انسان فطرتاً
نيڪ آهي يا بد
غلام رباني آگرو
روسو ان خيال جو هو ته:
”انسان فطرتاً
نيڪ آهي. آزاد پيدا ٿئي ٿو، پر هي معاشرو مٿس زنجير وجهي، جڪڙي ڇڏي ٿو.“
ان نظري جي تشريح، ممتاز آمريڪي افسانه نويس اوهينريءَ پنهنجي هڪ افساني ”عيسيٰ ۽ شيطان“ ۾ ڪئي آهي. ان جو تت هن ريت آهي:
ان نظري جي تشريح، ممتاز آمريڪي افسانه نويس اوهينريءَ پنهنجي هڪ افساني ”عيسيٰ ۽ شيطان“ ۾ ڪئي آهي. ان جو تت هن ريت آهي:
هڪ فنڪار هو، جنهن جي زندگيءَ جي تمنا اها هئي ته ٻه بي مثال
تصويرون ٺاهيان: هڪ ۾ اهڙو معصوم انساني چهرو هجي، جهڙو حضرت عيسيٰ جو ۽ ٻيءَ ۾
اهڙو شيطاني جهڙو خود شيطان جو. فنڪار سالن جا سال اهڙن چهرن جي تلاش ۾ رهيو.
هڪ دفعي ڪنهن اسڪول اڳيان اچي لنگهيو، جنهن ۾ ٻارن صبح جي پرارٿنا پئي ڪئي. هڪ ٻار کي ڏسي گل وانگر ٽڙي پيو. کيس ڄڻ ته عيسيٰ عليہ السلام نظر آيو. ٻار جي استاد سان وڃي مليو ۽ منٿ ميڙ ڪري، کانئس ڪلاڪ ٻه موڪل وٺي، ٻارڙي کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصوير ٺاهيائين ۽ کيس انعام ۽ مٺايون ڏيئي، اسڪول ۾ ڇڏي ويو. جنهن به نمائش ۾ اها تصوير رکندو هو، تنهن ۾ اها انعام کڻندي هئي. ماڻهو ٻار جي تصوير ڏسي چوندا هئا ته ڪهڙو نه معصوم آهي، جهڙو حضرت عيسيٰ.

ان ڳالهه کي ڪيئي ورهيه وري ويا. فنڪار کي هاڻي شيطاني چهري جي
تلاش هئي. پر جيڪو به ڀيانڪ چهرو ڏسي، ان ۾ کيس اشرافت جو ڪونه ڪو انگ نظر اچي
وڃي. نااميد ٿي وري اڳتي پنڌ پوي. ويهن پنجويهن ورهين جي رولڙي کانپوءِ، آخرڪار،
ڪنهن قيد خاني، اڳيان، کيس قيدين جو هڪ ٽولو رستي تي پٿر ڪٽيندي نظر آيو. قيديءَ جي
منهن ۾ کيس شيطان جو روپ نظر آيو. جمعدار وٽ ويو ۽ ڪنهن طرح کيس راضي ڪري، ڪلاڪ ٻن
لاءِ انهيءَ قيدي کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصويرٺاهيائين ڪجهه انعام اڪرام
ڏيئي، واپس جمعدار وٽ وٺي ويس. موڪلائڻ مهل قيديءَ چيس ته ”مون کي ايتروته ٻڌاءِ
ته تو منهنجي تصوير ڇو ٺاهي؟“
فنڪار چيس ته ”اهو ٻڌي توکي ڏک ٿيندو.“ پر جڏهن قيديءَ زور ڀريس،
تڏهن لاچار ٿي، کيس سچي ڳالهه ٻڌايائين. قيديءَ ڳالهه ٻڌي چيس ته:
”منهنجي، منهن ۾
چتائي نهار.
مان اهو ساڳيو ئي ٻار آهيان،
جنهن جي تو ويهه ورهيه اڳ
تصور ٺاهي هئي.“
مان اهو ساڳيو ئي ٻار آهيان،
جنهن جي تو ويهه ورهيه اڳ
تصور ٺاهي هئي.“
او هينريءَ جو مطلب آهي ته هي معاشرو ئي اهي، جيڪو معصوم ٻار کي
عيسى مان شيطان بنائي ڇڏي ٿو.
مشرقي مفڪرن ۽ اديبن ۾ شيخ سعدي ان نظريي جو قائل هو ته ”تخم جو
تاثير“ ماحول کان وڌيڪ اثر رکي ٿو. هن به اوهينريءَ وانگر، افسانوي انداز۾، ۾
پنهنجي نظريي جي وضاحت خاطر ”گلستان“ ۾ هڪ قصو بيان ڪيو آهي ته:
”ڪنهن جبل تي ڌاڙيلن جو ٽولو رهندو هو، جنهن خلق جي لاءِ وڏو آزار پيدا ڪيو. آخر، بادشاهه جبل تي لشڪر چاڙهي موڪليو، جنهن ان ٽولي کي وڃي ختم ڪيو. ڌاڙيلن جو ڪو معصوم ٻار هو، جنهن تي رحم کائي، وزير، بادشاهه کي سفارش ڪري، موت کان بچائي ورتو ۽ پنهنجي گهر آڻي، پيار سان پرورش ڪيائيس. جڏهن اهو ٻار جوان ٿيو، ته سڌرڻ بدران، پنهنجي محسن وزير کي ماري، ساڳئي جبل تي پنهنجي پيءُ ڏاڏي وانگر وڃي ڌاڙيلن جي پاٿاري قائم ڪيائين.“

سياڻي سعديءَ، اوهينريءَ جي راءِ کي رد ڏنو آهي ته ماحول ئي انسان
جو مزاج مٽائي ٿو ۽ حالتن بدلجڻ سان انسان جي چال چلگت بدلجي ويندي. هو ان راءِ جو
هو ته ”بگهڙ جو ٻچو بگهڙ ٿيندو.“
سنڌيءَ ۾ به اهڙي هڪ چوڻي آهي ته:
”ڌوپي منجهه درياهه، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.“
پر، ساڳئي وقت ان جي ابتڙ ٻي به هڪ چوڻي آهي ته:
”ڌوپي منجهه درياهه، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.“
پر، ساڳئي وقت ان جي ابتڙ ٻي به هڪ چوڻي آهي ته:
”ڀلن پيٽان ڍلا
۽ ڍلن پيٽان ڀلا.“
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري هوندو هو، منهنجو مائٽ هو. اسان کيس ادا
ميرل ڪوٺيندا هئاسين. صفا اڻ پڙهيل، ڪورو ڄٽ هو. پر، ڇا چئجي سندس اعلى اخلاق. سڄي
عمر ڪڏهن به ڪنهن سان جڏو ڦڏو ڪونه ڪيائين. نه وري ڪا ساهواري شيءِ کاڌائين. ڀاڄي
کائيندو هو، يا کير مکڻ ۽ لسيءَ مانيءَ تي گذر ڪندو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪنهن جو
ڪو مهمان ايندو هو، ته ڪڪڙ کي سير به ڪو نه وجهي ڏيندو هو.
اڪثر خاموش رهندو هو. پر زندگيءَ ۾ ڀرپور دلچسپي وٺندو هو. رات جو
روزانو ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ ويندو هو. کل ڀوڳ تي مشڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به هڻي
ڪڍندو هو. پر ڪو به ائين چئي ڪونه سگهندو ته ”ادا ميرل ڪڏهن کيس رنجايو.“ سڀ سندس
نيڪي ڪندا هئا. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پابنديءَ سان پنج وقت نماز پڙهندو هو.
حقو ڇڪيندو هو. سدائين سادي قميص ۽ موچڪي جتي پائيندو هو. مٿي تي
اڇو پٽڪو ۽ بت تي اجرڪ ويڙهيندو هو. هيڪر، مون کيس حيدرآباد مان نئون اجرڪ وٺي
موڪليو. ڏاڍو خوش ٿيو.
سندس مزاج جي برعڪس، سندس والد مرحوم، پنهنجيءَ جوانيءَ ۾ ڏاڍو
ارڏو مڙس هوندو هو. نه پڇجي ته ڇا ڇا ڪيائين؟ اهو پڇجي ته ڪهڙو ارڏو ڪم نه ڪيائين؟
پر سندس پٽ، ادا ميرل گلاب جو گل ٿيو. مٿس پنهنجي گهر جي ماحول جو اثر ڪو نه ٿيو.
چون ٿا ته هندستان جو هاڪارو حاڪم اڪبر بادشاهه به ادا ميرل وانگر
اڻ پڙهيل هو. پر پورا پنجاهه ورهيه بادشاهي ڪيائين. ايڏي ته ڌاڪ هئس، جو يوروپي
قومون، جن کي هاڻي اسان سفيد سياهه جو مالڪ سمجهون ٿا، کيس ”مغل اعظم“ ڪوٺينديون
هيون.
اڪبر بادشاهه پاڻ وٽ داناءَ ماڻهو گڏ ڪيا، جن کي نورتن ڪوٺيندا
هئا. اهي کيس عقل ۽ سياڻپ جون ڳالهيون ڏسيندا هئا. ائين کيس ”زندگيءَ جي بنيادي
حقيقتن“ معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، هلڪين سلڪين ڳاليهن تان ارواح کڄي ويو ۽ گنڀير
مسئلن تي گفتگو ٻڌڻ جو شوق ٿيو. ”سچ ڇا هي؟“ ”حياتي جو مقصد ڇا هي؟“ ”موت ڇا هي؟“
موت کان پوءِ ڇا هي؟“ فتح پور سڪريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ جوڙايائين. مقرر ڏينهن تي،
مڙني مذهبن جي مفڪرن جا مباحثا ڪرائي، ”سچ“ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ائين پاڻ
جيڪي بنيادي نتيجا ڪڍيائين، تن ۾ هڪ اهو هو ته ساهه واريون شيون يعني گوشت مڇي
وغيره کائڻ ڇڏي ڏنائين. هڪ دفعي ڏک مان چيائين: ”جيڪڏهن ماڻهن کي گوشت کائڻ جو
ايڏو ئي شوق آهي، ته ڪاش، اڪبر جي بت تي ايڏو گوشت هجي ها، جو سندن پيٽ ڀري سگهي
ها.“
گويا، اڪبر بادشاهه به ادا ميرل وانگر، زندگيءَ جي آخري ايام ۾،
ساهوارن يعني زندگيءَ جو احترام ڪرڻ سکيو، توڙي جو ٻنهي جو ماحول ساڳيو ڪونه هو،
هڪ بادشاهه هو ۽ ٻيو هاري. اڪبر بادشاهه ته دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا وعظ ٻڌا هئا،
پر ادا ميرل کي نڪي ته گوتم ٻڌ جي ڪنهن پوئلڳ زندگيءَ جو احترام سيکاريو هو، نه
وري جين ڌرم جي ڪنهن ڊگمبر کان ڪو ويا کياڻ مليو هو.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ضروري ڪونهي ته صرف ماحول ئي ماڻهوءَ جي
مزاج کي مٽائي ٿو. پر، پنهنجيءَ جاءِ تي اها ناقابل ترديد حقيقت آهي ته ماحول ۽
مادي حالتن جو ماڻهوءَ جي مزاج تي وڏو اثر پوي ٿو. اهي سندس عادتن ۽ سندس نفسيات
تي گهڻي قدر اثر انداز ٿين ٿيون.
انگريزن جي ڏينهن ۾ درسي ڪتاب ڏاڍا هوندا هئا. (اسان کي آزادي ڇا
ملي، ڄڻ ته ڪم لهي ويو). انگريزي دور جي درسي ڪتابن ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا نڪتا ڏنل
هوندا هئا. هڪڙو سبق هو: ”گلن واريءَ ۽ ساٽياڻيءَ جي ڳالهه.“ ٻنهي ڄڻين جي پاڻ ۾
ساهيڙپ هئي. هڪ رات ساٽياڻي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ، گلن واريءَ وٽ اچي مهمان ٿي. پر
ننڊ ئي نه اچيس. آخرڪار، اڌ رات جو سهيليءَ کي جاڳائي، چيائينس ته: ”ادي تنهنجن
گلن ڦلن جي سرهاڻ ته منهنجي ننڊ ئي ڦٽائي وڌي آهي ڪا مڇيءَ جي گندي ٽوڪري هجئي، ته
ڀلائي ڪري ڏينم ته مٿي جي ڀرسان رکي سمهان، ته من ائين ڪو ننڊ جو جهوٽو اچي.“
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا