چنڊ ڳليون
انتساب
هو
1352ع ۾ مَڌُوبن ۾ ڄايو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”ماکيءَ جو جهنگ“. اُتي انبن جا
جُهمٽا، سارِين جا کيت، ڪمند جي پوک ۽ تلاوَ هوندا ها، جن ۾ پاٻوڙا ۽ ڪنول ڇانيل
هوندا ها. اُتي بسنت ۾ وونئڻ رتول ڦوٽهڙي سان ٻوڪجي پوندا ها، سانجهيون ڪومل ۽
ڪوسيون هونديون هيون ۽ سومهياڻيءَ جو ماڻهو گهرن کان ٻاهر ٻُٽ ۾ سُمهندا ها.
اونهاري ۾ گهنگهور گهٽائون ڇانئجي وينديون هيون. ڏينهَن برکا سان ڪاراٽجي ويندا ها
۽ جتي چٽِي اُس چُڀندي هئي. اُتي هماليا جي چوٽين مان آڪاس جون ريکائون نظر
اينديون هيون. مون به پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ اهڙي مُند ماسَ ۾ گهاريو، جيتوڻيڪ
اُتي وڏا پهاڙ ڪين ها.
هُن
پيار جا امر گيت لکيا ها جن جِي اتهاس تي اَڻ مٽَ ڇاپ آهي. هن جون ناريون چيروِين
اکين واريون هيون ۽ ايتريون نرم هيون جيتريون فاختائون ٿينديون آهن. هو وڄ وانگر
وارڪا کائينديون هيون ۽ انهن جا مُنهن چندر مان وانگر سندر هوندا ها ۽ جيئن ڪنول
اُس ۾ ٽڙي پوندو آهي، ائين اهي پيار ۾ ٽڙي پونديون هيون. انهن جا وار رات وانگر
ڪارا هوندا ها ۽ چڳُون ولين وانگر هونديون هيون. انهن جو سڀاءُ ۽ هيءَ ساري سرشٽي
هنکي ايترو موهيندي هئي، جو هُن پنهنجا سارا گيت اُنهن سان جهنجهي ڇڏيا ها ۽ انهن
مان پيار مڌوبن جي ماکيءَ وانگر ٽپڪندو هو.
ساڳيو
لنئون ۽ پريتڻو منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهي ۽ وهي ان کي ڪومائي يا جَهڪو ڪري
نه سگهي آهي ۽ ڪويل جڏهن ڪوڪندي آهي ته ان جي ڪُوڪ مون ۾ ساڳي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي
جا ودَيا پتيءَ ۾ پيدا ڪندي هئي. ها، ٻنهي ۾ ڪوئي فرق نه آهي: هُن پنهنجا مڌر گيت
1380 کان 1406 تائين لکيا، جيتوڻيڪ هو 1448 ۾ گذاري ويو پر ڌُنڌ ۾ هو مونکي پڇاڙي
تائين گيت لکندي نظر اچي رهيو آهي. شايد هن جون ڪي سِٽون مون کي اڃا ياد آهن ۽
اُهي جڏهن به مون لکيون آهن، مون کي هن جي سار آئي آهي ۽ جڏهن به مون پيار ڪيو آهي
ته مون کي هُن جا پيار ياد آيا آهن، خاص ڪري اُهي هَٿَ جي، پيارا مُنهن ڪنول جي
گُلن وانگر پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي، پنهنجي چپن جي ويجهو آڻيندا هئا.
-
شيخ اياز
نومبر
1993ع
مهاڳ
جنهن
وقت مون ڪنهن بزرگ دانشور کي ٻڌايو ته مون ’چنڊڳليون‘ جي نالي سان پوري ڪتاب ۾
’ترائيل‘ لکيا آهن ته هن جو ردِ عمل توقع جي خلاف نه هو ۽ هن پنهنجي ترقي پسندانه
انداز ۾ چيو:
”هائڪو
تو ته چڱا لکيا آهن، پر هونءَ هائڪو غير سنڌي صنف آهي. ساڳيءَ ريت ترائيل به
غلاميءَ جي نشاني آهي.“
مون
هن کي ادب سان چيو:
”ترائيل
ته فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي، اسين فرينچ قوم جا به غلام هياسين ڇا؟ فرينچ قوم جي
حڪومت هندستان ۾ رڳو پانڊيچريءَ ۾ هئي. سنڌ تي ڪاهه به پورچوگيزن ڪئي هئي ۽ نه
فرينچ قوم وارن. نه وري اسان جپان جي غلاميءَ ۾ ڪڏهن رهيا آهيون. ٻي جنگِ عظيم ۾
هو برما تي قابض ها، جڏهن سباش چندربوس سندس ساٿي هو. پوءِ آسام ڏي امفال تائين
وڌيا هئا. ناگا ساڪايءَ ۽ هيروشيما جي تباهيءَ کان پوءِ جنگ بند ٿي وئي هئي.
هائڪوءَ
يا ترائيل جو اسانجي غلاميءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا توهان کان وسري ويو آهي ته
ٽيپو سلطان نئپولين بونا پارٽ کان هندستان جي آزاديءَ لاءِ مدد گهري هئي؟
ها،
سانيٽ انگريزيءَ تان ورتي وئي ۽ انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ واري وقت کان وٺي اسان
تي راڄ ڪيو هو. پوءِ به سنڌي شاعريءَ ۾ سانيٽ به لکي وئي آهي، جيتوڻيڪ اُها اڃا
ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. نظم ۽ آپيرا ته بلڪل انگريزيءَ ۽ ٻيءَ مغربي شاعريءَ جي
صنف آهي. نظم جي اسلوب ۾ جيترا تجربا مون ڪيا آهن، اوترا دنيا جي ٻي ڪنهن به شاعر
نه ڪيا آهن ۽ اُهي اڃا تائين سنڌي ادب مسترد نه ڪيا آهن.
ڇا
توهان اهو به چئي سگهندا ته غزل فارسيءَ جي صنف آهي ۽ غلاميءَ جي نشاني آهي؟ غزل
جو فارم ته فارسي غزل وارو آهي پر ڇا اسان اُن جو مزاج بدلائي نه وڌو آهي؟ هن وقت
اهو نج سنڌي شاعر آهي.“
اِهو
ٻُڌي هن جي چپن تي مرڪ آئي، جا هِن ۾ غلطيءَ جي احساس جي ڏارِ وانگر ٿي لڳي. مون
ڳالهه جاري رکندي چيو:
”ڇا
بيت، هندي سورٺي تان نه ورتو ويو آهي؟ ڇا ڀٽائيءَ وائيءَ جي صنف بُلا شاهه تان
ورتي هئي؟ ڇا پهريائين شاه حسين ڪافي پنجابيءَ ۾ چئي يا نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد
سنڌيءَ ۾ چئي؟ ڇا دوها سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ اڳ لکيا ويا ها پوءِ اهي سنڌي صنفون ٿي
ويون آهن. ڇا مون بيت ڪونه لکيا آهن؟
مون
ايترا بيت ۽ سلوڪ لکيا آهن جو شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا سڀئي بيت ۽ سلوڪ ڪٺا ڪندؤ
تڏهن به تعداد منهنجي بيتن جو انهن سڀني جيترو هوندو.
دراصل
سوال آهي تجربي جي ڪاميابيءَ جو، جي هائڪو، ترائيل، سانيٽ وغيره ۾ تجربو ڪامياب
ٿيو ته اسان انهن کي سنڌي بڻائي سگهنداسين. اسان ترائيل جو فارم اردوءَ تان ورتو
آهي. ڇا ان جو انگريزيءَ ۾ اُچار Troilet آهي
۽ مون کي اهو لفظ ڪنهن ڊڪشنري ۾ نظر نه آيو آهي ۽ نه ڪوليئرس انسائڪلو پيڊيا ۾، پرReader’s Digest Great
Encyclopaed Vol. III Dictionary ۾
هيئن لکيل آهي:
Triolet:- Eight line poem with two rhymes(a b aaa b ab)
in which the first line is repeated as lines 4 & 7, and second line is
repeated as line 8.
مون
ڪافي فرينچ ادب انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجمي جي ذريعي پڙهيو آهي. پو به مونکي اردو
ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي جو فرينچ يا انگريزيءَ ترائيل وانگر نه آهي. اُن جو
فارم واقعي ساڳيو آهي پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. مون سنڌي شاونيت (ويڙهاڪ
وطن پرستي –شاونزم) جي ڳري نڪته چيني (Diatribe) ايترا ڀيرا ٻڌي آهي جو هاڻي اها ٻڌي ڪو
تعجب نٿو اچي. دراصل ادب جو سارو ورثو
بين
الاقوامي ورثو آهي. اُن جو قوم پرستيءَ سان واسطو نه آهي. پنهنجيءَ شيءِ سان پيار
فطري آهي پر اُن جي ڪائي حد آهي. جي ڄيٺمل پرسرام گوئٽي جي فائوسٽ جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري سگهي ٿو ۽ تيرٿ وسنت شيڪسپيئر جي هئمليٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي ٿو
ته اسان مغربي ناٽڪ ۽ سانيٽ جو فارم به اپنائي سگهون ٿا.
انهيءَ
مهربان دانشور کان جي مان پڇان ها ته ڇا
ابي
سينا جو طب ڪافي آهي ۽ ائلوپٿيءَ جو مطالعو اجايو آهي ته يقينا جواب ’نه‘ ڏئي ها ۽
نه وري چئي ها ته ائسٽراناميءَ کان علم جوتش چڱو آهي. دراصل هن جي طبيعت ۾ اهو
تضاد قوم پرستيءَ ۽ تعقل پسنديءَ ۾ توازن جي غير موجودگيءَ سبب آهي. هر پرائيءَ
شيءِ کان پاڻ تي ايترو وڏو لوڙهو به نه ڏجي، جو افق ئي نظرن کان واجهل ٿي وڃي.
ترائيل
جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نه ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي
ترائيل رڳو
فاعلاتن
فعلاتن فعلن، ۽ غالبا مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان
۾ تجرباتي طور ٻيا وزن به پهريون ڀيرو ڪم اندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن
ڦيرايو آهي. ڪَن رَس کي پسند اچي ته قبول ڪيو وڃي ۽ جي نه اچي ته ڀلي رد ڪيو وڃي.“
شيخ
اياز
1-12-93
تو
نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اِسرار نه آ،
زندگيءَ
کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي
چَنڊُ
گل مهر مٿان عشق جو اقرارُ نه آ
وقت
درياهه سهين، عشق جيان ڄار نه آ
پَل
مڇين جيئن ٿا تِرڪن جي ڪوئي پيار نه آ
عاشقيءَ
کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي،
عاشقيءَ
کان چڱو ڪو لوءَ ۾ ٿڌڪارُ نه آ،
تو
نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اسرار نه آ.
--------
رات
جو پويون پَهَر، هيءَ ستارن ٻُڏتَر،
پو
به رابيل اڳي جان ڏني خوشبو تُنهنجي!
ٿي
پوي ماڪَ گُلابن تي هوا مان هرَ هَر،
دل
چَوي ٿي ته مِلين ڪاش ڪٿي تُون ٻيهرَ،
ٿو
پَوي وهم ته تو آهه ڏنو دستَڪ دَر!
ٿي
اچي واءُ منجهان ڄَڻ ڀِني خوشبو تنهنجي!
تُون
ٽڙي آنهه ڪٿي؟ ڪيئن چوان مان؟ ها، پَر....
دل
چوي ٿي ته مِلين ڪاش ڪٿي تُون ٻيهَر!
--------
ٿي
وئي آ اُها زنجير، ڇني سگهندين تون؟
گل
ڇني ٿو سگهين، خوشبو ته اُتيئِي آهي.
جا
سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟
عشق
کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟
چنڊ
کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟
جيءَ
۾ جي لڳو جادو ته اُتيئي آهي.
هُو
مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟
ٿي
وئي آ اُها زنجير، ڇِني سگهندين تون؟
--------
مون
ته تولاءِ وِڌيون. ڪالهه نهارون ڪيئي
تون
نه آئينءَ مگر رات ته گُذري ويئي!
ويو
ٻُڏي چنڊُ، سندءِ سونهن جون سارون نيئِي،
ٿي
پِرَهه – هيرَ اچي هاڻ ته پارون پيئِي،
اُڀ
۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو ٽيئِي
رات
هئي چار پَهَر، رات ته گذري ويِئي،
مون
ٿڌو ساهه ڀَريو، توکي ميارون ڏيئي،
مون
ته تولاءِ وِڌيون، ڪالهه نهارون ڪيئي.
--------
رات
بارات جيان آئي آ
اِئن
لڳي ٿو اِجهو ڏولي پَهتِي
ڏُک
جي ڏات جيان آئي آ،
گيتَ – برسات
جيان آئي آ،
موتَ
جي مات جيان آئي آ،
جيئن
چشمو ڦُٽي ٻولِي پهتِي،
پيار
جي جا به پرولي پهتِي،
چاندني
رات جيان آئي آ،
رات
بارات جيان آئي آ.
--------
آهه
هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن تَتيءَ واريءَ تي
ٿِي
چَوي ڄَڻ ته ڪَڪَر – ڇانوَ ته ”مان اچڻي هان“
ٿو
ڪري ٻولِڙيون روز تِتِر ٽاريءَ تي،
آلهيِ
سِجّ وَيو زرد – مُنهين ماريءَ تي
تون
ٻڏو نانهه اڃان، تَڳّ سندم تاريءَ تي.
گهاٽَ
وَٽ بيهه نه، مان گهيڙ سمورا ڄاڻان
هيءَ
ٻي ڳالهه ته اڄ ٻَگههّ نه ٻيٽاريءَ تي!
آه
هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن رُڳو وارِيءَ تي.
--------
جڏهن
اچين ته اڳيون کيسُ ويڙهي ايندو ڪَر!
اُنهيءَ
جي برٿ ۾ ڪيئي وَنيون ٽِڙيُون آهن.
جڏهن
اچين ته اڳي جئن سُڳنڌ ڏيندو ڪَر!
گُلابَ
ڪالهه جيان چاهه مان چميندو ڪر!
اڳي
جيان به ڳُجهيون ڳالهڙيون سَليندو ڪر!
گهٽِيون
لڪاءِ، جتي ڪيتريون ٿِڙيون آهن!
ڀَلي
ته بَندِ هجن، گهر مگر سَڏيندو ڪر!
جڏهن
اچين ته اڳيون کيس ويڙهي ايندو ڪر!
--------
ائين
لڳو ڄڻ ته صدين جي ڪا ڪَهاڻي آئي،
گُلِ
شَبّوءَ کي جڏهن تو مُڪو مون ڏانهن چُمِي،
اِئن
لڳو ڄڻ ته ڪا مهڪار پُراڻي آئي،
سالها
سال اڳي جوتِ اُجهاڻي آئي،
پيار
جي رات ڪَنول جيئن ڪُماني آئي
مون
ڏٺيون چنڊ ڳِليون تُنهنجي تمنا ۾ گهُمِي،
جئن
وَتو نانءُ سندءِ ڪائي وَراڻي آئي،
گُلِ
شَبّوءَ کي جڏهن تو مُڪو مون ڏانهن چُمِي.
--------
چاندني
رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟
تُنهنجا
چَپ يادِ اچن ٿا اُنهيءَ وانگر هاڻي!
ڇا
سندم ننڊ ڪَڏهن، پيارَ، ڏٺي آهي تو؟
ٿي
رهين ساهَه جيان، سارَ ڏٺي آهي تو؟
راتِ
جي سانت ۾ وڻڪارَ ڏٺي آهي تو؟
ڪيئن
گهر گهاٽُ ڇڏي، ٿي ڀُلين منهنجي ڀاڻي
پاڻ
کان راتِ ڪڏهن ڌارَ ڏٺي آهي تو؟
چانديءَ
رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟
--------
اي
پرين! تو نه سوچي ڏٺو نياڻَ ۾
چنڊ
توکي ڏٺو آرسيءَ وانگيان!
ايتري
روشني آنهه تون پاڻَ ۾
مون
وِسائِي بَتي ڀا ڪُرين ڀاڻَ ۾،
ڪيئن
نه جَرڪين پئي پيار جي ڄاڻَ ۾،
ڄڻ
ته رابيل جي تازگيءَ وانگيان!
تون
هُئينءَ چؤطرف چاندنيءَ وانگيان!
اي
پرين! تو نه سوچي ڏٺو نياڻَ ۾.
--------
ٻارَ
کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي
جئن
ڪَڪَر وِڄّ چُمي، ايئن چُمي ٿِي تنهن کي
مورڻيءَ
جيئن اڱڻ منجهه ٽلِي ٿِي پيئِي
سِڪّ
سان ڪيئن نه سَرتين سان ملي ٿي پيئي
مُڱ
ڦَليون ٻارُرر کي، پوءِ ڇِلي ٿِي پيئي
ڄڻ
اِجهو ٿڃ بڻيون، ٿڃ ڏئي ٿي جنهن کي
رت
تَنهنجي ۾ سندس رتّ رِلي ٿي پيئي،
ٻار
کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي.
--------
سينڌ
سُرمي کانسوا سونهن نه وڻندي آ ڇا؟
سينڌ
سُرمي کانسوا ڇو نه اچين ٿي مون ڏي
سَرسُ
سينگار بنا باتِ نه بڻندي آ ڇا؟
چاندني
چَنڊَ منجهان ايئن نه ڇڻندي آ ڇا؟
وَلّ
ڇاتيءَ تي رُڳو گُلّ نه کڻندي آ ڇا؟
واءُ
۾ ولِّ جيان ڇو نه جُهڪين ٿي مون ڏي؟
سينڌ
سُرمي کانسواءِ سونهن نه وڻندي آ ڇا
سينڌ
سُرمي کانسواءِ ڇو نه اچين ٿي مون ڏي؟
--------
تون
پِنيون پيار منجهان مونکي پسائين پيئي
جئن
گهگي – گهيرَ اُڏائي ٿو پيو واچوڙو.
چَنڊَ
کي ايئَن ڏِسي ڇا نه لَڄائين پيئي!
وارَ
ڇوڙي تون گهٽائن سان گهٽائين پيئي!
وِڄُ
گجگوڙ ڪيا، تون چُني چائين پيئي
ريتِ
جا ڍير اُڏائي ٿو پيو واچوڙو،
تون پِنيون پيار منجهان
مونکي پسائين پيئي.
--------
ٿي کنوَڻ کَنج ڏٺا، رات
وٺو هو سانوَڻ
جيئن چؤنري مان نِهاريو ٿي
گهٽائن ڏي تو!
تو طرف ئي ٿو ڏسي باک جو
سائو وَڻ ٽَڻُ!
ٿا ڪَڪَر ساٿُ ڏَيِن،
جيئَن پَئي هَڪليِن ڌَڻ!
۽ وَليُون واجهه وِجهن
اِيئن، وِجهي جِئن واهڻ!
ڳاٽَ ڳڀرن جا ڏسي، ٿي ڏٺو
ڀائُن ڏي تو،
تو گهڻا بار ڏٺا ڪَنڌَ،
ڪُهاڙيون، هَڻُ هَڻُ!
--------
اُداس
راتِ، پيو چَنڊُ ٿو ڳِليون ڳولي
خبر
نه آهه ته ڪيڏانهن تون هلي وئي آن!
پئي
سَراءِ اڱڻ ۾ گُلاب کي ڦولي،
سُڳنڌ
جيئن وَئي آنهه ڪنهن ته تون ٽولي!
پَکي
پِرهَه جو جڏهن ٻولَ ٿو پيو ٻولي،
ٻُڌي
تون ٻولڙيون، ڇو اِئين ڇُپي وئي آن؟
خبر
نه آ ته سندءِ رازَ ٿو پيو کولي!
خبر
نه آهه ته ڪيڏانهن تون هلي وئي آن؟
هتي
ته ساهُه مُنجهي ٿو، ڪڏهن ته پٺتي موٽُ!
ڪڏهن
ته آءُ ٿڌيءَ هيِر وانگيان مون ڏانهن!
هِتي
ته پَنّ به لوڏي نه ٿو پيو اکروٽُ،
پهاڙ – پَنڌُ اکٽ ٿو لڳي، پَري آ ڪوٽُ!
وڌيِ
اُساٽ وَئِي، ڄَڻ ته آ کَليءَ ۾ کوٽُ!
ڪڏهن
ته آءُ نديءَ نِير وانگيان مون ڏانهن!
متان
وَري نه مِلي هيِئن توکي گهوڙي گهوٽُ
ڪڏهن
ته آءُ ٿڌيءَ هير وانگيان مون ڏانهن.
--------
ڪڏهن
ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.
ڪڏهن
ته آءُ هَٽي رات جي هتان ڪارنهن!
رهي
نه موتُ، ڪڏهن آءُ زندگيءَ وانگر،
شرابِ
ناب بڻي آءُ سَر خوشيءَ وانگر
اِئين
نه آءُ رڳو ڪينه پروريءَ وانگر
اچِي
ٻُڌاءِ ته سازش اِها سٽِي آ ڪنهن؟
ڪَڏهن
ته پير ڀري آءُ دوستيءَ وانگر
ڪڏهن
ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.
--------
لڳي
ٿو کُوههَ ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي
جڏهن
به چيلهه مٿان تون گهڙو کڻي نڪتينءَ.
گهلي
ٿي هِير ائين ڄڻ ڪِٿي وُٺو آهي
ڪَڪَر
گجن پيا جِئن تو ڇڏيو ڳِلو آهي
اڃا
ته چُپِّ ڪٿي سِجّ جهانجهرو آهي
جِهمي
پيو جُهڙ تون جڏهن سَکِي نڪتينءَ،
اِجهو
هُو کوهه، هِتان پنڌُ ٿورڙو آهي!
لڳي
ٿو کوهه ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي.
--------
نه
هيئَن شعر لٿو مينهن جيئن اڳُ ڪنهن تي،
مدام
ناهه حياتي اڃا لکي وٺ ڪجهه
ملي
ويو نه ڪڏهن آهه هيئَن دَڳُ ڪنهن کي
اُجارَ
هيِئن ته وِرلي ڏئي ٿو جڳُ ڪنهن کي
سَليو
نه سونهن اکينِ آهه سارو سَڳُ ڪنهن کي
اڃا
به جيءَ ۾ جهاتي، اڃا لکي وٺ ڪجهه!
ڪيو
نه موت ڪڏهن ايِئن اَڳُ مَڳ ڪنهن کي
نه
هيئن شعر لٿو مينهن جيئن اڳ ڪنهن تي
--------
خبر
نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!
ٻه
چار جام اڃا پيءُ، نيٺ هلڻو آ.
ڏسان
پيو ته صراحيون اڃا به پيٽيندين،
اِها
اُساٽ نه ڄاڻان ڪڏهن ٻُجهائيندين
پتو
نه آهه ته مدهوش تون ڪڏهن ٿيندين!
ٻه
چار ڏينهن ڀَلي جيءُ، نيٺ هلڻو آ،
رڳو
خمار اِهي پاڻ سان کڻي ويندين.
خبر
نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!
--------
سرنهن
جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون
اڃان
ته پنڌ پري آ مسافرو پنهنجو!
رُڪاوٽون
ته هيون راهه ۾ هزار کڙيون،
هَلِيهءُ
ٿي تيز سُوارو هڻي، اَڙين تي اَڙيون،
کُٽن
ڪِٿي اِهي تقدير جون ڪڙين تي ڪڙيون!
ڪٿي
نه آهه اڃا پنڌ ڇو پُنو پنهنجو
پَريان
سڏِين پَيون ڄڻ ڪٿان رڙين تي رڙيون!
سرنهن
جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون.
--------
ٽُٽي
ويون ته ڇُٽيون، ميڙ تون ڀَلي شيشا،
دليون
نه جوڙِ، دليون آئيني جيان آهن
ڏٺي
نه ٽاڪُئين دل جيئن ڪنهن به شيءِ ٻي ڪا!
اڳي
به آهه ٽُٽي، عشق ٿي ويو ٽڪرا،
سنڀالِ!
هيل به نازڪ اَٿي اِهي رشتا،
ٽٽي
پيا ته وَيا، جام وانگيان آهن.
ڦُڙيون
ڦُڙيون نه ڪَٺيون ڪَر اِهي نه ٻيا پيالا!
ٽُٽي
ويون ته ڇٽيون، ميڙ تون ڀلي شيشا.
--------
ملين
ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!
خبر
نه آهه، گهڻا ڏينهن زندگي آهي!
سڀاڻي
سِج نه نڪري متان گهٽائن مان،
سڀاڻي
ٽهڪ نه ٻڌجن متان فضائن مان،
سڀاڻي
مهڪ نه ايندي اِئين هوائن مان،
اچين
ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽڙي آهي،
وَري
سُڳنڌ اِئين ڀي اچي ڪڏهن نه متان!
ملين
ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!
--------
پتو
پيو ته سياست فريب هُئي يارو!
پتو
پيو ته فقط شاعري چڱي آهي.
پتو
پيو ته اهو خواب ئي هُيو سارو،
هُيو
نه رات منجهان ڪو به چَنڊَ جو چارو،
اِئين
لڳو ته ڪيم موت کي ڳچيءَ ڳارو،
جِتي
به، جيئن به آ، زندگي چڱي آهي،
اِئين
به ناهه ته هر چيز آ کِکيءَ کارو،
پتو
پيو ته سياست فريب هُئي يارو!
--------
اڃا
ته ننڊ منجهان ٿي ڏَري اُٿِي ڏارو،
اڃا
ته جَنڊُ پيو پيسجي اڳي وانگر!
اڃا
عوام اڳي جِيئن آهه ويچارو،
اڃا
ته باک ڦُٽي نانهه اي وطن وارو!
ٻُڏي
ويو آ وَري تيرگيءَ ۾ تارو،
اڃا
ته هانءُ پيو هيسُجي اڳي وانگر
اڃا
نصيب مٿان آهه ڪو ڪڪر ڪارو!
اڃا
ته ننڊ منجهان ٿِي ڏَري اُٿي ڏارو!
--------
اڃا
ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي
اڃا
ته چَنڊ پيو آسمان مان گهوري!
جِتي
به پنڌ ۾ تنهنجي جُتي پئي آهي،
اُتي
لڳي ٿو اڃا تائين روشني آهي،
خبر
نه آهه نئين واٽ ڪا ٺهي آهي!
پَيو
اڃا هُو زمان و مڪان مان گهُوري،
اڃا
نه آهه کُٽِي، زندگي پَئي آهي،
اڃا
ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي.
--------
خدا
پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهوري
خدا
جي واٽَ ۾ جيڪي ڪَرين، چڱو آهي
ائين
به نانهه ته هرڪو سُتو اکيون پُوري،
اکيون
ڪِروڙَ اَٿِي آسمان جي کوري،
خدا
پيو توکي ذات و صفات مان گهُوري
اڃا
به چُونڊ، جي پُٺ تي وَرين، چڱو آهي
جئين
ٿو چنڊ ڏِسي هيٺِ رات مان گهُوري
خدا
پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهُوري.
--------
خدا
جي ڳُجهّه ۾ ڇا لاءِ پَوَڻ چاهين؟
خدا
جو ڳُجهه ڀلا ڪنهن اڃا لڌو آهي!
نچي
ٿو مور اُهو ڇو نه ٿو ڏسڻ چاهين؟
ڪَڪَر
جي ڪورَ ته ڏِس، تون ته سا نه ٿو ٺاهين!
وَليون
ڀٽُن تي ٽِڙن ڪيئن ٿيون، جي ساڃاهين!
اِهو
به رازُ وسيهِر ڪٿي لِڪو آهي،
چڱو
ته آهه اِئين ڪاهِه جئن پيو ڪاهين!
خُدا
جي ڳُجهه ۾ ڇالاءِ ٿو پَوَڻ چاهين؟
--------
ڪِناري
ساڻُ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن
اُداس
چنڊ تري ٿو اُداس مَنڇر ۾!
اِئين
اُداسُ اُجهاڻل سندم اکيون آهن
صديون ٿيون ته نه ٻيڙائتون ڏٺيون آهن،
ڪَتيِن
ڏِيا ٽيون هوا ۾ اُجهامڻيون آهن،
اُنهن
جا هاڻِ جَهڪا عڪس ٿا لڳن جَر ۾
خبر
نه آهه ته آڙيُون ڪِٿي لَٿيون آهن،
ڪِناري
ساڻ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن.
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا