Saturday, February 22, 2020

شاهه لطيف جو مجازي عشق| ڊاڪٽرغلام نبي سڌايو


علامت نگاري ۽ لطيف سائين جي شاعري

شاهه لطيف جو مجازي عشق


 نبي سڌايو

لطيف سائينءَ جي عشقيه شاعري ءَ جو دور مقرر ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. پر تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو سندس ڄمار جو اهڙو وقت هو، جڏهن انسان جذبن جي دنيا ۾ سوچيندي، ڪنهن حسن جي پيڪر جي ڳولا ۾ هوندو آهي. اهوئي وقت آهي جڏهن ماڻهو پنهنجي من جي دنيا وسائڻ لاءِ اندر ئي اندر ۾ ساٿي تلاش ڪري وٺي ٿو. جيڪو انگين عضوين، قدڪاٺ، گفتار ۽ رفتار م پنهنجو مٽ پاڻ هجي. اهو تصويري پيڪر ۽ ان جي جوڙجڪ جيتوڻيڪ سندس خيالن ۾ هوندي آهي، پر ان جي ڳولا حقيقي دنيا ۾ ڪئي ويندي آهي.
  گمان غالب آهي ته لطيف سائينءَ جي تنهن وقت ڄمار 20 کان 24 ورهين تائين هوندي، جڏهن کيس مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان نينهن لڳو. انهي ءَ دوران جيڪا به شاعري ڪيائين سا عشق جي وارداتن ۽ شوق جي شدت سان ڀرپور نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿوته ’’ سر کنڀات، سر بروي ۽ سر پورب ۾ اهائي لات لنئي اٿس. انهن سرن ۾ جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ناز، ۽ نياز، دلڪشي ۽ دلربائي، مايوسيءَ ۽ مبتلائي، انتظاري ۽ بيقراريءَ جي بوءَ اچي ٿي ‘‘.(1)
 بقول شيخ اياز، شاه جي عشق جي شروعات هيئن ٿي جو جڏهن مرزا مغل بيگ جي گهر دعا لاءِ کيس گهرايو ويو، تڏهن نوجوان لطيف جي نگاه اوچتو هڪ حسين و جميل دوشيزه کي پنهنجي سامهون ڏٺو ۽ ٻنهي جون اکيون هڪ ئي وقت مٿي کڄيون ته ٻنهي دلين ۾ محبت جي باه ڀڙڪي اٿي جنهن جو اندازو فوراً مرزا مغل کي ٿيو پر مصلحتن ان وقت ٽاري ڇڏيائين (2).
   شيخ اياز جي مٿين راءِ سان شاه جو شارح ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي به سهمت آهي. هو پنهنجي، پي ايڇ، ڊي. جي مقالي ۾ لکي ٿو ته اها ڳالهه قرين قياس آهي ته لطيف ۽ مرزا مغل بيگ جي نوجوان نينگري ءَ جون نگاهون هڪ ٻئي سان ٽڪرايون هونديون (3). پوءِ لطيف سندس چيچ وٺي دعا ڪئي.([1])
مانواري ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لطيف سائينءَ جي مرزا مغل جي حويليءَ ۾ وڃڻ ۽ سندس نياڻي سيده جي چيچ هٿ ۾ وٺڻ واري واقعي کي ڏند ڪٿا ڪوٺيو آهي. هن جو خيال آهي ته اها شادي لطيف محض والد شاه حبيب جي خوشي ۽ بيواه عورتن ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ لاءِ ڪئي. اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته لطيف سائينءَ وٽ شاديءَ جي اسلامي زندگي جي هڪ عام شرعي رسم کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانه هئي. خاص طرح هن مرحلي تي سندس پرڻي ۾ نه ته ڪا عاشقي جي بوءَ هئي نه ڪو افسانوي رنگ هو. (4) پر مرزا مغل بيگ جي حويلي ۾ لطيف سائينءَ جي وڃڻ واري واقعي ۽ عشقيه     شاديءَ کي مرزا قليچ بيگ قبوليوآهي. (5).
مانوارو ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي راءِ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته شاه سائينءَ پنهنجي گهرواري جي سڌن کان وڌيڪ پنهنجي مخلص فقيرن جي تڪليف کي مهانگو ٿي سمجهيو، شادي کان اڳ گهر کي ڇڏيو هئائين ۽گهڻو وقت ڪوتڙي کان ٻاهر پئي گذاريائين، شاديءَ بعد به گهر ڪري ڪونه ويٺو. اڳتي هلي لطائف لطيفي ڪتاب مان حوالو وٺندي بلوچ صاحب چوي ٿو ته شاه صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي پئي گذاريو ۽ جڏهن ڀٽ تي هوندو هو ته پنجئي وقت نماز جماعت سان پيو ادا ڪندو هو. ان کانسوا ءِ ٻيو به گهڻو سارو وقت گهر مان ٻاهر گذاريندو هو ۽ اندر حويليءِ ۾ جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اتران هئي، گهٽ ئي ويندو هو.(6).
 سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب شرعي ڄاڻ  رکندي شادي شده لطيف کي پنهنجي زال کان ايترو پري ڏيکارڻ وارو رويو خبر ناهي ڇو اختيار ڪيو آهي؟ جڏهن ته مرزا قليچ لکي ٿو ته بيبي صاحبه ڏاڍي نيڪ، سگهڙ ۽ هوشيار هئي. نماز روزي جي پابند ۽ صبح سانجهي قرآن شريف پڙهندي هئي. پنهنجي گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪندي هئي. مطلب ته جهڙو شاه صاحب ڀلارو هو تهڙي سندس بيبي ڀلاري هئي.(7).
جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ، درويش لاءِ شاديءَ کان پري رهڻ واري ڳالهه سامهون رکي آهي ته به اها ڳالهه ڀٽائي ءَ  جهڙي ڀلاري ۽ محبتي ماڻهو ۽ سندس نيڪ سيرت زال سان ٺهڪي نٿي. شادي ڪرڻ ۽ مجرد رهڻ جي سلسلي م ڪشف المحجوب م لکيل آهي ته درويش تي لازم آهي ته پهريائين هو پنهنجي معاملي تي سوچي ۽ تجرد جي آفتن ۾ نڪاح جي ذميوارين جو خيال ڪري ته انهن مان ڪهڙو سندس لاءِ آسان آهي ؟ جيڪو آسان هجي ان جي پيروي ڪري، مطلب ته مجرد رهڻ ۾ ٻه آفتون آهن. هڪ سنت جو ترڪ ڪرڻ ٻيو شهوت جو دل ۾ پرورش پائڻ ۽ حرام جي خطري م پوڻ، نڪاح ۾ به ٻه آفتون آهن هڪ غير جي پاسي دل جو مشغول ٿيڻ. ٻيو جسم جو نفس جي لذت ۾ مشغول ٿيڻ، جيڪو گهڻن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪري ان لاءِ نڪاح ضروري  آهي ۽ جيڪو ماڻهن (خلقت) کان گوشه نشيني گهري. ان لاءِ مجرد رهڻ ضروري آهي.(8)،
ڊاڪٽر بلوچ، لطيف سائين جو سندس گهر واري سان رويي متعلق جيڪو رايو ڏنو آهي، اهو هڪ نظرئي جي ته پٺڀرائي ڪري ٿو پر حقيقت جي بنهه ابتڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مطابق ته ائين ٿو لڳي ته لطيف سائين ءَ کي نه ته پنهنجي گهر واريءَ سان پيار هو ۽ نه وري سندس حقن جي ڄاڻ هئي. جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين جي حقن جو خيال نٿو رکي ان مان ڀلا سماجي ڀلائي ۽ خلق خدا جي ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب اها ڳالهه به مڃي ٿوته  شاهه صاحب شريعت جو ڄاڻو ۽ پابند هو ۽ کيس توحيد ۽ رسالت تي به پختو ايمان هو. ته پوءِ ڀٽائي جو اهڙو عمل ڪيئن ٿي سگهي ٿو. !! 
حضرت داتا گنج بخش جي قول موجب مالڪ لاءِ ٻئي راهون کليل آهن. وڻي ته مجرد رهي ۽ جي چاهي ته شادي ڪري. پهرين حالت ۾ نفس تي ضابطو رکڻ ضروري آهي ۽ ٻي حالت ۾ غير ڏانهن رغبت رکڻ جو انديشو آهي. پر لطيف سائين وٽ اهي ٻئي حالتون ڪونهن. هن جي مجرد نه بڻجڻ جو پهريون ثبوت اهو آهي ته هو هڪ اعليٰ پائي جو بزرگ ۽ عوامي سوچ رکندڙ ڏاهو هو. اهو ئي دور هو جڏهن هو پنهنجي سگهاري ۽ جاندار شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ نئين سوچ اوتي رهيو هو. تنهنڪري هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد ۽ معتقد دروازي تي اچڻ لڳا. شاهه صاحب ڪو عام ماڻهو ڪو نه هو جو سارو وقت زال وٽ گهر ۾ گذاري ها. سندس والد شاهه حبيب جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ مريدن ۽ معتقدن سان ملڻ جلڻ انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ ۽ انهن جي حل ڳولهڻ جي جوابداري اڃا به مٿس وڌي ويئي. اهو ئي دور هو جڏهن شاهه صاحب پنهنجي زال کي گهٽ ۽ پنهنجي مريدن ۽ عام ماڻهن کي وڌيڪ توجهه ڏيڻ لڳو ۽ اهو هڪ معتبر فيصلو هو. مولانا دين محمد وفائيءَ جو خيال آهي ته شاهه سائين کي پنهنجي مغل زال سان ڏاڍو پيار ۽ محبت هئي.(9)
شاهه صاحب سچو صوفي ۽ ساڃهه ڀريو انسان هو. هن کي نه صرف پنهنجي زال جي حقن جي ڄاڻ هئي پر هو ساڻس ڏاڍي محبت ۽ انسيت به رکندو هو. سوچڻ جو مقام آهي ته جنهن پرين کيس عشق جا اسرار، حسن جي حڪايتن ۽ پيار جي پيچرن جي آگاهي ڏني، ان پهرئين پيار کان منهن موڙي ڇڏڻ ڪٿان جي ڏاهپ آهي. ها اهو ضروري آهي ته عاشق پنهنجي من جي ماجرا ۽ سور ڪنهن سان سليندا ناهن ۽ نڪي ڦوڙائي فراق جا ڳوڙها عام اڳيان ڳاڙيندا آهن. سچي صوفي لاءِ اهو ضروري آهي ته ظاهرداري کي ڇڏي حال واري رهڻي اختيار ڪري. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ اها ڳالهه مڃي ٿو ته ڄاڻ وارو سالڪ ذاتي مشاهدن واري حال کي ڍڪي ۽ انهن کي پڌرو نه ڪري، هو فراق ۾ پنهنجو پاڻ پچائي، پهريان پنهنجو وجود ۽ هستي وڃائي ته پوءِ جيڪر محبوب سان وصال واري منزل ماڻي.(10).
(1)پر آئون پنهنجي مقالي ”شاهه لطيف ۽ علامت نگاري“ ۾ مانواري شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي جي راءِ کي منطقي طور رد ڪري چڪو آهيان. البته لطيف جو مرزا مغل بيگ جي گهر وڃي بيبي جي چيچ وٺي دعائيه الفاظ چوڻ کي علامتي انداز ۾ ڏٺو اٿم ۽ مرزا جي وفات کان پوءِ لطيف سائين سيده بيگم کي پنهنجو مجازي محبوب مڃي، ان جي عشق ۽ فراق ۾ سئر سفر ڪيائين ۽ نيٺ پنهنجي نڪاح  ۾ آندائين.
اصل ۾ لطيف ظاهري عشق ڪرڻ واري روش جي خلاف هو. هو باوقار ۽ سليقي مند انسان هو. هن اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪرڻ چاهي، جنهن سان سندس عشق ۽ محبت واري هستي سڀ جي توجهه جو مرڪز بڻجي. بلڪه هن پنهنجي پيار کي ايترو ته لوڪان لڪائي پاڪيزو بڻايو جو ان رشتي ۽ تعلق تائين ڪنهن جي رسائي ڪو نه ٿي سگهي. “اکين ۾ ٿي ويهه، توکي وارين ڍڪيان.”جيستائين سندس پرين سان پيار جي ثابتي جو واسطو آهي ته اها سندس ڪلام جي سٽ سٽ ۾ نظر اچي ٿي. ڪو به اهڙو سر ڪونهي جنهن ۾ سونهن، انتظار، بيچيني ۽ بيقراري جون وارداتون موجود نه هجن :
ساهــڙ ڌاران، سهڻـي، آهـي ۾ آزار،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، محبت وٽ  سنگهار،
تــــوڏي سنـــدي تـن جي، دوا ۾  ديـدار،
جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سگهي ٿئي.
 (سهڻي ابياتِ متفرقه _5)
ڊاڪٽر گر بخشاڻي، شاهه جي مجازي عشق کي به مڃي ٿو ۽ شاهه جي حقيقي عشق جي ڳالهه به ڪري ٿو.(11) انهي ڳالهه کي سامهون رکندي لطيف جي ڦوهه جواني واري دور کي جيڪڏهن مجاز جي پس منظر ۾ نه ڏسبو ته حقيقتون لڪي وينديون. پيار ڪرڻ نه برو عمل آهي ۽ نه وري حسن جي پرکا ڪرڻ ڪا اهڙي الجهن آهي، جنهن ۾ جڪڙجي انسان پنهنجو ارڪو ترڪو وڃائي ويهي. عشق ته پاڻ اهڙو عمل آهي جنهن سان رتبي جي سڃاڻ ٿئي ٿي، سماجي گهٽ وڌايون دور ٿين ٿيون ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راهون کلن ٿيون. ڇا اهو عشق جو ڪمال ناهي جو نوريءَ لاءِ ڄام تماچي ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو؟
ڪـو  جو  ڪــامڻ مي، آهي اکڙين ۾،
تـن تماچي ڄام جـو، ناڀون  پايو ني،
عشق ائين ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو.
 (ڪاموڏ 2_13)
عشق هڪ اهڙو مرغوب مشغلو آهي، جنهن جي لذت جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي ٿي. يعني جيتري جدائي اوتري شدت، جيترو تجربو يا ڪوشش اوتري اڃ ۽ پريشاني، حسن جي ڇهاءُ سان موت کان نفرت ٿئي ٿي ۽ زنده رهڻ جو احساس وڌي ٿو. مطلب ته حسن ذريعي ڪنهن نه ڪنهن اعتبار سان انساني حياتيءَ کي ماڻڻ ۽ اهم مقصد حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملي ٿي. حسن جي ترغيب ۽ ڪشش ۽ عشق جو اڀار ٻئي انساني خواهشن تي مدار رکن ٿا، ڇو ته خواهش هڪ اهڙي نفسياتي سگهه آهي جنهن وسيلي فرد پنهنجين خوشين جو دائرو جيترو وسيع ۽ ويڪرو ڪندو اوترو اهو سماجي مسئلن کي نبيرڻ جي قابل بڻبو. ذاتي خواهش جي تڪميل جو دائرو جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪري ٿو، تڏهن هر پاسي خوبصورتي، خوشي ۽ خوشبوءِ جي ورکا ٿئي ٿي. اهڙي ذاتي خواهش جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪئي، تڏهن ڀٽائي اهڙي تصور کي سامهون رکندي چيو :
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
(حسيني:1_3)
انسان جو خواهشون جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪن ٿيون، تڏهن ڄام ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو ۽ آرياڻي بري ڀنڀور کي اجاري پاڪ ڪري ٿو. پوءِ اهڙو انسان سماج لاءِ روشن ضميريءَ جو مثال بڻجي پوي ٿو ۽ هن جي ذات پوري سماج توڙي پوري ڪائنات ۾ خوبصورتي ۽ سچائي جو سمبل بڻجي پوي ٿي.
انساني ڪردار جي حوالي سان لطيف سائين جو ست سورميون ۽ ست سورما ته مشهور آهن ئي آهن، پر بروي جي بهادري ۽ رپ سان عشق جا آهيرا، راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ، ٻيجل جي فن جو ڪمال، ڏونگر راءِ، جادم جکري ۽ سپڙ سخيءَ جي سخاوت، انيراءِ جي ڪڌائپ، وڳنڌ جا فڪري چرچا، علاءُالدين جي ڪاهه، ابڙي جي بهادري ۽ سام جهلڻ جا واقعا ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪردار آهن جن جي حيثيت هينئر علامتي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
انهن سڀني ڪردارن جي اهميت جو اندازو انهي پسمنظر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته انهن هر موڙ تي عظيم تر ۽ بين الاقوامي مقصدن جي حاصلات لاءِ توڙي پستين کان بلندين تائين پهچڻ لاءِ مادي يا حياتياتي (Biological) خواهشن کي گهوري ڦٽو ڪري ڇڏيو. سر سهڻي ۾ لطيف سائين اهڙا مثال ڏنا آهن:
1_     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو،        (1_17)
2_     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حــجاب،         (1_19)
3_     گهڙو ڀڳو  ته  گهوريو، آسر م  لاهـــيج،         (1_21)
انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙا چئلينج به اچن ٿا، جو هو مقابلي جي سگهه وڃائي ويهي ٿو. اهڙي ويلي عشق ئي آهي جيڪو منجهس قربانيءَ جي قوت يا مقابلي جي قوت پيدا ڪري ٿو. لطيف سائين سر سهڻي ۾ اهڙي ئي صورتحال سڻائيندي چوي ٿو:
ڪنڌي اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن
ساهڙ  سندو تن، گهاگهائي  گهڙن جي.
 (1_9)
ڪائنات ۾ انساني قرباني، جاکوڙ ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ کلندي ميدان ۾ گهڙي پوڻ سان نه صرف بلندين تائين رسائي حاصل ٿئي ٿي پر اهڙي روش سان فرد، مادي توڙي روحاني ٻئي خواهشون به ماڻي سگهي ٿو. لطيف سائين ڪائنات جي انهي سوڀ ۽ مقصد تائين رسائي جو ذريعو عشق ۽ عورت کي سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي سماج جي عورت وڏين ويساه گهاتين جي ور چڙهندي به عشق ۽ ارادي جي مضبوطيءِ جي ڪري پاڻ بچائي سگهي آهي، لطيف سائين کيس وڏيڪ هوشيار ڪـندي چوي ٿو ؛
”ڪرڪو واڪو وس، ويهه م منڌ ڀنڀور ۾.“
(سسئي ابري ؛ 8 ـ 5)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لطيف سائينءَ جي انهي ءَ مقصدي ڪردار عورت کي مستقل مزاجي ۽ عشق جو  اهڃاڻ سمجهندي چوي ٿو، ماڻهن ليکي منڌ پر اهو ڪو نينهن جو نعرو آهي ۽ ان تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو  (12).
لطيف سائين هڪ سڄاڻ ڏاهو هو. هن کي پوري پروڙ هئي ته مادي مسئلا هجن يا روحاني راز هر هنڌ عورت ئي آهي جيڪا پنهنجي خوبصورتي ۽ عشق سان ڪنهن به سماجي تبديلي واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انهي ءَ ڪري هن عورت جي روشن خيالي ۽ سجاڳيءَ کي نينهن جي نعري سان علامتائيو ( Symbolized) آهي.
عجيب ڳالهه اها آهي ته هن ڌرتيءَ جي عورت اڄ کان تقربياً اڍائي سوسال اڳ به ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿيندي رهي ۽ اڄ به سندس حقن جي پائمالي ٿيندي رهي ٿي. لطيف سائين سسئيءَ کي سورن جو سمبل به انهن سماجي روين جي بنياد تي بنايو آهي. هوءَ ڄمندي ئي سورن ۾ آئي. مرداني سماج (Male   Oriented    Society) ۾ نائون مل ( سسئي جو پيءُ) جي معاشري محض ان ڪري کيس قبول نه ڪيو جو هڪ مرد جوتشي هن جو سڱ ڪنهن غير مذهبي مرد سان ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي. محمد کٽي ( سسئي جو پاليندڙ پيءُ) کيس ان ڪري پنهل سان نه پئي پرڻايو جو اهو پنهنجي ڪڙم مان نه هو.پنهون پا ئڻ سان سندس ڏيرن جا ڏک ۽ ويساه گهاتيون شروع ٿي ويون. پنهل ڏانهن ويندي ڀنڀور جو ڪوبه مرد ساڻس ساٿي ڪونه بڻيو. اڪيلي عورت پهڻن جا پنڌ ڪندي هاڙي ڏونگر ۾ ايل پنهوار نالي ٻڪرار جي ڪڌي خواهش کان پاڻ بچائيندي، پهاڙي غار ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو. اها آهي لطيف جي سماج جي عورت جي ڪهاڻي جيڪا هر قدم تي ڏاڍ جو شڪار ٿيندي رهي پر عشق کيس سر خرو ڪري هميشه لاءِ زندهه بڻائي ڇڏيو. عورت جي عظمت حديث شريف ۾ به واضح آهي ته جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي.  هندو به عورت جي تقدس جي بحالي لاءِ ماتا ديوي جي پوڄا ڪندا آهن. انهي ءَ جي باوجود به هتان جي عورت سڱاوتي فيصلي ۾ چٽي طور جانورن جيان ڪاهي ڏجي ٿي. دشمني جي حالت ۾ يا ڪن ٻين حالتن هيٺ مٿس ڪارپ جو ڪارو ٽڪو لائي کيس ڪهاڙين ۽ بندوقن جو کاڄ بڻائجي ٿو. لطيف اهڙي نفسياتي ۽ سماجي برائي تي خاموش رهڻ بجاءِ عورت جي پٺڀرائي ڪئي آهي چوي ٿو ؛
ڪاري جا قيام سئين هوت جنهن جو حامي.
(کنڀات ؛ ا وائي 3)
سائين تنوير عباسي انهيءِ وائيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته هتي ڪاري جو مطلب عام سنڌي سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارو ڪاريءَ وارو آهي ۽ شاهه لطيف ڪاري رنگ کي برائي جي اهڃاڻ ۾ ڪتب آندو آهي ( 13)
بهرحال اهو طئي آهي ته لطيف سائين عورت جي عظمت جو پاسدار آهي هن پنهنجي نظرئي جو بنياد عشق کي ڄاتو آهي ۽ سندس خيال مطابق هن جهان جو بنياد به عشق تي ٻڌل آهي ۽ اهائي سوچ انسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ اڪسائي ٿي.
حوالا
1ـ گربخشاڻي هو تچند مولچند ڊاڪٽر ؛ ’’ مقدمه لطيفي‘’ ورسٽي، پبليڪيشن ڪراچي.1977 ع، ص ـ 130.
2 ـ شيخ اياز ؛ ’’ رساله شاهه عبداللطيف ‘‘ سنڌ يونيورسٽي  حيدرآباد 1963 ع ـ ص ـ 6
3 ـ جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر ’’ شاهه لطيف هز لائيف ايند ورڪ ‘‘ دهلي 1975 ع ـ ص 26.
4 ـ بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر؛ شاهه جو رسالو ‘‘ ( جلد پهريون) شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه 1989 ع ص ـ 23.
5 ـ مرزا قليچ بيگ ؛ ’’ احوال شاهه عبداللطيف ‘‘ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1986 ع ص ـ 61.
6 بلوچ ڊاڪٽر ’’ شاهه جو رسالو‘‘ ( جلد پهريون) ص 24.
7 ـ مرزا قليچ بيگ ؛ ’’ احوال شاهه عبداللطيف ‘‘ ص 25.
8 ـ  قادري محمد احمد (مترجم) ’’ ڪشف المحجوب ‘‘ ضياء القرآن پبليڪيشنز لاهور ( چوٿون ڀيرو) 1413 هه، ص ـ 566 ـ 567.
9 ـ وفائي دين محمد ’’ لطف اللطيف ‘‘ وفائي پبليشنگ هائوس ڪراچي ڇاپو ٻيو 1951 ع ص ـ 97.
10 ـ بلوچ ڊاڪٽر ؛ شاهه جو رسالو ( جلد پهريون) ص ـ 199
11 ـ گربخشاڻي ڊاڪٽر ’’ مقدمه لطيفي  ‘‘ ص 129.
12 ـ جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ؛ سره ڪتاب حيدرآباد 1973 ع ص ـ 52.
13 ـ عباسي تنوير ؛ شاهه لطيف جي شاعري ‘‘ شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي. 1976 ع ص، 124 ـ 125.

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون