Saturday, February 22, 2020

شاھ جي زندگي ۽ ان دؤر بابت ڄاڻ| لطيفيات


شاھ جي زندگي ۽ ان دؤر بابت ڄاڻ


سوال:  شاھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال سڀ کان اول ڪھڙي ڪتاب مان مليو؟
جواب:  فارسي ٻِوليءَ جي مشھور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾.
سوال:  ”تحفة الڪرام“ ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟
جواب:  مير علي شير قانع جو.
سوال:  ڪتاب تحفة الڪرام جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪنھن ڪيو ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو؟
جواب:  ھن ڪتاب جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو.
سوال:  علي شير قانع کان پوءِ ڪھڙي ليکڪ شاھ صاحب جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو؟
جواب:  سر رچرڊ برٽن.
ِسوال:  سر رچرڊ برٽن پنھنجي ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھ صاحب جو احوال ڏنو آھي؟
جواب:  پنھنجي ڪتاب ”سنڌو نديءَ جي واديءَ ۾ رھندڙ قومون“ ۾.
سوال:  ڇا رچرڊ برٽن جو مٿيون ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آھي ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟
جواب:  ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ حنيف صديقي ترجمو ڪيو آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آھي.
سوال:  شاھ جي زندگيءَ متعلق پھريون ڪتاب ڪھڙو ڇپيو ۽ ڪھڙو ڪارڻ، ان جي لکڻ جو سبب بڻيو؟
جواب:  سر بارٽل فريئر، جنھن جي نالي سان ڪراچي ۾ فريئر حال آھي، ان جي ڌيءَ جي وندر لاءِ شاھ جي سوانح عمري لکائي وئي.
سوال:  مٿيون ڪتاب ڪڏھن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو؟
جواب:  مٿيون ڪتاب ڇپجي نھ سگھيو، ان جو مسودو سنڌي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪمشنر صاحب جي ڪتب خاني ۾ موجود آھي.
سوال:  اھڙي ڪنھن ٻئي اوائلي ڪتاب بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ شاھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڏنل ھجي؟
جواب:  شاھ صاحب جي زندگي بابت ديوان ڏيارام گدومل پنھنجي ننڍڙي رسالي ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ ۾ گھڻو تڻو شاھ جي زندگيءَ بابت احوال ڏنو آھي.
سوال:  شاھ جي زندگيءَ بابت اھو ڪھڙو پھريون ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھ جي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي مواد ملي؟
جواب:  مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب ”احوال عبداللطيف“
سوال:  شاھ صاحب جا وڏڙا ڪٿان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا؟
جواب:  شاھ صاحب جا ابا ڏاڏا ھرات (موجوده افغانستان جي شھر) مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.
سوال:  شاھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙي بزرگ جو احوال معلوم ٿي سگھيو آھي؟
جواب:  سيد مير عليءَ جو.
سوال:  سيد مير علي جي ڏينھن ۾ افغانستان تي ڪھڙي حاڪم جو راڄ ھو.
جواب:  امير تيمور جو.
سوال:  امير تيمور، شاھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙن کي برصغير جي الڳ الڳ پرڳڻن جو حاڪم مقرر ڪيو؟
جواب:  امير تيمور 1398ع ۾، شاھ صاحب جي ڏاڏنگ مان سيد مير علي جي ڇھن پٽن مان ١. مير عبدالباقيءَ کي اجمير جو حاڪم، ٢. مير عبدالواحد کي ملتان جو حاڪم، ٣. مير عبدالرزاق کي بکر جو حاڪم، ٤. مير ابوبڪر کي سيوھڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، جڏھن تھ مير شرف الدين خانگاھھ ۾ رھڻ پسند ڪيو ۽ مير حيدر شاھ کي پڻ حڪومت آڇي وئي، پر ھن انڪار ڪيو.
سوال:  شاھ عبداللطيف ڀٽائي سيد مير عليءَ جي ڪھڙي پٽ جي اولاد مان آھي؟
جواب:  سيد حيدر شاھ.
سوال:  سيد حيدر شاھ ھرات کان پنڌ ڪري سنڌ جي ڪھڙي شھر  ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي؟
جواب:  پراڻن ھالن ۾.
سوال:  سيد حيدر شاھ سنڌ جي ڪھڙي ذات مان شادي ڪئي؟
جواب:  ھالا ذات جي شخص شاھ محمد ھالي وٽان.
سوال:  سيد حيدر شاھ کي ھالا ذات جي گھرواريءَ مان جيڪو پٽ ڄائو ان جو نالو ڇا ھو؟
جواب:  سيد مير علي (جيڪو سندس ڏاڏي جو بھ نالو ھو)
سوال:  حيدر شاھ جي پٽ سيد مير عليءَ پنھنجي پٽ جو نالو ڇا رکيو؟
جواب:  سيد احمد شاھ.
سوال:  شاھ صاحب جا وڏڙا ڪھڙي نک سان مشھور آھن؟
جواب:  ميرڻ پوٽا.
ِسوال:  ميرڻ پوٽن ڪٿي رھائش اختيار ڪئي؟
جواب:  مٽياريءَ (متعلوي) ۾.
سوال:  ميرڻ پوٽن مان ڪھڙي سنڌ جي مشھور بزرگن جو احوال ملي ٿو؟
جواب:  شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو.
سوال:  شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو تفصيلي احوال ڪھڙن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
جواب:  ”بيان العارفين“ ۾ جو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ سن1628ع ۾، شاھ ڪريم جي وفات کان فقط ڇھھ سال پوءِ لکيو.
سوال:  شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاھ ڪريم تائين شجري جو سلسلو ٻڌايو؟
جواب:  شاھ عبداللطيف سيد حبيب الله شاھ جو پٽ سيد عبدالقدوس جو پوٽو، سيد جمال شاھ جو پڙ پوٽو ھو ۽ سيد شاھ جمال وري شاھ عبدالڪريم جو ٽيون نمبر پٽ ھو.
سوال:  شاھ صاحب جي والد جو نالو ڇا ھو؟
جواب:  شاھ حبيب.
سوال:  شاھ صاحب جي والده سڳوري سنڌ جي ڪھڙي مشھور خاندان مان ھئي؟
جواب:  مخدوم ڌياڻيءَ جي خاندان مان.
سوال:  شاھ سائين جي ڪھڙي ڏاڏي کي سنڌ جو چاسر سڏيو ويندو آھي؟
جواب:  شاھ ڪريم بلڙي واري کي.
سوال:  شاھ عبداللطيف ڀٽائي ڪٿي ڄائو؟
جواب:  شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ھالا تعلقي جي ھالا حويلي ڳوٺ ۾ ڄائو، جيڪو ڀٽ شاھ کان ارڙھن ميل پري آھي.
سوال:  ٽرمپ جي لکت موجب شاھ صاحب جو جنم ڪڏھن ٿيو؟
جواب:  ٽرمپ پنھنجي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جي ديباچي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ شاھ صاحب 1680ع ۾ ڄائو ۽ 1747ع ۾ وفات ڪيائين.
سوال:  شاھ صاحب جي جنم بابت اڪثر محقق ڪھڙيءَ راءِ تي متفق آھن؟
جواب:  ان راءِ تي تھ شاھ صاحب 1689ع يا 1690ع ۾ ڄائو ۽ چوڏھن صفر 1752ع تي وفات ڪيائين.
سوال:  شاھ سائين ڪھڙي بزرگ ھستيءَ جي دعا سان جنم ورتو؟
جواب:  سيد ھاشم شاھ جي دعا سان.
سوال:  شاھ صاحب آخوند احمد وٽ ڪيترا سال قرآن شريف پڙھيو؟
جواب:  ھڪ سال.
سوال:  شاھ صاحب جو والد شاھ حبيب، ھالا حويلي کان لڏي ڪٿي اچي آباد ٿيو؟
جواب:  ڪوٽڙيءَ ۾.
سوال:  شاھ صاحب جي والد  شاھ حبيب ڪڏھن وفات ڪئي؟
جواب:  ١١٥٥ ھجري مطابق 1742ع ۾.
سوال:  شاھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ پسند ڪيو ھو؟
جواب:  ڳاڙھو رنگ (لالڻ)
سوال: انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر شاھ سائين جي زندگيءَ جو احوال ڪھڙيءَ سن ۾ لکڻ جو حڪم ڏنو؟
جواب: 1851ع ۾، اھو ڪم 1851ع کان 1859ع تائين جاري رھيو.
سوال:  ڪتاب ”ھندستاني مسلمان“ جي صفحي 323 تي شاھ لطيف جو احوال ڏنل آھي، اھو ڪتاب پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟
جواب:  1966ع ۾.
سوال:  2 ۽ 3 مارچ 1973ع تي شاھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟
جواب:  حيدرآباد شھر ۾.
سوال:  1973ع ۾ لطيف سرڪار جي شاعري ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟
جواب:  پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ.
سوال:  سنڌي نظم ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي سوانح ۽ شاعري ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟
جواب:  نون صفحن تي.
سوال:  شاھ صاحب کي مجازي عشق ڪھڙيءَ عمر ۾ لڳو؟
جواب:  ويھن ورھين جي عمر ۾.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾، سنڌي زبان لاءِ ڪھڙو پھاڪو مشھور ھو؟
جواب:  سنڌي وائي قلم نھ آئي.
سوال:  شاھ سائين کاھوڙي ٿيڻ لاءِ ڪيترن اھم اصولن کي اپنائڻ جي ھدايت ڪئي آھي؟
جواب:  ٻن اھم اصولن کي.
سوال:  سر کاھوڙيءَ جا سڀ کان وڌيڪ بيت ڪھڙي شاھ جي رسالي ۾ ڏنل آھن؟
جواب:  بمبئي واري ابوالحسن جي سنڌي ڇاپي ۾.
سوال:  شاھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟
جواب:  يارو فقير ۽ پارو فقير.
سوال:  حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ ڪڻڪ ھڪ رپئي جي ڪيتري ملندي ھئي؟
جواب:  اڍائي مڻ.
سوال:  شاھ صاحب جي وفات وقت ميان سرفراز ڪلھوڙي جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب:  ھڪ سال.
سوال:  شاھ حبيب پنھنجي پٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڪھڙي شھر ۾ ڪپڙي رڱڻ جو ھنر سکڻ لاءِ ويھاريو ھو؟
جواب:  مٽيارين ۾.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾ سنڌ تي سالياني ڪيتري ڍل مڙھيل ھئي؟
جواب:  ويھھ لک روپيا.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾ نادر شاھ سنڌ مان ڪيترا ڪروڙ ڦرلٽ ڪري پاڻ سان کڻي ويو؟
جواب:  ھڪ ڪروڙ.
سوال:  احمد شاھ ابداليءَ جڏھن سنڌ تي ٻيو ڀيرو حملو ڪيو تھ شاھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟
جواب:  ان حملي کان اڳ شاھ صاحب ھن دنيا مان برقعو مٽائي چڪو ھو.
سوال:  شاھ صاحب جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سالياني اپت اٽڪل ڪيتري ٿيندي ھئي؟
جواب:  اٽڪل اسي لک رپيا.
سوال:  شاھ صاحب جي دور (1739ع) ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي، نادر شاھ کي ڪيترو ساليانو خراج ڏنو؟
جواب:  ايڪيھھ لک رپيا.
سوال:  شاھ صاحب جي دور ۾ ڪلاچي بندر مان اٽڪل سالياني اپت ڪيتري ٿيندي ھئي؟
جواب:  ڇھھ لک سورنھن ھزار روپيا.
سوال:  جڏھن نادر شاھ ھرات تي قبضو ڪيو تھ شاھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب:  اٺٽيھھ سال.
سوال:  جنھن وقت نادر شاھ، سلطان اشرف غلوئيءَ کان ايران آزاد ڪرايو تھ ان وقت شاھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟
جواب:  ٽيٽيھھ سال.
سوال:  جڏھن نادر شاھ ڪابل تي قبضو ڪيو تھ ان وقت شاھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟
جواب:  ڇٽيھھ سالن جو.
سوال:  شاھ صاحب جي دور ۾ سنڌي ماڻھن جا عام ڌنڌا ڪھڙا ھئا؟
جواب:  ھارپور، مال چارڻ، مڇي مارڻ، ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ، چرخو ھلائڻ.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾ ڪھڙو شاھي رستو حيدرآباد کان دھليءَ تائين ويندو ھو؟
جواب:  راوري نالي رستو.
سوال:  شاھ صاحب جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ احمد شاھ ابداليءَ ديرھ جات جو علائقو، ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي حوالي ڪيو؟
جواب:  وفات کان ڏھھ سالن کان پوءِ.
سوال:  شاھ جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا ھزار ڪوري، ڪپڙي اڻڻ ۽ رنگ سازي جو ڪم ڪندا ھئا.
جواب:  ويھھ ھزار.
سوال:  شاھ صاحب جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا اسلامي مدرسا ھئا؟
جواب:  چار سئو مدرسا.
سوال:  جنھن وقت نور محمد ڪلھوڙي کي خدايار جو لقب مليو، ان وقت شاھ سائين جي عمر ۾ ڪيتري ھئي؟
جواب:  ٽيھھ سال.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾ سنڌ سان ڪھڙن ڪھڙن ملڪن جا واپاري تعلقات ھئا؟
جواب:  سلون، بنگال، ھندستان، چين ۽ عرب دنيا سان.
سوال:  لاکيڻو لطيف ”بڊام“ جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟
جواب:  جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي.
سوال:  لطيف سائين جي دور ۾ ڪھڙي عورت ٺٽي جي دبير مسجد جھڙي ھڪ مسجد جوڙائي؟
جواب:  مائي ڄامان.
سوال:  شاھ صاحب جي دور ۾ پراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ مشھور ھئا؟
جواب:  ڪاھوءَ جو پتڻ، ڪاڪ جو پتڻ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري جو پتڻ.
سوال:  شاھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو ھو؟
جواب:  چا چڪاڻ.
سوال:  شاھ صاحب کي سنڌ جي ڪھڙي شھر سان خاص لڳاءُ ھو؟
جواب:  بدين شھر سان.


No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون