Sunday, January 28, 2024

ريڊئي کان ٽي وي تائين جو سفر | منير حيدر لغاري

 

ريڊئي کان ٽي وي تائين جو سفر

منير حيدر لغاري

.

لڳ ڀڳ ڇهـ ڏهاڪا سال اڳ، جڏهن ٻهراڙين ۾ اڃا سائنس بانبوڙا پئي پاتا، ڳوٺ سائنس جي تخليقن کان اڃان ايترا آرائستا نـ ٿيا هئا. تڏهن ڳوٺن تائين اڃان صرف مارڪوني جي ايجاد پير پاتو هو، ملڪ دنيا جي خبر چار وٺڻ جو واحد ذريعو ريڊيو هو ۽ تڏهن هٽ هوٽلن ۾ ريڊئي کي وڏي اهميت حاصل هئي.  نانا حاجي نصير جي چوڻ موجب جڏهن سڄي ڳوٺ ۾ پهريون دفعو ادي ڌڻي بخش پنهنجي هوٽل لاءِ ريڊيو وٺي آيو هو تـ ان کي ڏسڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ هر ڪنهن وات واه واه لڳي پئي هئي. ماڻهو جي حيراني جو ڪاٿو ئي نـ هو جڏهن ان چار پنج ڦٽ جي پيتي نموني ريڊئي مان جڏهن سريلا آواز ۽ آلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا تـ خانڻ سرڪار نالي ڳوٺ جو سکيو ستابو ماڻهو ريڊئي تي هلندڙ گيتن تي مدهوش ٿي پيو پئسا گھوريندو هو  ۽ ڀلا ڀاڳ ان ريڊئي جي مالڪ جا جنهن جا پيا کيسا گرم ٿيندا هئا. خانڻ تـ مائٽن طرفان رکيل نالو هيس پر  سرڪار شايد سٺي پئسي وارو هجڻ ڪري  پيو هجيس. 

.

خانڻ سرڪار ٻيو انڪري بـ مشهور هو تـ خانڻ سرڪار جي موجودگي ۾ ٻاهر کان آيل مهمانن توڙي مسافرن جو خرچ بـ خانڻ سرڪار جي ذمي هوندو هو. ريڊئي جي عروج ۽ ڪمال کي ڌڪ رسائيندي جڏهن ٽيليوزن اچي پنهنجا رنگ ڏيکاريا تـ ماڻهن جون وايون ولڙيون ٿي ويون،  ڏندين آڳريون اچي وين اصل حيرت جي ڪا حد نــ رهي. رکي رکي اها سوچ پئي کائيندي هئي تـ ايترا سارا ماڻهو، گھر، گاڏيون آخر هن ٽن چئن فٽن جي ٽيليوزن ۾ ڪئين سمايا!

پي ٽي وي جي سروس سدائين خراب هجڻ ڪري ٽي وي جا شوقين پي ٽي وي کي  ڏسڻ لاءِ وڏيون وڏيون انٽينا وٺي ڪوٺي مٿان بانس ٽنگي وري تِروَرن ۽ شوڪاٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ انٽينا جا رُخ مٽائڻ کان وٺي ٻيون بـ الائي ڪيتريون ٽلون وڙهائيندا هئا ، هڪ ماڻهو بانس يا سيخ کي پيو ڦيرائيندو هو تـ ٻيا وري پيا هدايتون ڏيندا هئا ۽ تمام گھڻي مٿي ماري کانپوءِ وڃي ڀٽاري پي ٽي وي ڏسڻ جي قابل ٿيندي هئي. 


 پر سندن انهي شوق منجھان ڪنهن بـ قسم جي گھٽتائي يا بيزاري  پيدا نـ ٿي. قرب محبت جي گھڻائي هجڻ ڪري تڏهن گھر توڙي اوطاقن تي  ماڻهن جي گھڻائي بيزاري نـ پر عزت لائق سمجھيو ويندو هو، ان سبب ٽي وي ڏسندڙن جون شفٽون لڳل هونديون هيون  ڏينهن جو ٽي وي اوطاق تي تـ شام ڌاري وري گھر ۾ جتي پاڙي جون پوڙهيون پڪيون ننڍيون نيٺيون اچي گڏ ٿينديون هيون ۽ ٽي وي تي مٽجندڙ  “سين” سان چهري جا تاثرات بـ پيا مٽبا هئا ڪڏهن ٽهڪن جي صورت ۾ ۽ ڪڏهن وري ڇرڪن جي صورت ۾  تـ ڪڏهن وري هانو ڦاڙ دانهن جي صورت ۾ اڀرندا هئا. اڻ ڄاڻائي ۽ سادگي جي گھڻائي سبب ڪنهن سين ۾ جي ڪنهن جو موت ٿيندو هو تـ ان لاءِ عورتون پِڙَ ڪڍيو پيون روئينديون هيون ۽ جيسيتائين ڪنهن ٻئي سيريل ۾ ڏيکاري ڏي تيسيتائين ان جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ  پيو صدقو ڏينديون هيون، پر انجي ٻيهر جيئري ٿي وڃڻ انهن کي ڪيترن ڏينهن تائين سندن متيون منجھائيو ويٺو هوندو هو. فيض حسين جي ذڪر موجب تـ علو جڏهن کانس پي ٽي وي تي هر جمعي تي ايندڙ فلم جي هيرو جي باري ۾ پڇا ڪيائين تـ مون ٻڌايومانس تـ  نديم، منهنجو نالو وٺڻ سان ئي علو زوردار تڦڙ واهي ڪڍي ۽ چيائين مون سان ڪوڙ ٿو ڪرين نديم پوئين فلم ۾ جو مري ويو. هڪ ڳوٺاڻي موجب ٽي وي جي خراب ٿيڻ تي شهر کان مستري گھرايو ويو جڏهن هو ٽي وي کولڻ ويٺو تـ اسان ان خيال سان پئي گھوريو تـ اجھو ٿا ٽي وي مان ماڻهو نڪرن پر جڏهن ٽي وي کلي ۽ اکين اڳيان تارُن وائرن جو ڍير ۽ ننڍا وڏا پرزا جو ڏٺا سين تـ حيرت جي ڪا حد نـ رهي ۽ رکي رکي ٽراسسٽرن ۽ ڪنڊينسرن کي هيرو ۽ هيروئن پئي سمجھيوسين.

مشهور ڪهاڻيڪار سنڌي اديب جنهن ۾ امر جليل، آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، عبدلقادر جوڻيجو، علي بابا ۽ نورلهدا شاهـ، جن جي لکيل پي ٽي وي تي هلندڙ ڊرامن   اسان جي ڪلچر ۽ معاشرتي مسئلن جي سٺي نموني سان عڪاسي ڪئي آهي  جنهن جو تصور شهر ۾ رهندر ماڻهو نٿو ڪري سگھي. انهن ۾ علي بابا جو لکيل “دنگي منجھ دريا” کي بين الاقوامي ڊرامن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي سڀني ڊرامن مان پهريون انعام مليو هو، عبدالقادر جوڻيجو جي “راڻي جي ڪهاڻي” کي ايڏي تـ مقبوليت ملي جو ان کي اردو ۾ “ديوارين”  لکي پيس ڪيو ويو ۽ نورالهداشاه جو لکيل “جهنگل  ”اردو ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ معاشرتي براين کي کولي ڏيکاريو ويو. ان کانپوءِ ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ڪندڙ ڇوٽي سي دنيا، باک، آئينو، بدنصيب ٿري، وساريل واٽون، هٿين گل مهندي، اڃان ڪي آهين “ ۽ چاند گرهن”  جنهن بين الاقوامي مڃتا ماڻي. تڏهن جي اداڪارن جنهن ۾ انور سولنگي، منطور مراد، شفيع محمد شاه، يار محمد شاه، حسن قاضي، قيصر خان نظاماڻي، محمود صديقي، بدر خليل، نور محمد لاشاري، روشن عطا، انور بلوچ،  غزل صديقي، ماه نور بلوچ، سڪينا سمون، جن پنهنجي پنهنجي ڪردار کي ڀرپور نموني سان نڀايو ٿي.  


ان کانپوءِ جڏهن رنگين ٽي وي ۽ وي سي آر جو دور آيو تـ ماڻهن کان پي ٽي وي سان گڏوگڏ نديم ، بابرا شريف، انجم کي وساري  دليپ ڪمار، اميتاب بچن، ڌرميڌر، گوندا، سلمان خان، عامر خان، اجي، انيل ڪپور، اڪشي ڪمار ، ڪاجل، سري ديوي، ماڌوري، ريکا، شرميلا ٽگور، جيا بچن، ڪرشما ڪپور سندن ذهنن تي وري  ڇائجي ويا اڳي جيڪا بابرا شريف خوابن ۾ ايندي هئي سو هاڻ وري ريکا خوابن ۾ اچڻ لڳي. ان کانپوءِ ڳوٺ جي هٽ هوٽلن تي بـ وي سي آر کي وڏي اهميت حاصل هئي، هوٽلن جي مالڪن غريب عوام لاءِ نوان پيڪيج متعارف ڪرايا جن ۾ وڌ ۾ وڌ عوامي پيڪيج ڪامياب ٿيو جنهن ۾ پنج رپين ۾  فلم سان گڏ چانهن مفت ۾ هوندي هئي ۽ انهي پيڪيج  مان گھڻن ماڻهن فائدا ورتا.

 وي سي آر جا گھڻا شوقين مڇي ماني واري حيثيت رکندڙ ۽ جنهن ڏي  ٽي وي ميسر هوندي هئي تـ اهو وري شهر مان ٻـ سو رپيا رات ۽ پنجاه رپيا في ڪيسٽ تي ڪرايو ڀري اٺ ڏهـ فلمن سان ٻن ٽن ڏينهن جي لاءِ وي سي آر کڻي ايندا هئا، ان کانپوءِ  مڙس ڌنڌو ڌاڙي ڇڏيو  ڏينهن کي رات تـ رات کي وري ڏينهن ڪندا هئا. مطلب تـ وي سي آر جو دور بـ عروج تي رهيو جنهن ماڻهن جي ذهنن تي ٻين ڪلچرن جا ڪيئي رنگ چٽيا. سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري پنهنجي شاعري ۾  وي سي آر جي ذڪر سان محبوب کي معيارون ڏيندي چئي ٿو.


اوهـان سـڄـو ڏينـهـن وي سـي آر ڏسـو،

پـنهـنـجـو پيـار وساري ٻين جا ٿا پيار ڏسو،

اســين  ڪـــهڙو   ٻـــڌايون   قـــصو؟

دک دل ۾ گھـسي آيـا ڄڻ ديس ۾ ڌاڙيلا.

دنيا ترقي ڪندي رهي ٽيڪنالاجي پنهنجي ڪوڪ منجھان نين شين کي جنم ڏنو  ۽ اسان جي ڏتڙيل، ڏکايل سورن ماريل قوم جي دل وندرائڻ لاءِ ڊش، ڪئبل ۽ سي ڊي پليئر  جھڙا تحفا ڏنا. شهرن ۾ ڪيبل جو عام جام تـ ٻهراڙين ۽ ڪچي  وارن علائقن ۾ سي ڊي پليئر ۽ ڊش پنهنجا پير ڄمايا.

2010  کان 2011 واري ٻوڏ دوران اين جي او ۾ ڪم ڪندي جڏهن ميرپورخاص ۽ کپري جي ٻوڏ متاثر علائقن کي اکين

ڏٺو سين تـ انهي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ هزارين گھر لهڙي ويا، لکين ايڪڙن جو فصل تباه ٿي ويو، هزارن جي تعداد ۾ پالتو جانور موت جو شڪار ٿي ويا هئا، پنهنجا اباڻا پنڊ ڇڏي مٿين سطح وارن جڳهن تي عارضي اجھا ٺاهي ويٺا. مگر انهن عارضي اجهن جي ڇتن مٿان ڊش جا وڏا وڏا کارا اهڙو تـ ڏيک پئي ڏنائين ڀائيم ڄڻ ڪنهن ريسرچ سوسائٽي ۾ پير رکيو هجي جتي هنن جا خلا ۾ سيٽلائٽ سيارا موڪليل هجن ۽ مسلسل ريسرچ ڪندا هجن، پر اصل ۾ اهي سڀئي ويچارا  هن قدرتي آفت وٽان ڏاج ۾ مليل تڪليفون، سور ۽ دردن جو دارون پئي ڪيو ۽ سندن منهن تي مرڪ ۽ دل وندرائڻ جو اهو آخري ذريعو ٿي لڳو. اڳي جتي صرف بالي وڊ پنهنجا اثر پئي ڇڏيا تـ هاڻي وري عورتن تي ٻڌل اسٽار پلس جي ڊرامن بـ ڪمال ڪري ڇڏيو  ڪهاڻي جو نڪو منڍ نڪي پُڇ بس زالن کي ويڙهائڻ لاءِ ماحول تيار ڪري ڏيڻ ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ  جي سٺي نموني سان تربيت ڏيڻ ۽ ان ويڙه جي مختلف رخن جي آگاهي سٺي نموني سان پئي ڏني آهي ٻيو هيڪاندي ۽ اجائي فيشن جي نمائش. جنهن  اسان جي معاشري جي اٻوجھ سادگي پسند عورتن جي ذهنن تي نفرت ۽ فتني   جا اثرات حاوي ٿيڻ جا سبب پيدا ڪيا ۽ اسان جي ريتن رسمن، لباس،  اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي، جي توازن ۾ وڏو بگاڙ آندو  ۽ هر گھر جو ماحول ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪرفيو لڳل هجي.


،

وڏو ويل تـ اسان جا پنهنجا سنڌي  چينل جنهن مان اميد هئي تـ ڪلچر جي سٺي عڪاسي ڪندا پر هي تـ ٻـ رتيون اڳتي نڪتا، هميشـ سنڌ جي منفي رجهانن کي همٿائڻ ۽ ڌاريئي ڪلچر جي عڪاسي ڪندي نظر ايندا آهن  جتي ڊرامن ۽ فلمن جون ڪهاڻيون زيتونن ۽ انبن جي باغن ۾ هٿيار کڻي گھمڻ، ڦُرڻ کان مارڻ تائين محدود آهن ۽ ڇوڪرين کي پينٽ شرٽ، جينز، ٽي شرٽ پارائي پنهنجي پاڻ کي جدت پسند ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي نظر ايندا آهن ڄڻ هنن جو بالي ووڊ Bollywood ۽ هالي ووڊ Hollywood سان مقابلو هلندڙ هجي.  اڄ بـ جي سنڌي چينل پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي مدي نظر رکندي سٺن ناولن ۽ ڪهاڻين کي ڊرامن جي صورت ۾ پيش ڪن ۽ سٺي نموني سان سنڌي قوم جي عڪاسي ڪن تـ پنهنجي ساک برقرار رکي سگھن ٿا ۽ عوام کان پڻ سٺي موٽ جي اميد رکي سگھن ٿا.

 


No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون