Sunday, January 28, 2024

عبدالله چانڊيو | شاعري


عبدالله چانديو جي شاعري
 

 

غزل

بادشا مان فقير ٺاھيو ٿي،

اي زمانا ڪٿي پڄايو ٿي ،

 

ياد ٻالڪپڻو اڃا آھي

جنم ڀومي جي لئه سڪايو ٿي،

 

ڪٿ وساري اکيون تون آيو آن

درد منھنجو نظر نه آيو ٿي،

ترڪ جيون ڪري مرون ڪھڙو

موت کان ڌڪ وڏو رسايو ٿي،

 

ڪھڙي معنا ڏيون وڇوڙي کي

ھانو ۾ چڪ صفا لڳايو ٿي ،

 

ھاڻ سڌري به وڃ اڙي چانڊيا

ڪالھ تازو ته ڌڪ پچايو ٿي.

 

 

تجريدي نظم

 

سنڌ جا چونڊيل نمائندا

کوڙ قسمن جا ڪتا پاليندا آھن،

ھنن وٽ ھڪڙا ڪتا 

صرف ڀونڪڻ لاءِ رکيل ھوندا آهن،

اھي ڪتا ڪنھن به اشو 

 يا ڪنھن بہ سياسي مخالفت تي

ايترو ته خطرناڪ ڀونڪندا آھن

جو مجبورن انھن ماڻھن کي

پنھنجن ڪنن تي 

ھٿ ڏئي ڀڄڻو پوندو آھي،

ھنن وٽ ھڪڙا ڪتا 

ڏاڙھڻ ۽ پٽڻ لاءِ به رکيل ھوندا آھن

اھي ڪتا ٻن قسمن جا ھوندا آھن

ھڪڙا ڪتا ٿلھا متارا پٽا ٻڌل

ھٿيارن سان ڏوھ جي دنيا ۾ ڇڏيل ھوندا آھن،

ھڪڙا ڪتا پڙھيل لکيل ٽايون ٻڌل

پوسٽن ئي پوسٽن تي ويٺل ھوندا آھن,

ٻنھي قسمن جي ڪتن جو ڪم صرف

ماڻھن جون ٻوٽيون پٽي

مالڪ کي ڍئو ڪرائڻ ھوندو آھي،

ھڪڙا ڪتا پنھنجي ڪتين سميت

ڪنھن بہ جلسي ۾ ,ڪنھن بہ ڌرڻي ۾

 شرڪت لاءِ رکيل ھوندا آھن،

۽ اھي ڪتا اھي ڪتيون 

سٺي نعري بازي 

سٺيون جھمريون به سکيل ھوندا آھن،

ھنن وٽ ھڪڙا ڪتا

چينلن جا لوگو 

اخبارن جي نمائندگي ورتل ھوندا آھن

جيڪي انھن جي جوتن جي پليٽ فارم تان

رات ڏينھن اڏام ڪندا آھن،

رات ڏينھن اتي لھندا آھن،

ھڪڙا ڪتا 

شاعر،اديب ، دانشور،لطيفيات 

سائنس جا ماھر ھوندا آھن

جيڪي سدائين ج

قومپرستن ،قومپرستي نظرين کي رد ڪندي

قوم کي پنھنجي مالڪن جي 

حمايت ڪرائڻ لئہ

  قصيدا گوئي ۾ مصروف ھوندا آھن،

ھڪڙا ڪتا 

اڌ قومپرست نظرياتي

۽ اڌ پيٽ پرست پارٽي جا به ھوندا آھن،

ھاڻي ھن قوم کي ئي

ايترن قسمن جون،

ايتري تعداد جون ،

زھر جون پڙيون ٺاھڻيون پونديون

جيترا ھنن وٽ پاليل ڪتن جا قسم آھن

 ۽ ڪتن جا تعداد آھن ،

نه ته مستقبل ۾ 

ھي سماج ڪتا ڪتا ئي ھوندو!!!!

 

 

نثري نظم

تخليق

 

تون وئين!

اکيون ڪجل جو رنگ

ڪڏھن نه سنڀالي سگھيون،

تون وئين !

چپن سرخي سان

 ڳاڙھو ٿيڻ لاءِ

آئيني اڳيان

ڪڏھن نه خواھش ڏيکاري،

تون وئين !

وارن ھر ھفتي 

گھٽيءَ ۾ لڳندڙ 

 سستي بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ

 شيمپو ،رولر،بڪل پوينتر ڏانھن

اک کڻي نہ نھاريو ،

تون وئين!

ڪنن بازار جي مھڙ تي

 پراڻي واسطيدار دوڪاندار گرگلياڻي کي

 ايرينگ،مگر، والا ،جھالا، ٽاپس،پنڙن  

پائڻ لاءِ ڪڏھن نه پاڻ ڏيکاريو،

تون وئين!

نرڙ ،بنديا 

ننھن ،نيل پالش 

ڳلڙن ،ڊسڪو 

پنڻڻين ،پلشان مسڪارا

ھڻڻ ڇڏي ڏنا،

تون وئين

پيرن ،پازيب 

ٻانھن ،چوڙيون ،ٻانھن پٽا ،ڪولاب

 پائڻ ڇڏي ڏنا،

پوءِ به 

ڳاڙھو جوڙو، ميندي

منڊي،دھري،سونو ھار،

دھل ،شرنايون ،

مرليون، جھمريون، 

گھنگھرو،ڇير،سيج

 لاڏا، تاڙيون ،

منھنجو پيڇو نه ٿا ڇڏين،

تون چئين ته مان 

مائٽن کي پنھنجو 

ڪفن وٺڻ لئه روانو ڪري ڇڏيان،

تون چئين ته مان

زندگي کي زندگي سمجھي جيئڻ لاءِ 

تنھنجي دڳ تي تنھنجو انتظار ڪيان

۽ توکي پنھنجي سونھن جو ورثو عطا ڪيان

جي نه ته پوءِ!

اھو سوچجان مان عورت آھيان

مونکي ھڪ نه ھڪ ڏينھن تخليق پيدا ڪرڻي آهي

تنھنجي يا ٻئي ڪنھن جي !!!!

 

 

 

تجريدي نظم

 

اکين جو باغ

 

ھن جي

اکين جي باغ ۾

خوابن جي وڻن جا 

سڀ گونچ ساوا ھيا،

۽ انھن ئي خوابن جي

وڻن جون سموريون ٽاريون 

پيار جي پکين سان ڀريل ھيون،

باغ مند ۾

 عشق جي

 ٻور جي خوشبو سان

 معطر ھيو،

ھن کي 

زندگي جي ميوي سان

 زوري جوڙيدار ڏيڻ تي ،

انھي اکين جي باغ مان 

ڳوڙھن جا طوطا

ٻاھر نڪري 

ڳلن جي رستن تي

آيا ھئا تہ

سماج ۾ ئي ٽيون ٽيون جو 

شور مچي ويو ھيو،

پوءِ ھن اکين جو 

سمورو باغ ساڙي ڇڏيو ھو !!!

 


No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون