نيڪُو
پٽيل
سرائي جت ۽ نيڪُو ڪچهري ۾ ويٺل آهن.
پٽيل؛
نيڪو ڪر ڪا خبر فصل ڪئين ٿيو آ؟
نيڪُو؛ اي
سائين ڪهڙيان پيا خبران پڇدئين، حال ڪونهي يار، هڪڙي پاڻي دي کوٽ، ٻيا ٻج دوايان
سڀ نڪلي اصل سڃ ڪر ڇوڙي نَي.
1 کيرل جت؛
اي ميان شڪر ڪر جيڪو الله ڏنو آ گنج سمجهه.
نيڪُو؛
اهو ته اهدان پيان مرين ، سڄا ملڪ اصل جهڙي ٺوڙهي دي گنج
2کٻڙ جت؛
(ٽهڪ ڏيندي) اسان کي ڏس اهڙي حالت لڳي پئي آ تڏهن به خوش لڳا پيا آهيون.
نيڪُو؛ تيڪون ڪهڙي پرواه جهڙا ئي نالا تهڙي نئي ڪم،
تيڏا اٺ کاوي کٻڙان ۽ تون کاوين پيلهون، جت ته ڏونهين مهوڙ لڳي پيو.
مولوي ؛
اسلام عليڪم ......... و عليڪم سلام
پٽيل؛
مولوي صاحب ڏي خبر ڪئين اچڻ ٿيو.
مولوي؛
ڀوتار سائين آيو هئس اوهان کي دين سيکارڻ، هيڏو وڏو ڳوٺ آ مسلمانن جو پر افسوس جو نه آ
مسجد نه آ روزو نه آ نماز.
پٽيل ؛
پوءِ مولوي صاحب اسانکي ڇا ڪرڻ گھرجي ؟
مولوي؛ هي مهينو رمضان شريف جو آ وڏو برڪت ڀريو
آ، هن مهيني ۾ ملائڪ فرشتا آسمان تان هيٺ
زمين تي ايندا آهن اسان جو سڄو عمل ڏسندا آهن ۽ لکندا آهن، الله سائين اسان تي
رمضان شريف جا ٽيهه روزا فرض ڪيا آهن اهي رکو ۽ ثواب دارين حاصل ڪيو.
پٽيل؛
مولي صاحب اسان آهيو غريب ماڻهون سو ڪوشش ڪنداسين
ٽيهه نه ته ٻن ٽن جو ته بلو ڪنداسين
مولوي ؛
نه پٽيل روزا سڀ رکبا هرو ڀرو الله جي عذاب کي دعوت نه ڏيو
نيڪُو؛
ابا ڏيوو منهن اسان ڪڻين بک اڳيئي واڪي پئي ڪرينديئي حالت اها هي جو هڪڙي ڏينهن
توي تي ماني رکيندون ته ٻئي ڏينهن شام دا لهيندون، سو اسان ڪون ڪو لاچار پئي جو
ودي الله دي عذاب ڪون دعوتان ڏي وون، ٻيلي اهو دعوتين والا ڪم اسان ڪون چڙهيل هي.
مولوي؛
اوهان جهڙن بيوقوفن کي سمجهائڻ لاءِ الله پاڪ هڪ لک چوويهه هزار نبي موڪليا ته
جئين اوهان جاهل سٺا انسان ٿيو.
1 کيرل
جت؛ ڀلا مولوي صاحب اسان کي سٻاجھڙي سنڌ ۾ الله سائين گھڻا نبي سڳورا موڪليا ؟
مولوي ؛
الله سائين نبي سڳورا عرب جي پاڪ سر زمين تي موڪليا ان کان علاوه فلسطين عراق
اردن جي زمينن تي الله سائين جي حڪم سان
آيا ۽ دين جي تبليغ ڪيائون
پٽيل ؛
چڱو مولوي صاحب اهو ڪم اسان ڪنداسين دعا ڪجو.. .. مولوي آئوٽ....
کيرل جت
؛پ ٽيل سائين ڀلا اهو دين ڇا آهي ؟
پٽيل ؛
الله جي سُهُن مونکي کي ٻيلي ڪا خبر ڪانهي اوهان به وڏڙا آهيو سوچيو
نيڪُو؛ سوچون ول ڪيا اهو به هوسي اهڙا ، واه ڙي تارا
گول تارا
کيرل جت؛
پٽيل سائين اسان اڳي ئي مزدور ماڻهو سو وڌيڪ فرشتا ۽ ملائڪ نه گھرائجان مولوي کي
ٺپ جواب ڏجان اسان جي لاءِ تون ئي ڪافي آهين
کٻڙ جت؛
گھڻو نه ڳالهائي وڃين لوڙهي جو بندوبست ڪر، هونهن به رات جو زال کي ٻک هڻي سمهندو
آهين ته سڄو ڳوٺ ڏسندو آهي مٿان وري مولوي چئي ويو آ ته رات جو ملائڪ ۽ فرشتا به
ايندا، ڪٿي ڪن نه آسمان تي خوار
نيڪُو؛
نڪو...... ميڪون پڪ ڪانهي، جڏهن ته هڪ لک چويهه هزار نبيئين چو هڪڙا به اٿان نسي
موڪليا ۽ هوڻ ڪيوين موڪليسي ؟ نڪو ئي پاڻي نڪوئي ماني بک ته ڪينسي مارڻين
پٽيل؛
بابا هاڻي سوچيو روزن جو ڪو بلو ڪيو ٻيلي آئون ته آهيان پيرسن ماڻهو، ٻئي اٿم سهڪ
سو پاڻ کان اهو بار نه کنيو ٿيندو
نيڪُو؛
ڀوتار تون فڪر نا ڪر آپڻين جت ول ڪڏهن ڪم آسن هڪڙا هڪڙا يڪي ڦٽيئين دا برڪ جا
ويندي ۽ رک ويندن ته اهي روزي ول اڃهين لا ڪهڙي ڳالهه هن ...
نماڻو جت
؛ اها وري ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين اڌو اڌ ڪنداسون
پٽيل؛ ها
ٺيڪ آ بابا اڌو اڌ ڪري جان ڇڏايو، ڏاڍا خوش ويٺا هئا سين نه ڏيئڻين نه وٺڻين هرو ڀرو اچي ڦاٿا آهيو.......
نيڪُو ؛
پٽيل اها ٻيائي نه ڪر ڳوٺ چ جتين دي ٽيهه گھر اسا ڏي چار گھر جي اڌواڌ ڪريندو ته
اسان نڪو رکي سون نڪو چيسون، ٻيلي انصاف ڪرين ته ڳالهه ڪر
پٽيل
؛ ير هڪڙي ڳالهه مونکي هر هر پئي پريشان
ڪري اهي روزا هوندا ڪئين آهن
کيرل جت؛
پٽيل سائين ڪجهه ٻڌا به اٿئون، ڪجهه ڏٺا
به اٿئون، جئين ڀٽ ڌڻي جو روزو قلندر شهباز جو روزو ڏاتار سخي
نيڪُو ؛
هڻ ........... اهڙي روزي، پٽيل جي با اهڙي روزي هن ته نڪو آپ ڪڻو ٺهسن، نه رکيسن نه ول چويسن،اسا ڏي گهرچ ڏون
کٽان ئي مس رکيندن، ڪٿان ٺهيسون ڪٿان رکيسون ؟ (اٿي بيهي پوتڙو ڇنڊيندي) جي گھڻا
ضد ڪريسو ته اپڻي يارو ياري .
مولوي
؛ (مولوي رڙيون ڪندي ڪانچ جي پانچا هٿن ۾
) اڙي گھوڙا ڙي بچايو اڙي مونکي لڪايو
نيڪُو؛
مولوي حوصلا ڪر سويلي ته ڏاڍا مٺڙا ڳلهيندا پيا هوين هوڻين رڙ مٿو رڙ پئي پونديئي
۽ پانچي جي هٿنئي
مولوي
؛ پهرين در بند ڪريو ڪتا اندر نه اچن
کيرل؛ مولوي ڪتا اندر ڪونه ايندا تون پاڻي پي ۽ اسان کي
سمجهائي ته اهي روزا آهن ڪهڙي شي آهن ڪئين رکبا ڪئين لاهبا
مولوي
؛ ڇڏيو پچر روزن جي پهرئين ڪتن جو بلو
ڪيو منهنجي سڄي سال جي ڪمائي چٽ ڪري ڇڏيئون
(مولوي جھٽ
ڏيئي نيڪو جي ڪلهي تان ٽوال لاهي گوڏ ٻڌي ٿو ۽ شلوار لاهي ٿو) توهان ڄاڻو رمضان
ڄاڻي (مٿي هٿ ڪري ڪتن کي پٽي ٿو ۽ پيٽ تي هٿ رکي چئي ٿو ) منهنجي ته سال جي ڪمائي
چٽ ٿي وئي.... ۽ ٻاهر هليو وڃي ٿو...
نيڪُو؛ ڌپ
واري سلوار کڻي ... مولوي سڄي سال دي ڪمائي ته چاتي وڃ.......

No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا