فطرت جا ڦورو اَنَا
انفراديت ۽ سائنس
منير حيدر لغاري
اُها ڳالهـ ياد اٿئي ؟
ڀلا اِها ڳالهـ ياد ٿئي؟ هُتي هئين ٿيو هو! هِتي جيڪو هئين ڪيوسين، ائين ڪندي ڪندي
ننڍپڻ کي ڪنهن ويڙهيل نقشي جيان کڻي کولي وچ ۾ رکيو سين ۽ ان جي چوڌاري ويٺل اسان انهي
پلن کي چونڊيندا ويا سين جيڪي اسان گڏجي گذاريا هئا ۽ ڪيتريون ئي اهڙيو يادگيريون
جيڪي ذهن جي ور وڪڙن ۾ ڦاٿل هيون اهي بـ اکين اڳيان اچي ويون ڄڻ زندگي جي وي سي آر
جي ڪيسٽ هلي رهي هئي ۽ ننڍپڻ جي ڳوٺ جي گھٽين جي بلبن کي گلول سان ڀڃڻ کان ٻنين ۾
ليمن، انبن، ٻيرن جي چوري کان ۽ انجي پڪڙجڻ تائين حياتي جي ڀڃندڙ ڊڪندڙ ڪڏندڙ
بِلور، مَورو، لاٽون، لڪ لڪوٽي، ڏائي جھڙيون يادگيريون اسڪرين اڳيان سامهون اچي
ويون. پوءِ جڏهن ٿڪجي، رات جي چيلهـ
ڀڃي موڪلائي پنهنجي گھر موٽي ۽ پر مطئمن ٿي بستري تي ليٽيس ۽ اکيون پوري جڏهن اندر
جي ڪوٺڙي ۾ اک کوليم تـ سڄو گھر خالي
لڳو پيو هو حياتي جا پرسڪون پل، حسين محفلون، اڻ ٿڪائيندڙ ڪچهريون، رنگين اوجاڳا، وڻن
جون ٿڌيون ڇائون، محبت ۽ شفقت جھڙا احساس، البيلائي چاهتون سڀ چوري ٿي ويون هيون ۽
زندگي خالي هئي انهن سڀني نعمتن کان جيڪي اسان کي فطرت وٺان تحفي ۾ مليون هيون.
جڏهن انهن لُٽيرن جو پيرو کنيم تـ خبر پئي اهي لُٽيرا اَنَا ۽ انفراديت آهن ۽ انهن
لٽيرن جو چڳو مڙس ۽ پاٿاري سائنس آهي ۽ وري جي انا جي خبر چار ورتم تـ ان جي متعلق لطيف سائين بيزاري
جو اظهار ڪندي چئي ٿو.
لاتيو جي لباس جون سي
ڇپائي ڇڏ، “آئون” اسين” جي ڪن پاسي تن م اڏ.
گرو رجنيش چئي ٿو ـ ( انا
ڪوڙ جي گھڻائي جو نالو آهي ۽ انا ٿيڻي جي راه ۾ رنڊڪ آهي)
رومي ٻڌائي ٿو ( انا
انسان ۽ خدا جي وچ ۾ پردو آهي)
اَنَا انسان جي حياتي جي لهـ
چاڙهن جي حساب سان واڌ ويجھ ۾ ايندي رهندي آهي. جواني ۾ هو بـ جوان ٿيو وڃي تـ وري
بيماري ۾ڪمزور تـ وري تندرستي ۾ زورٿيو وڃي ۽ وقت جي حساب سان پيري ۾ هيڻي ٿيو وڃي
۽ آخر ۾ فنا جي خوف کان فنا ٿيو وڃي. جتي جواني ذميوارين جا ميڙ وٺيو اچي تئين تئين ان ۾ اَنَا جي واڌ پڻ ماڻهو
کي ڪيئي اڪيلائين جا تحفا بخشيندي
آهي ۽ برداشت جھڙو مادو کانس کسي ٿي ڇڏي. زندگي جي ننڍپڻ جو جيڪو ذائقو هوندو آهي
اهو سواد جواني جي اچڻ سان ختم ٿيو وڃي ۽ زندگي بي سواد
ٿيو وڃي. ماضي جي زندگي جا اهي رنگين پل ئي آهن جيڪي اڄ اسان جي بليڪ اينڊ وائيٽ زندگي
کي زندگي گذارڻ جا حوصلا بخشيندا آهن.
سائنس جئين جئين ترقي ڪئي
آهي انسان تئين تئين فطرت کان اوترو ئي پري ٿيو آهي. سائنس جي ترقي اسان کان
اجتماديت ڦُري انفراديت جو تحفوڏنو آهي اڳي دلچسپي، ڄاڻ، تفريح ۽ وندر جا مرڪز
اوطاق اوطارا، ٻنيون ٻارا، وڻ ٽڻ، ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون هيون. جتان جتان گذر ٿيندو
هو اتي اتي ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا چئبو تـ اڳي ماڻهو ماڻهو جي ضرورت هئي راڄ
ڀاڳ جو انهي وقت سان گھرو ڳانڍاپو هو ماڻهو مرڻي پرڻي، اگھائي سگھائي ۽ ننڍا ننڍا
مسئلا هڪٻئي سان اوريندا هئا ۽ ان جو تت اهو نڪرندو هو تـ انهن مسئلن جو گھڻو وقت
ٽڪڻ ناممڪن هو. انهي وقت ۾ سواري جي سهولت موجود نـ هوندي بـ ماڻهو سِڪ، اُڪير ۽
ملاقات جي خواهش جي طاقت سان اهي خونخوار جانورن جي خطرن سان ڀريل رستا ۽ ميلن جا
ميل پيرن هيٺيان لتاڙي اچي پنهنجن پيارن سان ملندا هئا ۽ هڪٻئي لاءِ محبت، خلوص ۽
سچائي جا سڀ دروازا کولي ڇڏيندا هئا. مهمان جي آمد عيد مانند هوندي هئي مهمان کي ڀڳوان جو رتبو حاصل هو. پاڙي پتي کي بـ جڏهن مهمان جي خبر پوندي هئي تـ اهي بـ اچي
انهن سان ڪچهري لاءِ اچي نڪرندا هئا. مهمان کي پيار، محبت، عزت ۽ احترام ايترو تـ
ڏنو ويندو هو جو مهمان هفتن جا هفتا ٽڪيا پيا هوندا هئا ۽ آخر ۾ جڏهن هڪٻئي کان موڪلائيندا
هئا تـ انهن جي محبتن جو ثبوت انهن جون ڀِڳل اکيون ۽ هارايل هانَو ڏيندا هئا ۽ وري وڃڻ وارا انهن کان پاڻ وٽ
جلد اچڻ جا پيا واعدا ۽ وچن وٺندا هئا. افسوس هاڻي جڏهن سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو
هر در هر گھر هر ڀاتي ڏي پنهنجي پنهنجي سواري آهي ۽ اسان اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪافي
خوشحالي واري زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ هر سهولت سا آشنا آهيون پوءِ بـ اڄ اسان
انهن سڀني شين کان محروم آهيون هاڻي اسانجي زندگي ۾ انا، نفرت، بيزاري ۽ انفراديت
جھڙا جا مادا شامل ٿي ويا آهن. اڳي جڏهن مهمان هفتن جا هفتا ترسيا پيا هوندا هئا
تـ اهي انهن جي خوشي جا باعث هيا ۽ اڄوڪي دور ۾مهمانن جو هڪ پل بـ بيزاري جو باعث
ٿو رکي. اهي ڪچهرا، اهي ميڙاڪا، اهي اوطاق ۽ اوطارا، اهي محبتون، اهي چاهتون اهو
خلوص، اهي ويجھڙائپ وارا احساس ۽ اجتمائيت اڄ بـ اسان وٽ موجود آهن دل ڪنهن ڪنڊ
۾ دفنايل ڪنهن آثار قديما جيان. اڄ بـ اسان جئين موئن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي
تهذيب تي ناز ڪندا آهيون پر اڄ اسان ان پنج هزار سال پراڻي تهذيب کان بـ پوئتي آهيون،
ائين ئي اسان پنهنجي انهي فطرت جي سڀني رنگن سان ڀريل ماضي تي ناز ڪندي اڄ اسان اونداهين
۾ هٿ هڻدي غير فطري انفرديت واري زندگي گذاري رهيا آهيون. سائنس اسان کي پنهنجن
انيڪ محنتن سان حاصل ڪيل لائٽ، موبائل، ڪمپيوٽر، ٽي وي جھڙا ثمر اسان جي جھولي ۾
وجھي اسان کي غير فطري انفراديت واري زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪري ڇڏيو اٿس. هاڻي سائنس جي ترقي اچي ان جڳهـ
تي بيهاريو آهي جو اسان اڄ گھر جي ڪنڊ ۾ ويهي حياتي جا لمحا گذاري رهيا آهيون ۽
پنهنجن سوين ذاتي مسئلن کي پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جو تت اهو نڪري
پيو جو ڏينهون ڏينهن اهي مسئلا ختم ٿيڻ جي بجاءِ وڌي وڻ ٿيندا وڃن. ڪالهـ جيڪي
اسان منزل تي پهچڻ لئـ جنهن رستي جي تجويز ڪئي هئي اڄ ان منزل تي هزارين مسئلا ور کنيو اسان کي
ڀليڪار ڪري رهيا
آهن جنهن کي منهن ڏيڻ جي
لئـ اڄ اسان وٽ نـ اها اجتماديت آهي ۽ نـ ئي اها صلاحيت!
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا