Tuesday, January 30, 2024

MCQS| Sindhi Subject| SPCS| Model Paper 5

 ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جي مختصر تاريخ




ترتيب: فضل سومرو





1. الهداد ٻوهئي جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ڇا آهي؟

صحافت

ٻولي✅

شاعري


2. مھر راڄ پراڻناٿ جي ڪلام کي ڇا ٿو چئجي؟

صدا

وائي

واڻي✅


3. بدين ضلعي جي تاريخ ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

ڊاڪٽر جوڻيجو

ڊاڪٽر الانا

سومار شيخ✅


4. آزاد نظم جو تاريخي پس منظر ڪنهن جو مقالو آهي؟

شمشير✅

شيخ راز

اسحاق سميجو


5. هيٺين مان الانا جو ناول چونڊيو.

لاش✅

خوني

چور


6. شيرين شعر ڪهڙي سال ۾ شايع ٿيو؟

1937ع✅

1941ع

1947ع


7. حافظ محمد احسن چنو ڪٿان جو هو؟

حيدرآباد

ڪراچي

دادو✅


8. سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي ڪنهن جو نظم آهي؟

شيخ راز

شيخ اياز

بردو سنڌي✅


9. تمر فقير جو ڪلام ڪنهن ترتيب ڏنو؟

سيد خادم علي شاھ

سيد محمود بخاري

سيد قادن شاھ✅ 


10. هيٺين مان ڊاڪٽر بلوچ جو ڪهڙو ڪتاب آهي؟

سنڌ جو سينگار

سنڌي شاعري جو سينگار

سنڌي سينگار شاعري✅


11.  کيئلداس فاني ڪڏهن وفات ڪئي؟

1980ع

1990ع

1995ع✅


12. شيخ اياز جي "لڙيو سج لڪن تان" ۾ ڪهڙي صنف آهي؟

بيت

وائي✅

غزل 


13. هيٺين مان ڪهڙي شاعر لوڪ گيتن کي نوان ٻول ڏئي، مختلف گيت سرجيا؟

تنوير عباسي

نياز همايوني✅

نارائڻ ڀارتي


14. بيدل ۽ بيڪس جا ديوان ڪنهن ترتيب ڏنا؟

عبدالحسين شاھ ✅

عطا حسين شاھ 

ڊاڪٽر بلوچ


15. ڪتاب سڳنڌ ڇا تي لکيل آهي؟

عروضي شاعريءَ جون صنفون

لوڪ شاعريء جون صنفون✅

مضمون نويسيء جي اهميت 


16. منھنجي مختصر آتم ڪھاڻي، ڪنھن جي آتم ڪھاڻي آهي؟ 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 

مرزا قليچ بيگ

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ✅


17. بردي سنڌي جو بوندون بس نه ڪن ڪهڙي اداري شايع ڪرايو؟

ادبي بورڊ

لئنگويج اٿارٽي

سنڌالاجي✅


18. شڪوه سنڌ ڪنهن جو نظم آهي؟

قبول ابڙو

اياز شيخ

حيدر بخش جتوئي✅


19. علامہ آء آء قاضي صاحب شاہ جو رسالو ڪهڙي سال ترتيب ڏنو؟

1950ع

1956ع

1961ع✅


20. ڪاڇي مٿان ڪونج ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

شيخ اياز

ابراهيم منشي

تاجل بيوس✅


21. ڏور ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتاب آهي، ساڳئي نالي ٻيو ڪنهن لکيو؟

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي✅

ڊاڪٽر غلام علي الانا


22. شاھ ڪريم جي ڪلام جو انگريزي ترجمو ڪنھن ڪيو؟

موتي لعل جوتواڻي✅

موتي پرڪاش

آنند ٽهلراماڻي


23. "ڪامل جو ڪلام" ۾ ڪنهن جو چونڊ ڪلام آهي؟

شاهه ڪريم 

شاھ لطيف✅

سچل سرمست


24. مخدوم گروهڙيء جو ڪلام "مئين عبدالرحيم جو ڪلام" جي نالي سان ڪنهن ترتيب ڏنو؟

ڊاڪٽر دائود پوٽو

علي نواز حاجن جتوئي✅

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي


25. شمس الدين بلبل جي ڪتابن تي مقدما ڪنهن لکيا؟

علامہ آء آء قاضي

غلام محمد گرامي✅

جمال ابڙو


26. سنگيت ڦول ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

هري دلگير

هوندراج دکايل✅

ڪشنچند بيوس


27. سوچ ۽ لوچ ڪنهن جو شعري مجموعو آهي؟

علي محمد مجروح

ذوالفقار راشدي✅

وفا ناٿن شاهي


28. دادو ديال جي ڪلام تي ڪنهن جو اثر آهي؟

شاھ لطيف

شاھ ڪريم

قاضي قادن✅


29. سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

آغا سليم

ڊاڪٽر بلوچ✅

الياس عشقي


30. "آءُ شهر آهيان" ڪنهن  جو ڪتاب آهي؟

وسيم سومرو

نعيم دريشاڻي✅

شمشير


31. ترائيل ۾ ڪل ڪيتريون سٽون ٿين ٿيون؟

اٺ✅

ست

چوڏهن


32. ٿري ٻار جو گيت ڪنهن جو نظم آهي؟

حليم باغي

شيخ اياز✅

ابراهيم منشي


33. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

حسام الدين راشدي✅

علي محمد راشدي

ڊاڪٽر بلوچ


34. ديوان مفتون ڪنھن سھيڙيو آهي؟ 

نياز همايوني ✅

عبدالغفور همايوني مفتون 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


35. جمال ابڙي ڪڏهن وفات ڪئي؟ 

2000ع 

2004ع✅

2010ع


36. مھر راڄ پراڻناٿ جو ڪلام ڪنھن سھيڙيو آهي؟

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 

جهمون رامچند ڇڳاڻي✅

هيرو ٺڪر 


37.  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي پي ايڇ ڊي ڪهڙي ضلعي جي ادبي تاريخ تي آهي؟

حيدرآباد

ڪراچي✅

لاڙڪاڻو 


38. تِڏِ ۽ مک جو جهيڙو ڪنهن جو نظم آهي؟

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

محمد صديق مسافر

ڪشنچند بيوس✅


39. شاھ سچل سامي ابراهيم جوئي جو ڪتاب آهي، ٽنهي شخصيتن تي سندن نالي سان الڳ الڳ ڪتابڙو ڪنهن لکيو؟

لعلچند امرڏنومل

ڄيٺمل پرسرام

ڪلياڻ آڏواڻي✅


40.  تاريخ ميران سنڌ ڪنهن جو ڪتاب آهي؟

جمن ٽالپر

مير محمد بخش ٽالپر✅

ﷲ بخش ٽالپر


41. موئن جو دڙو علي بابا جو نظم آهي . (صحيح - غلط✅ ) تبوير عباسيء جو نظم 


42. تنهنجو وات گلاب اياز جو نظم آهي.

(صحيح - غلط✅) امداد حسيني


43. سانيٽ ۾ ڪل چوڏهن سٽون هونديون آهن.

(✅صحيح - غلط)


44. عطا محمد حامي 1990ع ۾ وفات ڪئي.

(صحيح - غلط✅) 1982ع 


45. شيخ راز جو "سارنگ" ۾ شاھ سائين جي سُر سارنگ جي شرح آهي.  (صحيح - غلط✅)

شاعري 


46. ڪاري ڪڪر هيٺ استاد بخاري جو شعري مجموعو آهي.

(✅صحيح - غلط)


47. اونداھ جو ٻيٽ نياز همايوني جو ڪتاب آهي.

(صحيح - غلط✅) نعيم دريشاڻي 


48. پيلا پن کيئلداس فاني جو شعري مجموعو آهي.

(✅صحيح - غلط)


49.  دوهو اصل سنڌي شاعريء جي صنف آهي.

( صحيح - غلط✅) هِندي صنف 


50. تمر فقير ذات جو ڪلهوڙو هو. (صحيح - غلط✅) سالارو هو

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون