Friday, February 2, 2024

اسڪولي ٻارڙن لاءِ تقريرون | منير حيدر لغاري|


منير حيدر لغاري

زندگي جو مقصد

معزز استاد ۽ شاگرد ساٿيو،

اسلام عليڪم

اڄ منھنجي تقرير جو عنوان آھي

)زندگي جو مقصد(

زندگيءَ جو مقصد هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو صدين کان انسان کي متوجه ڪندو رهيو آهي. اهو هڪ سوال آهي ته اسان مان هر هڪ پنهنجي زندگيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي پاڻ کان پڇيو آهي. اسان جي وجود جو مقصد ڇا آهي؟ اسان هتي ڇا حاصل ڪرڻ لاء آيا آهيون؟ آخر ڪهڙو مقصد آهي جنهن لاءِ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي؟

منهنجي لاءِ زندگيءَ جو مقصد آهي خوش رهڻ ۽ ٻين کي خوش ڪرڻ. خوشي دماغ جي هڪ حالت آهي جيڪا اندر کان اچي ٿي. اها ڪا اھڙي شيء ناهي جيڪا اسان پئسن سان خريد ڪري سگهون يا خزاني جي ذريعي حاصل ڪري سگهون. پر اسان ان کي آساني سان حاصل ڪري سگھون ٿا ڇاڪاڻ ته سچي خوشي ٻين جي مدد ڪرڻ سان، ڪنهن جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ سان، شفقت ۽ محبت پکيڙڻ سان حاصل ٿيندي آهي.

پر خوشي ئي زندگيءَ جو مقصد نه آهي. اسان هتي آهيون سکڻ، وڌڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ لاء. اسان ھتي آيا آھيون ته جيئن اسان پنھنجي آس پاس جي دنيا تي سٺا اثر وجهي سگھون. اسان هتي آيا آهيون ته جيئن ھن ڪائنات جا ڳجھا راز سمجھي سگھون. اھو سڀ ممڪن تڏھن جڏھن اسان سائنس ۽ علم جي ٻين شعبن ۾ اڳڀرا ٿيون.

تنهن ڪري، منهنجا پيارا دوستو، اچو ته زندگي ۾ پنهنجي مقصد کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاء لگن ۽ استقامت سان ڪم ڪريون. اچو ته اسان جتي به وڃون خوشيون ۽ مهربانيون پکيڙيون، ۽ دنيا کي پنهنجي لاءِ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻايون.

 


 

ٻانھن جا حق

 

محترم جناب صدر، مھربان استاد ۽ شاگرد ساٿيو

اسلام عليڪم

اڄ جنھن عنوان تي مــونکي ڳــالھائڻ لاءِ چـيو ويو آھي، اھو آھي،

ٻانھن جا حق

سڀ کان پھرين اسان کي اھا خبر ھجڻ گهرجي تہ ٻانھن جي حقن مان ڪھڙو مطلب نڪري ٿو. ٻانھن جي حقن مان مراد انسانن جا انسانن تي حق. اللہ سائين فرمائي ٿو تہ:

مان پنھنجا حق بخش ڪري سگھان ٿو، پر ماڻھن جا ماڻھن تي حق بخش نٿو ڪري سگھان

جناب صدر !

انھن سڀني حقن مان منجھان، سڀ کان وڏو حق ماءُ پيءُ جو آھي، اولاد کي کپي تہ ماءٌ پيءٌ جو چوڻ ڪري ۽ انھن جي خدمت لاءِ ھر وقت حاضر ھجي.

ماءُ پيءُ کانپوءِ پاڙي وارن جا حق آھن، جيڪڏھن اوھانجو پاڙيسري پريشان آھي تہ اوھان تي فرض آھي تہ ان جي مدد ڪيو.

پاڙي وارن جي حقن کانپوءِ مٽن مائٽن جا حق آھن، مسڪينن يتيمن جا حق آھن، مسڪينن، يتيمن ۽ غريبن جي ڏکئي وقت ۾ انھن جي مدد ڪيو، انھن جا ٻانھن ٻيلي ٿيو، جيئن اللہ تعالي اوھان تي ٻاجھہ ڪري ۽ پنھنجي رحمت وسائي.

يتيمن جو پڻ مددگار رھڻ گهرجي، حضور اڪرم صہ فرمائي ٿو تہ :

سڀني کان ڀلو گهر اُھو آھي، جنھن ۾ ڪنھن يتيم ٻار جي پرورش ٿئي ٿي

اسان کي گهرجي تہ يتيم ٻار جو خيال رکون ان جي جان مال جي حفاظت ڪريون، جيسيتائين ھو پاڻ وڏو ٿئي.

ان کانپوءِ غريبن مسڪينن ۽ بيمارن جا پڻ اسان تي حق آھن، حضور اڪرم صہ فرمائي ٿو تہ :

اللہ سائين قيامت جي ڏينھن فرمائيندو تہ:

اي آدم جا پٽ آئون بيمار ھئس تو منھنجي مدد نہ ڪئي، انسان چوندو، اي منھنجا رب! آئون تنھنجي مدد ڪيئن ڪيان ھا ؟ اوھان تہ ٻنھي جھانن جا پالڻھار آھيو. اللہ تعالي فرمائيندو، ڇا توکي خبر نہ ھئي؟ تہ منھنجو فلاڻو ٻانھون بيمار ھو، تو ان جي خدمت نہ ڪئي. جيڪڏھن تون ان جي خدمت ڪرين ھا تہ مون کي ان وٽ موجود لھين ھا.

جناب صدر !

مون کي اڄ اھا ڳالھہ سمجھ ۾ اچي وئي آھي، بلڪ اسان سڀني کي سمجھڻ گهرجي تہ انسانن جي خدمت سڀ کان اعليٰ عبادت آھي.

جناب صدر!

اسان کي کپي تہ اسان وس آھر يتيمن غريبن، مسڪينن، بيمارن ۽ لاچارن جي مدد ڪريون ۽ ماءٌ پيءُ جي عزت ڪيون. آخر ۾ مان بس ايترو چوندس ؛

جــبلن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون،

خــــلائن ۾ اپــــالن کي ڊڪــائين تــون،

مان توکي پوءِ مڃيندس، اي عظيم انــسان،

جــڏھن سنسار جـــا آنسو ســڪائين تون.

تعليم جي اھميت

محترم استاد ۽ شاگرد ساٿيو ! 

اسلام عليڪم

جناب صد ! 

اڄ جنھن عنوان تي مونکي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو آھي، سو آھي تعليم جي اھميت.

 

حضور اڪرم صہ جن تعليم جي اھميت متعلق فرمايو آهي:

علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي

 ”عالم جي مس، شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس آهي“.

 تعليم لاءِ نيلسن منڊيلا چوي ٿو ته:

تعليم سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي، جنهن کي توهان دنيا کي تبديل ڪرڻ لاء استعمال ڪري سگهو ٿا.

ارسطو چوي ٿو ته

تعليم جون پاڙون ڪڙيون آهن، پر ميوو مٺو آهي.  

جان ديوي جي چوڻ موجب

تعليم زندگي جي تياري نه، بلڪ تعليم ئي زندگي آهي.

 

جناب صدر!

تعليم ۾ سڀ کان پھرين  ت  اچي ٿي، جيڪا اسان کي  تربيت ڏانھن اشارو ڪري ٿي ۽  اُھا تربيت اسان کي حق ناحق جي تميز ڏي ٿي.  جڏھن تربيت سٺي ٿئي ٿي ته،  تعليم  جي منزل تائين رسائي  آسان ٿيو پوي. مان سمجهان ٿو/  ٿي  تہ علم جي ڪا منزل ناهي. اگر علم جي ڪا منزل هجي ته اسان سڀ رڪجي وڃون ھا، ۽ مان سمجهان ٿو/ ٿي ته  منزل تائين پهچڻ وارو ماڻھو ٿڪل هوندو آهي، ۽ طالب علم ڪڏھن  ٿڪندو ناھي.  

ڄاڻڻ جي لاءِ  پڙهڻ لازمي آهي، جيڪو پڙهندو ناهي اهو ڄاڻندو ناهي. هڪڙي ڳالهہ ياد رهي ته هن معاشري ۾ نمايا ٿيڻ جي لاء علم جو ھجڻ لازمي آھي. علم انسان کي ڪيئي اکيون ڏي ٿو! جنھن سان دنيا جا اُن تي ڪيئي اِسرار  ظاھر ٿين ٿا، ۽ اُنھن اِسرارن سان انسان  نِوڙت ۽ عاجزي جو رستو وٺي ٿو. باقي تڪبر ۽ غرور جھالت جي نشاني آھي، ۽ جيڪو عاجز هوندو آهي، سو ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي مڪمل نه ڀائيندو آهي

علم اسان کي سيکاري ٿو تہ، تڪبر ڪڏهن انسان جو حصو ٿي ئي نٿو سگهي، ۽ جيڪو غلطي ناهي ڪندو تڪبر ان کي ئي سونهين ٿو. پر جيڪو غلطي ڪندو آهي، ۽ تڪبر ڪندو آهي سو ” ٺلهو ٽڪر اُڀامي گهڻو“ جي مانند آهي.

جناب صدر!

تعليم اسان کي سيکاري ٿي ته، اسين بيڪار آهيون، جيڪڏهن اسان جا هي هٿ ڪنهن جي آجيان ۽ احترام لاءِ ناهن.

جناب صدر !

  انسان جا ھٿ وٺڻ کان وڌ ڏيڻ لاءِ ھوندا آھن، ۽ اسان وٽ ڏيڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ آھي، جيڪو اسان  ڏيئي سگھون ٿا. جنھن  ۾   محبت، عزت، حوصلو،  آشا،  دلجاءِ  يا صرف..... ھڪڙي ننڍڙي مُرڪ

 

 آخر ۾ مان بس ايترو ئي چوندس /   يا  چونديس

 

علم جي ابتدا آ ھنگامو،

علم جي انتھا آ خاموشي.

 


 

سوشل ميڊيا

 

معزز استاد ۽ منهنجا شاگرد ساٿيو اسلام عليڪم

جناب صدر

اڄ جنھن عنوان تي مونکي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو آھي سو آھي, سوشل ميڊيا جو اسان جي زندگي تي مثبت يا منفي ڪردار

جناب صدر

سڀ کان پھريان اھا ڳالھہ سمجھڻ جي آھي تہ سوشل ميڊيا مان مراد سماجي جي ميڊيا. پوءِ جيڪو سماج ۾ وھي واپرجي ٿو سو سوشل ميڊيا تي اسان جي سامھون ھوندو آھي. سوشل ميڊيا جتي دنيا جي پٺ تي پيل علائقن جي ماڻھن جي آواز کي سگھارو ڪيو آھي اتي سماج جي منفي رجھانن کي پڻ ھر ھڪ تائين رسائي ڏني آھي.

جناب صدر

انھي ڳالھہ کان بہ انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ سوشل قومن جي آوازن کي فروغ ڏنو آھي ۽ جغرافيائي رڪاوٽن کي ٽوڙڻ ماڻهن جي وچ ۾ پل ٺاهي آھي، جتي سماج جو ھر فرد پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري سگهي ٿو ۽ ادب ٻولي ثقافت کي ھٿي وٺرائي سگهي ٿو.سوشل ميڊيا ھڪ اھڙو پليٽ فارم آھي جيڪو ناانصافي جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ مثبت تبديلي پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

جناب صدر

پر اھا بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ ساڳيا پليٽ فارم جيڪي ڳانڊاپا ٺاهي سگھن ٿا سي پڻ ڊاھڻ جا ايجنٽ بہ ٿي سگھن ٿا. سوشل ميڊيا جتي ماڻھن جي رابطي کي تيز ڪيو آھي اتي ماڻھن جي روبرو واري ڳانڍاپي کي پڻ ختم ڪيو آھي. اڳ جيڪو ماڻھو سماج سان جوٽيل ھو ھاڻ سو صرف سوشل ميڊيا جي جڙتو ڳانڍاپي جي ڄار ۾ ڦاٿل ٿو ڏسجي. حقيقي طور تي ماڻھو جو رابطو جيترو تيز ٿيو آھي اوترو ئي ماڻھو ماڻھو کان پري ٿيو آھي.

جناب صدر

ھڪ ٻي ڳالھہ جيڪا اھم آھي تہ سوشل ميڊيا جي ڪارڻ پيڙھين جي ڳانڍاپي ۾ وڏي وٿي پيدا ٿي آھي. اڳ ماڻھو جي سکيا جو عمل پيڙھي کان پيڙھي تائين ھو سو ھاڻ بلڪل ڪٽجي ويو آھي. اڄ جي نوجوان جو سکيا جو ھنڌ صرف سوشل ميڊيا ٿي پيو آھي، جيڪو ڪوڙ، ٺڳي، فحاشي ۽ فريب جو اھم ڄار آھي جتي ھر روز ڪيئي زندگيون ڦاسي پنھنجو انت آڻينديون آھن.

جناب صدر

جيئن نئين ٽھي جا نوجوان ۽ شاگرد گھڻو هن سوشل ميڊيا کي نيويگيٽ ڪري رهيا آهن، اهو ضروري آهي ته هو انھي معلومات متعلق چڱي ريت آگاھ بہ ھجي. سوشل ميڊيا بہ اسان لاءِ لازمي آھي ۽ ان کي استعمال بہ ڪرڻ گهرجي پر ان جي مثبت پاسي ۽ تعميراتي پاسي ۽ معلومات جي رسائي جو.

جناب صدر

منھنجا شاگرد ساٿي جيڪي پنھنجو قيمتي وقت صرف ۽ صرف سوشل ميڊيا کي ڏين ٿا، جنھن لاءِ سڀ ڪجھہ سو ميڊيا آھي سو يقينن عملي زندگي کان اڻ واقف رھجي ويندو. مان پنھنجن شاگرد ساٿين کي اھو ٻڌائڻ ٿي چاھيان تہ سوشل ميڊيا سڀ ڪجھہ ناھي بلڪ ھو بس ھڪڙو معلومات جي رسائي جو ذريعو آھي. سوشل ميڊيا جي سطحي ۽ غلط معلومات جي نقصانن کان بچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ سوشل ميڊيا تي ملندڙ معلومات جو ڳپل حصو فريب تي ٻڌل آھي.

جناب صدر

سوشل ميڊيا هڪ ٻه طرفي تلوار آهي. جيڪا درست استعمال طور حفاظت بہ ڪري سگهي ٿي ۽ غلط استعمال تي زخمي بہ ڪري سگهي ٿي. آخر ۾ بس ايترو چونديس تہ سوشل ميڊيا تي سٺين صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ با معني ڳانڍاپو جوڙي اسان جي آس پاس جي دنيا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪريون.

مهرباني.

 

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون