Sunday, January 28, 2024

مرزا قليچ بيگ| منير حيدر لغاري

 

شمس العلماء مرزا قيلچ بيگ


منير حيدر لغاري

سنڌ ڌرتي جيڪا پنج هزار سال انساني تاريخ جي اعليٰ تهذيب جي مالڪ آهي جنهن صدين کان  امن محبت ڀائيچاري،  وفاداري ۽ رواداري  جو پيغام ڏنو آهي. هي ڌرتي جنهن پنهنجي ڪوڪ  منجهان اعليٰ انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهي اعليٰ انسان جنهن  پنهنجي پنهنجي  دور ۾  امن، محبت  ۽ علم جي ورکا ڪئي.  اهڙن ئي غير معمولي انسانن ۾  شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پنهنجي دور جو يگانو عالم هو. شمس العلماء مرزا قليچ  بيگ جنهن زندگي جي هر لمحي کي هڪ اعليٰ  مقصد جي بنياد تي گذاريو، اهو مقصد سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي جو هو، جنهن لاءِ مرزا صاحب  پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي ۽ سنڌي ادب جي جهول ۾ مختلف موضوعن جا 457 ڪتاب ڏيئي ٻولي کي شاهوڪار ڪري ڇڏيو. مرزا صاحب جو قلم ڪنهن هڪ موضوع تي يا ڪنهن هڪ صنف تائين محدود نه هو بلڪ علم جي دنيا جا هزارين رنگ کڻي سنڌي ٻولي کي رنگي ڇڏيو.   سائنس،  تاريخ، مذهب، اخلاقيات،  معاشيات ، سماجيات، ذراعت، باغباني، نباتات، علم انسان، علم نجوم، لسانيات، لطيفيات، شخصيات، خواب، جادو، زناني تعليم، تصوف، فلسفو، تنقيد، تحقيق، موسيقي ۽ ادب  جي هر  صنف  تي قلم وهائي سنڌي ٻولي توڙي سنڌي ادب کي هڪ عالمي حيثيت بخشي ڇڏي. سنڌ جي ادبي  تاريخ  ۾ نثر  جي سڀ کان سگھاري شخصيت مرزا صاحب جي آهي.  مرزا صاحب جي 76  سالن جي عمر ۾ پنهنجي گھريلو زندگي جي معاملات ۽ ملازمت جي ذميوارين  کي باخوبي نڀائڻ جي باوجود  وسيع مطالعو ۽ لاتعداد تصنيفون ڪنهن معجزي کان گھٽ ناهن. مرزا قليچ بيگ جي قداور شخصيت ۽ قابليت جي پويان سندس گھريلو ماحول ۽ والدين جي تربيت جو به وڏو ڪردار رهيو آهي جنهن ۾ با اخلاق والدين ۽ صاف سٿري گھريلو ماحول جو اثر سندس زندگي جي احوال مان واضع آهي.

مرزا صاحب  جا وڏا جيڪي اصل گرجستان يا جارجيا جي گادي جي هنڌ  واري شهر ٽفلس جا هئا،  جيڪي ايران جي حملي ۾ قيد ٿي ايران پهتا. مرزاقليچ بيگ جي والد جو نالو فريدون بيگ هو جيڪو ايرانين جي فوج هٿان اٺن سالن جي عمر ۾ گرفتار ٿيو، جيڪو پهرين تبريز ۽ پوءِ اصفهان ۾ رهيو. سندس نانو خسرو بيگ پڻ انهي جنگ ۾ ايران قيد ٿي آيو جيڪو پوءِ 1805ع ۾ ايران جي وزير جي طرفان مير ڪرم علي ٽالپر کي تحفي طور پيش ڪيو ويو جنهن کي مير ڪرم علي ٽالپر پنهنجو پٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته پاڻ اولاد جھڙي نعت کان خالي هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مرزا فريدون بيگ کي به گھرايو ويو. ايران کان سنڌ ۾ ايندڙ پهريان مرزا صاحب جو نانو ۽ والد صاحب هو، ٻنهي جي پاڻ ۾ چڱي محبت هوندي هئي جنهن جو احوال سندس مررزا صاحب جي آتم ڪٿا  سائو پن يا ڪارو پنو ۾ ڪجهه هن ريت آهي

 ”نانو سنڌ ۾ اڳي آيو ۽ بابا پوءِ آيو ۽ کانئس ننڍو هو پر رهندو وٽس هو، يعني ٻئي گڏ رهندا هئا، هڪڙي وطن جا هئا ۽ هڪڙي ڌڻي وٽ وري به اچي گڏ ٿيا، تنهنڪري سندن هڪٻئي سان گهڻي محبت هوندي هئي، پڇاڙي تائين پاڻ ۾ گڏ رهندا آيا ۽ هڪٻئي جي محبت ۾ رهيا ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪم ڪندا رهيا ناني پنهنجي نياڻي بابي کي پرڻائي جنهن مان اسان ٿيا سين “( ص2(

مرزا صاحب جي وڏڙن جھڙا ڏکيا ڏينهن جارجيا ۽ ايران جي جنگ دوران ڏٺا تهڙا ئي 1843ع ۾ انگريزن جي حملي ۾ پڻ ڏٺا. ميرن سان گڏ سندس ناني کي پڻ ڪلڪتي ۾ قيد ڪيو ويو. اهڙي جنگا جنگي جي ماحول ۾ سندن وڏڙن جي چڱي خاشي  ملڪيت ضايع  ٿي، سندن گھرن کي باه به لڳي جيڪا  ٽي ڏينهن لڳاتار پَئي ٻري، جنهن ۾ ڪيتروئي قيمتي سامان ۽ ڪپڙا سڙي خاڪ ٿي ويوهو، انهن ڏينهن ۾ مسڪيني واري حالت هوندي به مرزا فريدون بيگ پنهنجي اولاد جي تعليم کي نظرانداز نه ڪيو. جيتوڻيڪ مسلمانن جي خاندانن جو انگريزي تعليم ڏانهن تمام گھٽ لاڙو هو ۽ انگريزي تعليم کي عيب ڪري سمجهيو ويندو هو، پر مرزا فريدون بيگ علم جي اهميت کان باخوبي واقف هو ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم لاءِ سدائين فڪر مند هوندو هو. سندس اولاد جي  شروعاتي تعليم ٽنڊي ٽوڙهي ۾ آخوند محمد شفيع وٽ ڏياري ۽ ان کانپوءِ پنهنجن وڏن پٽن کي انگريزي اسڪول ۾ مسٽر وشنو گهنشام وٽ ڏياري اتان کانپوءِ بمبئي جي ايلفنٽسن ڪاليج مان ڏياري. مرازا قليچ بيگ ۽ ننڍن پٽن کي آخوند محمد شفيع کانپوءِ  حيدرآباد جي سنڌي اسڪول  ۽ ان کانپوءِ انگريزي اسڪول مان ڏياري.

مرزا صاحب جو والد ۽ والده طبيعتن  سادي سڀاءُ جا مالڪ هئا، سندن رهڻي ڪهڻي اجائي ٺاه ٺوه، جهڳمڳ، ٺاٺ باٺ کان خالي هئي، اصولن جا پابند، جرئت مند ،بردبار ۽ وڏي دل جا مالڪ هئا ۽ خدا جي ذات ۾ پڪو ايمان هئن،  سندن آخري وقت تائين به مايوسي پلئه نه پئي . مرزا قليچ پنهنجي سوانح عمري ۾ پنهنجي والدين جي وفات جو احوال ڪجهه هن ريت ڏي ٿو.

”امان کي اسان جي ٻن ڀيڻين جي شادي جي گھڻي ڳڻتي هوندي هئي سندس گھڻي خواهش هئي ته جئين پاڻ پنهنجي حياتي ۾ پنهنجن ٻن پٽن جي شادي ڪئي هئائين، تئين ٻنهي ڌيئن جي به ڪري پر قسمت ۾ ائين لکيل نه هو اهي ٻئي شاديون کائنس پو ٿيون، ٻئي ڪابه ڳڻتي ڪانه هيس، هر طرح خدا ۾ اميد هيس ته سندن پٽن مان ڪي ساماڻا آهن پاڻهي پوين جي سنڀال ڪندا. ساڳي طرح بابو مرحوم به وفات مهل بلڪل خوش هو ۽ خدا ۾ اميد هيس ته وڏا پٽ قابل ۽ صالح ٿيا آهن پاڻهي ننڍن جي ۽ گهر جي سنڀال ڪندا. بابي جي وفات مهل آئون حاضر هوس ۽ منهنجا ٻه وڏا ڀائر بمبئي ۾ هئا مونکي ياد آهي ته امان سندس مرڻ کان لحظو گھڻي ڏک مان پڇيس ته “اوهين پاڻ ته وڃو ٿا مونکي ۽ ٻارن کي ڪنهنجي حوالي ڪري ٿا وڃو ؟ پاڙي اوڙي ۽ عزيزن خويشن جو حال ته سڄو سُجهيو ٿو “تنهن تي چيائين” اوهان سڀني کي خدا جي حوالي ٿو ڪريان انهي جي مونکي وڏي خاطري ۽ تسلي آهي ”  (ص 6)

مرزا صاحب جو نانو مرزا خسرو بيگ نيڪ دل انسان هو، اصل ڪرسچن مذهب سان تعلق هيس سنڌ ۾ ميرن وٽ اچڻ کان پوءِ مسلمان ٿيو، پنج وقت نماز ۽ قرآن جي تلاوت جو پابند هو. مرزا خسرو حڪمت جو به ڪم ڪندو هو، ولايت منجهان دوائون گھرائي نسخن موجب دوائون تيارڪري مريضن کي مفت ڏيندو هو. انهي ڪم ۾ سندس گھر واري به ٻانهن ٻيلي هئي ۽ تنهن کي به حڪمت جي چڱي ڄاڻ  هئي، ڳوٺ جون زالون دوا جي لاءِ وٽس اينديون هيون.

مرزا صاحب جو گهر جيترو پڙهيل لکيل هو اوتري ئي هٿ جي هنر کان به واقف هو، سندس والد ٻارن جي لاءِ ٽوپيون جوڙڻڻ، پنهنجا ڪپڙا سبڻ ان کان علاوه  جنڊي ، نقاشئ ۽  ڪمانگرئ  جي ڪم کان باخوبي واقف هو. گھر ۾ سندس والده ۽ وڏي ڀيڻ  سئي، زري، چرخو ڪتڻ، آرٽڙيون هلائڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن جنڊ پيهڻ وارو ڪم به ڪنديون هيون.

سندس والد هٿ جي هنر کان علاوه لکڻ پڙهڻ، خَطُ ڪِتابت، شعر و شاعري، راڳ ٻڌڻ،  ڳائڻ ۽ طنبورو وڄائڻ جو  شوقين هو.

مرزا قليچ بيگ جي والده سٺي پڙهيل لکيل، بردبار ۽ همت واري عورت هئي پنهنجي والده جي باري ۾ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته “امان پهرين فقط قرآن پڙهي ڄاڻندي هئي پر پڇاڙي جي ڏينهن ۾ فارسي ۽ سنڌي پڙهڻ جو شوق ٿيس ۽ لکڻ به سکي شاه جو رسالو گھڻو پڙهندي هئي ۽ اسان ڏي خط پٽ به چڱا لکندي هئي امان ڏاڍي زبردست دهشت واري آزمودگار ۽ سمجهه واري زال هئي، منجهس جرئت ۽ همت ناني مرحوم واري هوندي هئي خانگي ڪمن توڙي رسمن راهن جي بجاآوري لاءِ عزيز خويش ۽ ٻيا اوڙي پاڙي وارا هميشه سندس صلاح مصلحت پڇندا هئا ۽ ساڻس مشورا ڪندا هئا “. (ص 5)

مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ مرزا غلام رضا بيگ ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر تي 1895ع ۾ وفات ڪيائين ٻيو وڏو ڀاءٌ مرزا صادق علي بيگ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر هو . ” سنڌ سڌار  “اخبار جو ايڊيٽر رهيو، سنڌ جي تعليم کاتي جي لاءِ  سنڌي ڊڪشنري ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائين ۽ خان صاحب جو لقب به مليس. مرزا غلام رضا بيگ جي دل ٻني ٻاري سان هوندي هئي شعرو شاعري ڪندو هو راڳ جو شوقين هوندو هو. مرزا صادق علي بيگ جي نقاشي واري ڪم سان دلچسپي هوندي هيس بمبئي جي آرٽ اسڪول ۾ ڊرائينگ ۽ نقاشي جو ڪم سکيو، سندس چوٿون ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر رهيو. مرزا جعفر قلي بيگ نقاشي ۽ راڳ جو شوقين هو، پاڻ بمبئي ميڊيڪل ڪاليج مان ايل ايم ائنڊ ايس ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم لنڊن مان حاصل ڪيائين ۽ اتائين شادي ڪري ڪراچي موٽيو ، جتي هيرانند سان گڏجي  هاسپيٽل کوليائين ۽ آخر 1898ع  خطرناڪ بيماري پليگ جي لڳڻ سان وفات ڪري ڪيائين. انهي کان ننڍو مرزا نجف قلي بيگ انجنيئر هو، مڙس پهلوان هو ڳريون ڳريون پڃريون کڻندو هو، واڍي ۽ لوهارڪو  ڪم ڄاڻندو هو ۽ آخر ۾ سندس وفات نمونيا جي ڪارڻ 1891ع ۾ ٿي. مرزا صاحب جو آخري ڀاءُ مرزا حيدر قلي بيگ جيڪو پوليس ۾ سب انسپيڪٽر هو جيڪو پڻ نمونيا جي ڪارڻ ساڳي هفتي ۾ وفات ڪيائين.

مرزا صاحب جي وڏي ڀيڻ زيب النساء شاهزادي جنهنکي سئي جو ڪم سٺو ايندو هو ۽ شاعري به ڪندي هئي شاهزادي سندس تخلص هو،  فارسي ۽ سنڌي جي چڱي ڄاڻو هئي. سڀ کان ننڍي ڀيڻ جيڪا مختيار ڪار جي عهدي تي هئي جيڪا 1911ع ۾ بيماري  وگهي وفات ڪري وئي.

مرزا قليچ بيگ جو پنهنجي والد سان گھڻي ويجھڙائي ۽ دوستاني روش هوندي هئي، سندس گھڻو وقت پنهنجي پئ سان گڏ گذاريندو هو، جي گهر ۾ هوندو هو تڏهن به گڏ هوندو هو ۽ جي ٻاهر ويندو هو تڏهن به ساڻس گڏجي ويندو هو ۽ رات جو جڏهن سندس والد کٽ تي سمهندو هو تڏهن پيرن کان ويهي زور ڏيندو هو. گرمي جي موسم ۾ ڏينهن جو جڏهن  آرام ڪندو هو ته ويهي پکو هڻندو هو ۽ رات جو پنهنجي والد سان گڏ سمهندو هو. عربي ۽ فارسي جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، ڪچهرين ۾ پنهنجي وطن جون ننڍي هوندي جون يادگيريون، ڪتابن جون ڳالهيون، حافظ، صائب، بيدل شاهنامو پڻ پڙهي ٻڌائيندو هو. مرزا قليچ بيگ پنهنجي والد کان گھڻو ڪجهه پرايو جنهن جو اظهار مرزا صاحب هن بيت ۾ ظاهر آهي.

 

فـيض جـيڪي مونکي ٿيو حاصل، سو پنهنجي پئ کان ٿيو،

رات جو ٿي گـڏ ستس جنهن ســان، ۽ ويٺس ڏينهن جـو.





 

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون