Friday, January 26, 2024

بوڙِينڊو- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ| ڊاڪٽر الطاف جوکيو|Dr Altaf Jokhio

 ڊاڪٽر الطاف جوکيو



بوڙِينڊو- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

سنڌي ٻوليءَ ۾ کينھُونءَ ۽ لڏُونءَ نما گول ٺھيل ڪنھن وٿُ کي ’بوڙينڊو/ بوڻينڊو/ بورينڊو‘ ڪوٺبو آهي. ڳُڙ يا کنڊ مان ڦُلن يا ترن جا گول بوڙينڊا ٺاهبا ۽ کائبا آهن. بوڙينڊو، گول گُليلَن کي به چئبو آهي، جيڪي گُليليءَ ۾ وجهي نشان چُٽبا آهن. گهرن ۾ ڏکڻھارِي جيت به ذرڙي ذرڙي مٽيءَ سان ڇتين جي هيٺان يا ڀتين ۾ ڪچو گهر ٺاهي، ٻچا ڪندي آهي، جنھن جو پاسي کان هڪ منھن کليل رهندو آهي، ان کي به بوڙينڊو ڪوٺيو ويندو آهي. تنھن کان سواءِ هڪ گول کينھونءَ نما ساز کي به ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو مِٽيءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. هيءُ مِٽيءَ جو ٺھيل ڦُوڪ وارو اهڙو ساز آهي، جيڪو مھين جي دڙي مان به مليو آهي. جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جو سنگيت جي سُرن سان گھرو ناتو رهيو آهي ۽ سازن سان سنگم ازل لاڪون آهي. تڏهن ته سنڌ جي تاريخ ۾ راءِ ڏياچ جو، هڪ ساز جي تار ۽ سُر تي، دان ۾ سِر ڏيڻ، دنيا جو هڪ انوکو مثال آهي.
اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.


مون جڏهن 1997ع ۾ سنڌي ليڪچرار لاءِ انٽرويو ڏنو، تڏهن عبدالقادر شيخ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين هئو، کيس مھين جي دڙي جي ڪاميٽيءَ جي سربراهي به سونپيل هئي، ان لاءِ گهڻي ڀاڱي، جيڪي پاڻ سوال ڪندو هئو، ان جو لاڳاپو مھين جي دڙي سان رهيو. پاڻ هر ڪاميٽيءَ ۾ ويھندو هئو، سوال به تمام گهٽ پڇندو هئو، رڳو ويٺو جاچيندو هئو. جڏهن منھنجو وارو آيو، ته مون کي پندرهن منٽن کان وڌيڪ پنجويھه منٽ ويھاريو ويو. پڇاڙيءَ ۾ شيخ صاحب مون کان ڪجهه سوال ڪيا، انهن مان هڪ سوال پڇيائين ته ’مھين جي دڙي واري کوٽائيءَ مان ڪھڙو ساز مليو آهي؟‘ منھنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته مھين جي دڙي مان ته ٺڪر ڀتر مليا آهن، اهو ساز وري ڪھڙو هوندو! اوچتو، ذهن تي ’بوڙينڊو‘ تَري آيو. اهو ان لاءِ ته ننڍپڻ ۾ مِٽيءَ مان بوڙينڊا ٺاهيا ۽ وري باهه جي تَوَ تي پچايا به! توڻي جو ان جي وڄائڻ جو پتو نه هئو، بس مڙيئي ڦوڪا ڏيئي، وندر ورونھن ڪندو هيم.
ننڍي هوندي، مون کي هُتپاندِ (ڀڄ ڀڄان) ڏاڍي هوندي هئي، جيڪا وَٿُ ڏسان يا ٻڌان، ته وس ڪري پنھنجي ضرور ٺاهيان. سچ ته، اها ئي ته وندر ورونھن هوندي آهي، ننڍپڻ جي! واريءَ جا گهر ٺاهيان، ماچيس جي دٻين واري ڪارب سان مٽيءَ جون سِرون ٺاهيان، وري ننڍڙي جاءِ ٺاهيان، ڏاڪڻ بيھاريان. امڙ کي جو مِٽيءَ جو ڪُلُ (سگري) ٺاهيندي ڏسان ته پاڻ ويھي ننڍڙا ڪُل ٺاهيان، مطلب ته ڪنھن جي به ڪاريگري ڏسان ته جيستائين پاڻ اهو ڪم نه ڪريان ته آنند ئي نه اچي. ڪاريگرن يا پورهيتن جي اوزارن کي ڏسي، اهڙا ئي ننڍڙا اوزار ٺاهي وٺان. اهڙي وندر ورونھن تي ڪو جهَليندو به ڪونه هئو. انهن ڏينھن ۾ بوڙينڊو به ٺاهيو. بوڙينڊو وڄائڻ ڏکيو ڪونهي، ان مان سُر ڪڍي بيھارڻ ڏکيو آهي.
بوڙينڊو هونئن ته گول ڳوڙهو ئي ٿئي ٿو، پر جنھن بوڙينڊي جي ساروڻي ڏجي ٿي، سو اندران پورو ٿئي ٿو ۽ ٻاهران چوڌاري کوپو رهي ٿو، مٿي ۾ ڦوڪ لاءِ هڪ ٽنگ ٿورو ويڪرو، باقي ٻه ٽنگ ننڍا ٿين ٿا، ٽنهي جي بيھڪ ٽڪنڊي ۾ رهندي. جيئن مون رانديڪو سمجهي ٺاهيو، ته پھرين مِٽيءَ کي ڳوهَه ڏني، پوءِ هڪ ليمي جي اڌ تائين، اڌ کوپو ٺاهيو، وري ٻئي ليمي تي ٻيو اڌ کوپو بيھاريو. اهي مِٽيءَ جا کوپا متان ليمي سان چنبڙي پوَن ۽ کوپو ڪڍڻ مھل ٽڙڪي پوَن، ان لاءِ پھرين ڪو ڪاڳر رکي، ان مٿان مٽي ٿِڦِي. جيستائين اهي ڦٽرا ٿين، تيستائين ڌيرج رکڻو پيو. جڏهن سمجهيم ته هاڻي کوپا آلاڻ ۽ سُڪاڻ جي وچ تي آهن، ته انهن اڌڙ کوپن کي ملائي، ڏاڍو ليپي سان مَنُ ڪري، رکيم سُڪڻ! جڏهن سمجهيم ته هاڻي سُڪي ويو آهي، ته پوءِ ڪوڪي سان ٽُنگ ڪڍيومانس، هڪ اهو جنھن مان ڦوڪ اندر وڃي، باقي ٻه ننڍڙا ٽنگ رکيم، جن تي آڱريون رکي کڻي، هوا کي روڪ ڏيئي ۽ ڇڏبي آهي. ان جي گولائيءَ جي قطر جي ماپ ٻه انچ کن ٿيندي. سڪائڻ کان پوءِ وڌومانس باهه جي ڪيرِيءَ ۾! رهيو نه ٿئي، وري کوٽي ڏسان ته ڪيترو پڪو آهي. بس مڙيئي، اڌ ڪچو اڌ پڪو، ڪڍي ٺاري، وڄايومانس. آواز ته ڀلا پيو ڪڍي، پر وڄائڻ لاءِ به مھارت کپي. نيٺ چاچي محمد جمن مرهيات کان پڇيم ته اهو ڪيئن وڄائبو! منھنجي ان سوال تي مرهيات ڏاڍو کليو، پوءِ چيائين ته ’رجب علي (چاچي مرهيات جو مون تي نالو رکيل هئو، ڇاڪاڻ ته منھنجو جنم عربي مھيني رجب المرجب جي مھيني ۾ ٿيو هئو)، مان ڪو فنڪار آهيان ڇا؟ مون به ٻڌو آهي ته ان مان رڳو ٽي سُر نڪرندا آهن.‘ هاڻي سائين، مون کي ٽي سُر ڪير سمجهائي! بس کڻي ماٺ ڪيم.
هن ساز کي هونئن ته سنڌ جو هاري ناري يا ريڍار ٻڪرار، پيو وڄائي، گهڙيون گهاريندو آهي، پر چڱيءَ ريت عام ڪرڻ ۾ مير محمد لُنڊ جو وڏو هٿ آهي. مير محمد لُنڊ ان آڳاٽي بوڙينڊي ۾ نواڻ آڻي، ٽن ٽُنگن مان پنج ٽُنگ رکيا ۽ ان جي شڪل کي به نواڻ ڏني. ان کان پوءِ هن وقت سندس پٽ ذوالفقار لُنڊ هاڪارو وڄتڪار آهي. اهي ٻئي پيءُ پٽ صدارتي ايوارڊ پڻ کڻي چڪا آهن. مان ته سندن ڳوٺ به ويو آهيان، سندن بوڙينڊي ۾ ڪيل جاکوڙ کي سلام پيش ڪجي ٿو. هينئر پوري دنيا ۾ بوڙينڊي جي ساز جي حيثيت مڃي ويئي آهي، ان جو جسُ، لُنڊ گهراڻي ڏانھن وڃي پيو. ٻڌائين ٿا ته ممتاز مرزا، مير محمد لُنڊ کي بوڙينڊي وڄائڻ لاءِ ٻاهرئين ملڪ جرمني وٺي ويو. لُنڊ صاحب اتي ٻوڙينڊو وڄايو ته ڪنھن پرڏيھي جوڙي کي ڏاڍو وڻيو. ايتري تائين جو انهن مير محمد لنڊ کان، دل گهريي ملهه تي، ڳنھڻ گهريو. مير محمد لنڊ وراڻيُن ته ’هيءُ بوڙينڊو، سنڌ جي مٽيءَ مان ٺاهي کڻي آيو آهيان، ان لاءِ سنڌ جي مٽي ڪيئن وڪڻان!‘ يعني مير محمد لُنڊ کي سنڌ جي سڀيتا ۽ سنڌ جي مِٽيءَ سان ايترو ته چاهه رهيو، جو هو سنڌ جي مِٽِيءَ مان ٺھيل ساز کي وري جيارڻ لاءِ ساهُه کنيو ۽ ساءُ وڌو.
بوڙينڊو سنڌ جو هڪ قديم ساز آهي، جيڪو مھين جي دڙي جي کوٽائيءَ مان به مليو. اهو ساز سنڌ جي ماڻهن لاءِ نئون يا اچرج ۾ وجهڻ وارو ڪونه هئو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو هاري ناري جڏهن ٻنيءَ يا باغ ۾ اڪيلو سنڀال لاءِ هوندو آهي ته بوڙينڊي مان آڏا ڦڏا سُر ڪڍي، دل ٺاريندو رهيو آهي. جڏهن کانڀاڻي لاءِ مِٽِيءَ جا ڳوڙها ٺاهيندو آهي، ته اتي ئي بوڙينڊو به ٺاهي وٺندو آهي. نٽھڻ اُس ۾ پيھي تي جهار هڪلڻ لاءِ ويٺو آهي، ته کانڀاڻيءَ سان ڳوڙها اڇلڻ جي وچ ۾ جيڪا ويساهي وٺي ان ۾ ڇا ڪري، پوءِ بوڙينڊو ان جو ساٿي رهندو آيو آهي. ٻڪرار ٻڪريون ته پيو چاريندو، پر پاڻ بيھي يا ويھي ڇا ڪري، پوءِ بوڙينڊو ان جي سڪون جو سامان هوندو آهي. ٻڪرار سان گڏ ائٺُون ٻڪريون به هري وينديون آهن. جيستائين بوڙينڊي جو آلاپ، سندن ڪنن تي نه پوندو تيستائين پيون اجايا جاٺا هڻنديون، ڇيلڙا به ان بوڙينڊي جي ڦوڪ تي پيا ٽپ ڪُڏ ڏيندا. اسُر ۽ سانجهيءَ جو وقت بوڙينڊي لاءِ مناسب ڄاتو ويندو آهي، باقي ته وڄائڻ واري جي دِل!
سُر اهڙو من موهيندڙ ترتيب ڏنل آواز ۽ آلاپ آهي، جو هر ساهوارو ان مان آنند وٺي ٿو. ڌرتيءَ جون هيٺاهيون مٿانھيون به اهو سُر سمجهن ٿيون ۽ پنھنجي اندر ۾ هڪ فريڪيونسي محسوس ڪن ٿيون. وڻ ٽڻ به ان ۾ جهومن ٿا ۽ ماٺار ۾ به رهن ٿا. سنڌ ۾ سُر ۽ ساز آواز جي ثابتي، مھين جي دڙي واري ساز بوڙينڊي سان سلهاڙيل آهي. مھين جي دڙي مان مليل بوڙينڊي، چنگ ۽ ناچڻيءَ جي مورتيءَ مان اهو پڪو اندازو ٿئي ٿو ته آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ سُر، تارَ ۽ ساز جو ميلاپ رهيو آهي، جنھن کي روح جو کاڄ ڪوٺيو پيو وڃي.
بوڙينڊي ٻڌڻ کان پوءِ ايئن لڳندو آهي ته اهو آواز ڄڻ اڳيئي جَڳ جي وٿُن يا ساهوارن ۾ هڪيو تڪيو آهي. جڏهن هوا لڳي ٿي، ته پن ڦڙڪن ٿا، آواز ڪن ٿا، ڪنھن وَٿُ مان هوا جو لنگهه ٿئي ٿو ۽ آواز ٻُري ٿو ته ڄڻ اهو پڙلاءُ ان وَٿُ جو پنھنجو لڳي ٿو، پَکي ٽارين تي ويھي ٻولين ٿا، انهن جي تنوار ۾ به ٽن سُرن (سا- ري- گا) کان وڌيڪ سُر نه هوندا آهن، پاڻي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ جاري آهي، ان جي آواز ۾ به هڪ قسم جي لَئي، ڪا وڌيڪ سُرن تي ڪونه هوندي آهي، جيت جڻيا جيڪي آواز ڪن ٿا، ته انهن جي به بوڙينڊي سان ڪا نه ڪا هڪجھڙائپ لڳي ٿي؛ مطلب ته جَڳ جي وٿُن يا ساهوارن مان جيڪي قدرتي پڙلاءَ پوَن تن جي بوڙينڊي سان ڪافي ويجهڙائپ لڳندي آهي. ڪنھن ٻنيءَ ۾، ڪنھن باغ ۾، ڪنھن پکين جي تنوارن ۾، جيتن جڻن جي جهانءِ ۾، آسمان جي گجگوڙ ۾، جهڙ مينھن جي رُت ۾، مطلب ته هر قدرتي ڏيکن ۾ جيڪي آواز ٻُرندا آهن، سي ڄڻ بوڙينڊي جي سُرن سان ملندا جلندا آهن.
اهو سُر، آواز جو روپ ڪيئن ٿو وٺي، ان لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن وات واري گهَٽ مان، هوا ساهه سان گڏ، آوازي ڦڙڪن سان ملي، نڪري ٿي ته آواز جو روپ وٺي ٿي. انهن آوازن جا ست انداز (سا- ري- گا- ما- پا- ڌا- ني)، سُر سڏرائين ٿا. اها ساهه سان کنيل يا ڇڏيل هوا، وات واري خال يا کوپي مان رڪجي لنگهي ٿي ته آواز پيدا ڪري ٿي. دنيا جا سڀ ساز ان ئي سائنس تي ٺھيل آهن. گهاگهر/ گهڙو به جڏهن وڄي ٿو، تنھن ۾ به اندر خال هوندو آهي، پوءِ جڏهن اندر هوا اڇلجي ۽ ان کي ڇڏجي ٿو ته هڪ آواز پيدا ٿئي ٿو، جنھن کي پوءِ ترتيب ۾ آڻي سُرن جو روپ ڏجي ٿو. بوڙينڊو به ايئن ئي آواز يا آلاپ ڪڍي ٿو. بوڙينڊي کي وڄائڻ ۾ هيٺئين چپ تي ايئن رکبو ته ان جو وڏو ٽُنگ بلڪل افقي هجي، پوءِ جڏهن ان ۾ هوا جي ڦوڪ هيٺتي اندر اڇلجي ٿي، ته اها خال جي جڳھه ڀري، وري نڪرڻ جي ڪري ٿي، جنھن سان آواز پيدا ٿئي ٿو. دنيا جا مڙئي ساز ان ڀير تي بيھاريل هوندا آهن. اهڙي هوا جيڪا خال جي جڳھه نه وٺندي ته آواز پيدا نه ڪندي. بوڙينڊو ان سائنس تي آڌاريل آهي. عام طور ننڍڙي شيشيءَ جي منھن ۾ اهڙي ڦوڪ جي اُڇل ڏيندا آهيون ته آواز نڪرندو آهي. ايئن ئي ڪنھن ريلَ جي کوکي کي هڪ پاسي کان آڱر ڏيئي، هيٺئين چپ تي اُڀو رکي، ڦوڪ اڇلائيندا آهيون ته ان مان آواز جڙندو آهي.
آڳاٽي بوڙينڊي جي شڪل ۾ صرف ٽي سوراخ رهيا آهن، هڪ: ڦوڪ ڏيڻ وارو، ٻه: آڱرين سان روڪي ڇڏڻ وارا. ڄاڻُن جو چوڻ آهي ته ان مان صرف ٽي سُر (سا- ري ۽ گا) نڪرندا آهن، يعني بوڙينڊي کي هيٺئين چپ تي رکي، ان جي وڏي ٽنگ مان جڏهن ڦوڪ گذاربي ته ’سا‘ جو سُر بيھندو، اتي ٻنهي آڱرين سان هيٺيان ٻئي ٽنگ بند رکبا. جڏهن ڦوڪ سان هڪ آڱر کڻبي ته ’ري‘ جو سُر بيھندو ۽ اها واپس رکي، ٻي آڱر کڻبي ته ’گا‘ جو سُر آلاپبو. اهو ڍنگ پراڻو آهي، جيڪي به ان جا ڄاڻو رهيا، انهن بوڙينڊي مان رڳو اهي ٽي ئي سُر ڪڍي سگهيا. يعني هيءُ ساز رڳو تار کي هلائي سگهي پيو، باقي وڌيڪ سُر ڪڍڻ کان لاچار هئو.
جڏهن سنڌ ۽ سنڌ جي وٿُن سان پيار رکندڙ ماڻهن ساهه کنيو، ته انهن الڳ الڳ رستا ورتا، ليڪن انهن جي نگاهه سنڌ جي سڀيتا تي رهي. ڪافي ماڻهن بوڙينڊي کي جيئرو رکڻ لاءِ جتن ڪيا، ليڪن مير محمد لُنڊ، هڪ اهڙو ماڻهو رهيو، جنھن بوڙينڊي جي سُرن ۾ واڌاري لاءِ هڪ رستو ڪڍيو. رستو ڪڍڻ مان مراد رڳو اها ناهي، ته بوڙينڊي ۾ وڌيڪ ٽنگ ٺاهي ڪا نواڻ آندي، پر هن مرهيات انهن ٽُنگن وسيلي وڌيڪ سُرن جا آلاپ پڻ ڪڍي ڏيکاريا. مير محمد لُنڊ بوڙينڊو عام مِٽيءَ مان پاڻ ٺاهيندو هئو، جنھن ۾ هن ٽن جي بدران پنج ٽُنگ رکيا. هڪ ڦوڪ وارو، باقي ٽي ٽُنگ، چئن سُرن (سا- ري- گا ۽ ما) لاءِ ۽ هڪ واڌارو، خرج ڏيڻ لاءِ جيئن هارمونيم پيٽِيءَ جي ٻئين يا چوٿين ڪاري سان ملائي سگهجي. ٽن سُرن کان چئن سُرن تائين کڻي اچڻ ۽ ان ۾ خرج جي چال رکڻ وارو واڌارو، بيشڪ هڪ آرٽ آهي. ايئن سمجهو ته مير محمد لُنڊ هڪ ٽه- سُري مِٽيءَ جي بوڙينڊي کي چار- سُرو بڻائي، ڄڻ سون جو بڻائي ڇڏيائين. وڄتڪاري ڪري وڃڻ جو لاڳاپو ته سکيا سان آهي، ليڪن ان ۾ نئين راهه ڳولهڻ ۽ نئون رستو ڪڍڻ وڏي آرٽ آهي. اڄ به جڏهن بوڙينڊي جو بيان ٿئي ٿو ته مير محمد لُنڊ جو نالو ٺھه پھه سامهون اچي ٿو وڃي.
مير محمداهڙو آرٽسٽ رهيو آهي، جنھن ان آڳاٽي بوڙينڊي کي ٽُنگن آهر نئين شڪل ڏني ۽ ان جي گولائيءَ جي ماپ کي ٿورو وڌائي، اُڀو بيھاريو ۽ ٻن ٽُنگن جي بدران چار ٽنگ رکيا، سو به ان خيال کان ته جيئن ان مان ست ئي سُر ڪڍي سگهجن. سنڌ- هند ۾ بوڙينڊي جي وڄتڪاريءَ ۽ واڌاري ۾ مير محمد وڏو نالو ڪمايو، ٻي هن جي پيداوار سندس پٽ فقير ذوالفقار لُنڊ آهي، جنھن پڻ ساڳِي پيءُ واري ريت سان پاڻ ملهايو ۽ ان بوڙينڊي ۾ وڌيڪ نَوَ ٽُنگ رکي، وڻ وڄائي ڇڏيا. هاڻي ذوالفقار انهن اٺن ٽُنگن مان مڪمل سُر (سا- ري- گا- ما- پا- ڌا- ني) آلاپي سگهي ٿو. يعني بوڙينڊي تي سنڌي لوڪ راڳ يا راڳڻيون سولائيءَ سان وڄائي وڃي ٿو. ستن ٽُنگن کي ستن سُرن لاءِ رکيو اٿائين، اٺين ٽُنگ مان مٿي واري ’سا‘ سُر کي آلاپي سگهي ٿو. يعني جيئن سُر ’سا‘ هيٺيون شروع ٿئي ٿو ۽ ٻيا سُر پورا ٿين ٿا ته مٿئين ۽ واپسي واري سُر ’سا‘ لاءِ اهو اٺون ٽُنگ ڪم آڻي ٿو. باقي مٿي وارو ٽُنگ ته آهي ئي ڦوڪ ڏيڻ لاءِ!
بوڙينڊو، هاڻي دنيا ستھه جو هڪ اهڙو ساز آهي، جنھن مان ست ئي سُر آلاپي سگهجن ٿا. اهو سچ آهي ته اهڙي اُتپن وڏي مشق کان پوءِ پيدا ٿيندي آهي، مير محمد ۽ سندس پٽ فقير ذوالفقار اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ هن سنڌ جي آڳاٽي ڦوڪ واري ساز ۾ نئون ساهه پيدا ڪري سنگيت ۾ هڪ نالو پيدا ڪيو آهي.
آڳاٽي وقت ۾ جيڪا بوڙينڊي جي عام ماپ هوندي هئي، سا بلڪل گول هوندي ئي، جنھن جو قطر هڪ اندازي موجب ٻن انچن کان ٽي انچ هوندو هئو. جڏهن ته هن وقت بوڙينڊي جي ماپ ۽ شڪل ۾ ٿورو وڇاندَرُ پيو آهي. جيڪا ماپ لُنڊ گهراڻي رکي آهي، تنھن جي شڪل آني جھڙي ٿي وڃي ٿي؛ يعني ويڪر ۾ ٻن کان اڍائي انچ ۽ اوچائيءَ ۾ ٽي کان چار انچ بيھي ٿي.
ڪنھن به آواز ۽ ترتيب ڪيل سُرن ۾ ڪيفيتون سمائڻ، هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪو عام ماڻهوءَ جي وس کان مٿي آهي. تڏهن ته سُرن کي ٻڌي ماڻهو، پاڻ مان نڪري، ڪنھن ٻئي وجود ۾ پاڻ کي ڀائيندو آهي. ايئن کڻي چئجي ته سُرن ۾ اها سگهه هوندي آهي جو ان جي گهيري ۾، ماڻهو پنھنجي وجود کي غير حقيقي ڀانئي، حقيقي وجود جو پرتوو پسي ٿو. ان ڏِس ۾ مولوي احمد ملاح جو هڪ شعر:
رات ڏِينھن تُنھنجو رُڳوئي، راڳ رَڳ رَڳ رُوح ۾،
تُنھنجون تَن مَن ۾ تَنوارُون، ’تُون‘ ڪَري ٿِي تَند تَند.
هو گهڻو هان هان ۽ هُون هُون تي هِنيون هِريَل حَبيب!
سوز کان اَڄ سُر مَنڊل جا، ٿا لڳن ناساز ساز.
سازن ۽ سُرن تي اصطلاح ۽ پھاڪا به ٻوليءَ جي سونھن آهن:
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• ساڳيو سر پيو آلاپڻ (پنھنجي ڳالهه تان نه لھڻ- هر هر ساڳي اڻوڻندڙ ڳالهه ڪرڻ)
• ڪنھن به سُرَ تار ۾ نه اچڻ (ڪنھن جي ڳالهه ئي نه ٻڌڻ- چيو نه مڃڻ- پنھنجي سمجهه وٺڻ)
• ڪومل سر لڳائڻ، تيور سر نه لڳائڻ (ٿڌي مزاج هو هجڻ)
• مڱڻھارن جو ٻار، روئي به سُر سان. (سريلي ماڻهن جا انداز به سُريلا- سڌريل ماڻهن جا ٻار به سمجهدار. طبيعت ۾ پيل عادت، وقت ڦرڻ سان به نه وڃي)
• سُرُ نه ملڻ سُرَ سان (ڪنھن ڳالهه جو ٻي ڳالهه سان تعلق نه هجڻ)
• سُر ٺھي نه ٺھي، وٺ رينگٽ کي. (ڪا ڳالهه ٺھي ئي نه، بس رڳو بڪواس ڪرڻي آهي)
• سُرَ منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا سمجهي. (بي عزتو ماڻهو، عزت مان ڇا ڄاڻي)
• پنھنجو پنھنجو سر آلاپڻ (رڳو پنھنجي ڳالهه ڪرڻ- ٻڌي نه ڪرڻ)
• ھر پکي پنھنجو راڳ آلاپي. (جيڪو اندر ۾ هوندو سو ئي ظاهر ٿيندو- هر ماڻهوءَ جو مزاج پنھنجو پنھنجو آهي)
• ناناڻن آڏو، ڏاڏاڻن جو سُرُ نه وڄي. (مِٽُ، مِٽ کي نه سھي)
• سُر آلاپيو، راڳ پروڙيو. (ماڻهو ڳالهائي، ان مان ئي سمجهي وڃجي. ڪم جي نوعيت مان ئي پتو پئجي وڃي)
(هن مضمون ۾ شامل اصطلاح ۽ پھاڪا انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهيءَ جو نتيجو آهن)

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون