڪم به ورتا ويندا آهن، جيئن: وڄت ڪرڻ، اونڌو ڪري، سيني يا پيٽ تي رکي درياه پار ڪرڻ. سھڻي ڪنڀارڻ هئي، ان لاءِ جڏهن رات جي وڳڙي ۾ ميھار سان ملڻ ويندي هئي، ته هڪ گهڙو ساڻ کڻي، درياه پار ڪري ويندي هئي ۽ ان جي ٽيڪ سان ئي موٽي ايندي هئي. جڏهن ساڻس ڊوهه ڪري، پڪي گهڙي جي جڳھه تي ڪچو گهڙو رکيو ويو ته سھڻي نيٺ ٻُڏي! ان ڳالھه کي لطيف سائينءَ هن ريت بيان ڪيو آهي:
پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين،
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
گهاگهر، گهڙو، مَٽُ، دلو وغيره اهڙيون ته وٿُون آهن، جو لطيف سائينءَ ان جي جوڙيندڙ کي مانُ ڏنو آهي، جيئن:
ڪِي جو ڪُنڀارَن، مِٽِيءَ پائي مَنِئو،
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَن،
ھِي تان ھُوندَ مَرَن، ھُن اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
صُورتَ سَاھڙ جِي، اَئِين جي ڏِسو سَڀيئيِ،
سُمھو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پَاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳيئيِ، گِهڙو سَڀِ گهَڙا کِڻي.
سچل سرمست يا ان جي ڏاڏي صاحبڏني فقير کي ’گهڙي/ گهاگهر‘ جي وڄت اهڙي ته آئُڙِي، جو انھن ’گهڙي‘ کي پريَن جي پچار سان سلھاڙي ڇڏيو ۽ ان لاءِ هڪ الڳ موضوعاتي شاعراڻي صنف ’گهڙولِي‘ بيھاري. گهڙولي به هن وقت تائين، وڏي موج مستيءَ سان ڳائي وڄائي وڃي ٿي: ’ماهي ياد گهڙولي ڀردي...‘
جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ رهي آهي، اتي پاڻياريون ويچاريون، پري پري کان پاڻي کڻي گهرجون پوريون ڪنديون آهن. گهڻي ڀاڱي ٻه دلا کڻنديون، ڪي ته وري چٽاڀيٽيءَ ۾ ٽي ٽي گهڙا به کڻن. مٿي تي سينهو رکي هڪٻئي مٿان ڀريل گهڙا کڻڻ به وڏي ڳالھه آهي. انھن ٻٽن گهڙن کي ’ٻَھڙو‘ ڪوٺيندا آهن، جيئن شاهه ڪريم چيو آهي:
پاڻياريءَ سِر ٻَھڙو، جَر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
ساٺ سَوڻن ۾ به گهڙي کي ڪم آندو ويندو آهي، جيئن: ’گهڙولو/ گهڙيالو‘ (ننڍي ٻار جي ڇِرڪ يا ڊپ لاهڻ لاءِ هڪ سَوڻ). ان ۾ ڇا ڪندا آهن جو هڪ ٿالھه يا پاٽِ ۾ ٽانڊا رکي، مٿان خالي دلو اونڌو ڪجي، پوءِ ٿالھه ۾ پاڻي وجهجي ته گهڙو بُڙ بُڙ جو آواز ڪندو. ان سان چيو ويندو آهي ته ننڍڙي ٻار مان ڇرڪ واري دُرهڙِي نڪري ويندي.
ٻوليءَ ۾ گهاگهر/ گهڙي، دِلي سان سلھاڙيل ڪافي اصطلاح ۽ پھاڪا ملن ٿا:
• ڀڳو گهڙو، ڍَئُون ڍَئُون ڪري. (ٽٽل دل واري جو ذهن يڪسان نه هوندو آهي- نظر انداز ماڻھو پيو بيبِيندو)
• ڀڳي گهڙي، ڪنا نه پون. (ننڍي هوندي سٺي تربيت مليل ناهي، ته وڏي هوندي نه ٿي مٽجي- ٽٽل دل وري نه ٿي ڳنڍجي- ڇڳل رشتا وري نه ٿا جڙن- ٽٽل شيءِ کي جوڙڻ ڏکيو آهي)
• پاڻيءَ جا گهڙا پوڻ (ڪاوڙ ڍري ٿيڻ- غصو لھڻ- مزاج ٺرڻ)
• پاڻياري سڀڪا جا سر گهڙو ڀري، ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا ڪاڻ پورھيي. (چوڻي)
• پڪي گهڙي ڪنا پوڻ (ڪُمھلو ڪم ڪرڻ- ڪم ٿيڻ کان پوءِ اصلاح جو امڪان نه هجڻ)
• ٺلھو گهڙو، وڄي گهڻو. (هلڪڙو ماڻھو، اجايا پيو حوال ڪندو آهي)
• ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي. (سھپ ۽ ڌيرج واري ماڻھوءَ کي مانُ ملندو آهي)
• ٿڌو گهڙو هئڻ (ماٺيڻو هئڻ- سٻاجهو هئڻ)
• چڪنو گهڙو هئڻ (بي اثر هئڻ- نود هئڻ- چيو نه وٺڻ)
• چِڪني گهڙي تي بوند نه ٽڪڻ (بي حيا ماڻھوءَ تي ڪوبه اثر نه ٿيڻ)
• چِڪني گهڙي تي مينھن جو ڦڙو، جھڙو پيو تھڙو نه پيو. (بي چيي ماڻھوءَ تي ڪوبه اثر نه پوندو)
• ڇڙھو، ٿڌو گهڙو. (ڇڙهي ماڻھوءَ جو نسل نه ٿو وڌي)
• ڪاچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي ٻيجو من، اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پھلا ڪريا جتن. (ڪاچ ڪٽورو، گيھه گهڙو، موتي ۽ من، ڀڳا وري نه ٺھن، تن جو ڪجي نه جتن)
• ڪچي گهڙي ۾ پاڻي، گهڻو وقت نه رھي. (هلڪڙي ماڻھوءَ ۾ سھپ ۽ راز سمائڻ جي سگهه نه هوندي آهي)
• ڪنھن جي ڪَئِيءَ ۾ گيھه گهڙا، ڪنھن جي ڪَئيءَ ۾ پٿر پيا. (چڱي ماڻھوءَ جي ڪيل ڪم ۾ سٺائي نظر ايندي، بڇڙن ماڻھن جي ڪيل ڪم ۾ برائي نظر ايندي)
• ڪورو گهڙو، پاڻ کي ڇانوَ منجھ رکائي. (ٿڌي مزاج جو ماڻھو، هر هنڌ مانُ لھي ٿو)
• گهاگهر منجهه ساگر سمائڻ (مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالھه ڪري وڃڻ)
• گهڙا ڀرڻ (شيوا ڪرڻ، ٻانھو ٿي گذارڻ)
• گھڙو اوڻو، ڇُلڪي گهڻو. (سکڻو ماڻھو، اجايا خيالي پلاءَ پچائيندو آهي- بيڪار ماڻھو اجايا حوال ڪندو آهي)
• گهڙو ڀڄڻ (وسيلو نه رهڻ)
• گهڙو ڀرجڻ (پاپ سان ڀرجي وڃڻ- سڄو گناهن سان ڀرجڻ)
• گهڙو ڀڳو تا گهوريو، ڀڄي تا نه گهَڙي. (نقصان پوي ته پوي، پر سنگت تي حرف نه اچي)
• گهڙو ڦاٽڻ (ڳالھه کُلڻ- لڪل ڪوڙ وائکو ٿيڻ- پول پڌرا ٿيڻ)
• گهڙو ڪِرڻ (عذاب نازل ٿيڻ)
• گهڙي- ماٽِيءَ جي سُڌ نه ھئڻ (اَلهڙ يا بي آزمودگار ھئڻ- وٿُن جي فرق جو پتو نه هئڻ)
• گهَگهرِي لڳڻ (تڪڙو ۽ تکو ڳالهائڻ- ڳالهائڻ ۾ پلٽا هڻڻ)
• مَکَڻَ جو گهڙو هئڻ (رڄ چڱو مڙس هئڻ- نرم مزاج جو ماڻھو هئڻ)


No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا