Friday, January 26, 2024

گُليلِي- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ| ڊاڪٽر الطاف جوکيو|Dr Altaf Jokhio

 ڊاڪٽر الطاف جوکيو


گُليلِي- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

دنيا ۾ جيڪي به گولن يا گوليُن اڇلائڻ جا هٿڻ آهن، تن جو آڳاٽو نمونو ’گُليلِي‘، ’گُليلِ‘، ’گُليلَ‘، ’گِلولَ‘، ’گُلولَ‘ ’ٽيٽَڪُ‘ آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هيءُ لفظ اصل عربي: ’غليل‘ آهي، جنھن جي سنڌي صورتخطي ’گُليلَ‘ بيٺي آهي. سنڌي آڳاٽو نالو ’ٽِيٽَڪُ‘ اٿس. اسان جي علائقي ساهتيءَ ۾ ’گُليلِي‘ پڪارجي ٿو. هيءُ رٻڙ، ڪاٺيءَ ۽ چَموٽيءَ مان ٺھيل، شڪار ڪرڻ جو هڪ هٿڻُ آهي. گُليلِي هڪ اهڙو هٿڻ آهي، جنھن کي هر طبقي جي ماڻهن ڪم آندو هوندو. هن هٿَڻ سان هر ماڻهوءَ جي ننڍپڻ جون سارون اوس هونديون. دنيا ۾ ان انداز جا تمام گهڻا هٿڻَ آهن، جنھن جا پڻ گهڻيئي قسم ٿين ٿا. عربن جي فوج جيڪا منجنيق ڪم آندي، جنھن ذريعي، وڏن لوهي ڳوڙهن سان ڪوٽن- قلعن جي ڀتين کي لِڳڙو ڪري، ڀتيون ڀڃي داخل ٿيندي هئي، اها به گليليءَ جي ڍنگ تي رٿيل هئي. فرق رڳو اهو هو ته منجنيق وارو ڳوڙهو، افقي ٿي، مٿان گول وري ايندو هئو، جڏهن ته گليليءَ جو گليلو هلڪي هجڻ ڪري، عمودي وار ڪندو آهي. منجنيق جو ڳوڙهو لوهه جو هئو، جڏهن ته گليليءَ وارو ڳوڙهو مٽيءَ جو هوندو آهي. هتي رڳو سنڌ ۾ ڪم ايندڙ گُليلِيءَ ۽ مِٽِيءَ مان ٺھندڙ گليلي جو ذڪر ڪبو.


شڪار ڪرڻ، دشمن سان ويڙهه ڪرڻ، پنھنجو بچاءُ ڪرن، جهار هڪلڻ، نشان چُٽڻ، مطلب ته گليلِي هر اهڙي هنڌ ڪم اچي ٿي، جتي ڳوڙهو اڇلائي هڻڻ يا ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ وارو ڪم ڪرڻو هجي. هاري ناري ٻني يا باغ ۾ ويندو ته به گُليلي ساڻ کڻندو؛ ڪو ماڻهو شڪار سانگي نڪرندو ته گليلِي کڻندو، ڪو ڀاڳيو مال ڍور جي سنڀال لاءِ ويھندو ته گُليلِي ساڻ رکندو، مطلب ته آهي هٿڻ، پوءِ ڪھڙي ڪم لاءِ آڻجي، اهو ماڻهوءَ تي آهي. باقي چور چوريءَ لاءِ گُليلي ساڻ نه رکندو جو اها سندس خواري ڪرائي وجهندي.
ننڍپڻ ۾ پلاسٽڪ جي گُليلي وٺبي هئي، بنھه ننڍي، پلاسٽڪ جي ٻياني، جنھن ۾ سنها رٻڙ ۽ ننڍڙي ريگزين جي چَموٽي، پوءِ ٿيندو ايئن هئو ته ٻه ٽي ڀيرا ڪا کوکڙِي وجهي، ڪنھن کي چُٽبو هئو ته ان جو رٻڙ ٽٽي پوندو هئو، پوءِ وتندا هئاسين رڳو ڳنڍيون ڏيندا! بس رانديڪو هئو، ٻاراڻو ڪوڏ، راند ڪري وٺبي هئي. هڪ ڀيري نَلڪي جي نَل تي جهرڪي ويٺي، ڀري کڻي جو کوکڙِي هئيمانس ته جهرڪي ويچاري اچي هوديءَ ۾ پئي. امڙ اهو لقاءُ ڏٺو، ڏاڍا ٻُلا ڏنائين. ان کان پوءِ اهڙو ڪم نه ڪيو. بابا سائين به ان ڳالهه تي ڏمربو هئو ته ساسين کي نه ماريو، نه وري پڃرن ۾ قيد رکو. ان بعد مون ته ڪڏهن پکيءَ کي ڪونه چُٽيو، باقي گليليءَ سان نشان چٽيا ۽ مِٽيءَ جا گُليلا به ٺاهيا، رڳو راند کيڏڻ لاءِ!
ننڍپڻ ۾ پکين جو ڌيان نه ٿو رکجي، پر جڏهن وڏڙا اهڙي تاڪيد ڪري ٿا وجهن ته پوءِ وڏي هوندي اها تاڪيد ڪم اچي ٿي. مون به اهڙي تاڪيد پنھنجن ٻارن کي ڪئي، ان لاءِ انهن ۾ به پکين لاءِ احترام هوندو آهي. ٻارن ۾ ڪھل ڪھڪاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙيون آکاڻيون ٻڌائيندو هيم، جن سان ٻارن ۾ اهڙو احساس رهي ٿو ۽ اهو وڏي هوندي تائين تربيت جو جز رهي ٿو.
گليليءَ سان پکين يا زناورن کي چٽڻ پاپ جو ڪم آهي. البت، هاڃيڪار جانورن تي ترس کائبو ته اهي هاڃو رسائي سگهن ٿا، جيئن، ڏينڀو، ککر، نانگ وغيره. ڪي ته انهن کي به مارڻ پاپ ڀائيندا آهن. خير، پھرين پنھنجي جان جُسي جو ڌيان، پوءِ ٻئي جو احساس!
گليلي ٺھيل ٺڪيل ته ملندي آهي، پر ننڍپڻ ۾ اها ٺاهي به هئي. ڪاٺيءَ جي چُڻ اهڙي ڪبي هئي، جيڪا سَگهِي به هجي ۽ ان جي شڪل ننڍي ٻياني جھڙي يعني رومن اکر ‘Y’ يا ‘y’ يا وري ‘V’جھڙي هجي. ٻيانو ته وڏي ڪاٺيءَ کي چئبو، جنھن سان ڍنگهر وغيره کڻجن، پر گليليءَ جو ٻيانو وڌ ۾ وڌ ڇھه انچ يا اڌ فوٽ هجي. ان جي هيٺان هٿ وجهڻ جي جاءِ هجي ۽ مٿان ٻه سِڱ هجنس. سڱن جي وٿِي ۽ اوچائي وڌ ۾ وڌ ٽي انچ هجي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه انچ رهي. گليليءَ جي سڱن جي چوٽيءَ تي اڳئين هڪ پاسي، چھڪ، جهير يا جهَرِي ڪڍجي ته جيئن ڪو رٻڙ ٻڌڻ مھل گسڪي نه! ٻه انچ کن هڪ چمڙي جي ’چَموٽِي‘ ٺاهبي، جنھن جي ڇيڙن کان ٻه اهڙا ٽُنگ ڪڍبا، جن مان رٻڙ لنگهي سگهي، جيڪو ان جي پاسن کان ٻڌي سگهجي. چموٽيءَ جو هڪ پاسو سبتو سڏبو ته ٻيو پاسو ابتو رهندو. ابتو پاسو گليليءَ جي اندران رکبو ۽ سبتو پاسو گليليءَ جي ٻاهران رکبو. ٻه فوٽ کن رٻڙ کڻبا، هرهڪ جا ڇيڙا، هڪ گليليءَ جي سڱَ ۾ ٻڌبو ۽ ٻيو چَموٽِيءَ ۾ ٻڌبو. ان لاءِ سگهو سَڳو ڪم آڻجي ته سٺو ٿيندو.
رٻڙ جون ڏوريُون ڪيئن ٻڌبيُون؟ رٻڙ جو هڪ انچ ڇيڙو، گليليءَ جي هڪ سِڱ تي ايئن رکبو، جو مٿان ورائڻ مھل ان جو پڇڙ، سِڱ جي جهِريءَ جي مٿان ورِي بيھي، پوءِ زِمَ سان مٿان سڳو ڦيربو وڃبو، ته جيئن رٻڙ به سڌو بيھي ۽ سڱ جي چوٽيءَ کان مٿان وريل به ڏسڻ ۾ اچي. رٻڙ جو ٻيو ڇيڙو چَموٽِيءَ جي ابتي پاسي مان وجهي، ورائي، ان جي ڇيڙي کي به سڳي سان ٻڌبو. ايئن ٻئي رٻڙ کي گليليءَ جي ٻئي سِڱ ۾ ته ٻيو چموٽيءَ ۾ وجهي سوگهو ڪبو. يعني چموٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان رٻڙَ ٻڌبا. بس اها ئي بيھڪ آهي گليليءَ جي!
آڳاٽي دور ۾ جڏهن رٻڙن جو رواج نه هوندو هئو ته ماڻهو ڇيلي جي منڍيءَ جي کَل مان پٽيون ٺاهي، رٻڙ جو ڪم وٺندا هئا. ڇيلي جي منڍيءَ مان جيڪي پٽيون ڪم آڻبيون هئيون، ان ۾ ايتري لچڪ يا ڇِڪَ نه هوندي هئي، پوءِ جڏهن رٻڙن جو رواج پيو ته کَلَ واري خفي مان جان ڇُٽي.
گليليءَ جي ٻياني جا وري گهڻئي نمونا رکيا ويندا آهن، هڪ ته اهو جيڪوY جي شڪل جھڙو عام آهي، باقي ته رومن اکر ’V‘ وانگر به رکيو ويندو آهي. ڪي ته وري ‘y’ وانگر هڪ پاسيري هٿيي واري کي به ڪم آڻي وٺندا آهن. بس ان ۾ رڳو اها ڳالهه اهم آهي ته ان جا سِڱَ برابر هجن، جن ۾ رٻڙ ٻڌي سگهجن. رومن اکر ’V‘ وانگر ايئن ٺھيل به ڏٺا، جو ان جو ٻيانو ئي اهڙو هٿ ڪيو ويندو آهي، جو رڳو سُونھڻ (لسو ڪرڻ وارو اوزار) گهمائجي، ڪن جو وري ايئن جو ٻن ڪاٺين جا ڇيڙا پاڻ ۾ ملائي، ڪنھن ڪوڪي يا ڪليءَ جي ٻنهي پاسن کان لوهي جهَل ڏيئي سوگهو ڪيل هوندو آهي. اهو وري هلائڻ واري جي هٿ تي هوندو آهي، ته ڪھڙي شڪل وارو ٻيانو ٺيڪ ٿو لڳيس.
گُليلِي هلائڻ لاءِ گول ڳوڙها کپن، ان لاءِ چيڪي مِٽيءَ جا ٻيرَ جيترا ننڍڙا ڳوڙها ٺاهي، سڪائي رکبا، ان جي ٿولهه قطر وري هلائڻ واري تي هوندو آهي، ته سندس گليلِي ڪيتري ماپ جو ڳوڙهو سَھي اڇلائي سگهي ٿي. ان ڳوڙهن کي ’گُليلو‘ چئبو آهي.
گليليءَ جي ٻياني کي کاٻي هٿ ۾ پڪڙي، مٽيءَ جو گِلولو، چموٽِيءَ جي وچ تي رکي، ساڄي هٿ جي ٻاڪي (آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ) ۾ جهلي، جيترو ڇِڪي سگهبو، تيترو ڇڪي، سِڱن کان سڌ وارو نشانو وٺي، کڻي جو ٻاڪي کي ڍرو ڪبو ته گلولو، گولي ٿي وڃي نشاني تي لڳندو. جيڪڏهن نه لڳو ته چئبو ته ’ٻيلي، نشاني جو ڪچو آهي.‘ نشاني جو ڪچو هجڻ به گهٽتائي سمجهي ويندي آهي. ان لاءِ مڙني ڳوٺن ۾ ڪو نه ڪو هاڪارو نشانچِي اوس هوندو. نواڙي شريف ۾ هڪ ڇوڪري کي ننڍپڻ کان گليلِي ڏٺي، اهڙو ته پاپي رهيو، جو ڪو پکي ويھي يا اڏي ساهه نه ڪندو هئو. ظاهر آهي ته ايئن ٻين ڳوٺن يا شھرن ۾ به گليلي چُٽڻ جا چيٽُو هوندا.
مون وٽ گليليءَ جو هڪ ٻيانو، جست جو ٺھيل هئو، پتو ناهي ته ڪنھن ڏنو هئو، پر اهو اسان جي پاڙي ۾ پيرل لوهر جو ٺھيل هئو. اهو گهڻي ڀاڱي پراڻا جستي ٿانوَ وٺندو هئو، پوءِ ان کي بٺيءَ ۾ رِجائي، ڪنھن ڪارب ۾ وجهندو هئو ته گهربل وٿُ ٺھي پوندي هئي. مرهيات وڏو ڪاريگر هئو، اسان جي گهر ۾ جستي ننڍا وڏا چمچا به انهيءَ جا ٺھيل هوندا هئا، اهي چمچا به ڪنھن سنڀاليا ڪونه، الائي ڪيڏانھن ويا. اها جستي گليليءَ جي اَڏِي به پتو ناهي ته ڪاڏي گم ٿي ويئي.
گليلي، هاري ناريءَ لاءِ به وڏي وَٿُ آهي، خاص طور پڪل پوک يا ميوي ۾ جهار هڪلڻ لاءِ کانڀاڻيءَ کان سواءِ گليلي به ڪم آڻيندو آهي. جهار هڪلڻ لاءِ کانڀاڻي تڏهن ڪم آڻيندو، جڏهن ڪنھن پيھي يا مٿانھينءَ تي بيھي، جهار هڪلي، پر گليليءَ سان ته ويٺو هوندو ته به پيو جهار هڪليندو. ستي پئي به گليلي هلائي ويندو، ان لاءِ هاري ناري کانڀاڻيءَ سان گڏ گليلِي ضرور رکندو.
رات جو مال رزق جي سنڀال لاءِ به جيڪو ماڻهو وٿاڻ تي رهندو، سو وڏو هٿيار کڻِي نه به کڻي، ته به گُليلِي ضرور رکندو. گليليءَ سان هلڪو ڦلڪو کڙڪو ڪيون ويٺو هوندو، جنھن سان چور چڪار به ڪَنائِيندو. چور ماڻهو، ٻيا هٿڻ کڻندو پر گُليلي نه کڻندو آهي، اها رڳي ڀاڳيو ئي ساڻ رکندو.
هن واري، هڪ مزيدار ماڻهوءَ جي ڀوڳ جِي يادگيري آئي آهي، سا ونڊُ ڪجي ٿي. محرابپور ۾ محمد صالح کٽي هوندو هئو، جيڪو حسيني چَوڪ تي، سانجهيءَ ويل، هڪ ٽپڻي وڇائي، وڏي تَئي تي جيرا، ڦڦڙ ۽ ڪواب (گوشت ۽ بيسڻ جي مسالي جون ٽڪيون) تريندو هئو. چڱا ڀلا کانئس ڪواب وٺندا هئا. ماڻهن جي وٽس وڏي پيھه هوندي هئي. چرس جو موالي به گڙنگ هئو. پاسي ۾ ٻيا موالي اچي ويھندا هئس، جيڪي کيس سُلفِي ٺاهي،سَر ڪري (دکائي) ڏيندا هئا. بس پوءِ ته صالح کٽي سُلفيءَ مان لاٽيُون ڪڍندو هئو. وري مزي جي ڳالهه ته کگهندو به هئو ته جيڪو سيني مان ڄارو نڪرندو هيس، سو به ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته چاڻي نما نڪرندو، جو هٿ سان ڪڍي کڻي اڇلائيندو هئو ۽ وري ساڳئي هٿ کي پاڻيءَ مان ٻوڙي، ڪواب پيو ٺاهيندو هئو. پتو ناهي ته سندس ان چال تي ماڻهن کي ڪرڀ ڇونه وٺندي هئي! سندس ڪواب ايڏا ته سوادي هوندا هئا، جو سندس اهڙي ادا تي به سڀ راضي هئا. پوءِ جڏهن نشن ۾ ڌُت ٿيندو هئو ته کڻي ڪو نه ڪو احوال يا پنھنجو شانُ ٻڌائيندو هئو. هڪ ڀيري گهر جو هڪ قصو ٻڌايائين ته ’ٿڌي مٺي موسم هئي، ورانڊي ۾ هڪ کٽ تي منھنجي گهر واري ته ٻِي کٽ تي مان ستو پيو هئس، زماني جي ڪچھري پئي ڪئيسين. رات جا ٻه پھر گذري چڪا هئا، هڪ چور منھنجي سامهون ڀت پئي ٽپڻ گهري، مون ٿورو سُرڪو ٻڌو، نھاريم ته سامهون چور جا وار ڏسڻ ۾ آيا، ان ئي گهڙيءَ اڃا نرڙ مٿي ڪيائين، بس اها ئي مھل، مون وهاڻي جي پاسي کان گليلِي کنئي، گُليلو وجهي، ڇِڪي کڻي جو هئيمانس، ته سڌو نرڙ جي وچ تي لڳس، دانھن نڪري ويس، پڇيائين ته استاد صالح ته ناهين، مون چيو ها، توکي ڪيئن خبر پيئي، وراڻيائين ته مون نشان چٽڻ مان سمجهيو، ٻيو ڪو اهڙو هٿ سڌو نه ٿيندو.‘ خادم ڪنڀر، وڏو ڀوڳائي هوندو هئو، اهو کيس ڇيرا ڏيئي، عجيب قصا ڪڍرائيندو هئو ۽ استاد صالح اهڙا واهڙ وهائي ڇڏيندو هئو. خادم ڪنڀر ته وري اهڙو اٽڪلي، جو وڻيس ته کانئس ڪلاسيڪل راڳ پيو ڳارائي! اها ڳالهه لڳ ڀڳ 1974ع جي آهي. اِهو اُهو دور هئو جو گليلِي هلائڻ ۽ نشان چُٽڻ وڏي مھارت سمجهي ويندي هئي. جنھن وٽ پنھنجي بچاءَ لاءِ ڪو ٻيو هٿڻُ نه هوندو ته گُليلي اوس هوندي هئي. هاڻي ته جديد هٿيار اچي ويا آهن، ان لاءِ گُليليءَ کي ڪير پڇي ئي ڪونه!
گُليلِي هاڻي به هٽَن تي ملي ٿي، ساڳيو انداز، ساڳي اَڏِي، ساڳيا رٻڙ، ساڳي چموٽِي، البت اَڏين جا نمونا نرالا هوندا. اڳي ته شوقين هٿرادو ويھي ٺھرائيندا هئا. اهو ان لاءِ ته ان تي انهن جي پَڪڙَ ڀَلي ٿيندي هئي. باقي جيڪا هَٽن تي ملي ٿي، اها ايڏي سگهِي ۽ هَنڍڻِي (پائدار) به نه هوندي آهي، پنھنجي هٿَ جي ٻڌل ۽ جوٽيل وڌيڪ ڀلي رهندي آهي.
گليليءَ/ گُليلِ کي شاعرن به ياد ڪيو آهي، شيخ اياز جون سٽرون آهن:
اڃا اکين ۾ گُليل آهي، اڃا هوا ۾ پکي چُٽي ٿي،
گناهگارو ائين نه سمجهو، ته هيل پرهيزگارُ آهي.
اصطلاح ۽ پھاڪا:
• ڳوڙهو پوَڻ (آفت نازل ٿيڻ)
• انسان ڪڏهن گليلِ کان پيو ڊڄندو، ڪڏهن توپ آڏو پيو نچندو. (ماڻهوءَ جو مزاج حالتن آهر مٽبو آهي)
• شھباز آهي جانباز، صيد پڪڙي چنبن سان، چڙي مار گور دليو، ڪري قيس گليلِ سان. (چوڻي)
• ٽيٽڪ به نه هجڻ (ڪنھن ماڻهوءَ جو هر ساهواري لاءِ بي ضرر هجڻ)

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون