Tuesday, January 30, 2024

MCQS| Sindhi Subject| SPCS| Model Paper 1

 سنڌي ادب جي تاريخ


 

ترتيب: فضل سومرو


1. مقالات الشعراء ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
معصوم بکري
علي شير قانع✅
درياهي ٺٽوي

2. تذڪره لطفي ڪيترن ڀاڱن تي مشتمل آهي؟
هڪ
ٻه
ٽي✅

4. هدايت علي نجفيء جو تاريخ الشعراء سنڌ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي؟
سنڌي
اردو✅
فارسي

5. ڪاهوء جو دڙو ڪٿي لڌو ويو آهي؟
دادو
ميرپور خاص✅
حيدرآباد

6. سنڌي ادب جا مختلف رجحانات ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
محبوب علي چنه✅
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

7. مخدوم احمد ڀٽي ۽ سوناري ڇوڪري جي روايت ڪهڙي ڪتاب ۾ آيل آهي؟
بيان العارفين
تحفته الڪرام✅
حديقته الاوليا

8. ڪھڙي سال ۾ سنڌ ارغونن جي قبضي هيٺ آئي؟
1500ع
1521ع✅
1551ع

9. مخزن "صحيفو"  ڪهڙي يونيورسٽيءَ مان نڪرندو هو؟ 
سنڌ✅
ڪراچي
خيرپور

10. ڇند سڳنڌ ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
عبدالحسين موسوي،
عطا حسين موسوي،
جھمٽ مل ڀاوناڻي✅

11. سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو ڪنهن جو مقالو آهي؟
ڊاڪٽر بلوچ✅
جھمٽ مل ڀاوناڻي
اي جي اُتم 

12. شاهه لطف الله قادريءَ جا ڪل ڪيترا ڪتاب مليا آهن؟
ٽي✅
پنج 
چار

13.حديقيه الاوليا ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
سيد عبدالقادر ٺٽوي✅

14. ميئين عيسي هالائي جو ڪلام ڪنهن سھيڙيو آهي؟
آغا سليم،
ممتاز مرزا✅
مراد علي مزرا

15. سروري خاندان جون ديني ۽ ادبي خدمتون ڪنهن جي پي ايڇ ڊي آهي؟
آزاد قاضي
عبدالرحمان قريشي✅
انور ڪاڪا

16. سنڌي نثر جي شروعات ڪنهن جو مقالو آهي؟
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي✅
ڊاڪٽر الانا
ڊاڪٽر دائود پوٽو

17. خزانہ اعظم ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مخدوم عبدالله نرئي✅
مخدوم ضياء الدين ٺٽوي

18. ڊاڪٽر گربخشاڻي لواري جا لعل ۾ ڪيترين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي؟
ٽي
چار✅
پنج

19. سنڌ ۾ هندي شاعري ڪنهن جو مقالو آهي؟
ڊاڪٽر جوڻيجو✅
سومار شيخ
بدر ابڙو

20. جوڻو وڃي جھوريء ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
مٿيون شعر ڪنھن جو آهي؟
مخدوم نوح
درويش نوح هوٿياڻي
حماد جمالي✅✅

21. تذڪره الشعراء سکر ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
شيخ عبدالرزاق راز
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي✅✅
ادل سومرو

22. لطف الله بدوي پنهنجي تذڪري ۾ عثمان احساني جا ڪل ڪيترا بيت ڏنا آهن؟
ست
ويهه
ٻارهن✅✅

23. شاهه عنايت شهيد جي شهادت وقت شاهه صاحب جي عمر ڪيتري هئي؟
20 سال
28 سال✅✅
35 سال

24. صوفي دلپت جو ڪلام ڪنهن شايع ڪرايو؟
پروفيسر ٺڪر✅✅
پروفيسر بدوي
ڊاڪٽر نواز شوق

25. سورٺي ۾ قافيو ڪٿي ايندو آهي؟
وچ✅✅
آخر
مُنڍ

26. بيان العارفين شاهه ڪريم جي وفات کان ڪيترا سال پوء لکيو ويو؟
ڏھ.
پندرهن
ڇهه ✅✅

27. مخدوم نوح زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪهڙي مريد ڏانهن واپس اچڻ جو پيغام مُڪو؟
لطف الله قادري
ابابڪر✅✅
جرڪس فقير

28. شيخ حماد جمالي جا ڪيترا بيت مليا آهن؟
هڪ✅✅
ست
ٽي

29. انگريزي ڪتاب History of Sindhi literature ڪنهن لکيو؟
حسام الدين راشدي.
غلام علي الانا
لعل سنگهه اجواڻي✅✅

30. سنڌي ادب ۾ هجويه شعر جو بنياد ڪنهن وڌو؟
ثابت علي شاهه✅✅
خير شاهه 
ڪبير شاهه

31. سچل سرمست جو رسالو سڀ کان پهريان ڪنهن شايع ڪرايو؟
اينمري شمل
مرزا علي قلي بيگ✅✅
عثمان انصاري

32. سنڌي صورتخطي ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
ڊاڪٽر بلوچ
ڊاڪٽر الانا✅✅
ڊاڪٽر هدايت پريم

33. اسحاق آهنگر جو شعر بناوٽ جي لحاظ کان ڪهڙو آهي؟
دوهو
سورٺو✅✅
دوها سورٺا ميل

34. زاد الفقير ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي✅
سيد عبدالخالق ٺٽوي
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي

35. سچل جي مثنوي عشق نامه جو انگريزي ترجمو ڪنھن ڪيو آهي؟
تيرٿ وسنت
ٿيرت هوتچند✅✅
موتي لعل جوتواڻي

36. سامي جا سلوڪ سڀ کان پهريان ڪنهن شايع ڪرايا؟
بي ايڇ ناگراڻي
گِدو مل
ڪوڙي مل✅✅

37. مخدوم محمد زمان لواري واري جا ڪل ڪيترا بيت مليا آهن؟
اَسي
نوي
چوراسي✅✅

38. شاهه ڪريم جي سار سنڀال ۽ تربيت ڪهڙي ڀاءُ ڪئي؟
شاہ جمال
شاہ جلال✅✅
شاھ وڏل

39. مرکان شيخڻ جو ڪلام ڪنهن ترتيب ڏنو آهي؟
سومار شيخ✅✅
غلام علي الانا
شمشير الحيدري

40. سنڌي مرثيه نويسي ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
عبدالقيوم صائب
مرزا قليچ بيگ
غلام رسول بلوچ✅✅

41. هندي ڇند موجب دوهي جي هر سٽ جو پهريون چرڻ 13 ماترائون ۽ ٻيو چرڻ 11ماترائون هوندو آهي. (✅✅صحيح - غلط )

42. خانبهادر محمد صديق ميمڻ  جي ادبي تاريخ جي ٻنهي ڀاڱن ۾65 شاعرن ۽ نثر نگارن  جو ذڪر ڪيل آهي. (✅✅صحيح- غلط)

43. الف اشباع جو پهريون شاعر مخدوم ابوالحسن ٺٽوي آهي (صحيح -✅✅ غلط )

44. وڻجارن وايون الطاف شيخ جو ڪتاب آهي. (صحيح - ✅✅غلط )

45. مخدوم عبدالرحيم گروهڙي لواري واري بزرگ جو مريد ٿيو. (✅✅صحيح - غلط )

46. مئين شاهه عنات رضوي جي رسالي ۾ 22 سر آهن. (✅✅صحيح - غلط )

47. مخدوم نوح جو اصل نالو نعمت الله هڪ هو؟ (صحيح - ✅✅غلط ) لطف الله 

48. ميان سرفراز ڪلهوڙو، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو فرزند هو؟ (صحيح - ✅✅غلط ) ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو 

49. صديق فقير سومري جي وائي کي صدا چئجي ٿو. (✅✅صحيح - غلط )

50. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ڪتاب"
منهاج العاشقين" مولوي غلام محمد خانزئي جي ساڳئي نالي واري ڪتاب جو ترجمو آهي. (✅✅صحيح - غلط)

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون