بقا جي هلندڙ ويڙه
منير حيدر لغاري
آثار قديمـ (Archaeology) ۽ علم الانسان (Anthropology) جي علم جي مطابق تقريبن ويهـ هزار سال قبل مسيح پٿر واري پهرين دور(Palaeolithic ) جڏهن انسان اڪيلو جانورن جيان جھنگ ۽ غارن ۾ رهندو هو تڏهن انسان کي
فطرت جي ڪيترين ئي قوتن سان ويڙه ڪري پنهنجي بقا کي يقيني بڻائڻو هوندو هو. تڏهن ماڻهن جي جياپي جو
سڄو دارومدار جھنگلي جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ ميون جي گڏ ڪرڻ تي هوندو هو. انسان پنهنجي ان جياپي جي ويڙه وڙهندي ڪڏهن خونخوار
جانورن کي مات ڏيندو هوتـ ڪڏهن انهن جو کاڄ بڻجي ويندو هو. انهي زندگي جي ويڙه
وڙهندي وڙهندي نيٺ انهن پنهنجن تجربن، مشاهدن ۽ شعوري سگھ جي استعمال انهن کي هڪ
نئين زندگي جو ڏيکاءُ ڏنو. جتي پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائيندي ۽ ضرورت ايجاد جي
ماءُ جي مطابقت هٿيار کي جنم ڏنو، ۽ ان جي مدد سان خطرناڪ جانورن جي مقابلي ڪرڻ جي
پڻ قابل ٿيا. انسان جي عقل جي سڀ کان پهرين ايجاد نوڪيلي پٿر
کي مضبوط لٺ سان ٻڏي هٿيار جي شڪل ڏنائون جنهن سان شڪار ڪرڻ تمام سولو ۽ گھٽ
هاڃيڪار ثابت ٿيو. ضرورت آهر اڳتي هلي انهن ئي پٿرن کي گھڙي انهن مان تيز تکا
چاقو، بليڊ ۽ نيزا، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڍي، ڄار ۽ تير ڪمان ٺاهيا ۽ کاڌن کي محفوظ رکڻ
لاءِ مٽي جا اڻ سڌريل ٿانو ٺاهيا. انهن پنهنجن تجربن منجھان گڏجي شڪار ڪرڻ ۽ گڏجي رهڻ کي ترجيع ڏني. تڏهن انسان پهريون ڀيرو ڪٽنبن، خاندانن ۽ ان
کانپوءِ قبيلن جي صورت ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ انهن پنهنجي ڪٽنب
جي ننڍي عمر جي فردن کي شڪار ڪرڻ جي تربيت ڏني. انهي انسان جي گڏجي رهڻ واري طرز تهذيبن کي
جنم ڏنو ۽ لڳ ڀڳ پنجونجاه سال اڳ جي قديم ترين تهذيبن منهن ڪڍيو. جنهن ۾ بابلي، مصري، سنڌو، چيني، يوناني ۽ رومي تهذيبون اڳيان اڳيان اچن
ٿيون. موسم ۽ جاگرافيائي جي تبديل هجڻ ڪري مختلف علائقن ۾ رهندڙ قومن ۾ جسماني
بناوٽ، شڪل ۽ الڳ الڳ سوچ ۽ سگھ پيدا ٿي ڪن قومن ڏي گھڻين سهولتن جي ميسري هجڻ ڪري
آسائشن ۽ گھٽ جاکوڙائي واري زندگي ٿَي گذاري تـ ڪي وري فطرت جي خطرن سان ڀريل جيون گھاريو ٿي ۽ وقت جي گذرڻ سان انهي طرز زندگي انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪن کي گھٽ تـ ڪن کي وڌيڪ قابليت ۽ مختلف يقين، وهم وسوسا ۽ تخيلقن جي سگھ بخشي . جنهن ۾ عراق جي بابلي جي تهذيب پنجونجاه هزار سال قبل مسيح
دنيا کي سڀ کان پهرين نهري نظام ڏنو، چار هزار سال قبل مسيح ذراعت جي لاءِ حل جو
استعمال ٿيو، سج گهڙيال، پاڻي گھڙيال ۽ واري گھڙيال بابلي تهذيب جون اهم ايجادون آهن. پنجٽيه سو سال قبل مسيح دنيا جو پهريون شهر اوروڪ عراق ۾ آباد ٿيو ۽
دنيا جي پهرين رياست وجود ۾ آئي. بابل جي بادشاه حمورابي دجلا ۽ فرات جي رياستي
نظام کي ختم ڪري سلطنت جو روپ ڏنو. ايڪٽيه سوسال قبل مسيح مصر جي پهرين بادشاه
مينس کان مصر جي تهذيب جو آغاز ٿيو ٻـ هزار پنج سوسال قبل مسيح فرعون جي دور ۾ غزه
جا عظيم احرام ۽ مندر ٺهيا، لڳ ڀڳ سترهين صدي قبل مسيح دنيا جي سڀ کان طب جي موضوع
تي لکيل ڪتاب پڻ مصر جي آثارن مان ملي ۽ مصرين جو تحرير جي ايجاد جي ميدان ۾ پڻ
حصو ورتو ۽ اها رسم الخط هيروغلافي جي نالي سان مشهور آهي. ٻارنهن سوسال کان هزار
سال جي دور ۾ شانگ خاندان جي دور حڪومت ۾ چينين جي تهذيب وجود ۾ آئي, چن شي هانگ (Qin
shi Huang) چين کي متحد ڪري سلطنت قائم ڪئي، ريشمي ڌاڳو، زلزلو ماپڻ جو آلو،
دنيا جو پهريون مقناطيس ڪتب نما، چيني ٿانو۽ لغام چين جون اهم ايجادون آهن ۽ چيني
ماڻهن جو اهو يقين هو تـ هن دنيا ۾ ٻن قوتن جو وجود آهي هڪڙي ين yin ۽ ٻئي يانگ yang جنهن جي باهمي توازن سان هئ ڪائنات قائم آهي ۽ اهو ئي توازن انسان جي
جسم ۾ موجود هوندو آهي جنهن جي غير متوازن هجڻ سان انسان بيمار ٿي پوندو آهي ۽ چين
پنهنجي مخصوص طرز علاج آڪيو پنڪچر Acupuncture جي ذريعي انسان جي جسم ۾ سيون ٽنبي انساني جسم ۾ متوازن ڪيو ويندو
هو. پندرنهن سو پنجاه سال قبل مسيح مائي سينائي تهذيب جي عروج ۾ يوناني ٻولي جو
آغاز ٿيو۽ يونان ۾ خودمختيار رياستن جنم ورتو پنج سو سال قبل مسيح يوناني تهذيب مختلف علم ۽ فن ۾ بي انتها ترقي ڪئي يوناي تهذيب جي
طاقتور هجڻ جو ثبيوت سڪندر اعظم جنهن اڌ دنيا کي فتح ڪيو. يونان پنهنجي اڄ بـ جن انسانن جي جنم تي فخر وچان اوچو ڳاٽ ڪري ٿي انهن ۾ دنيا جو
مشهور فلاسافر سقراط Socrates، افلاطون Plato سقراط جو شاگرد، ارسطوAristole افلاطون جو
شاگر، دنيا جو پهريون تاريخ دان هيرو دوتس Herodotus ، دنيا جو پهريون شاعر
هومر homer، ماهر رياضي فيثا غورث Pythagoras, جنهن جا اصول آڄ تائين قائم آهن، يونان جو ماهر طبيب بقراط Hippocrates ، ماهر فلڪيات ۽ رياضي
دان ارشميدس Archimedes، ماهر مجسمـ ساز فيدياس Phidias جنهن زيوس ۽ ايٿنز جو مجسمو ٺاهيو. انهي دنيا جي اوائلي دور جي قومن
منجهان سنڌي قوم لڳ ڀڳ ٻٽيه سو سال قبل مسيح سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ ظاهر ٿي، جيڪا
پڻ انهن چند قومن جيان عروج ٿي هئي ۽ دنيا جي انهن تهذيبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو
پئي هلي جنهن جو ثبوت سنڌو تهذيب آهي جنهن ۾ ٻني ڪاهڻ ۽ مال ڌارڻ ڪوٽ ڏيجي جو علائقو مرڪزي حيثيت رکندو هو، سنڌو ماٿري جو ٻيو دور
اٺاويهـ سوسال قبل مسيح ۾ انسانن جي رهڻ ڪهڻ ۾ نروالو فرق آيو ۽ موهن جو دڙو ۽
هڙپا ۾ ذراعت جي ترقي ٿي ۽ زمين کيڙڻڻ لاءِ حل جو استعمال ڪيو ويو. پنجويهـ سو سال
قبل مسيح کان ارڙهن سو سال قبل مسيح تائين موهن جي دڙي جي تهذيب اوج ۽ عروج تي
هئي. جنهن جو ثبوت هن شهر جي ٿيل رٿابندي مان باخوبي لڳائي سگھجي ٿو. جنهن ۾ رهائش
۽ ڪاروباري مارڪيٽن جو الڳ هجڻ، اناج جي ذخيري لاءِ ٺاهيل گودام، پڪين سرن سان
ٺهيل ويڪريون گھٽيون، ٻـ ماڙ ٺهيل گھرن ۽ گھرن ۾ٺهيل غسل خانا ۽
انهن ۾ لڳل ٽائلون، گھٽين سان لڳولڳ عمده قسم جي رٿابندي تحت پڪين سرن سان ٺهيل ناليون اهرو نظام جيڪو اڻيهن صدي جي وچ تائين ماڊرن دنيا ۾ ڪٿي بـ
نٿو ملي. هٿ آيل هٿرادو ٺهيل سامانartefact جنهن ۾ ڪاٺ
جي ٺهيل فرنيچر جنهن تي هڏن ۽ عاج جو ٿيل ڪم، ٽامي ۽ ڪانسي جا ٿانو ۽ اوزار، سون
چاندي جا ٺهيل زيور، رانديڪا، مهرون، هٿيار، ماپ لاءِ ٺاهيل هڪجھڙي وزن جا وٽ،
ڏاند گاڏي، مجسما جنهن ۾ ڪنگ پريسٽ ۽ ناچني شامل آهن. جيڪي ترقي يافتـ، پڙهيل لکيل
۽ وسيع ڄاڻ هئڻ جو ثبوت ڏين ٿا. پر اڄ جي دور ۾ جتي ڌرتي جي گولي تي رهندڙ هزارين
قومن ڪروڙين انسانن جي بقا لاءِ نوان چلينجز متعارف ڪرايا آهن انهن نون چيلينجن جي پوراءُ جي ڊوڙ ۾
ڪي قومون اڏرڻ جي سگھ رکن پيون تـ ڪن قومن ۾ اڃان بانبوڙا کائڻ واريون صلاحيتون بـ
ناهن. دنيا جي مختلف قومن ۾ انهن چئلينجن جي پوراء لاءِ گھڻيون ئي تبديليون اچي
ويون آهن ۽ قومون سجاڳ ٿي چڪيون آهن ۽ ايندڙ خطرن کان با خبر ٿي پنهنجي بقا جي
لاءِ پنهنجي پاڻ کي طاقت ۾ آڻي رهيون آهن ۽ هڪ منصوبي تحت هلي رهيون آهن ۽ مختلف
ٽائم پيرڊ ۾ مختلف مقصد ماڻڻ جي لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رڌل آهن ۽ پنهنجي پاڻ کي
اقتصادي، معاشي، سماجي طور تي مضبوط ڪري رهيون آهن. پر افسوس جيڪا قوم ماضي جي
ٻٽيهـ سو سال قبل مسيح اڳ جي تهذيب تي فخر سان اوچو ڳاٽ ڪري ڪالر ڇنڊيندي نظر اچي
ٿي ان جو اڄ ٽئين دنيا جي پٺ تي پيل قومن جي شمار ۾ اچي ٿو. اڄ جي ان حالتن جو جي
پيرو کڻجي تـ ان جي پيرن جا نشان اسلام جي تبليغ جي نالي تي تاريخي ڦورو عرب، ارغون، ترخان،
مغل جي حاڪمن جنهن ۾ محمد بن قاسم،علائو الدين خلجي، شاه بيگ، مرزا باقي، فرخ سير، جهڙن ظالمن حڪمرانن جي سوچ ۽ غلامي واري ڪلچر جي پيداوار ڀوتارڪي ۽
جاگيرداري واري نظام تائين پهچن ٿا. جنهن جي ويڙه وڙهندي راجا ڏاهر بن
راجا چچ، دودو بن خنيف سومرو، نواب دولهـ دريا خان عرف نواب مبارڪ خان، مخدوم بلاول بن ڄام حسن
سمون، شاه عنايت الله عرف شاه شهيد صوفي جھوڪ جھڙن سوره پنهنجن جانين
جو نذارنو ڏنو. پر اڄ هن ترقي
يافتـ دنيا ۾ جتي ٽيڪنالاجي جي ٻولي ڳالهائي ويندي آهن جتي هن ڌرتي جي گولي کي
ترقي يافتـ ماڻهو جي مُٺي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿس. اتي هتان جي ماڻهو جو پنهنجي ڌرتي
تي بـ ڪو وس نٿو هلي انهن سڀني شين جي کوٺ پوري ڪرڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾ اڻ ٿڪ محنتن جي ضرورت آهي. پر افسوس اڄ جي تعليمي
نظام جو مٿين سطح تي سراسري جائزو وٺنداسين تـ سڀ کان پهرين نظر اسان جي وڏي ۾ وڏي
سدابهار سنڌ يونيورسٽي تي کُپي ٿي، جيڪا سالن ۾ ئي ڪجھ مهينا
ڪنهن درگاه تي لڳندڙ ميلي جيان کلندي نظر اچي ٿي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي مٿس
ڪلور ڪيا وڃن ٿا جھڙوڪ سياسي پارٽين جا دنگل، هڙتالون، قتل، فائرنگ،استادن توڙي
ملازمن يونين جا بائڪاٽ شامل آهن. اهائي حالت
مهراڻ يونيورسٽي جي پڻ آهي جتي شآگردن جي خون کان اغوا ٿيڻ جون وارداتون پڻ سامهون
آيون آهن ۽ انتظاميا انهن سڀني شين کان ڪن ٽار ڪيو ويٺي آهي. وڏو ويل تـ جيڪي
نمائندا تعليم جي تباهي ۾ ڪرنگھي واري حيثيت رکن ٿا سي ئي پريس ڪانفرنسن ۾، تعليم
جي ملهائيندڙ ڏهاڙن تي تعليم سان سچائي جو سُرندو وڄائيندي نظر اچن ٿا. يونيورسٽين
کان علاوه ٻين تعليمي ادارن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي ٻهراڙي توڙي سياست ۽ صحافت
جي ور چڙهيل آهي جتي اڪثر اسڪول اوطاقن يا وٿاڻن جو روپ اختيار ڪيل آهن ۽ بلڊنگون
آثار قديمـ جا ڪي وساريل ورق نظر ايندا جتي اعلٰي آفيسرن جي ڪوتاه نظري پنهنجي
عروج تي نظر اچي ٿي. انهن سڀني شين جو ڪارڻ پڻ اهوئي تاريخ جي پيدا ڪيل ڀوتارڪي
نظام آهي. ڀوتار هر پنجين سال کانپوءِ ووٽ ذريعي تڪ جي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪري وڃي حڪومتن جي
اعليٰ اعوانن ۾ پير رکندا آهن ۽ اهي چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي ۾سرڪاري ادارن
کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ جا حق رکن ٿا پوءِ ڇو نـ اهي تحفظ ۽ انصاف جا ادارا هجن.
۽ انهي عوام پاران حاصل ڪيل طاقت جو استعمال پڻ انهي عوام مٿان ڪندا آهن. اها
ڳالهـ واضع آهي تـ جتي جتي تعليم عام ۽ جام ٿيندي آهي اتي غلامي واري زندگي کان
نجات ملندي آهي، ۽ اتي ناانصافي، غلامي، بي واجبي ۽ ظلم کان بغاوتن جھڙا جذبا پيدا ٿيندا آهن. جنهن کان تَر جو هر وڏيرو ۽ پير باخوبي واقف آهي.
شايد انهي جي ڪري ئي هو تعليم کي انهي نظام جي زوال جون نشانيون سمجھن ٿا، تنهنڪري
اهو هرگز نٿا چاهين تـ غريب، هاري، مزدور جو ٻار پڙهي لکي سجاڳ ٿي بغاوت جھڙا ڪارناما سر
انجام ڏي. ڀوتارن جي دور انديشي جي کوٽ جي ڪري شايد ان ڳالهـ کان اڻ واقف آهن تـ
انهن جي طاقت جو بنياد انهن ئي مسڪين ماڻهن تي ٻڌل آهي اگر هو انهن غريب ، مسڪين
ماروئڙن کي جيترو بـ هيسائيندا ۽ ڪمزوز ڪندا تـ مستقبل ۾ اها ئي ڪمزوري انهن جي
ثابت ٿيندي جنهن جو احساس ڪنهن ٻئي سگھاري قوم جي قابض ٿيڻ کان پوءِ ئي پوندو پر
اگر جي بنا ڪنهن لالچ جي قوم جي خدمت لاءِ جاکوڙين ۽ قوم جي هر ٻارن کي اڄ جي جديد
دنيا جي گھرجن مطابق معياري تعليم ۽ تربيت کي ترجيع ڏين
تـ اڳتي هلي اها تربيت ۽ تعليم هڪ انوکي طاقت بڻجي قوم جي بقا جي ضمانت هوندي.
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا