دنيا ۾ سڀ کان پيارو ڪير آهي- غلام رباني آگرو
ڳالهه
ڪندا آهن ته ڪنهن بادشاهه پنهنجن درٻارين کان پڇيو ته ”دنيا ۾ سڀ کان پيارو ڪير
آهي؟“ ڪنهن ڪين چيو، ڪنهن ڪيئن، هڪ وزير جواب ڏنو ته اولاد سڀ کان پيارو آهي. سڀني
واهه واهه ڪئي. پر وڏي وزير اختلاف ڪيو. چيائين ته ساهه اولاد کان به مٺو آهي!
آزمودي لاءِ درٻاءَ ۾ هڪ ڀولي گهرايائين. ڳوچيءَ ۾ زنجير وڌائينس ۽ زمين ۾ ڪلو
کوڙي، ان سان ٻڌي ڇڏيائينس. چوڌاري واري وڇايائين. ڀوليءَ کي ٻچو به ساڻ هو. جڏهن
سج مٿي چڙهيو ۽اس زور ورتو ته ڀولي پريشان ٿي. هيڏي هوڏي سٽون ڏيڻ لڳي. اس ۾ واري
هيڪاري گرم ٿي ته ڀوليءَ جو ٻچو دانهون ڪرڻ لڳو. اهو ڏسي ڀوليءَ ٻچي کي هنج ۾
لڪايو. گهڙي کن گذري ۽ اس اڃا به زور ورتو. جڏهن ڀوليءَ جا پير سڙڻ لڳا، تڏهن ٽپو
ڏيئي، پنهنجي ٻچي تي چڙهي بيٺي.
خود غرضي، انسان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڏاڍي ڪا اونهي آهي. سنڌ جي تاريخ
۾ هڪ مير جو قصو پڙهيم، جنگ جي ميدان ۾ زخمي ٿي پيو. جان بچي ويس. ٿڪو ماندو،
اڃيو، بکيو، رت ڳاڙيندو، واهه جي ڪپ تي پهتو. ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي پياري نوڪر کي
چيائين ته، ”ابا، ڪو پاڻيءَ چڪو ته پيار“.
وفاداري نوڪر، اڃايل آقا کي پاڻي ته ڪونه پياريو. پر، سندس چيلهه ۾
ٻڌل سونيءَ ترار جي لالچ ۾، کيس گهٽا ڏيئي واهه ۾ ٻوڙي ماريو.
پير علي محمد راشديءَ جو خيال هو ته انسان انتهائي خود غرض آهي.
جيڪڏهن کانئس ڪو به چڱو ڪم ٿئي ته اهو ڪو اتفاق سمجهڻ گهرجي. ”اهي ڏينهن، اهي
شينهن ڪتاب ۾ انسان جي مزاج متعلق پنهنجو مشاهدو قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ هنن
لفظڻ ۾ بيان ڪيو اٿس:
”قيصر خان
بوزدار زندگيءَ جو چارٽ ابتدا کان ئي اکيون کولي تيار ڪيو هو. اهڙو ڪوبه ماڻهو
ڪونه هوندو، جنهن لاءِ ان چارٽ ۾ اڳواٽ ”ستيءَ“ ”پُڙيءَ“ جو انتظام ٿيل ڪونه
هوندو؛ اهڙو ڪوبه حادثو يا اتفاق ڪونه هوندو، جنهن کان بچڻ لاءِ پيشگي بندوبست نه
هوندو. جا دشواري آئي، علاج موجود! جو مقام آيو، ان کي اڪرڻ لاءِ تجويز تيار، نه
منجهندو، نه پريشان ٿيندو، نه مقصد هٿان ڇڏيندو. سندس طريقه ڪار جي ترتيب ۽ تجويز
۾ انساني فرطت جي خصوصيت جو خاص خيال رکيل هو. وقت آئي، اڳلي مان ڪهڙيءَ طرح
پنهنجو ڪم ڪڍجي، سو ڪو کانئس سکي ها.
مقامي طرح سندس مقابلو پاڙي جي ٻن زميندارن سان هوندو هو. هڪ هو
مرحوم خانصاحب دادڻ خان لُنڊ ۽ ٻيو ڄام ڀنڀو خان. ٻنهي جون طبيعتون قيصر خان سان
ڪونه ملنديون هيون. دادڻ خان سخن جو سچو ۽ دوستيءَ دشمنيءَ جو سخت پختو هو. جنهن
سان ”هائو“ ڪيائين ته وري سندس واتان ”نه“ جو اکر نه نڪرندو هو. ڀل جانِ جي مٿانس
ريلون وهي وڃن. ڀنڀو خان سخت خوددار ۽ بهادر هو ۽ تنهنڪري اگريءَ طبيعت جو صاحب
هو. ساريءَ زندگيءَ اندر ٿورن ماڻهن کيس ڪڏهن مشڪندي ڏٺو هو.
انهن ٻنهي صاحبن جا قيصر خان سان دائمي مقابلا ٿيندا هيا، پر هڪڙو
دفعو به قيصر خان خلاف ڪامياب ڪونه ٿي سگهيا. جڏهن به دادڻ خان جي صداقت ۽ قيصر
خان جي سياست جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جڏهن به ڄام ڀنڀي خان جي خودي ۽ قيصر خان جي
بيخوديءَ مابين تصادم ٿيو، ته فتح هميشه قيصر خان جي ٿي.
پير علي محمد راشديءَ ان قصي مان هڪ مطلب ڪڍيو آهي:
”هڪ فارسي شاعر
چيو آهي ته يا اهڙي طبيعت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي وڃي، يا اهڙي همت جو
مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو.
قيصر خان جو ويساهه پهرئين اصول ۾ هو. وقت بوقت زماني جي حالتن جو
به سانچو ٺاهيو، هي ان ۾ کپي ويندو هو. برعڪس ان جي، دادڻ خان ۽ ڀنڀو خان بي
غرضيءَ، خودداريءَ، سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي واٽ وٺندا رهيا، پر قيصر خان جي مقابلي
۾ تقريباً هميشه ناڪام رهيا.
دنيا جا اهي غمزا ڏسي، انسان غريب سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته آخر
”اخلاقي قدرن“ (Moral Values) ۽ ”قدرت جي انصاف“ (Natural Justice) متعلق جو آساني صحيفن (Holy Scriptures) ۽ انساني قرطاسن ايترو زور ڏنو آهي، تن جي
اصلي حقيقت ڇا آهي ۽ انسان جي عملي زندگيءَ تي انهن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو؟ جيڪي ڪجهه
هي اکيون ڏسي رهيون آهن، سو عمومي طرح هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ته چور ڇٽو ۽
ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو، ڪوڙو تخت تي، ۽ سچو تختي تي نظر پيو اچي. ۽ جڏهن اهو نظارو
سامهون ٿو اچي تڏهن هن مزيد فلسفي پيش ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪو نه ٿو رهي ته:
”ڪي رند پروڙن
راز
قضيي ڪربلا جو.“
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا