شاه لطيف جو سارو شعر صوفيانه روحاني خيالن سان ڀرپور آهي. ان تي
تفصيل سان بحث ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ۽ اڀياس گهرجي. هت فقط ڪن ٿورن نڪتن جو بيان ٿو ڪجي.
شاه هڪ سچو صوفي هو. هي جو گربخشاڻي ۽ ٻين پڌرو ڪيو آهي ته شاه محّرم مهيني ۾ ڪارا
ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ محرم ڪندو هو، سو بلڪل نادرست هو. اهو انومان سرڪيڏاري مان ڪڍيو
ويو آهي، جو اڪثر احسان فقير ۽ ٻين سگهڙن جو چيل آهي، فقط شاه ڏانهن منسوب آهي.
پاڻ شريعت جو پابند هو، ليڪن طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون طيء ڪيون هئائين،
جيئن هيٺين بيتن مان پڌرو آهي. هي جهان حرص ۽ هوَسَ جو مڪان آهي، جنهن ۾ خدا
تعاليٰ انسان کي آزمايش لاءِ موڪليو آهي ۽ چي: سڌيءَ سڙڪ تي هلجانءِ، پنهنجو روح
نفس جي حملي کان سالم رکجانءِ، پنهنجو پاند هن پليت پاڻيءَ ۾ نه پسائجانءِ؛ انهيءَ
۾ ڪهڙو راز سمايل آهي؟
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اُڀا ائين چَوَن، مڇڻ پاند پسائيين!
حيرت ۾ پئجي سوال ٿو پڇي ته ڀلا ڪهڙي طرح پنهنجو پاند آلود نه ڪجي؟
پيو جو پاتار، سو پُسڻان ڪئن پالهو رهي؟
جواب ٿو ڏئي:
شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پُسڻان پالهو رهين.
امام قشيري صاحب پنهنجي ”رسالہ“ ۾، جنهن تي ساري تصّوف جو دارومدار
آهي. لکي ٿو ته سچو صوفي اُهو آهي جو الله ۽ رسول صلعم کي مڃي. شريعت جي احڪامن تي
پورو رهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو اندر صاف ڪري. اها وصف شاه صاحب سان پوري لڳي ٿي.
ڪٿان به معلوم ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو مرشد ورتو هئائين. پنهنجي ئي رياضت ۽ مجاهده ڪري
اولوالالباب جي درجي تي پهتو هو، جيئن خواجہ محمّد زمان لنواريءَ واري سندس باب ۾
فرمايو آهي ته ”هوُ هڪ ”اهل دل“ آهي.“ حق جي تلاش ۾ گهڻا ئي وندر ووڙيائين، جوڳين
سان جاٽائون ڀيٽيائين، آخر محسوس ٿيس ته ڏونگر ڏورڻ ۽ ڀٽن ۾ پنڌن ڪرڻ سان پرين نٿو
ملي، پر اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ پاڻ کي ماري مات ڪرڻ سان:
ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ڪين لطيف چي، ٻاروچو ٻئي پار
نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
اهو ”پاڻ“ جو پردو آهي، جو سالڪ کي مالڪ کان پري ٿو رکي:
هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پريان
وَنَحنُ اَقرَبُ اِليہِ مِن حَبُل الوريدِ. تنهنجو توئي ساڻ
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.
دنيا ۽ ان جو ٽڪساٽ ڪجهه به ناهي، اهو سڀ حق جو پاڇو آهي. يا ائين
چئجي ته جيڪي آهي سو خدا آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ حقيقي طرح موجود ناهي.
سڀ ۾ پاڻ آهي يا سڀ منجهس آهي:
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي
والله بِڪُلّ شَيءِ مُحِيطُ، ايءَ آرياڻيءَ اهڃاڻ
سڀ ۾ پنهُون پاڻ، ٻيو ڪونه ٻروچ ري.
هي هڪڙو منڊ رٿيل آهي يا مومل وارو طلسمي محلات آهي، ان کي جيڪو
ڀڃندو، سو محبوب جو مشاهدو ماڻيندو،پر اهو به تڏهن جڏهن پنهنجي وجود جو ورق ڌوئي
ڇڏيندو، ۽ پاڻ کي عدم ۽ فاني في الله ڪري ڇڏيندو. ”هوئڻ“ ۽ ”خودي“ جو خيال ڪڍي
ڇڏيو، ته هن جهان مان پار پئي ”لقاپر“ ۾ لنگهه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ هڪ آهي
۽ کيس ”ٻيائيءَ“ کان غيرت ٿي اچي:
”آئون“ سين اِن پار، ڪڏهن تان ڪونه پيو
اِن اللهَ وتُرُ، يُحِبُّ الُوِترَ، نيئي ”ٻيائي“ ٻار
”هيڪڙائيءَ“ وٽ هار هنجون جي ”هئڻ“ جون.
_______
هيڪر ”هئڻ“ ڇڏ، ته اوڏو ٿئين عجيب کي
مار اءيتُ شَيئاً اِلاَّ وَرَ اءيَتُ اللهَ، نيئي اَجها اوڏاهين اڏ
ته هوت توهين کان هِڏ، پرين پاسي نه ٿئي.
رومي ۽ شاه، انهيءَ ڳالهه ۾ ”اقبال“ سان اختلاف رکن ٿا. اقبال آکي
ٿو ته مسلم کي پنهنجي خودي وڌائڻ گهرجي ته هو ساري ڪائنات تي قابض ٿي سگهي. اسان
جا صوفي سڄڻ وري هيئن ٿا فرمائين ته خودي مار ته يار جو ديدار نصيب ٿئي، ۽ ساريءَ
ڪائنات تي قدرت حاصل ڪرين، ۽ سچ به ائين آهي ته ”خودي“ ۽ ”خدا“ هرگز نه مِڙندا.
”ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾“. پوءِ جنهن مسلم پنهنجو پاڻ ماري پاڻ کي خدا ۾
مَحو ڪيو، تنهن کي ٻيءَ مخلوق جو ڪهڙو ڊپ رهندو؟ اڳين مسلمانن دنيا تي انهي ڪري
فتح پاتي، جو انهن پنهنجو وجود الاهي حڪمن تي فدا ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من، ڌن
سڀ خدا جي راه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو هئائون، نه ته انسان ڪري پِيلِ مست هجي، ته به اهو
هڪ ٽيڪ ڏنل ٿوڻي وانگر آهي. ”ڪاَنّهُم خُشُبُ مُسَنّدَةُ“ جنهن کي هڪ لوڏي سان
اُکوڙي سگهجي ٿو.
هوندئان هوت پري، اوڏو آ اڻ هوند کي
ساڄن تن سري، ”لا“ سين لڏين جي.
حقيقت ۾ جيسين ”پاڻ“ جو احساس آهي، تيسين روزا ۽ نمازون به اجايون
آهن. تڪبير جو مطلب به اهو آهي ته ايتري قدر خدا جي طرف متوجه هجي جو پاڻ وسري
وڃي!
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز
سڀ وڃائي ساز، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ.
_________
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهِ سجود
وڃائي وجود، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ.
________
هاڻ جڏهن باري تعاليٰ هڪڙو آهي، تڏهن هي پسارو ڇا جو؟ هن وحدت مان
ڪثرت جو سبب ڪهڙو؟ صوفين جي خيالن موجب ”بي آغاز ازل ۾ رب تعاليٰ پنهنجي اڪيلائي ۽
وحدت ۾ پاڻ تي جلوه پئي ڪيو، خواهش ته مخلوق خليقان، جي مون کي سڃاڻن، اگرچه مَلڪ
به سندس مهما ۽ عبادت لاءِ ڪافي هئا. گويا پنهنجي وحدت کان آجو ٿي پيو هو، جيئن
ڪنهن سهڻي وينگس کي چؤديواريءَ اندر پورجي، ته ضرور پنهنجو منهن ڪنهن نه ڪنهن
بهاني کڙڪيءَ کان ٻاهر ڪڍندي. حسن جي به تقاضا آهي ته ظهور ڪري.“ صوفين جي هڪ جڙتو
حديث موجب خدا تعاليٰ فرمايو آهي ”کنت ڪنزًا مخفياً فا حبت ان اعرف فخلقت الحق
لڪّي اعرف، يعني ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، ڀانيم ته سڃاڻجان، تنهنڪري هيءَ خلق پيدا
ڪيم ته سڃاڻجان“.
انسان انهيءَ اندروني الاهي ارادي جو راز آهي. انسان جي نه هجي ته
خدا جي خدائي نه رهي:
هُو پڻ ڪونهي هِنَ ري، هي نه هُنهان ڌار
اَلانسانُ سِري وَاَنَا سِرُّه، پروڙج پچار
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.
اُن جي لاءِ هي جوڙون جوڙيائين، آسمان بنايائين، زمين پٿريائين،
ساري ڪائنات کي ڏينهن جو سج سان ۽ رات جو چنڊ ۽ تارن سان روشن ڪيائين، پوءِ آدم کي
پنهنجي صورت ۾ خلقيائين ”خَلَقَّ آدَمَ عَليٰ صُورتِہِ“ ۽ کيس سڀني شين جو علم
ڏنائين ۽ هدايت ۽ گمراهيءَ جا ٻه رستا ڏيکاريائين. جڏهن ابليس گمراه ڪيس تڏهن ارضي
زندگي جو تلخ تجربو چکڻو پيس، اتيئي وڌيو ويجهيو، ۽ اتيئي انسان ذات جي واڌاري جو
ڪارڻ بڻيو. اهڙي طرح وحدت مان ڪثرت ٿي، پر سڀني جي واتان هيءَ وائي نڪتي ”اسين
ٻانهان، تون ڌڻي“.
سڀڪنهن وٿ ۾ ڪانه ڪا نشاني آهي، جا خدا جي وحدانيت جي شاهدي ڏئي
ٿي:
وَ في ڪُل شيءِ لہ آيةُ ِ يَدُلّ عليٰ انّہ واحد
سڀني جو هلڻ هوت ڏي آهي، ۽ آخر اها ڪثرت وحدت ٿيڻي آهي. ”ڪُلّ مَن
عَليها فَانِ و يبقيٰ وَجہُ رَبِکَ ذوالجَلال وَالاکرام“. کرو ڪو جو جيئريئي پاڻ
کي ماري مات ڪري ۽ وحدت جي وهانءَ ۾ شامل ٿئي!
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪَبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي.

No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا