تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تنهنجو نانءٌ لکي ڏٺم، منهنجي هٿڙن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تون جي آئين شهر ۾، سڀني رستن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
ساڀيائن جي ديسَ ۾، ساڻن سپنن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
هڪڙي ڀاڪُرَ ساڻ ئي، وسريَل واعدن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تنهنجي چنريءَ ۾ اچي، راڻي رنگن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
سارا ٿڪ لهي ويا!
تنهنجو نانءٌ لکي ڏٺم، منهنجي هٿڙن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تون جي آئين شهر ۾، سڀني رستن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
ساڀيائن جي ديسَ ۾، ساڻن سپنن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
هڪڙي ڀاڪُرَ ساڻ ئي، وسريَل واعدن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تنهنجي چنريءَ ۾ اچي، راڻي رنگن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا
سارا ٿڪ لهي ويا!
ڀلي ته راههَ جا ڪنڊا
کڻي گُلاب نه ڪر
ڀلي ته راههَ جا ڪنڊا
کڻي گُلاب نه ڪر
اَسان جون آسون مگر يا خُدا ! سَراب نه ڪر
جنين کي چاهيون، اُنهن کي به خوش رکي نه سگهون
اسان کي پنهنجي ئي نظرُن ۾، ايئن خراب نه ڪر
اسان جي لاءِ اها روشني ڀي ڪافي آ !
اسان کي ديپُ رهڻ ڏي، تون آفتاب نه ڪر
مڃان ٿو مون ۾، سڀئي عيبَ، ساريون ڪوتاهيون
وَرهين کانپوءِ مليو آن، اهي حسابَ نه ڪر
نه ڪنهن جو پيارُ قبولين، نه ڪنهن کي چاهين تون
اَڪيلو گهاري حياتي ، مِٺا ! عذاب نه ڪر
عجيب خيالَ، ڳَرا لفظَ، ڇِپَ معنائون
شعرَ کي شعرُ رهڻ ڏيَ، ڪَوي ! نصاب نه ڪر
مسيحا!، سنڌُ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳولِ
رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر
اَسان جون آسون مگر يا خُدا ! سَراب نه ڪر
جنين کي چاهيون، اُنهن کي به خوش رکي نه سگهون
اسان کي پنهنجي ئي نظرُن ۾، ايئن خراب نه ڪر
اسان جي لاءِ اها روشني ڀي ڪافي آ !
اسان کي ديپُ رهڻ ڏي، تون آفتاب نه ڪر
مڃان ٿو مون ۾، سڀئي عيبَ، ساريون ڪوتاهيون
وَرهين کانپوءِ مليو آن، اهي حسابَ نه ڪر
نه ڪنهن جو پيارُ قبولين، نه ڪنهن کي چاهين تون
اَڪيلو گهاري حياتي ، مِٺا ! عذاب نه ڪر
عجيب خيالَ، ڳَرا لفظَ، ڇِپَ معنائون
شعرَ کي شعرُ رهڻ ڏيَ، ڪَوي ! نصاب نه ڪر
مسيحا!، سنڌُ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳولِ
رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر
اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
جي خوابَ ڏِسندين نه پيارا ! ته خوابُ ٿي ويندين
سدائين بند رهين جي، کُلين نه ڪنهن آڏو
پئي پئي ئي ائين تون خراب ٿي ويندين !
نه ڪنهن جي جاڳَ ۾ هوندين، نه ڪنهن جي سپني ۾
اگر ائين ئي ڏُکيو ڪو نصاب ٿي ويندين
هي جيڪي پيرَ کنيا ٿي نه !، پيارَ ڏي اَڄڪلهه
ڳڀا ڳڀا تون مٺا ! بي حساب ٿي ويندين
وطن جو نانءُ گهڻو ئي وتئه، ڪيئي ڪجھه نه
ائين ڪندو جي رهين، مهڻي ــ هاب ٿي ويندين
جي خوابَ ڏِسندين نه پيارا ! ته خوابُ ٿي ويندين
سدائين بند رهين جي، کُلين نه ڪنهن آڏو
پئي پئي ئي ائين تون خراب ٿي ويندين !
نه ڪنهن جي جاڳَ ۾ هوندين، نه ڪنهن جي سپني ۾
اگر ائين ئي ڏُکيو ڪو نصاب ٿي ويندين
هي جيڪي پيرَ کنيا ٿي نه !، پيارَ ڏي اَڄڪلهه
ڳڀا ڳڀا تون مٺا ! بي حساب ٿي ويندين
وطن جو نانءُ گهڻو ئي وتئه، ڪيئي ڪجھه نه
ائين ڪندو جي رهين، مهڻي ــ هاب ٿي ويندين
ڪنهن ٻوڙان ٻوڙَ وانگي
آ
ڪنهن ٻوڙان ٻوڙَ وانگي
آ
هي غَم گجگوڙَ وانگي آ
اوهان ناهيو حياتي پوءِ
ڌُڌُڙ ۾ ڊوڙَ وانگي آ
مُحبتَ، آرسي ۽ شَڪُ !
اُنهيءَ ۾ جوڙَ وانگي آ
اسان جي دِل، صفا سوگهي
پرين پنجوڙَ وانگي آ
پُڇين ٿو: ” موتُ ڇا آهي ؟“
وِڇوڙي ـ موڙَ وانگي آ
هُو ساگَر ۽ اسانجي سِڪَ
سنڌؤَ جي ڇوڙَ وانگي آ
مِلڻُ هُن جو، کِلڻُ هُن جو
غَمن جي ٽوڙَ وانگي آ
ú
هي غَم گجگوڙَ وانگي آ
اوهان ناهيو حياتي پوءِ
ڌُڌُڙ ۾ ڊوڙَ وانگي آ
مُحبتَ، آرسي ۽ شَڪُ !
اُنهيءَ ۾ جوڙَ وانگي آ
اسان جي دِل، صفا سوگهي
پرين پنجوڙَ وانگي آ
پُڇين ٿو: ” موتُ ڇا آهي ؟“
وِڇوڙي ـ موڙَ وانگي آ
هُو ساگَر ۽ اسانجي سِڪَ
سنڌؤَ جي ڇوڙَ وانگي آ
مِلڻُ هُن جو، کِلڻُ هُن جو
غَمن جي ٽوڙَ وانگي آ
ú
رُڳو ٿي روههَ رُلائي،
اکين جي دَربَدري !
ڪٿي ته پنڌُ کُٽائي، اکين جي دَربَدري !
چِتائي ڏسجي ته، هي نيڻَ ڄڻ ته ٿَرُ ڀاسِن
ڇڏي ٿي سمنڊَ سُڪائي، اکين جي دَربَدري !
عجيب طورَ طريقا !! ، سدا رکي وئي آ
هوا ۾ دِيپُ جلائي، اکين جي دَربدري !
ڪو دَرُ به کُلندو ڪڏهن ؟، مُرڪَ جي صَدا ايندي
پئي ٿي وقتُ وڃائي، اکين جي دَربَدري !
ڪجن ته ڪهڙيون پُڇائون، ڪجن علاجَ گهڻا ؟
ڪٿي ٿي سَچُ ٻُڌائي، اکين جي دَربَدري !
ٿَڪڻَ جو نانءُ وٺي ئي نٿي، اَڃا تائين
پرينءَ جا پارَ پُڇائي، اکين جي دَربَدري !
ڪٿي ته پنڌُ کُٽائي، اکين جي دَربَدري !
چِتائي ڏسجي ته، هي نيڻَ ڄڻ ته ٿَرُ ڀاسِن
ڇڏي ٿي سمنڊَ سُڪائي، اکين جي دَربَدري !
عجيب طورَ طريقا !! ، سدا رکي وئي آ
هوا ۾ دِيپُ جلائي، اکين جي دَربدري !
ڪو دَرُ به کُلندو ڪڏهن ؟، مُرڪَ جي صَدا ايندي
پئي ٿي وقتُ وڃائي، اکين جي دَربَدري !
ڪجن ته ڪهڙيون پُڇائون، ڪجن علاجَ گهڻا ؟
ڪٿي ٿي سَچُ ٻُڌائي، اکين جي دَربَدري !
ٿَڪڻَ جو نانءُ وٺي ئي نٿي، اَڃا تائين
پرينءَ جا پارَ پُڇائي، اکين جي دَربَدري !
اڳتي اڳتي يارَ ! ڏِسڻ
ئي بهتر آ
هُن سوچيو: ” هُن پارِ وڃڻ ئي بهتر آ “
هونئن ته ايئن بي نانءِ رهي ڀي، جِي سگهبو
جيونَ کي پر نانءُ ڏيڻ ئي بهتر آ
واههَ ڪِناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو:
”بيهڻ کان سؤ وار، وَهڻ ئي بهتر آ“
آوازن سان ئي جيونَ کي معنائون !
ڪيئن سوچيو تو !، ماٺِ رهڻ ئي بهتر آ ؟
سُهڻي سنڌڙي، يا هُن جا سُندر سپنا
سونهن جو هرڪو روپُ سڄڻَ ! ئي بهتر آ
ڪنهن چهري تي، ڪارا لِيڪا پائِڻ کان
سمجهان ٿو ته، بُرش ڀڃڻ ئي بهتر آ
ڄاڻان ٿو هڪ زَهرَ پُڙي آ، ساڻُ مگر
هُن کي پنهنجو دوستُ چوڻ ئي بهتر آ
هُن سوچيو: ” هُن پارِ وڃڻ ئي بهتر آ “
هونئن ته ايئن بي نانءِ رهي ڀي، جِي سگهبو
جيونَ کي پر نانءُ ڏيڻ ئي بهتر آ
واههَ ڪِناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو:
”بيهڻ کان سؤ وار، وَهڻ ئي بهتر آ“
آوازن سان ئي جيونَ کي معنائون !
ڪيئن سوچيو تو !، ماٺِ رهڻ ئي بهتر آ ؟
سُهڻي سنڌڙي، يا هُن جا سُندر سپنا
سونهن جو هرڪو روپُ سڄڻَ ! ئي بهتر آ
ڪنهن چهري تي، ڪارا لِيڪا پائِڻ کان
سمجهان ٿو ته، بُرش ڀڃڻ ئي بهتر آ
ڄاڻان ٿو هڪ زَهرَ پُڙي آ، ساڻُ مگر
هُن کي پنهنجو دوستُ چوڻ ئي بهتر آ
تون هُجين ڀل چينَ ۾، جاپانَ ۾
تون هُجين ڀل چينَ ۾، جاپانَ ۾
شالَ ڳڻجين پيو سدا انسانَ ۾
هي اَمُن ۽ پيارَ جا، داعي عجيب !
دردُ ٿا ڏيندا وتن جي دانَ ۾
هرڪو عُهدن جي پناهُن ۾ لِڪل
ڪو نٿو ڳوليو لڀي ميدانَ ۾ !
اهڙو ڪهڙو ڏوههُ آ، سنڌي هجڻ ؟
سنڌُ ٿي ڏيڻي پوي تاوانَ ۾ !
ڪو بُکايل ئي ٿو بس سمجهي سگهي
ڪيترو رومانس آهي نانَ ۾
ٻه اکر ڪي پيارَ جا، سامهون چئين
ڪهڙي گهٽتائي اچئي ٿي شانَ ۾ ؟
ڇو لڳي ٿو ايئن، ڄڻ تولاءِ مان
ٿي ويس شامل گَهرُو سامانَ ۾
نيٺ ڪَٽجِي وياسي ڪپڙي وانگيان
پاڻ ها ويڙهيا پياسي ٿانَ ۾
ڇا ته ماضي هو صديون اڳُ سنڌُ جو !
ڇا صديون رهبو، انهيءَ ارمانَ ۾ !؟
شالَ ڳڻجين پيو سدا انسانَ ۾
هي اَمُن ۽ پيارَ جا، داعي عجيب !
دردُ ٿا ڏيندا وتن جي دانَ ۾
هرڪو عُهدن جي پناهُن ۾ لِڪل
ڪو نٿو ڳوليو لڀي ميدانَ ۾ !
اهڙو ڪهڙو ڏوههُ آ، سنڌي هجڻ ؟
سنڌُ ٿي ڏيڻي پوي تاوانَ ۾ !
ڪو بُکايل ئي ٿو بس سمجهي سگهي
ڪيترو رومانس آهي نانَ ۾
ٻه اکر ڪي پيارَ جا، سامهون چئين
ڪهڙي گهٽتائي اچئي ٿي شانَ ۾ ؟
ڇو لڳي ٿو ايئن، ڄڻ تولاءِ مان
ٿي ويس شامل گَهرُو سامانَ ۾
نيٺ ڪَٽجِي وياسي ڪپڙي وانگيان
پاڻ ها ويڙهيا پياسي ٿانَ ۾
ڇا ته ماضي هو صديون اڳُ سنڌُ جو !
ڇا صديون رهبو، انهيءَ ارمانَ ۾ !؟
اوهان کان پري ڀي نِهاري سگهان ٿو !
اوهان کان پري ڀي نِهاري سگهان ٿو !
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو ؟
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون شُماري سگهان ٿو
نئون نانءٌ دل تي، لِکان ڪيئن ٻيو ڪو ؟
ٻريلَ کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو ؟
وڏي ٿو مهارتَ رکي ڪوڙَ تي هُو
وِساري چوي ٿو، وِساري سگهان ٿو ! ؟
پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمَن کان
مگر ڪين ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو
ڪرم ٿي وڃي جي، سندءِ منهنجا مؤلا !
عُمر کان به اڳتي نهاري سگهان ٿو
هليو ويو ته، هاڻي مَياري نه ٿيندُس
ٻه ٽي لُڙڪ هاڻي ته هاري سگهان ٿو
مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو ؟
ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
سندءِ مهربانيون شُماري سگهان ٿو
نئون نانءٌ دل تي، لِکان ڪيئن ٻيو ڪو ؟
ٻريلَ کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو ؟
وڏي ٿو مهارتَ رکي ڪوڙَ تي هُو
وِساري چوي ٿو، وِساري سگهان ٿو ! ؟
پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمَن کان
مگر ڪين ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو
ڪرم ٿي وڃي جي، سندءِ منهنجا مؤلا !
عُمر کان به اڳتي نهاري سگهان ٿو
هليو ويو ته، هاڻي مَياري نه ٿيندُس
ٻه ٽي لُڙڪ هاڻي ته هاري سگهان ٿو
ساڙِ نه ايئن شمشانَن ۾
ساڙِ نه ايئن شمشانَن ۾
جذبا بنديخانن ۾
ايڏي اوندههِ ڪاٿئون آئي ؟!
آهي روشن دانن ۾
انسانن کي ڪين ورهايو
رنگَ، نَسل جي خانن ۾
عشق ئي هڪڙو سَنڌو آهي
دانائَن، ديوانن ۾
ڪو انسان به پُهتو آهي ؟
سرڪاري ايوانن ۾
ڪهڙو فرق رهيو آ هاڻي ؟
ماڻهن ۾، حيوانن ۾ !
ساري عُمر وڃي ٿي گُذري
دَردنَ ۾، درَمانن ۾
ڳوڙها اک ۾ ايئن لڳا پئي
گُـل جئين، گُـل ــ دانن ۾
جذبا بنديخانن ۾
ايڏي اوندههِ ڪاٿئون آئي ؟!
آهي روشن دانن ۾
انسانن کي ڪين ورهايو
رنگَ، نَسل جي خانن ۾
عشق ئي هڪڙو سَنڌو آهي
دانائَن، ديوانن ۾
ڪو انسان به پُهتو آهي ؟
سرڪاري ايوانن ۾
ڪهڙو فرق رهيو آ هاڻي ؟
ماڻهن ۾، حيوانن ۾ !
ساري عُمر وڃي ٿي گُذري
دَردنَ ۾، درَمانن ۾
ڳوڙها اک ۾ ايئن لڳا پئي
گُـل جئين، گُـل ــ دانن ۾
خوابَ، خُمار نٿو گُهرجي
خوابَ، خُمار نٿو گُهرجي
ڪنهن کي پيارُ، نٿو گُهرجي ؟
وڌندو ويندو، دِل جي گهرَ ۾
ننڍڙو ڏارُ نٿو گُهرجي
هڪڙو تون ئي منهنجو ٿي وَڃُ !
سڀ سنسار، نٿو گُهرجي
ڏيڻو ٿي جي، ساٿُ ڏي باقي
هي سهڪار، نٿو گُهرجي
اهڙي ڪهڙي دِل آ، جنهن کي
ڪو دلدار، نٿو گُهرجي !
هُن کي ڀي واپاري گُهرجن
ڪو فنڪار، نَٿو گُهرجي
پيٽَ بُکئي ماڻهؤ کي ميلو
۽ ملهار، نٿو گُهرجي
پٿر آ، گُلَ، سازَ ۽ جنهن کي
گهرَ ۾ ٻار، نٿو گُهرجي
ڪنهن کي پيارُ، نٿو گُهرجي ؟
وڌندو ويندو، دِل جي گهرَ ۾
ننڍڙو ڏارُ نٿو گُهرجي
هڪڙو تون ئي منهنجو ٿي وَڃُ !
سڀ سنسار، نٿو گُهرجي
ڏيڻو ٿي جي، ساٿُ ڏي باقي
هي سهڪار، نٿو گُهرجي
اهڙي ڪهڙي دِل آ، جنهن کي
ڪو دلدار، نٿو گُهرجي !
هُن کي ڀي واپاري گُهرجن
ڪو فنڪار، نَٿو گُهرجي
پيٽَ بُکئي ماڻهؤ کي ميلو
۽ ملهار، نٿو گُهرجي
پٿر آ، گُلَ، سازَ ۽ جنهن کي
گهرَ ۾ ٻار، نٿو گُهرجي
فرضُ پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
فرضُ پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
دوستُ آهي دغا ڪندو ٿو رهي
تُهمتون هُن ڇڏيون وِرهائي سڀ
نيڪ آهي، سخا ڪندو ٿو رهي
اَکِ اُماڙي، زِبانَ خنجر جيان
سونهن کي به سزا ڪندو ٿو رهي
زندگي چار ڏينهنَ، مگر انسان
روزُ ڪيڏا خفا ڪندو ٿو رهي !
هُو خدا ناهي، پر اُنهيءَ وانگي
اَڻ گُهري ئي، عطا ڪندو ٿو رهي
روزُ سوچي، لِکي ۽ ڳالهائي
هُو خطا تي، خطا ڪندو ٿو رهي
لوڪُ پٿر، وري وري ٿو وَسي
هُو دُعا آ، دُعا ڪندو ٿو رهي
دادُ ملندو يا دَربَدر ٿيندو ؟
ڪجهه نه سوچي، وَفا ڪندو ٿو رهي
ماٺِ جي شهرَ ۾ اَڃا تائين
ڪو مسافر صدا ڪندو ٿو رهي
دوستُ آهي دغا ڪندو ٿو رهي
تُهمتون هُن ڇڏيون وِرهائي سڀ
نيڪ آهي، سخا ڪندو ٿو رهي
اَکِ اُماڙي، زِبانَ خنجر جيان
سونهن کي به سزا ڪندو ٿو رهي
زندگي چار ڏينهنَ، مگر انسان
روزُ ڪيڏا خفا ڪندو ٿو رهي !
هُو خدا ناهي، پر اُنهيءَ وانگي
اَڻ گُهري ئي، عطا ڪندو ٿو رهي
روزُ سوچي، لِکي ۽ ڳالهائي
هُو خطا تي، خطا ڪندو ٿو رهي
لوڪُ پٿر، وري وري ٿو وَسي
هُو دُعا آ، دُعا ڪندو ٿو رهي
دادُ ملندو يا دَربَدر ٿيندو ؟
ڪجهه نه سوچي، وَفا ڪندو ٿو رهي
ماٺِ جي شهرَ ۾ اَڃا تائين
ڪو مسافر صدا ڪندو ٿو رهي
ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
نَظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا
سچَ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي
رستن تي بس زندهه لاشا ڊوڙن ٿا
ڪيئن ڪري سگهندا، منزل کي پنهنجو هُو ؟
خيالَ اُهي جي چارَئي پاسا ڊوڙن ٿا
ٻارَ ڇا ڄاڻِن، جيونُ ڪهڙي ويڌن آ
جنهن جي پويان اَمان، بابا ڊوڙن ٿا
هر شيءِ هُن کان ڪيڏو ڏُور هلي وئي آ
دِل پاسي بس يارَ !، دِلاسا ڊوڙن ٿا
سالن کانپوءِ توسان گڏجڻ ٿيو آهي
چَپڙن ڏي ڄڻ هو جمالا ڊوڙن ٿا
نَظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا
سچَ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي
رستن تي بس زندهه لاشا ڊوڙن ٿا
ڪيئن ڪري سگهندا، منزل کي پنهنجو هُو ؟
خيالَ اُهي جي چارَئي پاسا ڊوڙن ٿا
ٻارَ ڇا ڄاڻِن، جيونُ ڪهڙي ويڌن آ
جنهن جي پويان اَمان، بابا ڊوڙن ٿا
هر شيءِ هُن کان ڪيڏو ڏُور هلي وئي آ
دِل پاسي بس يارَ !، دِلاسا ڊوڙن ٿا
سالن کانپوءِ توسان گڏجڻ ٿيو آهي
چَپڙن ڏي ڄڻ هو جمالا ڊوڙن ٿا
ڌُوڙِ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
ڌُوڙِ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر
نوڪريءَ سان نباههُ ڪرِ بيشڪ !
سوچَ پنهنجي مگر غلام نه ڪر
پيارَکي ڪر نه، چؤنڪَ جو رونشو
دِل جي رَستي کي، راههِ عام نه ڪر
آدمي !، ماڻهپي ۾ رَههُ ٿورو
ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر
خودڪشي حَلُ، نه ماڳُ ئي پيارا !
زندگي رُڃَ ۾ تمام نه ڪر
جيڪي سَچُ آهي، سو ته چونداسي
تُنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر
هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر
نوڪريءَ سان نباههُ ڪرِ بيشڪ !
سوچَ پنهنجي مگر غلام نه ڪر
پيارَکي ڪر نه، چؤنڪَ جو رونشو
دِل جي رَستي کي، راههِ عام نه ڪر
آدمي !، ماڻهپي ۾ رَههُ ٿورو
ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر
خودڪشي حَلُ، نه ماڳُ ئي پيارا !
زندگي رُڃَ ۾ تمام نه ڪر
جيڪي سَچُ آهي، سو ته چونداسي
تُنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر
اَسان جي ڏاتِ کي، جنهن جاءِ ماتِ ٿي ڏِسجي
اَسان جي ڏاتِ کي، جنهن جاءِ ماتِ ٿي ڏِسجي
اوهان جا نيڻَ، جتي ڪائناتِ ٿي ڏِسجي
لڳيس شهرُ نه پنهنجو، وَڻٖي نه آئينو
نئين نئين ڪا ٿيلَ وارداتِ ٿي ڏِسجي
ٻيو ته ڪُجهه نه ٿيو، پر اوهان پُڄاڻان دوستَ !
حياتي هڪڙي ڊگهي ڄڻ ته راتِ ٿي ڏسجي
ٽُٽي ته راههَ ۾ گڏجڻ به ڪين ٿا چاهيون !
جُڙي ته ٻي ۾ ڀي، پنهنجي ئي ذاتِ ٿي ڏسجي
نه دَردُ، پيارُ، وڇوڙو، نه خوابُ ئي ڪوئي
شعرُ ته ناهي، رڳو فاعلاتِ ٿي ڏسجي
کِلن ٿا ماڻهو ته ٿو روئڻَ جو گُمان ٿئي
عجيب شهرُ آ، جت ڏينهنُ، راتِ ٿي ڏسجي
اوهان کي هاڻي وِساري ڇڏيون صفا دِل تان
اسان کي پنهنجي انهيءَ ۾، نجاتِ ٿي ڏسجي
اوهان جا نيڻَ، جتي ڪائناتِ ٿي ڏِسجي
لڳيس شهرُ نه پنهنجو، وَڻٖي نه آئينو
نئين نئين ڪا ٿيلَ وارداتِ ٿي ڏِسجي
ٻيو ته ڪُجهه نه ٿيو، پر اوهان پُڄاڻان دوستَ !
حياتي هڪڙي ڊگهي ڄڻ ته راتِ ٿي ڏسجي
ٽُٽي ته راههَ ۾ گڏجڻ به ڪين ٿا چاهيون !
جُڙي ته ٻي ۾ ڀي، پنهنجي ئي ذاتِ ٿي ڏسجي
نه دَردُ، پيارُ، وڇوڙو، نه خوابُ ئي ڪوئي
شعرُ ته ناهي، رڳو فاعلاتِ ٿي ڏسجي
کِلن ٿا ماڻهو ته ٿو روئڻَ جو گُمان ٿئي
عجيب شهرُ آ، جت ڏينهنُ، راتِ ٿي ڏسجي
اوهان کي هاڻي وِساري ڇڏيون صفا دِل تان
اسان کي پنهنجي انهيءَ ۾، نجاتِ ٿي ڏسجي
تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
زندگي هونئن ته هئي زَهرَ وانگي
تُنهنجون ٻانهون، جيئين ڀِٽون ٿَـرَ جون
وچ ۾ آءٌ ڄڻ ڏَهرَ وانگي
زندگي هونئن ته هئي زَهرَ وانگي
تُنهنجون ٻانهون، جيئين ڀِٽون ٿَـرَ جون
وچ ۾ آءٌ ڄڻ ڏَهرَ وانگي
تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
زندگي هونئن ته هئي زَهرَ وانگي
تُنهنجون ٻانهون، جيئين ڀِٽون ٿَـرَ جون
وچ ۾ آءٌ ڄڻ ڏَهرَ وانگي
زندگي هونئن ته هئي زَهرَ وانگي
تُنهنجون ٻانهون، جيئين ڀِٽون ٿَـرَ جون
وچ ۾ آءٌ ڄڻ ڏَهرَ وانگي
پيارُ به هُن پئي ڪيو ڪم ڪار جيان
پيارُ به هُن پئي ڪيو ڪم ڪار جيان
هوريان هوريان ٿي ويو سنسارَ جيان
ٿِي پرينءَ جي سونهن جيان، سينگارَ جيان
ڇو ٿئين هر وقت جي تڪرارَ جيان ؟
خوابَ، خوشيون، خواهشون ڦاٿلَ رهن
زندگي ڇو ٿي ٿئي، ڪنهن ڄارَ جيان
هُو جڏهن ڀي ڌارَ ٿيو، خوش خوش رهيو
مان رهيس ميلي ۾ وِڇڙيل ٻارَ جيان
منهنجا جذبا ايئن، جيئن سنڌُ جو عوام
هر عملَ ۾ هُو سدا سرڪار جيان
ماءُ جي مِٺيءَ جيان ڪائي مَرهم !
ڪوئي آٿَتُ آ، سڄڻَ جي سارَ جيان ؟
جنهن کي آيو جو، ويو لِکندو مٿسِ
هُو رهيو ساري عُمر ديوارَ جيان
بارشُن جي موسمَن ۾ سوچجانءِ
ڪيئن وِڇوڙا ٿا ڪَپِن تلوارَ جيان
هوريان هوريان ٿي ويو سنسارَ جيان
ٿِي پرينءَ جي سونهن جيان، سينگارَ جيان
ڇو ٿئين هر وقت جي تڪرارَ جيان ؟
خوابَ، خوشيون، خواهشون ڦاٿلَ رهن
زندگي ڇو ٿي ٿئي، ڪنهن ڄارَ جيان
هُو جڏهن ڀي ڌارَ ٿيو، خوش خوش رهيو
مان رهيس ميلي ۾ وِڇڙيل ٻارَ جيان
منهنجا جذبا ايئن، جيئن سنڌُ جو عوام
هر عملَ ۾ هُو سدا سرڪار جيان
ماءُ جي مِٺيءَ جيان ڪائي مَرهم !
ڪوئي آٿَتُ آ، سڄڻَ جي سارَ جيان ؟
جنهن کي آيو جو، ويو لِکندو مٿسِ
هُو رهيو ساري عُمر ديوارَ جيان
بارشُن جي موسمَن ۾ سوچجانءِ
ڪيئن وِڇوڙا ٿا ڪَپِن تلوارَ جيان
تو وِساريو نه، پنهنجو ناتو آ
تو وِساريو نه، پنهنجو ناتو آ
مون انهيءَ ۾ سُڪون پاتو آ
ها وڏي واڪ ٿا چئون اَڄ ڀي
نينهُن لاتو آ، نينهُن لاتو آ !
عشقُ هاڻي جتي به پُهچائي !
پاڻَ مقتل ۾ پيرُ پاتو آ
دِل ۾ محسوس ٿيا ٿي وَسڪارا
ڪنهن، جو ٿَرَ ۾ ملهار ڳاتو آ
جيڪو پنهنجو ئي ڪين ٿيو ڪڏهين
ڪيئن تو کيس، پنهنجو ڄاتو آ ؟
مُنهن موڙي ٿو سنڌُ کان، اڳ تَنهن
سڱَ ڪهڙو ڀلا سُڃاتو آ ؟
مون انهيءَ ۾ سُڪون پاتو آ
ها وڏي واڪ ٿا چئون اَڄ ڀي
نينهُن لاتو آ، نينهُن لاتو آ !
عشقُ هاڻي جتي به پُهچائي !
پاڻَ مقتل ۾ پيرُ پاتو آ
دِل ۾ محسوس ٿيا ٿي وَسڪارا
ڪنهن، جو ٿَرَ ۾ ملهار ڳاتو آ
جيڪو پنهنجو ئي ڪين ٿيو ڪڏهين
ڪيئن تو کيس، پنهنجو ڄاتو آ ؟
مُنهن موڙي ٿو سنڌُ کان، اڳ تَنهن
سڱَ ڪهڙو ڀلا سُڃاتو آ ؟
خانِ خانيءَ جي سفَر تي ٿا هلون
خانِ خانيءَ جي سفَر تي ٿا هلون
لامَڪانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون !
ڪو پڪو پُختو پتو ناهي رهيو
بس نشانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
جڳُ ڀلي چنڊَ تي وڃي، سِجَ تي کڻي
پاڻَ، مانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون
زندگيءَ تي پيارُ هڪ احسانُ آ
مهربانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
تُنهنجي نيڻن جو نَشو آ زندگي
زندگانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
گهاوَ، صدما، تُهمتون، ڳوڙها کڻي
شادمانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
هلُ ! کڻي ڌرتيءَ جي عظمتَ جو عَلم
پاسبانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
لامَڪانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون !
ڪو پڪو پُختو پتو ناهي رهيو
بس نشانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
جڳُ ڀلي چنڊَ تي وڃي، سِجَ تي کڻي
پاڻَ، مانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون
زندگيءَ تي پيارُ هڪ احسانُ آ
مهربانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
تُنهنجي نيڻن جو نَشو آ زندگي
زندگانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
گهاوَ، صدما، تُهمتون، ڳوڙها کڻي
شادمانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
هلُ ! کڻي ڌرتيءَ جي عظمتَ جو عَلم
پاسبانيءَ جي سفر تي ٿا هلون
پاڻَ سان ڀي دَغا هلي ٿي پئي !
پاڻَ سان ڀي دَغا هلي ٿي پئي !
هيءَ ڪهڙي هوا هلي ٿي پئي ؟
هر عملُ ٿو وِڪامجي اَڄڪلهه
هر گهڙيءَ جي بَها هلي ٿي پئي
توسان هي روزُ فون تي ڳالهيون
دردَ جي ڄڻ دوا هلي ٿي پئي
آئينو ٿو پَڇي ته: ”ڪير آهين ؟!“
سوچِ، ڪيڏي سزا هلي ٿي پئي !
مان مڃان ٿو ته، ناهي بهتر پر
زندگي تو سِوا هلي ٿي پئي
هُن پاسي دَغا هلي ٿي ۽
هِن پاسي دُعا هلي ٿي پئي
هيءَ ڪهڙي هوا هلي ٿي پئي ؟
هر عملُ ٿو وِڪامجي اَڄڪلهه
هر گهڙيءَ جي بَها هلي ٿي پئي
توسان هي روزُ فون تي ڳالهيون
دردَ جي ڄڻ دوا هلي ٿي پئي
آئينو ٿو پَڇي ته: ”ڪير آهين ؟!“
سوچِ، ڪيڏي سزا هلي ٿي پئي !
مان مڃان ٿو ته، ناهي بهتر پر
زندگي تو سِوا هلي ٿي پئي
هُن پاسي دَغا هلي ٿي ۽
هِن پاسي دُعا هلي ٿي پئي
چئو پرينءَ کي اچي ۽ وَرائي ننڊَ کي آڻي
چئو پرينءَ کي اچي ۽ وَرائي ننڊَ کي آڻي
الائي ڪاڏي ويا، خوابَ ئي خُدا ڄاڻي
لڳي جهانَ جا منظرَ، مُئا پيا آهن
کڻو نگاههَ ته هر چيزَ زندگي ماڻي
نظرَ جي ناهي خرابي، ڪمال عشقَ جو آ
اڳي جي لُڙڪ ها، موتي لڳن پيا هاڻي
ڪري جي ماڻا ته ڪنهن سان ڀلا ڪري موملَ
وڃي وَسايو ڪٿي شهر ُ ئي نئون راڻي
اسان جي دِل ڀي جيئين آسمانُ تارن سان
کِڙي پون ٿا سوين دردَ، ايئن سنجها ٽاڻي
قتل، زمينَ تي جهيڙو، پلاندُ ناهي سبب !
وِڇوڙو آهي ڪيو، ضِدَ هڪڙي ٻاراڻي
الائي ڪاڏي ويا، خوابَ ئي خُدا ڄاڻي
لڳي جهانَ جا منظرَ، مُئا پيا آهن
کڻو نگاههَ ته هر چيزَ زندگي ماڻي
نظرَ جي ناهي خرابي، ڪمال عشقَ جو آ
اڳي جي لُڙڪ ها، موتي لڳن پيا هاڻي
ڪري جي ماڻا ته ڪنهن سان ڀلا ڪري موملَ
وڃي وَسايو ڪٿي شهر ُ ئي نئون راڻي
اسان جي دِل ڀي جيئين آسمانُ تارن سان
کِڙي پون ٿا سوين دردَ، ايئن سنجها ٽاڻي
قتل، زمينَ تي جهيڙو، پلاندُ ناهي سبب !
وِڇوڙو آهي ڪيو، ضِدَ هڪڙي ٻاراڻي
تون جو هر وقت ئي جَل ٿَل آهين
تون جو هر وقت ئي جَل ٿَل آهين
ڪهڙي اَحساسَ جو کاڌل آهين ؟
ڪنهن سان ڪنهن لاِ وڙهين ؟، سوچِ ته ڪجهه
بس ائين ميلَ ۾ لاٿل آهين !
دِل جي ڌرتي رهي اُڃي پوءِ تون !
ميگهه ڇا جو، ڪهڙو بادل آهين ؟
سونِهَن، سچَ، سنڌُ کان تون اَڻواقف
پاڻَ ئي پاڻَ ۾ ڦاٿَل آهين !
ايئن اُجڙيل لڳين ٿو تون جيونَ !
ڄڻ ته سرطانَ ۾ ورتل آهين !
تُنهنجو ناهيان، تون ائين سوچين ٿو !؟
شابَسون ٿي پرين ! پاڳَل آهين ؟
ڪهڙي اَحساسَ جو کاڌل آهين ؟
ڪنهن سان ڪنهن لاِ وڙهين ؟، سوچِ ته ڪجهه
بس ائين ميلَ ۾ لاٿل آهين !
دِل جي ڌرتي رهي اُڃي پوءِ تون !
ميگهه ڇا جو، ڪهڙو بادل آهين ؟
سونِهَن، سچَ، سنڌُ کان تون اَڻواقف
پاڻَ ئي پاڻَ ۾ ڦاٿَل آهين !
ايئن اُجڙيل لڳين ٿو تون جيونَ !
ڄڻ ته سرطانَ ۾ ورتل آهين !
تُنهنجو ناهيان، تون ائين سوچين ٿو !؟
شابَسون ٿي پرين ! پاڳَل آهين ؟
تُنهنجي ڳَلن تان ڳوڙها ڳَڙندا
تُنهنجي ڳَلن تان ڳوڙها ڳَڙندا
مُنهنجي اَندرَ جا اُڌما رَڙندا
ماڪَ ڀِنا رابيلَ اَکين جا
ڪَلَ ڪهڙي هُئي مون سان اَڙندا
هَٿُ ڏئي هَٿَ ۾ جي هَلنداسي
دُنيا وارا سارا سَڙندا
تولئه، جيءَ جا جَرڪيل جَذبا
ساري جڳَ سان لالڻَ ! لَڙندا
گُـــلَ ! نه ڄاڻان ڪاٿي آهن ؟
هيري جيان جي، جيءَ ۾ جَڙندا
مُنهنجي اَندرَ جا اُڌما رَڙندا
ماڪَ ڀِنا رابيلَ اَکين جا
ڪَلَ ڪهڙي هُئي مون سان اَڙندا
هَٿُ ڏئي هَٿَ ۾ جي هَلنداسي
دُنيا وارا سارا سَڙندا
تولئه، جيءَ جا جَرڪيل جَذبا
ساري جڳَ سان لالڻَ ! لَڙندا
گُـــلَ ! نه ڄاڻان ڪاٿي آهن ؟
هيري جيان جي، جيءَ ۾ جَڙندا
ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
هائو تون پاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
تون ته تلوار هئين ڪا تکي او پرين!
وقت جي مياڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
ننڊ، سپنا، نهارون ئي وسري ويئه!
ڪهڙي ڇڪتاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه،
ڇو رتو ڇاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
تو ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو سوچيو نه بس
آڻ ئي آڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
ڪيترو پئي لڳين منفرد ، مختلف!!
تون به واکاڻ ۾ يار ڦاسي وئين
ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پنڌ پئين
ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين.
هائو تون پاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
تون ته تلوار هئين ڪا تکي او پرين!
وقت جي مياڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
ننڊ، سپنا، نهارون ئي وسري ويئه!
ڪهڙي ڇڪتاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه،
ڇو رتو ڇاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
تو ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو سوچيو نه بس
آڻ ئي آڻ ۾ يار! ڦاسي وئين
ڪيترو پئي لڳين منفرد ، مختلف!!
تون به واکاڻ ۾ يار ڦاسي وئين
ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پنڌ پئين
ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يار! ڦاسي وئين.
سوچ جو قتل عام آ، جيون
سوچ جو قتل عام آ، جيون
هڪڙو ابتو نظام آ، جيون
جنهن کي آقا کي رولڻو آهي
اهڙو باغي غلام آ، جيون
ڊسڪو جي دور ۾ اسان جو ڄڻ
عارفاڻو ڪلام آ، جيون
جنهن کي سانڍڻ به مسئلو آهي
پيارا! اهڙو انعام آ، جيون
منهنجي نوڙت سان پيار ٿي ويو ٿس،
آءٌ نوري ۽ ڄام آ، جيون
پاڻ کي آ جتان جدا ٿيڻو،
دوست! اهڙو مقام آ، جيون
ڪنهين هيڻي جو پاڻ ڏاڍي کي
چاپلوسي سلام آ، جيون
هڪڙو ابتو نظام آ، جيون
جنهن کي آقا کي رولڻو آهي
اهڙو باغي غلام آ، جيون
ڊسڪو جي دور ۾ اسان جو ڄڻ
عارفاڻو ڪلام آ، جيون
جنهن کي سانڍڻ به مسئلو آهي
پيارا! اهڙو انعام آ، جيون
منهنجي نوڙت سان پيار ٿي ويو ٿس،
آءٌ نوري ۽ ڄام آ، جيون
پاڻ کي آ جتان جدا ٿيڻو،
دوست! اهڙو مقام آ، جيون
ڪنهين هيڻي جو پاڻ ڏاڍي کي
چاپلوسي سلام آ، جيون
چاهت کان انڪاري ماڻهو
چاهت کان انڪاري ماڻهو
جذبن تي بمباري ماڻهو
سڀ تو جهڙا ٿي سگھندا ڪو؟
دردن ۾ دلداري ماڻهو
آءٌ اڳي جيان هيڪل وياڪل
تنهنجي ها چؤڌاري ماڻهو
ديس به وڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
دولت ۽ طاقت جا حامي
ڌوڙ، مٽي ۽ واري ماڻهو
هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن
باغي ۽ درٻاري ماڻهو
ڪهڙو سچ چئي سگھندا سي
پاڻ ته هئون سرڪاري ماڻهو.
جذبن تي بمباري ماڻهو
سڀ تو جهڙا ٿي سگھندا ڪو؟
دردن ۾ دلداري ماڻهو
آءٌ اڳي جيان هيڪل وياڪل
تنهنجي ها چؤڌاري ماڻهو
ديس به وڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
دولت ۽ طاقت جا حامي
ڌوڙ، مٽي ۽ واري ماڻهو
هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن
باغي ۽ درٻاري ماڻهو
ڪهڙو سچ چئي سگھندا سي
پاڻ ته هئون سرڪاري ماڻهو.
تون ملينءَ ته مرڪ هاڻي ٿي وئي
تون ملينءَ ته مرڪ هاڻي ٿي وئي
زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ٿي وئي
ڳوٺ ٻاهران ها ملياسي رات جو
ڳالهه سا ڄڻ رات راڻي ٿي وئي
تو هٿن ۾ هٿ وٺي مرڪي ڏٺو
هر مصيبت لوڻُ پاڻي ٿي وئي
مڌ وانگي آ، محبت جو نشو
تيئن وڌي جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي
ٿورڙو جوڀن ڇا آيس، لوڪ لئه
ڇوڪري ڄڻ ڳڙڌاڻي ٿي وئي
رات نيڻن ۾ اڃا ته ننڊ آ
ڪيئن سپنن جي پڄاڻي ٿي وئي؟
دوستن جون مهربانيون بيشمار
دوستي هاڻي ته ساڻِي ٿي وئي.
زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ٿي وئي
ڳوٺ ٻاهران ها ملياسي رات جو
ڳالهه سا ڄڻ رات راڻي ٿي وئي
تو هٿن ۾ هٿ وٺي مرڪي ڏٺو
هر مصيبت لوڻُ پاڻي ٿي وئي
مڌ وانگي آ، محبت جو نشو
تيئن وڌي جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي
ٿورڙو جوڀن ڇا آيس، لوڪ لئه
ڇوڪري ڄڻ ڳڙڌاڻي ٿي وئي
رات نيڻن ۾ اڃا ته ننڊ آ
ڪيئن سپنن جي پڄاڻي ٿي وئي؟
دوستن جون مهربانيون بيشمار
دوستي هاڻي ته ساڻِي ٿي وئي.
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
جذبا ڪيئن بچندءِ؟
لاشا ئي ملندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
ماڻهو! توتي ماڻهپو
ٽهڪ ڏئي کلندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
بَم هي تنهنجي ٻارَ کان
مُرڪون کسيندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
مورک! سوچيو ٿي ڪڏهن
لُڙڪ رُڳو ملندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
دل ۾ لکين وحشتون
خنجر جيان لهندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
ٽامي جا ٽڪڙا ڏيئي
پيار کسي ويندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
جذبا ڪيئن بچندءِ
لاشا ئي ملندئي
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
لاشا ئي ملندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
ماڻهو! توتي ماڻهپو
ٽهڪ ڏئي کلندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
بَم هي تنهنجي ٻارَ کان
مُرڪون کسيندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
مورک! سوچيو ٿي ڪڏهن
لُڙڪ رُڳو ملندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
دل ۾ لکين وحشتون
خنجر جيان لهندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
ٽامي جا ٽڪڙا ڏيئي
پيار کسي ويندءِ
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
جذبا ڪيئن بچندءِ
لاشا ئي ملندئي
بارودي هن ڊوڙَ ۾!
سچل نالو سَچَ جو!
سچ جو نانءُ سچل
سچل نالو سَچَ جو!
سچائيءَ جي مُکَ تي
هر دم رنگ ـ رتل
سچل نالو سَچَ جو!
چهرا جاڳن چؤطرف
ڦاسي گھاٽُ سُتل
سچل نالو سَچَ جو!
ذهن سمورا ٿي ويا
ڇاکئون ڪُوڙھ ـ وتل؟
سچل نالو سَچَ جو!
مايوسين جي مند ۾
جذبا رنگ ـ رتل!!
سچل نالو سَچَ جو!
گھر کان ايڏو ڏور
مٿان ڏينهن تتل
سچل نالو سَچَ جو!
ڌرتي هر ڪنهن دؤر ۾
ڳولي ڪوءِ سچل
سچل نالو سَچَ جو!
سچل نالو سَچَ جو!
سچائيءَ جي مُکَ تي
هر دم رنگ ـ رتل
سچل نالو سَچَ جو!
چهرا جاڳن چؤطرف
ڦاسي گھاٽُ سُتل
سچل نالو سَچَ جو!
ذهن سمورا ٿي ويا
ڇاکئون ڪُوڙھ ـ وتل؟
سچل نالو سَچَ جو!
مايوسين جي مند ۾
جذبا رنگ ـ رتل!!
سچل نالو سَچَ جو!
گھر کان ايڏو ڏور
مٿان ڏينهن تتل
سچل نالو سَچَ جو!
ڌرتي هر ڪنهن دؤر ۾
ڳولي ڪوءِ سچل
سچل نالو سَچَ جو!
ڪُوڙُ
ٻالپُڻ کان ٿا
اهو ٻُڌندا اچُون
ڪوئي جي يادِ ڪري ٿو ته
ٿئي ٿي هڏڪي ــــ
پر اهو ڪُوڙُ، صفا ڪُوڙ
لڳي ٿو هاڻي.
ائين هُجي ها ته پوءِ
تُنهنجي هِڏڪي
بند ئي ڪينَ ٿئي ها
سانئڻ!
اهو ٻُڌندا اچُون
ڪوئي جي يادِ ڪري ٿو ته
ٿئي ٿي هڏڪي ــــ
پر اهو ڪُوڙُ، صفا ڪُوڙ
لڳي ٿو هاڻي.
ائين هُجي ها ته پوءِ
تُنهنجي هِڏڪي
بند ئي ڪينَ ٿئي ها
سانئڻ!
مُون کي هيٺين سان اچو،
جوڙَ، ونڊَ ،ڪَٽَ، ضَرب ڪيو:
مان + نفرتُون سنسار جُون = .................... !
مان ÷ اَذيتُون ويچار جُون = .................... !!
مان – مُحبتُون واپار جُون = .................... ؟
مان x بي وَفايُون يارَ جُون = .................... ؟؟
سراسري پاڇي بچي:
= ڳالهيُون سِڪَ ۽ پيارَ جُون.
مان + نفرتُون سنسار جُون = .................... !
مان ÷ اَذيتُون ويچار جُون = .................... !!
مان – مُحبتُون واپار جُون = .................... ؟
مان x بي وَفايُون يارَ جُون = .................... ؟؟
سراسري پاڇي بچي:
= ڳالهيُون سِڪَ ۽ پيارَ جُون.
شاعرُ جاڳي، تارا جاڳن
شاعرُ جاڳي، تارا جاڳن
اکڙين ۾ اوجاڳا جاڳن
سُتيون پيون ساڀيائون آهن
سپُنا ئي ويچارا جاڳن
هر ڪمُ سولو ٿي پوندو جي
دل جاڳي دل وارا جاڳن
اڄُ جو غَمُ ئي ڪافي آهي
اڄُ ته نه گھاوَ پُراڻا جاڳن
مُنهنجن سوچُن سان گڏجي ٿا
تُنهنجي گھرَ جا رستا جاڳن
ڪُجُهه آهي جو نڪرڻ چاهي
اندرَ ۾ ٿا لاوا جاڳن
ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل ۽
تاريخُن جا صُفحا جاڳن
نقشي ۾ تبديليون اينديون
ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن
گُل دُکن ۾ گھيريلُ اهي
هر پاسي ٿي ڪنڊا جاڳن.
اکڙين ۾ اوجاڳا جاڳن
سُتيون پيون ساڀيائون آهن
سپُنا ئي ويچارا جاڳن
هر ڪمُ سولو ٿي پوندو جي
دل جاڳي دل وارا جاڳن
اڄُ جو غَمُ ئي ڪافي آهي
اڄُ ته نه گھاوَ پُراڻا جاڳن
مُنهنجن سوچُن سان گڏجي ٿا
تُنهنجي گھرَ جا رستا جاڳن
ڪُجُهه آهي جو نڪرڻ چاهي
اندرَ ۾ ٿا لاوا جاڳن
ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل ۽
تاريخُن جا صُفحا جاڳن
نقشي ۾ تبديليون اينديون
ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن
گُل دُکن ۾ گھيريلُ اهي
هر پاسي ٿي ڪنڊا جاڳن.
پلَ پلَ جو عذابُ چاهي
ٿو
منُ ڏاڍو خرابُ چاهي ٿو
هُن جو هر هڪُ عملُ ٻُڌائي ٿو
مون کي هُو بي حسابُ چاهي ٿو
پيارَ جي موٽَ، پيارُ ڏي تون ڀي
هرڪو جذبو جَوابُ چاهي ٿو
پياسَ آهي وري گھٽجڻَ
ذهنُ ڪو نَئون سَرابُ چاهي ٿو
پنهنجي جيونَ ڪتابَ ۾ هرڪو
ڪوئي رنگين بابُ چاهي ٿو
مونکي لائي گُناههَ جي رستي
هُو ماڻهو ثَوابُ چاهي ٿو
ڪيرُ هٿُ ٿو وڌائي ڪنڊَن ڏي
دوستَ! هرڪو گُلاب چاهي ٿو
منُ ڏاڍو خرابُ چاهي ٿو
هُن جو هر هڪُ عملُ ٻُڌائي ٿو
مون کي هُو بي حسابُ چاهي ٿو
پيارَ جي موٽَ، پيارُ ڏي تون ڀي
هرڪو جذبو جَوابُ چاهي ٿو
پياسَ آهي وري گھٽجڻَ
ذهنُ ڪو نَئون سَرابُ چاهي ٿو
پنهنجي جيونَ ڪتابَ ۾ هرڪو
ڪوئي رنگين بابُ چاهي ٿو
مونکي لائي گُناههَ جي رستي
هُو ماڻهو ثَوابُ چاهي ٿو
ڪيرُ هٿُ ٿو وڌائي ڪنڊَن ڏي
دوستَ! هرڪو گُلاب چاهي ٿو
پرتِ جا پيچَ ڪي پائڻ
گھرجن
پاڻَ تي لوڪَ کلائڻُ گھرجن
ڪنهن جي هڪَ مُرڪ تي وڪڻي ڇڏجي
منَ جا مولَ گھٽائڻُ گھرجن
ڪڏهن هُن کي به وساري ڇڏجي
ڪڏهن ته خيالَ مٽائڻُ گھرجن
سُونهن جي نانوَ تي جھُڪجي سائين!
نينهنَ سان نينهُن نڀائڻُ گھرجن
لُڙڪ اکڙيُن جا وڃن ٿا سُڪندا
ڪي نَوان دردَ پرائڻُ گهُرجن
ڪيسين راهُن جي ڏُکيائي سَهبي
چونڊي سڀُ پهڻ هَٽائڻُ گھُرجن
يا ڪرايُن ۾ چُوڙيون وجھجَن
حوصلا يا ته وڌائڻ گھُرجن
ڀلُ ته انڌيرن سان وڙهن ۽ وچڙن
پاڻَ کي ديپُ جَلائڻُ گھُرجن
پاڻَ تي لوڪَ کلائڻُ گھرجن
ڪنهن جي هڪَ مُرڪ تي وڪڻي ڇڏجي
منَ جا مولَ گھٽائڻُ گھرجن
ڪڏهن هُن کي به وساري ڇڏجي
ڪڏهن ته خيالَ مٽائڻُ گھرجن
سُونهن جي نانوَ تي جھُڪجي سائين!
نينهنَ سان نينهُن نڀائڻُ گھرجن
لُڙڪ اکڙيُن جا وڃن ٿا سُڪندا
ڪي نَوان دردَ پرائڻُ گهُرجن
ڪيسين راهُن جي ڏُکيائي سَهبي
چونڊي سڀُ پهڻ هَٽائڻُ گھُرجن
يا ڪرايُن ۾ چُوڙيون وجھجَن
حوصلا يا ته وڌائڻ گھُرجن
ڀلُ ته انڌيرن سان وڙهن ۽ وچڙن
پاڻَ کي ديپُ جَلائڻُ گھُرجن

No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا