مرڪَّب ۽
مرتَّب لفظن جي صورتخطيءَ جو معاملو
ڊاڪٽر الطاف جوکيو

هتي ٻه معاملا، الڳ سامهون اچن ٿا ته:
مرڪب ۽ مرتب لفظ ڇا کي ٿو چئجي؟
مرڪب ۽ مرتب لفظن جي صورتخطي ڪيئن لکجي؟
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي مرڪب لفظ بابت لکي ٿو: ”مرڪَّب (Compound word)اهو آهي، جنهن ۾ ٻئي هڪدم ويجها جزا آزاد روپ هوندا آهن.“
ڊاڪٽر جيٽلي جي مرڪب لفظن مان مراد اها آهي ته اهڙا ٻٽا لفظ جن کي ٽوڙجي ته اهي اهڙي صورت ۾ بيهن، جيڪي معنى جي نسبت الڳ صورت ۾ ڪم ايندا هجن، مثال طور: اڄڪلهه- رحمدل- آمدورفت وغيره. مذڪوره لفظ ڇيد ڪرڻ سان الڳ معنوي حيثيت رکندڙ آزاد (Independent) لفظ بيهندا، جيئن: اڄڪلهه (اڄ + ڪلهه)، رحمدل (رحم + دل)، آمدورفت (آمد + وَ + رفت) وغيره. انهيءَ سبب اهڙن ٻٽن لفظن کي ’مرڪب لفظ‘ ٿو ڪوٺجي.
مرڪب لفظن جا چند مثال، جيڪي معنوي لحاظ کان الڳ استعمال جوڳا ٿي سگهندا آهن: ٻپهري، کلمُک، کٽمٺڙو، انگوڇو، انگرکو، اڳڪٿي، هڪدم، آسپاس، پٺڀرائي، چڱڀلائي، هڪٻئٖي، انمول، پاڻمرادو، پاڻڀرو، پوروڇوٽ، گڏوگڏ، ڊانواڊول، آپگهات، مهمانوازي، پوئلڳ، ڀڃڪڙي، ڦلواڙي، ڦرلٽ، جوڙجڪ، چترڪاري، چؤڏول، سرڳواسي، سالگره، مهاڀاري، گهڻگهرو، ننڊاکڙو؛ افراتفري (افراط و تفريط)، ايامڪاري، ڪسمپُرسي؛ صورتخطي، آمدورفت، پڌرنامو، آبهوا، خوبصورت، تندرست، مڇرداني، چالبازي، ڌوڪيبازي، فرمانبردار، سنگتراش، پُرسڪون، نڪتچيني، خبرداري، صاحبزادو، ڪارساز، دلگير، غمگسار، پيشگوئي، رومال، پائمال، راهنما، صحتياب، پرجوش، دلپسند، آبڪلاڻي، بزدل، بندرگاه، بيهوشي، چغلخور، خوردبيني، دوربيني، خوشحالي، درخواست، دڪانداري، دلپذير، دلگير، رضامندي، رواداري، زيردست، سرپرست، سنگمرمر، شاهنامو، ضرورتمند، گمراهي، گلقند، نگهباني، هر دلعزيز، نورجهان، نيلگون، همدم، همعصر، همسر، يڪجهتي، خوشگوار، رحمدل، يڪتارو وغيره.
مرتب لفظن بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڄاڻائي ٿو: ”مرتَّب لفظ (Complex word) اهو آهي، جنـﻫـن ۾ هڪدم ويجهن جزن مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ جزو پَروس روپ آهي.“
ڊاڪٽر جيٽلي جي مرتب لفظ مان مراد اها آهي ته اهڙا ٻٽا لفظ جن کي ٽوڙجي ته اهي اهڙي صورت ۾ بيهن، جو انهن مان هڪ پروس (ٻئي تي ڀاڙيندڙ) بيهندو هجي. مثال طور: اَوير- سوير- سُڪار- ڏُڪار- ڪُپت- نرمل- نِهَٺو- اُپٻيٽ- وِسرڳ وغيره. مذڪوره لفظ ڇيد ڪرڻ سان الڳ معنوي حيثيت رکندڙ لفظ ته بيهندا، ليڪن انهن ۾ هڪ پروس (dependent) جيئن: اَوير (اَ = نه + وير = مهل)، سَوير (سَ = ساڻ + وير = مهل)، سُڪار (سُ = سٺو + ڪار = ڪم)، ڏُڪار (ڏُ = خراب + ڪار = ڪم)، ڪُپت (ڪُ = خراب + پَت = اعتبار)، نِرمَل (نِر = نه + مَل = ميرُ، مٽي)، نِهَٺو (نِر = نه + هٺ = آڪڙ)، اُپٻيٽ (اُپ = ننڍو + ٻيٽ = جزيرو)، وِسرڳ (وِ = پري- جدا + سرڳ = اڇل) وغيره. مقصد ته مذڪوره لفظن جو جڏهن ڇيد ڪجي ٿو ته انهن ۾ هڪ پروس جزو به آهي، جيڪو ٻوليءَ ۾ اڪيلي سِر، الڳ معنى سان ڪم نه ٿو اچي. فرض ڪريو ته ’اَ‘ اڳياڙيءَ جي معنى ’نه‘ آهي، ’ڪُ‘ اڳياڙيءَ جي معنى ’خراب‘ آهي، ليڪن اهي جزا تڏهن ٿا معنى جوڙين جڏهن ڪنهن لفظ سان ملن ٿا. ٻوليءَ ۾ اڪيلي سِر ڪم نه ٿا اچن. يعني ’ڪُ‘ جو پد، ’خراب‘ جي معنى ۾ اڪيلي سِر ڪم نه ٿو اچي، بلڪ ٻئي لفظ سان ملي معنى جوڙي ٿو، ان سبب انهن کي ’پروس‘ جزو ٿو ڪوٺجي. اهو ئي سبب آهي ته جن لفظن ۾ اهڙيون ’پروس‘ (dependent) اڳياڙيون ڪم آيل هونديون آهن، تن کي ’مرتب لفظ‘ چيو ويندو آهي.
مرتب لفظن جا چند مثال، جيڪي معنوي لحاظ کان هڪ جزو، الڳ استعمال جوڳو نه رهندو آهي: اَڻاسي، اَوير، اَروٽ، اَڄاڻ، اَنيڪ، اَڀرو، اَلک، اَٻوجھ، اَوَرچ، اَگُوندرو، اَهنجو، اَڇوت، اَنياءِ، اَڀاڳ، اَڀوڳي، اَجھاڳ، اَسُونهون، اَتُل، اَٽَل، اَپار،اَمرتا _اَمر، اَڀاڳو، اَکٽ، اَنوکو، اَوِديا، اَملهه، اَچانڪ، اَچاهه، اَڏول، اَڪَٿ، اَکٽُ، اَکَرو، اَکنڊ، اَگيان، اَگھو، اَگھور، اَلڀ، اَلڳ، اَمَيو، اَوائي، اَوَس، اَويلو، اَواٽ، اَواچ، اهنج، اَڻائو، اَجايو، اَڌُوت ، آگم، آڻڻ، آڌر، آدرش، آڏارڻ، آلاپ، آڪڙ، آڪاش، آٺرڻ، آنند، آگھارڻ، اُپٻيٽ، اُپسمنڊ، اُپگره، اُپمان، اُپلهجو، اَڀسرو، اَڀمان، اَڀياس، اَتيت، اَتيسار، سهڻو، سڪار، سٺو، سهاڳڻ، سڌاتورو، سپت، سلڇڻو، ڪُلڇڻو، ڪُلکڻ، ڪُپت، ڪُڌاتورو، ڪُمهلو، ڪُريت، ڪُروپ، ڪُواٽ، ڪُپيري، ڪُپَر، ڪُوير، ڪُويساهو، نرمل، نرڄو، نردئي، نرٻل، نراس، نِٻل، نِڀاڳ، نِهٺو، نِماڻو، نِسهو، نڌڻڪو، نڦلو، نسنگ، نستو،نٻر، نڪمو، نِٺر، ڏڪار، ڏهاڳ، ڏڄڻ، ڏٻرو، ڏٻل، ڏک، وسرڳ، وڇڙڻ، ورهه، ومل، وڌوا، وسارڻ وغيره.
مٿيان مثال خيال خاطر رکيا ويا ته جيئن مرڪب ۽ مرتب لفظن جي دائري جو اندازو رهي. اتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙن مرڪب ۽ مرتب لفظن کي صورتخطيءَ جي نسبت ڪيئن لکجي؟
مرتّب ۽ مرڪّب لفظن جي نوعيت مان اندازو ٿئي ٿو ته مرتَّب لفظ هر صورت ۾ ملائي لکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ ته مرتّب لفظ ۾ هڪ جزو/ صرفيو پروَس هوندو آهي؛ جڏهن ته مرڪَّب لفظ الڳ لکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ ته ان جا جزا پروس نه هوندا آهن؛ پر عام صورتن ۾ ائين نه ٿو ٿئي، جيئن:
مرتَّب لفظ: اڻ- وڻندڙ، بي- تُڪو وغيره.
مرڪَّب لفظ: صورتخطي (صورت + خطي)، اڳڪٿي (اڳ + ڪَٿي) وغيره.
مٿئين ڍنگ مان پتو پوي ٿو ته صورتخطيءَ ۾ ملائي يا الڳ لکڻ وارو معاملو مرڪَّب يا مرتَّب لفظن جي دائري کان ٻاهر آهي. هن صورت ۾ صرف ’مرڪَّب صورت‘ جو اصطلاح ڪم آڻجي.
’مرڪب صورت وارا لفظ ملائي يا الڳ لکڻ‘ جو جائزو
مرڪب صورت وارا لفظ ٻن يا ٻن کا وڌيڪ اهڙن لفظن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي خيال/ تصور ۾ هڪ هجن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽن قسمن جا مرڪب صورت وارا لفظ جاچيا ويا آهن:
1. کليل مرڪب صورت وارا لفظ: اهڙا لفظ جيڪي الڳ الڳ لکيا ويندا هجن؛ جيئن: سنئون سڌو، ڍڳي گاڏي، دال روٽي، ڄاڻي ٻجهي، مهمان مڙهو، ڀاڄي ڀتي، اتر واءُ، چڱو ڀلو، آتم ڪهاڻي، انگ اکر، ٻانهن ٻيلي، لڏ پلاڻ، جڳ مشهور، ٿڌو مٺو، ڦوه جواني، خدا پرست، خدا ترس، وغيره.
2. ڳنڍيندڙ ليڪ سان مرڪب لفظ: اهڙا لفظ جيڪي ڳنڍيندڙ ليڪ سان الڳ لکيا ويندا هجن؛ جيئن: هڪ- اڌ، ، ٻه- اکري، ٻه- اڍائي، يڪ- طرفي، يڪ- مشت، دو- چشمي، ورڻ- مالا، الف- بي، شمسي- قمري، ڏندن- چپ گاڏئون، ٽيهه- اکري، اُپ- ورڻ، زيرون- زبرون، واؤ- ويڇو وغيره.
3. مستقل مرڪب لفظ: اهڙا لفظ جن کي گڏي هڪ لفظ ڪري لکيو ويندو هجي؛ جيئن: کلمُک، کٽمٺڙو، اڳڪٿي، هڪدم، آسپاس، پٺڀرائي، چڱڀلائي، پوروڇوٽ، گڏوگڏ، ڊانواڊول، آپگھات، مهمانوازي، پوئلڳ، ڀڃڪڙي، سالگره، گھڻگھرو، افراتفري (افراط و تفريط)، صورتخطي، آمدورفت، خوبصورت، تندرست، فرمانبردار، خوشگوار، رحمدل، يڪتارو، رهائشگاه وغيره.
مٿي مرڪب ۽ مرتب لفظن جو دائرو پيش ڪرڻ بعد اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته صورتخطيءَ جي خيال کان، ٻٽن لفظن کي گڏي يا الڳ/ وٿيءَ سان لکڻ جو معاملو ڪافي مونجهاري وارو آهي. جيئن ته اسان وٽ ادارا صرف ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ بڻايا ويا آهن، جنهن سبب اهڙا معاملا يڪسان طور تي طئي ڪرڻ مشڪل ٿي پيا آهن.
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا