سنڌي ادب جي تاريخ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ترتيب: فضل سومرو
1. هندي ڇند تي پهريون ڪتاب ڪنهن لکيو ؟
آسانند ڇتارام گياڻي✅✅
جھمٽ مل ڀاوناڻي
خانچند درياڻي
2. بياض خادمي ڪنهن ترتيب ڏنو؟
محمد صديق مسافر
محمد صديق ميمڻ
لطف الله بدوي✅✅
3. جنگنامو ڪنهن جو نظم آهي؟
ثابت علي شاھ
خير شاھ✅✅
جمن چارڻ
4. مغل دور ۾ شاھ عنايت شهيد کان علاوه ٻيو ڪهڙي بزرگ جي شهادت جو واقعو پيش آيو؟
مخدوم عبدالرحمان کهڙن وارو✅✅
مخدوم عبدالرحيم گروهڙي
مخدوم بلاول
5. صديق فقير سومرو ڪنهن جو مريد هو؟
مخدوم لواري واري جو
شاہ فضل الله جھوڪ واري جو✅✅
نصيرالدين شاھ جو
6. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو زادالفقير جو موضوع ڪهڙو آهي؟
نماز جي اهميت
فقيري جي اهميت
روزي جي اهميت✅✅
7. اسد ﷲ بيخود حسيني ٽکڙ جو تذڪرو ڪڏهن لکيو؟
1950ع
1959ع✅✅
1980ع
8. تحفته الڪرام شاھ صاحب جي وفات کان ڪيترا سال پوء لکيو ويو؟
ڏهه سال
پندرهن سال✅✅
ست سال
9. وهاڳڙو، سوڌڙو ۽ موکي ڪنهن جي رسالي جا سر آهن؟
خليفو نبي بخش لغاري
صديق فقير سومرو✅✅
حمل فقير لغاري
10. لاڙاين جون لاتيون ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
اله بچايو يار محمد سمون
سومار شيخ
عنايت الله زنگيجو✅✅
11. سنڌي شاعريء جو سينگار ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
ڊاڪٽر بلوچ
ڊاڪٽر سنديلو
نعيم نقوي✅✅
12. سچل ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
ڄيٺمل پرسرام
لعلچند امرڏنومل
ڪلياڻ آڏواڻي✅✅
13. اسحاق آهنگر جو شعر ڪهڙا ڪتاب مان مليو آهي؟
بيان العارفين
تحفته الڪرام
حديقته اوليا✅✅
14. ميون عيسي هالائي ٽيهه اکري ڪڏهن لکي؟
1109هجري
1123هجري✅✅
1150هجري
15. سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو، ساڳئي سال ڪهڙي ٻئي بزرگ جو ڄم ٿيو؟
صديق فقير سومرو
ثابت علي شاهه
مخدوم گروهڙي✅✅
16. لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
جارج اسٽئڪ
واٽن
گريئرسن✅✅
17. ميئين عيسي هالائي جا ڪل ڪيترا بيت مليا آهن؟
150 بيت
230 بيت✅✅
250 بيت
18. سمن جو پهريون حاڪم ڪهڙو هو؟
ڄام انڙ.✅✅
ڄام نندو
ڄام جوڻو
19. صوفي شاھ عنايت شهيد جي شهادت ۾ ڪهڙو ڪلهوڙو حڪمران ملوث هو؟
نور محمد
يار محمد✅✅
غلام نبي
20. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪنهن جو مريد هو؟
محمد سعد ﷲ مڱريو
محمد سعد ﷲ شاہ✅✅
لواري وارو بزرگ
21. سنڌي رسم الخط ڪنهن جو مقالو آهي؟
الطاف محبوب جوکيو
مرليڌر جيٽلي
محبوب علي چنه ✅✅
22. شاھ شريف ڀادائي جو اصل نالو ڇا هو؟
محمد شريف شاھ
قنبر علي شاھ✅✅
عبدالقدوس شاہ
23. ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله جي وچ ۾ لڳل جنگ کي ڪنهن ڳايو؟
عبد ﷲ ميان موريو
جمن چارڻ✅✅
پيراڻو ڀنڀرو
24. سچل سرمست جي سڀ کان وڏي مثنوي ڪهڙي آهي؟
وصلت نامو✅✅
درد نامو
گداز نامو
25. روحل فقير جا ڪل ڪيترا ڪتاب مليا آهن؟
هڪ
ٽي✅✅
پنج
26. قاضي قادن ڪهڙي فڪر سان وابسته هو؟
قادري
نقشبندي
مهدوي✅✅
27. صوفي دلپت جي شعر تي ڪنهن جو اثر آهي؟
شاھ✅✅
سچل.
سامي
28. ڊاڪٽر بلوچ جو سنڌي ٻوليء جي مختصر تاريخ ڪهڙي سال شايع ٿيو؟
1970ع
1955ع
1962ع✅✅
29. مقدمہ الصلوات ڪيترين شاعراڻين صنفن تي لکيل آهي؟
هڪ
ٻه
ٽي✅✅
30. خزانہ اعظم ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مخدوم عبد اللہ نرئي✅✅
مخدوم عبدالخالق.
31. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي والد جو نالو ڇا هو؟
عبدالغفور✅✅
عبدﷲ
عبدالڪريم
32. الف اشباع جو پهريون شاعر ڪير هو؟
مخدوم ابوالحسن
مخدوم پير محمد لکوي ✅✅
مخدوم عبدالقادر
33. ڀٽائي جي ترقي پسندي ڪنهن جو مقالو آهي؟
آغا سليم
انور پيرزادو✅✅
محمد علي مانجھي
34. ليلي مجنون ڪنهن جو نظم آهي؟
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
حاجي عبدالله✅✅
آخوند لطف الله
35. سنڌ ۾ مغلن جو گورنريء وارو دور ڪڏهن کان شروع ٿيو؟
1680ع
1701ع✅✅
1718ع
36. الف اشباع جو پهريون فقرو ڪنهن جو چيل آهي؟
سيد علي ثاني
سيد مراد شاھ شيرازي✅✅
سيد حيدر شاھ
37. ڪبت نثر يا نظم، ڪنهن جو مقالو آهي؟
ڊاڪٽر جوڻيجو✅✅
ڊاڪٽر الانا
ڊاڪٽر بلوچ
38. تذڪره لطفي ۾ ڪل ڪيترن شاعرن جو ذڪر آهي؟
75 جو
81 جو✅✅
90 جو
39. تذڪره الشعراء حيدرآباد ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
محمد بخش واصف✅✅
سليم هالائي
محمد سومار شيخ
40. ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تي ڪڏهن ويٺو؟
1760ع
1768ع
1772ع✅✅
41. سومرن جي دور جي سنڌي شاعري، پروفيسر غلام علي الانا جو مقالو آهي.
(✅✅صحيح - غلط )
42. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب راڳنامي ۾ حمل فقير جو ڪلام آهي. (صحيح - غلط ✅✅) صديق فقير سومرو ۽ ڪجهه ٻيا شاعر
43. ياد رفتگان 1953ع شايع ٿيو. (✅✅صحيح_غلط)
44. سچل سائين جي والد جو نالو ميان عبدالحق هو. (صحيح - غلط✅✅) ميان صلاح الدين
45. چڻنگ ۽ لڪڙو سيد ثابت علي شاهه جو نظم آهي (✅✅صحيح- غلط)
46. مراد فقير جو مرشد روحل فقير هو. (✅✅صحيح - غلط )
47. منهاج العاشقين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب آهي. (صحيح - ✅✅غلط ) مولوي غلام محمد خانزئي
48. فتح فقير ڪافي ۽ مدح جو شاعر هو (✅✅صحيح - غلط )
49. خليفي نبي بخش لغاري جا وڏا ديري غازي خان کان سنڌ ۾ آيا. (✅✅صحيح - غلط )
50. شاھ لطف الله قادريءَ جو جنم 1611ع ۾ ٿيو. (✅✅صحيح - غلط )
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا