Friday, January 26, 2024

لغڙ- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ|ڊاڪٽر الطاف جوکيو

لغڙ- سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گرمين ۾ لغڙ، ٻارن جي وندر ورونھن جو هڪ رانديڪو آهي، جيڪو ڪنھن نرم ۽ چمڪدار ڪاڳر مان، کجي وغيره جي لچڪدار گزيُن سان جوڙيو ويندو آهي ۽ ان کي ڪاڻِ ٻَڌي، ڪنھن سڳي ڌاڳي يا ڏور سان هوا ۾ اڏاريو ويندو آهي. لغڙ جو گهڻو لاڳاپو هوا سان آهي، هوا گهُلندي ته لغڙ اڏاري سگهبو. ڪي ته وري پلاسٽڪ جي ڪَليءَ مان به جوڙي وٺندا آهن؛ پر لغڙ جي زندگي آهي، ڏينھن ڏيڍ!

لغڙ اڏائڻ واري راند دنيا جي هر سڀيتا ۾ ملي ٿي، ليڪن لغڙ جي بيھڪ هرڪنھن وٽ پنھنجي پنھنجي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ايشيا کنڊ ۾ خاص طور چين کان سنڌ ۽ هند جي سڀيتائن جو اهڃاڻ رهيو آهي.

ان لاءِ ان جا الڳ الڳ سماجن ۾ ڌار ڌار نالا آهن. هندي/ اردوءَ ۾ پتنگ ڪوٺجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پتنگُ کنڀڙاٽڙيءَ کي ٿو چئجي. لطيف سائين انهن روشنيءَ جي پروانَن (عاشقن) کي پتنگ ٿو ڪوٺي، جنھن جي زندگي رڳو هڪ ڏينھن هوندي آهي، جيئن:

پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳِ اُجهاءِ،

پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،

واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.


جامع سنڌي لغات موجب:

’لغڙ هڪ پکيءَ جو نالو آهي، جنھن جي نَر کي ’جغڙ‘ ٿو چئجي. لفظ جو اصل معلوم نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ’لغڙ‘ ۾ ’غ‘ جو آواز عربي ٻوليءَ جو آهي، جڏهن ته ان ۾ ’ڙ‘ جو آواز سنڌ- هند جي ننڍي کنڊ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو. لفظ کڻي ڪھڙي ٻوليءَ جو به هجي، پر سنڌيءَ ۾ ان کي ’لگڙ‘ بدران، ’لغڙ‘ واري صورتخطيءَ سان ئي مڃيو وڃي ٿو. جامع سنڌي لغات ۾ ’جهڳڙ باز‘ لاءِ ’جغڙ‘ به ڄاڻايل آهي ۽ لغڙ کي ان جي مادي ڄاڻايو ويو آهي. جيڪڏهن لغڙ جو نَرُ ’جهڳڙ‘ آهي، جيڪو باز جو هڪ قسم آهي، ممڪن آهي ته اصل لفظ ’لڳڙِ‘ هجي، جنھن مان ’لغڙُ‘ واري صورتخطيءَ کي ترجيح ڏني ويئي هجي. بھرحال ان لفظ ۾ آهي وڏي گڙٻڙ، جو ان جي اصل جو پتو ٺيڪ نه ٿو پوي. بس اندازو آهي، ته لفظ ’لَڳڙِ‘ مان ’لَغَڙُ‘ بڻيو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀني وٽ رواج ۾ آهي. ان کان سواءِ جامع سنڌي لغات ۾ هڪ ننڍي جھاز جي قسم لاءِ به ڄاڻايو ويو آهي. اهي ڳالهيون ڪبيون ته گهڻيون ٿي وينديون، هتي رڳو لغڙ کي ٿو پڪڙجي. لغڙ هونئن ته هٽَن تي ڪاريگرن جا ٺاهيل ملندا آهن، جنھن جا ڀانت ڀانت رنگ ۽ نمونا هوندا آهن؛ پر جيڪي پنھنجا ٺاهجن ٿا، سي نه ٿا وسرن. مون به ڪافي لغڙ ٺاهيا ۽ اُڏاريا، ۽ مانجهو (تکو سڳو) به ٺاهيو، لغڙ اڏاريندي ٻين جا به ڪاٽيا ته وري پنھنجا به ڪٽيا. اهو خفت ننڍي هوندي ڏاڍو هوندو هئو. بابي جي نوڪري ٻاهر، نانو ڪريم بخش نگاهه ۾ رکندو هئو، سو به گهر ۾ سانجهيءَ اچي، امڙ جي وَٺَ جو نه هيم، ان لاءِ گرمين ۾ نه ڏسان منجهند نه سانجهي! امڙ جي اک وٺي، مٿي ڪوٺي تي چڙهي وڃان. ڪڏهن ڪڏهن امڙ جا ٻُلا به کاوان، پر مڙان نه! بس اهي به خفت جا ويرا ٿين ٿا. ها باقي، لغڙ اڏارڻ گهر کان ٻاهر ڪونه ويندو هيم. منجهند جو ويھي لغڙ ٺاهيان ته سانجهيءَ کان اڳ ان اوسيئڙي ۾ هجان ته ڪيڏي مھل ٿي اها گهڙي اچي، ته وڃان مٿي اڏارڻ!

لغڙ ٺاهڻ جي مشق پھرين اخباري پني سان ڪيم، ليڪن ان پني ۾ هوا جو سھپ ناهي، ان لاءِ اهڙا لغڙ ڪامياب نه ٿيا. پوءِ لغڙين وارا پنا وٺي اچان، کجيءَ جون ڪاٺيون، ڀر واري ڳوٺ گاهي راهوءَ مان کڻي سنڀالي رکان، رِيل وٺي اچي، لڪائي رکي ڇڏيان. لغڙ اڏارڻ لاءِ تکي ڏوري يعني مانجهي ٺاهڻ ۾ ولائت نوناري سھڪار ڪندو هئو، پوءِ تتندڙ اس ۾ مانجهو ٺاهي، سڪائڻ واري ڪار! مطلب ته ٻاراڻي وهيءَ جا مزا دل تي ورتا. مانجهو ٺاهڻ ڏکيو هوندو هئو، ان لاءِ ٽيوب لائيٽن جا سنها شيشا يا ڪنھن ڀڳل ٿرماس جا اندريان شيشا سنڀالي رکبا هئا. ولائت نوناري ڪٿان حمام دستو (لوهي اُکڙو ۽ مُھرو) کڻي ايندو هئو، ان ۾ پھريائين شيشا ڪٽبا هئا، گهرج آهر ان جي ڪپڙَ ڇاڻ به ڪبي هئي. انهن پيٺل شيشن کي ڪنھن دٻي ۾ وجهي، ان ۾ ٿنڀڻ جون پاپڙيون، سمنڊ جي ڦِيڻ ۽ رنگ وغيره وجهي، ريٻڙو ٺاهڻ لاءِ ڪاڙهبو هئو. جڏهن اهو ريٻڙو تيار ٿي ويندو هئو ته ان ۾ ڌاڳن واري ڍيرِي يا رِيلُ وجهي، سڳي کي هڪ پاسي ٻڌي، هوريان هوريان وڃبو هئو، دٻي مان ڦيرائيندو ڪڍندو، ته جيئن سڳي کي ٺھيل مَسالو لڳندو وڃي. ڀت جي پاسن کان ڪوڪا لڳائي ان ۾ اٽڪائيندو، وري واپس ٻئي پاسي ڪوڪي کان ورائي، سڄو ريلُ ڪجهه وقت سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏبو هئو. جڏهن سُڪي وڃي، ته پوءِ ويڙهي ڍيرو ٺاهي رکبو هئو. ان جي ڌارَ جاچڻ لاءِ هڪٻئي جي هٿن ۾ سڳي جا ٽُڪر جهلي، گھبا هئا ته ڪنھن جي هٿ واري ڏوري جلد ڪٽجي ٿي وڃي. ايئن مانجهو تيار ڪبو هئو. مانجهو، سنهي ڌاڳي يعني رِيلَ مان ٺاهبو هئو، جيڪڏهن ٿورو ٿلهو هوندو ته ڪافي وزني ٿي ويندو. وزني ڏوريءَ سان لغڙ ته اڏامندو، پر ڌاڳو جهولَ ڪري بيھندو. ان لاءِ وزني سڳو ڪم نه آڻبو آهي. مون ٻه اڍائي ڀيرا، سگهي سڳي کي ڌيان ۾ رکندي، ڪشميري سڳي سان لغڙ اڏاريو، پر ان ۾ سڳو وڏي جهول ڪري بيٺو. سڳي جي اهڙي گولائيءَ واري جهڪاءَ کي ’لغڙ جي جهولَ‘ سڏبو

آهي.

لغڙ ٺاهڻ لاءِ رنگين پنا وٺبا هئا، ان جي ڪنڊ کان لغڙ جي ماپ وٺي، نشان ڏيئي، ڪنڊ ورائي ٻٽو ٽڪنڊو ڪري رکبو هئو. اهو ڪٽي، وري کي چوٽو ٽڪنڊو ڪبو هئو ۽ ان جي هڪ ڪنڊ کي وڌيڪ ڪٽبو هئو ته جيئن لغڙ رامبس (چارئي ڪنڊون گونيون نه هجڻ واري صورت) ۾ ڪٽجي. جڏهن ان کي کولبو هئو ته آمھون سامھون وارا پاسا ۽ ڪنڊون برابر بيھنديون هئيون. البت هڪ ڪنڊ 110 ڊگري ته ڀر واري ڪنڊ 80 ڊگريءَ جي بيھندي هئي. يعني آمهون سامهون واريون ڪنڊون برابر بيھنديون.

عام جيڪو لغڙ ٺاهبو هئو، ان ۾ پني کي پھرين چورسو ڪٽبو، جنھن جو هڪ پاسو 18 انچ يعني ڏيڍ فوٽ رکبو. لغڙ جي بيھڪ جيئن ته رامبس بيھارڻي آهي، ان لاءِ ڪن به ٻن آمهون سامهون وارن پاسن جون ڪنڊون اُريب (diagonal) ۾، ٽي ٽي انچ ڪٽبيون ته اهي آمهون سامهون واريون ڪنڊون، هرهڪ 110 ڊگريءَ جي ڪنڊ ٺھي بيھندي. هاڻي جيڪڏهن چئني پاسن جي ماپ ڪبي ته هر پاسو 16 انچ ٿي بيھندو. جڏهن ان رامبس چورسي جي اُريبن (چورسي کي اڌ ڪندڙ ليڪن) جي ماپ ڪبي، ته 110 ڊگريءَ وارين ڪنڊن جي اُريب جي ماپ 20 انچ بيھندي، جڏهن ته 80 ڊگريءَ وارين ڪنڊن جي اريب جي ماپ 26 انچ ٿيندي.

هاڻي جڏهن ان ۾ کجيءَ جون گَزيُون وجهبيون ته 110 وارين ڪنڊن واري اريب ۾ 20 انچ جي گَزي پوندي ۽ 80 ڊگريءَ وارين ڪنڊن ۾ ڪمان واري گزي 30 انچ پوندي. جڏهن ڪمان موڙي پاسن کان چنبڙائبي، ته 110 ڊگريءَ واري ڪنڊ کان چار انچ هيٺ ٿي بيھندي، باقي ان جو هيٺيون ڀاڱو سورهن انچ بيھندو. جتان چار انچ هيٺ ڪمان واري گزي، مَنڌيئڙي نموني ڦريَل بيھاربي ته ان جا رڳو پاسا چنبڙيل هوندا، باقي سڄي چنبڙڻ کان آجي هوندي، جيستائين وڃي ڪاڻِ وجهجيس!

اهي ته ٿيون هڪ عام لغڙ جي پني جون ماپون، جڏهن ان کي ٺاهبو ته لَئِي يا گِلو وغيره سان پھرين ننڍي اريب ۾ 20 انچ واري گزيءَ کي لَئي هڻي، ان جي وچ تي رکي چنبڙائبو ۽ پوئين پاسي کان ٿورو اڳڙيءَ سان هلڪو مھٽو ڏبو ته جيئن گزي پني ۾ ڦٻي بيھي. لَئي وغيره پَني تي ان لاءِ نه هڻبي آهي ته متان پنو ڳار ڪري! ان گزي هڻڻ ۾ به اهو خيال رکيو ويندو آهي ته اها گزي ٿورو به ٽيڙ نه ڪري ۽ نه وري هُجي. اڃا به اندرتي گهُٻ ڪري ٿي، ته تھائين ڀلو! مزي جي ڳالهه ته لغڙ جي وچ واري گزيءَ ۾ گهُٻُ رکڻ لاءِ ڪي واڌاري ان کي مٿي تي گھندا آهن ته جيئن گهٻ چٽو ٿي بيھي ۽ لغڙ لَھرا هڻڻ کان بچي پوي.اها ننڍي اريب ۾ گزي ڦٻائڻ کان پوءِ ڪمان واري گزيءَ جا صرف پاسا چنبڙائبا آهن، جيڪا وڏي اريب جي پاسن کان لڳائبي. ان لاءِ ڪمان واري گزيءَ کي انچ سوا تائين لَئي هڻي، پھرين هڪ پاسو وَٽي ورائبو، پوءِ ايئن ئي ٻيو پاسو ورائبو. گزي ۽ ڪمان جو جتي منڌيئڙو بيھندو، اهو ڪنڊ کان ٽي انچ کن هيٺ بيھندو. هاڻي لغڙ جو ڍانچو ٺھي ويو. لغڙ جا چارئي پاسا نٻل ۽ اگها ٿيندا آهن، ان لاءِ ان جي وٽِ سان، اڳيئي سڳي کي لئي هڻي، ورائبو آهي، ته جيئن ڪٿان ٿورو جهير به نه اچيس، نه ته ڦاٽڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. ڪي لغڙن جا ڪوڏيا، سونھن خاطر، لغڙ جي هيٺين ڪنڊ تي اضافي ٽڪنڊو ڪٽي هڻندا آهن، ته جيئن لغڙ جي هيٺين ڪنڊ تي ان جا نڪتل پلوَ ٺھي بيھن. ڪي ته وري ان ۾ وڌارو پُڇُ هڻي ڇڏيندا آهن. لغڙ جي پُڇ جا به نمونا ٿيندا آهن. ڪي ته اڳڙيءَ جو ڊگهو پُڇ هيٺين ڪنڊ جي گزيءَ ۾ ڌاڳي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن، ته ڪي وري، پَني کي گول وَٽ ڏيئي، مٿئون هڪ انچ ڇڏي، ڪينچيءَ جا ڪَٽ ڏيندا ۽ وري جڏهن کوليندا ته سنها سنها پڇڙ نڪري ايندا، پوءِ ان جي

مٿئين ڇڏيل پاسي کي گول ويڙهي، سڳو ٻڌي ڇڏيندا ته هڪ سھڻو جهالر سان پڇ ٺھي بيھندو، جنھن کي هيٺين گزيءَ ۾ ڌاڳي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. لغڙ جي ٺاهڻ کان پوءِ ان جا سڪي وانگر ٻه پاسا ٿيندا، هڪ لسو، ٻيو گزن وارو! لغڙ ۾ سَڳي جي ڪاڻ، لَسي پاسي کان وجهبي آهي. ڪاڻِ وجهڻ لاءِ ننڍڙي تيليءَ جي چوٽيءَ مٿان سڳو ورائي، ان جي

منھن کي لغڙ جي لسي پاسي کان تيليءَ جو زور ڏبو ته تيلي آرپار ٿي ويندي، وري ان کي موٽائڻ لاءِ گزين جي منڌيئڙي کان ورائي، وري موٽائبس، اتي موٽيل ڇيڙو سڳي سان ٻڌي ڇڏبو. ايئن ئي لغڙ جي هيٺين ڪنڊ کان سڳي جو ٻيو ڇيڙو، هيٺان کان چار انچ ڇڏي، مٿتي، ساڳي تيليءَ سان ورائي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏبي. هاڻي هڪ وال کن سڳو جو هڪ ڇيڙو منڌيئڙي ۾ ته ٻيو ڇيڙو هيٺتي ٻڌل هوندو. ان کان پوءِ منڌيئڙي واري سڳي کي پڪڙي هيٺئين ڇيڙي تائين ماپي، چپٽِيءَ ۾ رکبو، ته هيٺان واري پاسي کان سڳي کي ڇڪي، لغڙ جي مٿين ڪنڊ تائين ماپي، چپٽيءَ سان ملائي، وَٽُ ڏيئي ڳنڍ ڏبي؛ ان کي ڪاڻِ ٻڌڻ چئبو آهي. ڪاڻ ٻڌڻ جي ماپ وارو انداز وري هرڪنھن جو نرالو ٿيندو آهي. ڪاڻ جي گول ڇيڙي سان اڏارڻ وارو مانجهو يا ريل ٻڌي، لغڙ کي هيٺ رکي، جهِمَ ڏبي ته لغڙ کڄي ايندو، اتي جهٻيون به ڏبيون ته سڳي جي ڍر ڏبي وڃبس ته لغڙ مٿي هوا ۾ اڏرندو ويندو. ڪي وري ٻئي ڇوڪري کان بُل ڏياريندا آهن. بُل ڏيڻ وارو لغڙ جي پاسن کان ٻن چيچن سان پڪڙي، مٿي جهليندو. جڏهن سمجهندو ته اڳلو ڌاڳي کي ڇِڪَ ڏيئي ٿو ته بنھه ساڳي گهڙيءَ بُل وارو لغڙ کي مٿي اُڇل ڏيندو. بُل سان لغڙ سولائيءَ سان مٿي چڙهي ويندو آهي. مان جڏهن لغڙ اڏاريندو هيس ته ننڍي ڀاءُ اخلاق جوکيي کي چوندو هيس ته بُل ڏي! پوءِ جڏهن بُل ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو هئو يا لغڙ مٿي اڇل نه کائيندو هئو ته کيس ڇڙٻيندو هيم.

مون جيڪي لغڙ ٺاهيا، ان ۾ ٻه نمونا رکيا. پھرين ته اڳڙيءَ جو ڊگهو پڇ ٻڌي ڇڏيندو هيم، ته جيئن هوا ۾ لڏي ته پاڻ سنڀالي وٺي. پڇ جي ڳوراڻ سان اهو ٿيندو هئو ته اگر جي لغڙ ۾ هلڪي ڦلڪي ڪاڻِ هوندي هئي ته لغڙ کي گهُتَ هڻڻ نه ڏيندو هئو. هونئن به لغڙ جي ڪاڻِ ڪڍڻ لازمي هوندو آهي، نه ته لغڙ پاسو هڻندو ۽ ٽِڪَ هڻي نه بيھندو. ڪاڻِ به ايئن ڪڍبي آهي ته لغڙ کي هوا ۾ لوڏي ڏسبو، جنھن پاسي ڪنڌ نوائيندو، ته ٻئي پاسي کان ڪا اڳڙي ڌڳڙي وجهي ڇڏبي، ته جيئن ڪاڻِ نه ڪري ۽ پاسا هڪ ڪَرا ٿي بيھن.

لغڙن جا به دور رهيا، پھرين ته ان لغڙ کي ڀانئبو هئو، جيڪو هوا ۾ ٽِڪَ هڻي بيھي. پوءِ اهڙو لغڙ اڏاري، ڪٿي ٻڌي ڇڏبو هئو، ڪجهه وقت کان پوءِ وڃي ڏسبو هئو ته اهو لغڙ ساڳئي هنڌ پيو ٿو لُڏي! وري اهڙو وقت آيو جو لغڙ کي پنھنجي سَڌَ پٽاندر هيڏي هوڏي ڦيري سگهجي؛ اهو ان لاءِ ته جيئن ٻئي ڪنھن جي لغڙ تي چڙهت ڪري، ان کي ڪاٽي ڇڏجي. ان لغڙ ۾ پڇ ڪونه ٻڌبو هئو، جنھنڪري ان کي ٻانڊو لغڙ سڏبو هئو. ان لاءِ وري لغڙ جي ڪاڻ ٻَڌڻ ۾ چالِ رکي ويندي آهي. اهو رواج گهڻو ڪري پنجاب جي پاسي کان آيو، نه ته سنڌي سليمي سادو سودو، سو به اهڙو جو بس ٽِڪ ٻڌي بيھي، ٻئي کي تَنگ ڪرڻ جو خيال ئي نه!

لغڙ ته هوا، نه ته اڏارڻ لاءِ جُھد ڪرڻ بيڪار! هوا نه هوندي آهي ته ڪي ڇوڪرا لغڙ جي ڏوريءَ کان پڪڙي ڊڪندا ويندا، جيستائين ڊڪي سگهيو ته وقتي لغڙ پيو گڏ اڏرندس، پر جي ويھي رهيو ته بس! ايئن لغڙي ٺاهي، ڏوري ٻڌي، ڊڪ ڊڪان به ڪئيسين، پر هوا، هوا آهي، سا به پوري ساري! تيز هوا هوندي ته لغڙ به منجهي پوندو. پوري ساري هوا هوندي ته لغڙ به ٽِڪ هڻندو. جنھن دور ۾ ٽِڪَ لغڙ اڏاربو هئو، ان دور ۾ هڪ پاڙي جي دوست عطا حسين ڪنڀر (هاڻي مولوي عطا حسين بلاغي) جو لغڙ ڏٺو، جنھن لغڙ جي هيٺين ڪنڊ ۽ پاسن وارن ڪنڊن کان اٽي جا ڏيئا لڙڪائي، سَرنھَن جو تيل ۽ وَٽِ وجهي، ٻاري، اڏاري ڇڏيندو هئو. رات جي اونداهيءَ ۾ به پيو ٻرندو، پوءِ جيستائين هليو. مولوي عطا حسين لغڙن اڏارڻ ۽ ڀانت ڀانت جا مانجها ۽ چڪريون رکڻ جو وڏو ڪوڏيو رهيو. اسان سندس لغڙ اڏارڻ ڏسندا هئاسين ۽ مزو ايندو هئو. ان کان سواءِ اسان جي پاڙي ۾ منور ملاح (مُنُو ملاح) به لغڙن ڪاٽا ڪرڻ جي وڏي مھارت رکندو هئو. پاڙي ۾ مشتاق سھتي جو وري مانجهو مشھور هئو، جو ان جي لغڙ سان پيچ اڙائڻ کان سڀڪو پيو لنوائيندو هئو. چون ٿا ته هو جيڪو پنھنجو مانجهو ٺاهيندو هئو، ان ۾ ٿنڀڻ ۽ شيشن سان گڏ ’تُوتيو‘ به ملائيندو هئو. ٻين به ايئن ڪري ڏٺو، پر توتيي سبب سندن مانجهو سَڙي ٿي ويو. ان کان سواءِ مير نياز حسين ٽالپر به لغڙن اڏارڻ ۽ ڪاٽا ڪرڻ واري چٽاڀيٽيءَ جو وڏو ذوق رکندو هئو. محرابپور ۾ لغڙن اڏارڻ ۽ چٽاڀيٽيءَ وارا ٻه- ٽي مرڪز هئا.

مولوي عطا حسين ٻٽو لغڙ به ٺاهيندو هئو، جنھن کي هو ’گُڏي‘ سڏبو هئو. مون به ٻه- ٽي دفعا اها گُڏي ٺاهي. گُڏي ڪافي ڳوري ٿئي ٿي، ان لاءِ ان کي هوا جو ڪافي مقدار کپي. گڏي ٺھندي ڪيئن؟ جتي عام لغڙ جو پنو ڏيڍ فوٽ کن چورسو کڻبو آهي ته هن جو مٿيون ڀاڱو، اڍائي فوٽ کڻبو ۽ هيٺيون پاسو ڏيڍ کان هڪ فوٽ ڪٽبو. ان جي وچ ۾ گزي ايڏي وڏي رکبي جنھن ۾ ٻئي لغڙ چنبڙي وڃن. اها اُڀي ڊيگهه ۾ چئن فوٽن جي ويجهي بيھندي ۽ جيڪڏهن ويڪر جو ليکو رکبو ته مٿئين لغڙ جي ويڪر اڍائي فوٽ کن بيھندي يا سَوائي! جڏهن گزي لڳي ويئي ۽ هرهڪ جي الڳ الڳ ڪمان به لڳي ويئي، ته پوءِ ننڍي ۽ وڏي لغڙ جي هرهڪ پاسن وارين ٻنهي ڪنڊن کي ڏوريءَ سان اهڙو ٻڌبو، جو لغڙ جا ٻئي پاسا سوگها ٿي وڃن ۽ ڪنھن پاسي جهڪاءُ نه کائي. پوءِ هيٺين ڪنڊ ۽ پاسن وارين ڪنڊن کان واڌاري پني جي جهالر ڪٽي پڇ ٺاهي، ٻَڌبُس. ان جي ڪاڻِ وڏي ٿيندي. يعني مٿئين لغڙ جي منڌيئڙي ۽ هيٺئين لغڙ جي منڌيئڙي مان ڪاڻِ جو سڳو ٻڌي، ماپي کڻي ڳنڍ ڏبس. ان گُڏيءَ کي جو کٽ تي سمهارجي ته واڏڻ تائين بيھندي، وري جي جهالر وارا پڇ ڏسجنس، ته پوري کٽ تي ڇانئجي وڃي. اهي گڏيون ڪاٽا واري چٽاڀيٽيءَ لاءِ ڪونه هونديون هئيون، رڳو ٽِڪ هڻي بيھندي ۽ ڏسي دل پئي خوش ٿيندي.

مون لغڙن ٺاهڻ جي سکيا ته ڪونه ورتي، بس ڏسي ڏسي سکي ويُم. پھرين اخباري پني مان، پوءِ لغڙي پني مان ٺاهڻ جي شروعات ڪيم. ان لاءِ سامان سَڙو هٿ ڪري پوءِ ئي ٺاهڻو پوي ٿو. يعني لغڙي پنو هجي، کجيءَ جون گزيون هجن، ڪينچي هجي، ڌاڳا هجن ۽ اٽي مان ٺھيل لَئي هجي. اٽي مان لَئي ٺاهڻ خفي جو ڪم لڳو. پھرين ته مون ڪَچي لَئي ڪم آندي، پر پوءِ خبر پئي ته ٿورڙو اٽي جو ٻُرڪو ۽ چئوڻ تي پاڻي وجهي، ملائي، کڻي باهه تي رکجيس، جيئن جيئن رجهندي وڃي، تيئن تيئن ان ۾ ڪنھن ڪاٺيءَ جي ڇيتِ سان گهمائبو رهجي. پوءِ لَئي ٺاهڻ جي مھارت ملي ويئي. لغڙن کان پوءِ ڇا ڪريان، ڇا ڪريان، نيٺ لَئيءَ ۽ پني مان ڪتابن جا جُلد ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪيم. ان دور جا ڪچا پڪا جلد اڄ سوڌو آهن ۽ پيو ڏسندو آهيان.

اهو ته ٿيو ان وقت لغڙ ٺاهڻ، جڏهن پنو هجي، کجيءَ جو گزيون هجن. سامان نه هجڻ جي صورت ۾ پوءِ پلاسٽڪ جي ڪَليُن مان ٺاهيون. اهو به ڪنھن کي جو ڏٺو، ته مون به رِيسَ ڪئي. پوءِ وتندا هئاسين، ڪَليون ميڙيندا. گهڻي ڀاڱي، ڪپڙي واري هَٽَ تان اهي ڪُليون کڻندو هيم. ٻه- ٽي ڀيرا ڏاڏي آدم ميمڻ جي ڪپڙي واري هَٽ تان وٺڻ ويم. گهرڻ شرم به ٿيندو هئو، پر بابا سائينءَ جو گهاٽو دوست هئو، ان لاءِ اسان جو به خيال ڪندو هئو. اهو دور منھنجي پرائمريءَ جو آهي.

ان ڪَليءَ کي ڪٽي، پھرين ته سَرن واري ٻُھاري جون تيليون پاڻ ۾ ٻِٽيون ٻڌي، کڻي لغڙي تيار ڪبي هئي، ساڳي ڪَليءَ جي جهالر جو پڇ ٺاهي، اڏاري وٺبي هئي. تيلي ننڍي ٿيندي هئي ته ٻيو ڳنڍ ڪري، سڳن سان سوگهو ڪري کڻي گزي بيھاريندو هيم. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران پوءِ لغڙن جي ڪوڏ مان هٿ ڪڍي ويم، وري وڃي ڪرڪيٽ سان وچڙيُم.

هاڻي به پِيريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن لغڙ اڏارڻ جو مزو وٺندو آهيان، پر سيڙجي اهو ڪم نه ڪندو آهيان. 2020ع ڀيري اوطاق تي ٻارن کي لغڙ اڏاريندي ڏٺم، بس دِل سَٽَ کاڌي، کانئن کسي، اڏارڻ شروع ڪيم، عظيم نوناريءَ کان لغڙ جو بُل ڏياريم، ساڄي هٿ جي آڱر ۽ آڱوٺي ۾ مانجهي کي جهلي، لغڙ کي اڇل ڏيئي، جهِٻيُون ڏيندو ويم ۽ مانجهي کي ويم ڍر ڏيندو، تان جو لغڙ آسمان جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. وري پاسيرو ٿي، مانجهي کي پوئتي سٽ ڏيان ته جيئن اڃا مٿي چڙهي. ان وچ ۾ ڪو ٻيو ظولمي لغڙ آيو، منھنجي لغڙ جي مانجهي کان مٿان اچي سندس مانجهو بيٺو، اتي تڪڙي تڪڙي ڍَرَ ايندي ويئي. جيئن مٿان ڍَر ايندي ويئي، تيئن مون وارو مانجهو ڪٽجي ويو ۽ لغڙ گهتون هڻندو، ويو لڙڪندو، تان جو وڃي ڪٿي ڪريو. هونئن ته ٻار ڪٽيل لغڙن تي ڏاڍي ڪڙي نظر رکندا آهن ۽ پوءِ پڪڙڻ لاءِ پويان ڊَلو، پر هيءُ لغڙ تمام پري نڪري ويو هئو. ان لاءِ بيٺل ٻار به هاءِ هاءِ ڪري چُپ ٿي ويا.

گهڻي ڀاڱي لغڙ جي پويان يا لغڙن جي مانجهي ۾ ٻار پاڻ کي گهڻو هاڃو رسائيندا آهن. ان شوق ۾ ته گهڻن ڇوڪرن جو جانيون به ويون هليون. ڪٽيل لغڙن جي پويان ڏسندو آهيان ته ڇوڪرن جي ڀڄ ڀڄان هوندي آهي، جن جي نگاهه بي ساهي لغڙ ڏانھن هوندي آهي ۽ رستي جي هيٺاهين مٿاهين ڏسندا ئي ناهن. پتو تيڏي مھل پوندو آهي ته ڪو ڇوڪرو، دُون ڀر وڃي هيٺ ڪرندو آهي. جيتوڻيڪ، انهن ڇوڪرن ٻاڪرن کي لغڙ جي بُک به نه هوندي آهي، تڏهن به رونشي تي ان ڪٽيل لغڙ جي پويان ڀڄندا ۽ پاڻ کي ڇيھو رسائيندا. ڪي ڇوڪرا وري مٿي ڪوٺن تي وڃي اهڙي هنڌ لغڙ اڏائيندا، جتي ڪو اوٽَ اولو به نه هوندو، پوءِ ڌيان لغڙ ۾، پوئتي هلندا ويندا، ۽ کين اهو به احساس نه رهندو ته ان سان جان وڃي سگهي ٿي. راند جو ته بيشڪ مزو پنھنجو آهي، پر ان جي پويان جيڪا ملهائتي جان کي جوکو رسي ٿو، ان جي تڪليف مائٽن کي ٿئي ٿي. ويجهر ۾ منھنجو ڀائٽيو، ’يار سچل‘، اڳيئي سُڪل سڙيل، وڃي ڪوٺي تي لغڙ اڏاريائين، ڇت تي هيٺ مزو نه آيس، نيٺ هڪ ٺُل تي چڙهي، لغڙ پئي اڏارڻ جي ڪيائين ته ان ٺل تان ڪريو. ڪرڻ سان ٽَنگ ۾ ضرب آيس، ڪافي ڏينھن تي کٽ تي پيو رهيو.

مون ڏٺو ته آهي ته ٻارُ جڏهن راند جي شوق ۾ انڌو هوندو آهي ته هن کي ڪنھن به هاڃي جي پرواهه نه رهندي آهي، ان حالت ۾ ٻار جو خيال به ڪجي، ۽ گڏو گڏ تاڪيد به ڪجي ته جيئن هو پنھنجي جان جو ڌيان رکي سگهي. لغڙ اڏارڻ لاءِ رڳو لغڙ کي مٿي اڏارڻ يا ٻئي جي لغڙ کي ڪاٽا ڪرڻ ۾ سوڀ ناهي، پر سوڀ ان ۾آهي ته لغڙ اڏارڻ مھل پنھنجي جِندُ جانِ جي بچاءَ جو ڌيان ڌرجي. ان کان سواءِ ڏوري، مانجهي يا ڪيميڪل سڳي سان ڪنھن کي جهير به اچي سگهي ٿو، ان لاءِ وڌ ۾ وڌ پنھنجو ۽ ٻين جي جان جسي جو ڌيان ڌرڻ گهرجي. ان لاءِ بھتر ٿيندو ته ڪنھن کُليي ميدان تي لغڙ اڏائجي ته جيئن جسماني هاڃي کان بچي سگهجي ۽ بچائي سگهجي. ڪچو سَڳو ڪم آڻڻ سان وري ڳنڍي وٺبو هئو، هاڻي ته اهڙو پڪو ڪيميڪل سڳو نڪتو آهي، جو جيڪڏهن هوا ۾ ان سان ڪو پَکي لڳو ته اهو به ويچارو پنھنجي جان وڃائي ڇڏي ٿو. ان لاءِ ڪچي سڳي سان ئي لغڙ اڏارجي ۽ اهڙي جڳھه تي اڏارجي، جتي اڳتي پوئتي ٿيڻ جي سھولت هجي ۽ ڪنھن هاڃي جو اونو نه هجي.

لغڙ اسان جو اهڙو وڻندڙ رانديڪو رهيو آهي، جو رِلهين يا رلڪن تي به ان جو نقش ضرور رکندا آهيون. مون پاڻ لغڙ جي ڊزائين تي رِلهي ٺاهي هئي، جيڪا متان به گهر ۾ موجود هجي، يا وري چُڙي ويئي هجي. مولوي احمد ملاح پڻ پنھنجي هڪ ڊگهي نظم ’وٺي تپ تپي ۾ تپيدار کي‘ ۾ لغڙ کي هيئن ڪم آندو آهي:

اُڀن ڏي اُڏايئون لَکن جا لَغڙ،

هَلايئون هَوا مَنجهه هَسوار کي.

لغڙ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا موجود آهن، جيئن:

پروليون:

• ڪاغذ جو ڪڪڙ، ڌاڳي جو لغام- ڇڏ ڌاڳو ته ڪري سلام. (ڀڃڻي: لغڙ)

• ڪَن اٿس ڇڄ وانگر، ڇڄ به ناهي، ڌاڳو پويس سُئيءَ وانگر، سُئي به ناهي، اڏامي جھاز وانگر، جھاز به ناهي- ٻڌايو ته ڇاهي؟ (دستياڳ پرولي. ڀڃڻي: لغڙ)

اصطلاح ۽ پھاڪا:

• لغڙ واءَ جو محتاج. (هڪٻئي سان لازم ملزوم هجڻ)

• لغڙ ڪاٽا ٿيڻ (نقصان ٿيڻ- ڪنھن جو هلي وڃڻ- زندگيءَ ۾ نراسائي ٿيڻ)

• لغڙ ڪري اڏارڻ (کيڏ کيڏڻ- ڪنھن کي استعمال ڪرڻ)

• لغڙ هڻڻ (ڊاڙ هڻڻ- ڏٽا ڏيڻ)

• لغڙ باز هئڻ (چالاڪ هئڻ- ٻٽاڪي هئڻ)

• ڪاڻِ ڪڍڻ (پاسا هڪ ڪرا ڪرڻ- برابر ڪرڻ) هتي هيٺاهين وٺڻ جي معنى نه وٺبي.

• ڪاڻِ ٻَڌڻ (پاسا هڪ ڪَرا ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي ۾ اڳڙي وغيره وجهڻ)

• بُل ڏيڻ (ڪنھن کي موقعو ڏيڻ- اڳلي کي سَجهُه ڏيڻ) هتي ٽُپ ڏيڻ جي معنى نه وٺبي.

• رشتا ڪچن ڌاڳن جي ڏور وانگر هوندا آھن، جيستائين هلائين پيا هلندا. (چوڻي)

• ڏوري، ڏاتار جي هٿ ۾ آهي. (حياتي ۽ موت، ڌڻي تعالى جي هٿ ۾ آهي)

• لغڙ لاڙُو ھجن ته موالي نه مارائجن. (استعارةً، لغڙُ، گوءِ ۾ ڀڄندڙ ڏاند کي پڻ چئبو آھي، جنھن بابت اهو پھاڪو آھي)

• ڍر ڏيڻ (ڇڪتاڻ نه ڪرڻ- چُپ ۾ رهڻ)

• ڏور ڏيڻ (ڇوٽ ڏيڻ- ڍر ڏيڻ)

• ڪٽيل لغڙ هجڻ (هارايل هجڻ- بي ساهو هجڻ- اصل کان پري هجڻ- بيڪار هجڻ)

• سڳي ڌاڳي ۾ هجڻ (چئي آکئي ۾ هجڻ)

• لغڙ جي زندگي، ڏيڍ ڏينھن. (جھان فاني آهي)

 







No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون