سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت مختلف نظريا
منير حيدر لغاري
![]() |
| George Greorson |
سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت ٻولي جي ماھرن مختلف نظريا ڏنا آھن. سڀ کان پھرين
جنھن نظريو ڏنو سو سر جورج ابراھم گريئرس (07 جنوري 1851 کان 09 مارچ 1941) ھو. سر گريئرس پنھنجي ڪتاب Linguistic Survey of India ۾ 364 آريائي ٻولين ۽ انھن جي لھجن تي لکيو آھي. اھو لکي ٿو تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت کان پراڪرت، پراڪرت کان پالي، پالي کان شورسيني، شورسيني کان اپڀرنش، اپڀرنش کان وراچڊ اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش کان سنڌي.
![]() |
| Ashtadhyayi |
سر جارج بارھم گريئرس دنيا جي قديم سنسڪرت جي ويا ڪرڻ اشتڌيائي ( Ashtadhyayi) جيڪو پانني جو لکيل ھو، تنھن مان ايترو تہ متاثر ٿيو جو سنسڪرت کي ھندستان جي سڀني ٻولين جي ماءُ سڏيو ۽ سنڌي کي ان جي ڌي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ Ernest Trump (13 March 1828
![]() |
| Ernest Trump |
- 5 April 1885)) سنڌي ٻولي بابت چوي ٿو تہ : سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آھي،
يعني سنسڪرت مان پالي، پالي مان شورسيني، شورسيني مان اپڀرنش، اپڀرنش مان وراچڊ ۽ 11 صدي ڌاري وراچڊ مان سنڌي ٻولي.
![]() |
| Bheru Mal |
ڏيھي عالمن مان ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پھريون عالم ھو جنھن سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد تي ڪم ڪيو ۽ پنھنجو نظريو ڏنو. سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ “ بيان ڪيل نظريو سرگريئرس ۽ ارنيسٽ ٽرمپ جي نظرئي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو. سنڌي ٻولي متعلق چوي ٿو تہ: سنسڪرت مان پراڪرت، پراڪرت مان پالي، پالي مان شورسيني، شورسيني مان وراچڊ، اپڀرنش مان يارھين صدي ۾ اپڀرنش گجراتي ۽ سنڌي جو روپ ڌاري ٿي. جي رام دولت رام پڻ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت پنھنجو نظريو ڏنو جنھن ۾ سنڌي پراڪرت، سنڌي پراڪرت مان سنڌي اپڀرنش، سنڌي اپڀرنش مان يارھين صدي ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي.
![]() |
| Hotchand Molchand Gurbakhshani |
ڊاڪٽر گربخشاڻي سنسڪرت ۽ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت لکي ٿو تہ ”سنسڪرت اھا ٻولي آھي، جنھن ۾ ھندستان جي قديم زماني جا ويد، پراڻ، سمرتيون ۽ تاريخون لکيل آھن“ سنسڪرت جنھن جي معني آھي مڪمل ڪامل. سنسڪرت ٻولي جا ٽي دور آھن. 1. قديم 2. وچولو 3. آخري سنسڪرت ٻولي آريہ لوڪن جي ٻولي ھئي. انھن جي ھزارين ورھين گذرڻ کانپوءِ اسلوڪي سنسڪرت بگڙجڻ لڳي ۽ وقت گذرڻ سان قديم درجي کان ٻئي درجي ۽ ٻئي درجي کان پوءِ ٽي درجي تي پھتي. جيڪا پھرين درجي واري ٻولي ھئي، تنھنکي مھا سنسڪرت سڏيو وڃي ٿو. تنھن ۾ رگ ويد، سنھتا، يجرويد جا منتر ۽ اٿڙ ويد لکيل آھن. وچولي درجي جي سنسڪرت ۾ ويدن جي برھمن وارو ڀاڱو لکيل آھي. ٽئين درجي جي سنسڪرت جنھن کي پراڻڪ سنسڪرت سڏين تنھن ۾ رامايڻ، مھاڀارت، سمرتيون ۽ ڪاليداس جا ناٽڪ لکيل آھن. وقت گذرڻ سان سنسڪرت جي ڳالھائڻ ۾ گھڻو فرق پئجي ويو، سنسڪرت جي اھڙي تبديل ٿيل شڪل کي پراڪرت ڪوٺيو ويو، پراڪرت جي معني آھي عام يا رواجي. ڪھڙي سمي سنسڪرت پراڪرت جي شڪل ڌاري تنھن جي پروڙ نٿي پئجي سگھي، ائين پراڪرت بہ سمي جي گذرڻ سان پنھنجون حالتون تبديل ڪيون. سڀ کان جھوني پراڪرت جنھن کي پالي چون جنھن ۾ مھاراج اشوڪ جا (232 کان 272 ق م ) فرمان لکيل آھن. پالي ٻڌ ڌرم وارن جي مقدس زبان آھي. ھڪ اندازي موجب پالي جا اڌ کان گھڻا اکر عين سنسڪرت وارا آھن. جزوي ڦير ڦار کانسواءِ ٻنھي ٻولين جو ويا ڪرڻ بہ ساڳيو آھي. پراڪرت نالو انھن ٻولين لاء لاڳو آھي جي پالي جو درجو لنگھي ابتر ٿي ويون. پراڪرت ٻولي منجھان وري 5 قسم ڦٽي نڪتا آھن. 1 مھاراشٽري 2 شئورسيني 3 ماگڌي 4 پئيشاچي 5 اپڀرنش. پراڪرت جي ھنن قسمن مان مھاراشٽري کي سڀني کان اتم ڪري ليکيو اٿن، جنھن ۾ جنھن ۾ جين ڌرم جا ڌرمي ڪتاب لکيل آھن. اپڀرنش جو سڀني کان ھيٺاھون درجو آھي. اپڀرنش لفظ جي معني آھي کريل. اٽڪل 1100ع ۾ پراڪرت ٻوليون اپڀرنش کي رسيون. اپڀرنش جا ٻہ قسم آھن. ھڪ ناگر اپڀرنش جيڪو مٿاھون آھي ۽ ٻيو وراچڊ (ردي). ناگر اپڀرنش منجھان ھاڻوڪي گجراتي ٻولي ڦٽي نڪتي ۽ وراچڊ مان سنڌي.
![]() |
| Dr Nabi Bux Baloach |
ان کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٽي ماھي مھراڻ رسالي (1959) کان( 1962) ۽ جنھن کانپوء پنھنجي ڪتاب ۾ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ مٿين سڀني نظرين رد ڪندي پنھنجو نظريو پيش ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ چوي ٿو تہ سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان ناھي نڪتي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ سامي سٿ زبانن منجھان ھڪ آھي. جنھن تي پوءِ آريائي زبانن جو اثر پيو پوء انھن مان ايراني ۽ داردي ٻولين جو سنڌي ٻولي تي گھڻي ۾ گھڻو اثر پيو. پوءِ پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو اثر پيو. جنھن کي ھن طرح بيان ڪري ٿو. 3000 کان 1000 ق م تائين ابتدائي سامي سٿ زبانن منجھہ سنڌي ٻولي موجود ھئي. جنھن تي آريائي ٻولين جو اثر پيو، ان کان پوءِ ان تي اثر پيو آڳاٽي ايراني دادري ٻولين جو، ان تي اثر پيو يوناني ٻولي جو (325 ق م) ، ان کانپوءِ ترڪي ۽ داردري (150ع) ، پالي پراڪرت(40ع 50ع ق م)، ترڪي داردري (102ع کان 200ع) ، پوئين ايراني( 400ع)، ترڪي ۽ ايراني( 400ع) ڏيھي ٻوليون (500ع) کان (700ع)، عربي (700 کان 1000ع)، فارسي (1300ع کان 1900ع. مٿئين بيان ڪيل تفصيل موجب سنڌي ٻولي تي مختلف دورن ۾ انھن ٻولين جو اثر پيو آھي، جنھن جو تت سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان ناھي نڪتي بلڪي سنسڪرت کان اڳ واري دور سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي آھي، جيڪا سامي سٿ ٻولين منجھان ھڪ ھئي. جنھن تي پوءِ آريائي ٻولين پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو اثر پيو ۽ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌي نہ بلڪ ان جي ڀيڻ آھي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دليل ڏيندي وڌيڪ لکي ٿو تہ : ھن ڌرتي جي تھذيب جيڪا دنيا جي قديم تھذيبن يعني ايراني، مصري ۽ سميري تھذيبن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملايو بيٺي آھي. اتي اھو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي تہ جنھن ڌرتي تي موھن جي دڙي، ڪاھو جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي جھڙن شاندار تاريخي ماڳ ھجن ۽ آثار قديمہ جا ماھر قبول ڪندا ھجن تہ اھڙين رھواسين کي ڪا پنھنجي زبان نہ ھوندي!
![]() |
| Siraj Memon |
ڊاڪٽر بلوچ جي مضمون سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ (1 1959ع) کان پوءِ سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش جي وچ ۾ علمي بحث مباحثو ٿيو. (1962) ۾ سراج الحق سنڌي ٻولي بابت پنھنجو نظريو ڏنو، جنھن متعلق سراج صاحب چوي ٿو تہ: سنڌي ماڻھو اولھہ طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽاميا طرف پنھنجي ٻولي کڻي ويا ۽ ان کي ڦھلايائون جتي جي تھذيب تي سنڌي تھذيب جا اثرات نظر اچن ٿا. آمريڪي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر نوح ڪريمر Noah cramer ( جيڪو پينسلوانيا يونيورسٽيءَ University of Pennsylvania مان سميريا تھذيب لاءِ مقرر ٿيو ھو ) جنھن جو چوڻ ھو تہ : سميري تمدن جي جيڪي مٽي جي تختين تي لکيل اھڃاڻ مليا آھن، انھن مان اھو ثابت ٿو ٿئي تہ اتي بہ ماڻھو ڪنھن اھڙي تمدن کي ”دلمون“ سڏيندا ھئا. جنھن جو منھن اوڀر پاسي ھو، جنھن لاءِ ھنن جي دل ۾ ساراھ ۽ عقيدت مندي جا جذبات ھوندا ھئا. . سراج صاحب جو خيال آھي تہ اھو اشارو سنڌو جي تھذيب ڏانھن آھي. سراج صاحب پنھنجي نظرئي کي ڪجھہ ھن ريت بيان ڪري ٿو. سنڌي ٻولي جيڪا جنھن تعلق 5 ھزار سال پراڻي تھذيب جي لکت سان آھي. جنھن جو اثر بابل، ميسوپوٽاميا جي ٻولين ۽ سنسڪرت تي پيو. نظرئي جو تت تہ سامي سٿ زبانن تي قديم سنڌي ٻولي جو اثر آھي ۽ سنسڪرت سنڌ جي قديم سنڌي ٻولي جي ڌي آھي.
![]() |
| Ghulam Ali Allana |
سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت نظرين جي سفر ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو 1967ع ٽي ماھي مھراڻ ۾ ”سنڌي ٻولي ۾ عربي زبان جو عنصر “ تي مضمون لکيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنھنجي تحقيق جي اڀياس جا اھم جزا ھي بيان ٿو ڪري. 1. صوتي ھڪجھڙائيون 2. لفظن جي ڌاتُن جون ھڪجھڙائيون 3. ڪردنتن جي بناوت جا ھڪجھڙا اصول 4. اسم ۽ فعل جي گردانن ۾ ھڪجھڙائيون 5. ضمير ۽ فعل جي گردانن ۾ ھڪجھڙائيون اگر ڪن بہ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اھي سڀ ھڪجھڙائيون موجود آھن تہ چئبو ھڪ ٻولي ٻئي ٻولي مان نڪتي آھي يا اھي ٻوليون اڃان ڪنھن ٽي ٻولي منجھان ڦٽي نڪتيون آھن. سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ اھڙيون بيشمار ھڪجھڙائيون موجود آهن. تنھنڪري سنسڪرت ۽ سنڌي ڪنھن بنياد مان ڦٽي نڪتيون آھن. سنڌي، سنسڪرت ۽ لھندا جو اصل بنياد، قديم پراڪرت جي ھڪ ئي لھجي يعني جو ھڪ ئي محاورو يعني وراچڊ اپڀرنش. ڪاڪي ڀيرومل جي سنسڪرت لفظ بابت وضاحت ڪري ٿو تہ ”سنسڪرت جو ڌاتو س مطلب چڱو ڪرہ جنھن جي معنيٰ ڪيل. سنسڪرت چڱو ڪيل، بھتر ڪيل، مڪمل“ جنھن تي الانا صاحب لکي ٿو تہ: ديوان صاحب جي وضاحت مان اھو ظاهر ٿئي تو تہ سنسڪرت ڪنھن ٻي ٻولي جي سڌريل شڪل آھي. ان کانپوءِ ڪاڪي ڀيرو مل جي پراڪرت لفظ بابت لکي ٿو تہ: ”پراڪرتي جي معنيٰ آھي پيدا ٿيل ٻولي. پراڪرت جي معنيٰ آھي، قدرتي ٻئي معني اٿس اصلوڪي ۽ وڪرتي ھن جو ضد آھي جنھن جي معنيٰ آھي بگڙيل“. جنھن تي الانا صاحب چوي ٿو تہ: ٻنھي لفظن پراڪرت ۽ سنسڪرت جي جائزي کانپوءِ اھو سوال پيدا ٿو ٿئي تہ، اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ پراڪرت (اصلوڪي ٻولي) سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي ھجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ سنسڪرت پراڪرت جو اصل بنياد نہ آھي، پر سنسڪرت تہ پاڻ پراڪرت جي سڌريل ۽ اجاريل صورت آھي، يعني پراڪرت سنسڪرت جو بنياد آھي. الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو تہ: ماھرن جي بيان ڪيل نظرئي مطابق اھو چئي سگھجي ٿوتہ سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ ناھي. پر سنڌي، پراڪرت ۽ لھند جو اصلوڪو بنياد قديم لھجي يعني اڌيچرم جو ھڪ محاورو يعني وراچڊ اپڀرنش آھي.





.jpg)

.jpg)
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا