شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ
ڊاڪٽر فھميدھ حسين|پي ايڇ ڊي مقالو
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ يا image مجموعي طرح سان سنڌي سماج ۾ سندس حيثيت کي سمجهڻ ۾ مددگار
ثابت ٿيندو ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته لطيف جي دور ۽ ان جي ڪلام ۾ موجود ڪردارن جي
رويي کي سمجهون ۽ سندس سورمين جي حوالي سان اهي خوبيون اجاگر ڪريون، جيڪي هُن بيان
ڪيون آهن، جن ۾ عورت جي وفاداري، سڪ، ڳولا، مستقل مزاجي، برداشت جي قوت، خود
اعتمادي ۽ جدوجهد جا جذبا سمايل آهن. انسان جي حيثيت ۾ جيڪڏهن منجهس ڪي گڻ آهن ته
ضرور ڪي اوگڻ به آهن، شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر انساني نفسيات جي ڄاڻ جو مظاهرو
اهڙي ته اعليٰ نموني ڪيو آهي جو عورت جون فطري ڪمزوريون پڻ ظاهر ڪيون اٿس ۽ اهڙيءَ
ريت اسان کي عورت جي ڪردار جي مڪمل عڪاسي ملي ٿي جنهن جي مدد سان اسين سندس پيدا
ڪيل ۽ تخليق ڪيل imageيا روپ کي بهتر نموني ظاهر ڪري سگهنداسين
۽ اهڙيءَ ريت سنڌي سماج ۾ موجود روين کي سمجهي، انهن ۾ ڪا تبديلي يا بهتري آڻڻ جي
ڪوشش ڪري سگهجي ٿي جيڪا هن ترقي يافته دور جي تقاضا آهي.
باب پهريون
عورت
1- انساني ارتقا
بابت نظرين مان عورت بابت بنيادي نظريا
2- قديم انساني
سماجن ۾ عورت مرد جا تعلقات
3- دنيا جي ڪجهه
قديم سڌريل سماج ۾ عورت
4- عرب سماج ۾ عورت
(اسلام کان اڳ ۽ پوءِ)
5- هند ۽ سنڌ ۾
عورت
نوٽ:
مقالي ۾ آيل
شاهه صاحب جا بيت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي مان کنيا ويا آهن. باقي جيڪي سُر ان
رسالي ۾ نه آهن، سي غلام محمد شاهواڻيءَ جي رسالي مان کنيا ويا آهن.
انگريزي حوالن
جو لفظي ترجمي بدران آزاد ترجمو ڪيو ويو آهي ته جيئن مفهوم واضح ٿي سگهي.
ڪجهه هندي بيت
انهن جي اصلوڪي صورتخطيءَ ۾ ڏنا ويا آهن (اصل ٿيسز ۾) ته جيئن انهن جي سُونهن قائم
رهي، انهن جي پڙهڻي سنڌي صورتخطيءَ ۾ پڻ اٿلائي ڏني وئي آهي. جتي معنيٰ جي ضرورت
محسوس ٿي اتي انهن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي.
انساني ارتقا
وارن نظرين مان عورت بابت بنيادي نظريا
انساني ارتقاءَ
بابت قائم ٿيل مختلف نظريا ”ڊارون“ ۽ ”ڊيسمنڊ مورس“ کان وٺي ”ايلن مورگن“ ۽
”گرڊالرنر“ تائين هڪ ڳالهه تي متفق نظر اچن ٿا ته موجوده انسان چئن پيرن واري
جانور واري اسٽيج کان ٻه پيري باندر نما جانور ۽ پوءِ انسان جي حيثيت اختيار ڪئي
آهي. سائنسي بنياد تي ارتقائي نظريو ڏيندڙ پهرئين ماڻهوءَ ڊارون کي سڀ کان پهرين
اهڙو خيال ڪيئن آيو ان لاءِ پاڻ پنهنجي ڪتاب “The Expression of Emotions in Man
and Animals”. ۾ ڄاڻايو اٿس ته
هن انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کانپوءِ منجهن ڪيتريون نسلي هڪ جهڙايون ڏٺيون.
مثال طور، انسان، لنگور(Apes) ۽ باندرن جا ڪجهه ٻيا قسم تڪليف جي وقت
روئين ٿا، ڪاوڙ ۾ ڳارها ٿين ٿا، ٿڪ ۾ اوٻاسي ڏين ٿا، مقابلي (Defy) ڪرڻ مهل گهورين
ٿا، ڪتڪائي ڪرڻ سان کلن ٿا، ڊپ ۾ ڏڪن ٿا، پيار مان ڀاڪر پائين ٿا، دشمنيءَ ۾ ڏند
ظاهر ڪن ٿا ۽ انهن کي ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتيءَ تي ڪنڌ ورائي
ٿا ڇڏين“ (1) سڀ کان وڌيڪ ته اهڙي نسل جو ساهوارو گهري ڌڪار (deep rejecition) لاءِ شوڪجڻ (frown) وقت نرڙ تي گهنج
ٿو وجهي يا اوندهه مان روشنيءَ ۾ اچڻ مهل، مرڪڻ، روئڻ ۽ کلڻ مهل اکيون پوري ٿو
ڇڏي. اهڙي قسم جي هڪجهڙاين سائنسدانن کي کوجنائون ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ انسان جي
ارتقا جي ڪهاڻي وجود ۾ آئي. ان کي مختلف مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن جا مختلف
دورن ۾ هي نالا آهن:
قديم ترين انسان
واري منزل
1.Ramapithecus or Sivapithecus Stage
اوائلي انسان
واري منزل 2.Australopighecus Stage
اڀي انسان واري
منزل 3. Homo-erectus Stage
بنيادي انسان
واري منزل 4. Verleszzlos Stage
هاڻوڪي انسان
واري منزل 5. Homo-Sapiens Stage
انهن مختلف
ارتقائي دورن مان گذرندي انسان ۾ سندس جنس ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ نر ۽ ماده ۾
جنسي فرق ڪهڙي طرح واضح ٿيو آهي. ان جي باري ۾ هي نتيجا ڪڍيا ويا آهن:
ابتدا ۾ ٻين
جانورن وانگي باندر نما جانورن يا ساهوارن (ارتقائي انسان) ۾ به جنسي عمل جي ڪا
خاص مند يا گهڙي مقرر هوندي هئي، جنهن ۾ ”ماديءَ“ منجهان هڪ قسم جو اهڃاڻ (Stimulus) ڪنهن قدرتي ڪشش
واري خوشبو يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان ”نر“ کي ملندو هو. ماديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ان ڪشش
واري دور کي (Estrus) چيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ نر جي موٽ (response) ڏيندو هو. (2)
اهو سمورو قدرتي عمل باهمي رضا سان ٿيندو هو ۽ ان ۾ ڪنهن هڪ جنس جو ٻيءَ سان
زبردستي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. اهو هڪ قسم جو مندائتو ڦيرو هو جيڪو پنهنجي
وقت تي عمل ۾ ايندو هو.
وقت گذرڻ ۽
حالتن ڦرڻ سان هو مندائتو ڦيرو ختم ٿيڻ لڳو. خطرناڪ جهنگن ۽ خشڪ رڻ پٽن ۾ پنهنجي
وجود کي خونخوار جانورن کان بچائڻ لاءِ اهي ارتقائي انسانن جو ابو امان پاڻيءَ ۾
(سمنڊ ۽ درياهن ۾) وقت گذارڻ لڳا ۽ انهيءَ ريت هڪ ٻئي جي جسماني ڪشش لاءِ قدرتي
طور پيدا ٿيندڙ خوشبو ۽ جنسي طور ڇڪيندڙ Estrus وارو سهارو ختم ٿي ويو. انسان جي لاءِ(Aquatic theory of human evolution) انساني ارتقا جي پاڻيءَ واري نئين نظريي
جو باني مشهور مرين بايولاجسٽ پروفيسر سر ايلسٽر هارڊي(Prof. Sir Alister Hardy) هو. پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کانپوءِ انساني ارتقاءَ
جي عمل ۾ تبديلي آئي ۽ پاڻيءَ ۾ ٻن پيرن تي بيهندڙ ارتقائي انسان جي جسماني بيهڪ
جانورن کان مختلف ٿيڻ لڳي ۽ سندس جسماني عضوا پنهنجي جاءِ ارتقائي ضروري واري اصول
تحت بدلائڻ لڳا.“ (3)
اها تبديلي
پاڻيءَ واري دور ۾ واپس خشڪيءَ تي موٽڻ واري دور ۾ قائم رهي. ان حالت ۾ نر ۽
ماديءَ جو گڏجڻ جو طريقو بدلجڻ لڳو. نين حالتن ۾ ڇاڪاڻ جو ماديءَ جو ليٽائڻ يا زير
ڪرڻ ضروري هو ۽ اهو طريقو ڪن حالتن ۾ ماديءَ لاءِ ڏکيو ۽ اڻ وڻندڙ هو، ان ڪري اهو
نر طرفان ڪڏهن ڪڏهن زبردستي به ٿيڻ لڳو جنهن ڪري مادي باندر نما جانور (ارتقائي عورت)
نر باندر نما جانور (ارتقائي مرد) کان ڊڄڻ لڳي ۽ اهو گڏجڻ جو عمل جيڪو اڳي باهمي
رضامنديءَ کانسواءِ ڪونه ٿيندو هو، ان ۾ ڏاڍ مڙسي، زبردستي، خوف ۽ هراس شامل ٿي
ويا. ۽ اهو عمل بجاءِ ڪنهن خاص مند جي هر وقت موقعو ملڻ جي حالت ۾ ٿيڻ لڳو ۽ ٻين
جانورن جي ابتڙ هنن ۾ اهو ڪل وقتي بنجي ويو ۽ اڄ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها ابتدا
هئي جنسي جنگ جي، طوائفيت(prostitution) جي، لڄ (prudery) جي، انساني وڪري (white slavery)جي، عورتن جي
مظلوميت جي، پلي بواءِ ميگزينن جي، جنسياتي لٽريچر جي ۽ اهوئي هو انسان جو ڪرڻ “Fall” ! حياتياتي ارتقاءَ
۾ جنسي ڦيرو(Estrus) ختم ٿيڻ منجهس
هڪ اهڙي ”پيدائشي (Genetic
Strain) قسم جي فطري
چونڊ“ هجي جيڪا انهي ڦيري کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏي ۽ اهڙيءَ ريت ماهواريءَ جو عمل
باقاعدي ۽ منظم صورت ۾ ٿيڻ لڳو، جنهن عورت جي زندگي ۽ ارتقاءَ کي تمام گهڻو متاثر
ڪيو.“ (4) عورت جي مرد جي مقابلي ۾ ڪجهه قدر سست ارتقاءَ جو سبب هر مهيني خارج
ٿيندڙ انهن آنن جو سلسلو آهي جيڪي نر جزي سان نه ملڻ ڪري بيڪار بنجي وڃن ٿا.
ماهواريءَ جو اهو عمل عورت کي ڪجهه وقت لاءِ جسماني ۽ ذهني طرح سان لاچار ڪري ٿو
وجهي ۽ ائين سندس صحت ڪجهه قدر ڪمزور ۽ خطرن ۾ وڪوڙيل هوندي آهي. سندس اهڙي
ڪمزوريءَ کي عورت جي فطري ڪمزوري جو نالو ڏنو ويو ٿو ڏسجي.
سائنسدانن جو
مشاهدو ۽ تجربو آهي ته ”انسان پنهنجي برداريءَ جي جانورن جي ڀيٽ ۾ جنس کي وڌيڪ
اهميت ٿو ڏي. ٻيا جانور ان کي محض پنهنجو نسل قائم رکڻ لاءِ استعمال ٿا ڪن سو به
ڪن خاص موسمن ۽ مندن دوران، پر انسان لاءِ ڪا موسم ڪا مند مقرر ڪانهي.“ (5) ان جا
گهڻائي سبب ڄاڻايا ويا آهن.
اوائلي انسان
جيئن ته شڪار تي گذارو ڪندو هو ته ڪڏهن ضرورت تحت عورتون هڪ هنڌ ويهي ٻار ڄڻڻ يا
نپائڻ جي عمل ۾ مصروف هونديون هيون، ان ڪري شڪار پٺيان ڊوڙڻ يا ان کي جهلڻ ۾ ڪو
وڏو ڪردار ادا ڪري ڪونه سگهنديون هيون. ان ڪري ضروري ٿي پيو ته ڪا اهڙي مقرر جاءِ (Home base) هجي جتي هوءَ
پاڻ ۽ سندس اولاد رهي ۽ نر واپس اچي سگهي ۽ کاڌو کائي سگهي. اهڙي طرح اهو شڪاري
انسان آهستي آهستي ”گهر“ جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳو ۽ گهرو سهولتون مثال طور، باه،
کاڌو، محفوظ ڪرڻ جو طريقو، ڇت يا ڪو مَنهَه يا غار سندس گهرج بنجي ويون ۽ اهوئي
وقت کيس پنهنجي جنسي گهرج پوري ڪرڻ جو ٿي مليو. مٿئين مفروضي مان اهو نتيجو ڪڍڻ
غلط ٿيندو ته عورتون ڪو گهر ۾ ماٺ ڪري ويٺيون هونديون. اصل ۾ جڏهن مرد شڪار لاءِ
ٻاهر ويندا هوندا ته ضروري ناهي ته هر ڀيري شڪار ملي وڃي، ڪڏهن ته کين خالي هٿين
به موٽڻو پوندو هوندو، ڪڏهن تمام گهڻا ڏينهن لڳي ويندا هوندا ۽ ڪڏهن واپس نه وري
سگهندا هوندا. ان صورت ۾ جيڪر عورتون ۽ ٻار بک مري وڃن ها ”اڄڪلهه جي شڪاري قبيلن
جي اڀياس مان هڪ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته عورتون ۽ ٻار ننڍا ننڍا لڪڻ هٿ ۾ کڻي کاڌو
ڳولڻ نڪرندا هئا ۽ وڻن جون پاڙون کوٽڻ ۽ مختلف وڻن مان ٻير (Berries) لوڙهه (Nuts) ۽ ڦريون وغيره
پٽڻ ۾ مصروف هوندا هئا. جانورن مان سها ۽ ڪڇون (Tortoise) ۽ انهن جا آنا
جهليندا هئا. اڄ جو انسان پنهنجي کاڌي جو سٺ کان اسي سيڪڙو وڻن مان حاصل ڪري ٿو،
ان ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته مرد گوشت حاصل ڪيو ۽ عورت زراعت جو بنياد وڌو.“(6)
جيڪڏهن مڃجي ته
مرد پٿر جا اوزار ۽ هٿيار ايجاد ڪري ٽيڪنالاجيءَ جي ابتدا ڪئي ته عورت ڀاڄيون، ٻج،
ميوا ۽ ٻي زميني پيداوار حاصل ڪرڻ، پوکڻ ۽ قابل استعمال بنائڻ لاءِ پٿرن کي لسو
ڪري ڪم آندو. ائين عورت هر جي بنيادي شڪل ۽ جنڊ ايجاد ڪيا ۽ کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ
ٿانو گهڙڻ جو رواج وڌو. ”مرد کي شڪار لاءِ همت حوصلي ۽ ”طاقت“ جي ضرورت محسوس ٿي
هوندي ۽ عورت کي ٻج پوکي، ڦل حاصل ڪرڻ لاءِ ”صبر“ جي سکيا ملي هوندي.“ (7)
In the primitive division of labour,
the gathering and cultivation of vegitable food are the special occupation of
the women and hunting is that of the men. (8)
جيئن ته انسان
جو ٻچو ٻين سڀني جانورن جي ٻچن جي ڀيٽ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ، پاڻيهي هلڻ گهمڻ ۽ کائڻ ۾
سڀني کان وڌيڪ وقت ٿو وٺي ان ڪري اهو ضروري ٿي پيو ته مائٽاڻو رويو (parental behaviour) ٺهي ۽ سندس ضرورتون مائٽ (ماءُ پيءُ)
پوريون ڪن. ائين سندن ”جوڙ“ (Pair bond)وڌيڪ مضبوط ٿيو
هوندو. ”ماديءَ سان پنهنجي جوڙ کي وڌيڪ مستحڪم، مضبوط ۽ پائدار ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو
وفادار بنائڻ لاءِ نر وٽ سواءِ ان جي ٻيو چارو ئي ڪونه هو ته مندائتي جنسي عمل کي
ڦيرائي جڏهن به ملڻ ممڪن هجي يا مرضيءَ مطابق ڪري ڇڏي.“ (9)
انهي هر وقت
ملڻ يا مرضيءَ مطابق ملڻ يا سڄي سال واري اهڙي زندگيءَ مرد ۽ عورت کي بحيثيت
مجموعي معاشري ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو.
”ٻين جانورن جي
ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي لاءِ هر وقت سڄو سال پرڪشش رهڻ ڪري قدرتي طرح هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ تي
آماده ٿيا هوندا. هڪ ٻئي کي چاهه محبت مهيا ڪندي انساني سماج کي مضبوط ڪيو ۽ وڌايو
هوندو.“ (10) پر مرد کي عورت تي برتري ڪيئن ملي ان بابت ڪجهه ٻين حقيقتن تي به
سائنسدانن روشني وڌي آهي.
جيڪڏهن ان
ڳالهه کي مڃجي به کڻي ته ارتقائي طور تي عورت مرد کان ڪجهه پٺتي رهي آهي ۽ سندس
جسماني بناوٽ ۾ ڪي بنيادي تفاوت آهن، مثال طور:
1- عورت جو دماغ
مرد جي دماغ کان ڏهه سيڪڙو ننڍو ٿئي ٿو.
2- عورت جي
کوپڙي مرد کان ڊگهي ٿئي ٿي.
3- عورت جو قد
بت ۽ هڏ ڪاٺ مرد کان گهٽ ٿئي ٿو.
4- عورتون جون
ٽنگون مرد جي ڀيٽ ۾ ڌڙ کان ننڍيون ٿين ٿيون ۽ سندس پولهه ويڪرو ۽ نمايان ٿئي ٿو.
5- عورت جو ڊگها
وار رکڻ شروع کان ثابت ٿئي ٿو ۽ هوءَ مردن وانگر گنجي ٿيڻ جي خطري کان پري آهي.
6- عورت کان مرد
جا آڱوٺا ڊگها ٿين ٿا.
7- ڊارون جي
خيال موجب عورتون مردن کان وڌيڪ نازڪ ۽ خوبصورت ٿين ٿيون. (11)
انهن سڀني
ڳالهين کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ته هي نتيجا ٿا نڪرن:
دماغ جو وڏو
هئڻ يا جسماني سگهه ۾ وڌيڪ هئڻ ڪنهن به طرح اهو ثابت نٿو ڪري ته ذهني صلاحيتن ۾ به
مرد عورت کان وڌيڪ هجي ڇاڪاڻ ته ڪيترن جانورن جو دماغ انساني دماغ کان وڏو ٿئي ٿو
۽ ڪيترا جانور تمام سگهارا ٿين ٿا ۽ مرد جي جسم کان سندن جسم وڏا هوندا آهن ان جو
مطلب اهو ته ڪونه وٺبو ته ڪو وڏي دماغ، قد بت ۽ سگهه وارا جانور، مرد (انسان) کان
برتر آهن. ائين به ممڪن آهي ته ڇاڪاڻ جو مرد شڪار پٺيان ڊوڙڻ ۽ جسماني ورزش ٿيڻ
ڪري مضبوط ۽ ڳري جسمات حاصل ڪئي ۽ عورت ٻار جي پر گهور سبب ان کان محروم رهجي وئي
هجي.
عورت جو قد بت
ننڍو ۽ ٻنهي جا جسماني عضوا ڊيگهه ويڪر ۾ مختلف هئڻ جا به گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا.
عورت کي وڏي مٿي ۽ وڏي دماغ وارا ٻار ڄڻڻا پون ٿا جنهن ڪري سندس هيٺئين جسم جو
گهاڙيٽو ۽ حياتياتي سرگرمي ان ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي. کيس ٿڃ پيارڻي ٿي
پوي ان ڪري مٿئين حصي ۾ ان جو بندوبست ٿيل آهي. سندس هلڻي اهڙن ئي سببن جي ڪري
مختلف آهي ۽ ان کي نسواني چال سڏيو ويو آهي. ”اها نسواني هلڻي مردن کي جنسي طرح
ڇڪڻ لاءِ نه پر جسماني طرح مختلف هئڻ ڪري اختيار ڪئي ويئي آهي.“ (12)
عورت جي ارتقا
جي مختلف هئڻ جو وڏو ڪارڻ مٿس پيل اضافي بوجهه آهي جيڪو تخليق جي نالي ۾ مٿس پيل
آهي. عورت ڊگها ۽ مضبوط وار رکندي آئي آهي. ان جو سبب اهو آهي جو پاڻي ۾ رهڻ واري
عرصي ۾ يا وڻن تان لهڻ چڙهڻ واري دور ۾، هن کي پنهنجي گرفت يا پڪڙ مضبوط رکڻي
پوندي هوندي ۽ سندس ٻار کي هنجا وار جهلي پاڻ کي ماءُ سان چهٽائي رکڻو پوندو
هوندو، نه ڪي مرد کي زلفن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ اهي هوندا.
“The hair on a woman’s head evolved for
the benefit of her offspring, rather than for the enticement of her mate”. (13)
اهي سڀئي
ڳالهيون هئڻ جي باوجود اسان جا سائنسدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته عورت قدرت کي
وڌيڪ عزيز آهي. فطرت کي عورت مرد کان وڌيڪ ويجهي، ڄڻ وڌيڪ پياري ۽ عزيز آهي، ڇاڪاڻ
ته انساني نسل کي برقرار رکڻ جي صلاحيت گهڻي قدر عورت جي جسم ۾ ئي موجود آهي. عورت
تخليق جو سر چشمو آهي. انساني نسل جي واڌ ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر ۽ عارضي آهي.
(14)
بهرحال انساني
نسل جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ۽ تخليقي سلسلي کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ ٻنهي جنسن جو هڪ
ٻئي سان لڳ لاڳاپو قائم رهڻ به ضروري ٿيو، ان لاءِ منجهن هڪ ٻئي لاءِ ”ڪشش“ ۽
”محبت“ جو هئڻ به لازمي چئبو.
ارتقا جي جديد
سائنسي نظرين مطابق انسانن ۾ ”محبت“ جي تخليق ان بدليل جنسي رويي جي ڪري پيدا ٿي.
هاڻ عورت کي ريجهائڻ جو عمل مرد جي حوالي ٿيو، سو هو مختلف بهاني ۽ دلاسن سان (ان
قدرتي ڇڪ کي ٻيهر سجاڳ ڪرڻ لاءِ) عورت کي راضي ڪرڻ لڳو. کيس پرچائڻ ۽ پرڀائڻ لڳو.
اهڙيءَ ريت مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ محبت جو ڊرامو وجود ۾ آيو جنهن ۾ هو باندر جي
ننڍڙي ٻار وانگي سندس جسم سان کيڏڻ لڳو، کيس تحفظ جو احساس (Sense of security) ڏيڻ لاءِ ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لڳو (15) ”قدرتي
خوشبو جي عدم موجودگيءَ ۾ اکين، چپن ۽ جسم جي ٻين انگن جي خوبصورتيءَ ڏانهن هن جو
ڌيان ويو هوندو، هٿن جا ڇهاءَ حساس چمڙي لاءِ تحرڪ (stimulus) ثابت ٿيا هوندا
۽ کانئس ڇرڪيل مادي آهستي آهستي رام ٿيڻ لڳي ۽ آخر ڪار کيس موٽ ڏيڻ لڳي. هو ان پاڻ
ارپڻ يا(Submission) کي سندس ڪمزوري
سمجهڻ لڳو.“ (16) ۽ اهڙيءَ ريت عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ”پيار“ جي جبلت زور ورتو هوندو.
مٿين سڀني
ڳالهين مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته انسان (مرد ۽ عورت) پنهنجي فطري خواهشن
سببان ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳنڍيل رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان پيار ٿا ڪن ۽ ائين Pair bond يا ”جوڙو“ وجود ۾ آيو هوندو. ائين پڻ چيو ويو آهي ته ”مرد
جڏهن شڪار وغيره لاءِ ٻاهر ويندو هو ته پٺيان ٻار جي ڄم يا نيپاج لاءِ ڇڏيل عورت
جي وفاداريءَ بابت پڪ ڪرڻ لاءِ هن اهڙا طريقا ڳوليا هوندا، جن سان هو عورت کي
”قابو“ ۾ رکي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح عورت مرد جي ملڪيت بڻي هوندي يا سندس حيثيت مرد
کان گهٽ سمجهي ويئي هوندي“ (17) عورت ۽ مرد جسماني قوت ۾ فرق هئڻ سبب
تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهو هڪ جنس جي برتري ۽ ٻيءَ جي ڪمتريءَ جو معيار بنجي ويو
هوندو.
ڊارون، ڊيمنڊ
مورس، ايلن مورگن ۽ ٻين جي انيڪ حياتياتي ارتقا جي نظرين اچڻ کانپوءِ مرد جي
برتريءَ وارو مفروضو ختم ٿي وڃڻ کپي ها، پر مذهبي توڻي سائنسي ڪتابن ۾ جتي جتي به
لفظ ”انسان“ يا ”ماڻهو“ انسانذات لاءِ استعمال ٿيو اتي ان لفظ جي ”مذڪر“ هئڻ سبب
اها غلط فهمي پيدا ٿي (يا ڪئي ويئي) ته اهو رڳو مرد لاءِ استعمال ٿيل آهي. هاڻوڪي
دور ۾ سائنسدان ان قسم جي ابهام کان پاسو ڪندي پنهنجي کوجنائن جا نتيجا ڏين ٿا، ان
ڪري اهڙيون غلط فهميون دور ٿي وڃڻ کپن.
بهرحال مٿين
سڀني ڳالهين مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انساني زندگيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي
شروعاتي دورن ۾ مرد ۽ عورت بلڪل ساڳي حيثيت ۽ مرتبو رکندڙ ساهوارا هئا پر پوءِ جي
دورن ۾ ڪن حياتياتي ارتقائي ضرورتن تحت عورت کي ڪجهه وقت لاءِ محدود رهڻو ٿي پيو ۽
پوءِ اها روايت پئجي ويئي ته هوءَ پنهنجي پناهه گاهه ۾ ئي رهي جيڪا ڪا ”غار“ يا ڪو
ٻيو ”گهر“ هوندو ۽ مرد ٻاهريان ڪم سنڀالي ۽ ائين مضبوط جسماني سگهه حاصل ڪري هو
پاڻ کي برتر سمجهڻ لڳو هوندو.
ان قسم جو
نتيجو دنيا جي هر خطي جي انسانن لاءِ يڪسان ڪونه رهيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته دنيا
جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ارتقاءَ ڪجهه مختلف انداز ۾ ٿي هجي ۽ اهو ڪمتري برتريءَ وارو
نظريو بنهه ابتڙ هجي، پر ان بابت ڪافي ثابتيون ميسر نه هئڻ ڪري يقين سان ڪجهه چئي
نٿو سگهجي. پر اهو ضرور يقين سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ جتي به اسان
جي ارتقاءَ اهڙي نموني ٿي هوندي يا ان جي ابتڙ به ٿي هوندي اتي عورت ۽ مرد ٻن
ساٿين، زندگيءَ جي ٻن ڀاڱي ڀائيوارن(Partners) جي حيثيت ۾ زندگي جي ذميدارين کي ورهائي
کنيو هوندو ۽ شعور جي بلڪل ابتدائي ڏاڪي ۽ اسٽيج تي به هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس ڪندي
هڪ ٻئي کي ڪم آيا هوندا.
قديم انساني
سماجن ۾ عورت ۽ مرد جا تعلقات
جتيوڻيڪ انساني
ارتقاءَ جي علم جي ڄاڻُن کي به اڃا تائين پڪ سان اها خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته
دنيا جي گولي تي اهو ڪهڙو خطو هو جتي انسان چئن پيرن واري جانور مان ڦري ٻن ڦيرن ۽
ٻن هٿن وارو .... اوزار ۽ هٿيار ايجاد ڪندڙ سماجي انسان بڻيو ۽ وحشي فطرت (Wild nature) سان وڙهي پنهنجي
وجود کي قائم رکيائين، وڌيو ويجهيو ۽ سموري دنيا ۾ پکڙيو، يا هڪ ئي وقت ڌرتيءَ جي
مختلف ڀاڱن ۾ اهڙي ارتقاءَ ٿيس. قديم انسانن جا هڏاوان پڃرا، کوپڙيون ۽ پنڊ پهڻ
ٿيل بدني عضوا چين، جاوا، يورپ، افريقه ۽ ٻين علائقن مان لڌا ويا آهن. پاڪ هند
اپکنڊ ۾ به ساوالڪ ٽڪرن (Savalik
Hills) ۾ تحقيق ڪندڙن
کي اڌ جانور اڌ انسان جا اهڃاڻ مليا آهن.(18)
بهرحال
هوموسيپين (Homo-
Sapiens) جي موجوده شڪل ۾
اچڻ کانپوءِ جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ويو تيئن سندس ماحول ۽ سندس تجربو ۽ مشاهدو
پڻ وڌندو ويو. انسان جي تاريخ کي لوهه واري زماني سميت ڇهن دور ۾ ورهايو ويندو
آهي: (19)
پهريون پٿر وارو
زمانو 1- Eolithis
ٻيو پٿر وارو
زمانو 2- Poleolithic
ٽيون پٿر وارو
زمانو 3- Mesolithic
پويون يا نئين
پٿر وارو زمانو 4- Neolithic
ڪنجهي وارو
زمانو (ٽامي ۽ قلعي مان گڏي ٺاهيل ڌاتو) 5- Bronze Age
لوهه وارو زمانو (20) 6-Iron age
وقت جي لحاظ کان
ڏٺو وڃي ته اٽڪل ٽيهه هزار سال قبل مسيح کان ڏهه هزار سال قبل مسيح جي پراڻي دور
جي تهذيب پٿر جي دور جي تهذيب جي معيار تي پهتي هئي. هن دور ۾ هڪ نئون ۽ وڌيڪ بهتر
انسان وجود ۾ اچي چڪو هو، جيڪو باندرن کان مختلف هو. هن وٽ ڳالهائڻ جي ڪجهه قدر
قوت هئي جنهن سان هو پاڻ جهڙن ٻين سان ”ڳالهائيندو“ يا communicateڪندو هو. هو اهو
معلوم ڪري چڪو هو ته پٿر کي ڀڃي يا ٽڪي هٿيار ٺاهي سگهجي ٿو. ڪجهه وقت کانپوءِ هو
هڏن، عاج ۽ سڱن مان به اوزار ٺاهڻ لڳو.... هن دور ۾ هو پنهنجو بت به ڍڪڻ لڳو هو
جنهن جي ثابتيءَ لاءِ پٿر جا بٽڻ ۽ سئي هٿ آيل آهن. (21)
هن جو کاڌو ڪن
وڻن جا ميوا، پاڙون ۽ ٻج وغيره به هو ته ڪن ننڍن وڏن جانورن جو گوشت ۽ آنا به. ان
دور ۾ هو پنهنجو کاڌو سيڪڻ ۽ پچائڻ به لڳو هو ۽ آهستي آهستي هن گروهن ۾ گڏجي رهڻ
شروع ڪيو هو. اجهي جو تصور قائم ٿي چڪو هو. هن دور جي مرد سان گڏ عورت به هٿ ۾
هڪڙي ڇيڙي کان مڙيل لڪڻ کڻندي هئي جنهن کي Dibble چيو وڃي ٿو جنهن سان هلڻ ۾ مدد وٺڻ، پاڙون کوٽڻ ۽ پنهنجو
بچاءُ ڪرڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
ڇاڪاڻ جو اهو
لاشعوري طرح بنيادي تهذيب جي پيڙهه پوڻ وارو دور هو ان ڪري ان ۾ عورت جو مرد سان
گڏ ساڳيو هٿيار کڻڻ ثابت ڪري ٿو ته انهيءَ مرحلي تي ٻنهي جي حيثيت ۾ ڪو خاص فرق
ڪونه هو ۽ محنت توڙي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ٻنهي جي فرضن ۾ شامل هو. انساني نسل جي
بچاءَ، واڌاري ۽ گهڻائي لاءِ مرد ۽ عورت گڏجي ڪم ڪيو هوندو تڏهن ئي تهذيب جو اڳتي
وڌڻ، ڪلچر جو پيدا ٿيڻ ممڪن ٿي سگهيو هوندو. ”انسان ان دور ۾ ئي ”سماج“ جي ابتدائي
تشڪيل ڪئي ٿي ڀانئجي.“ (22) اهو سماج به تمام ننڍو ۽ هڪ خاندان جيڏو هوندو، شايد
ان دور جو انسان ئي ”سماجي انسان“ بڻيو هوندو.
هاڻوڪي انسان جي
عادتن کي پرکڻ سان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته آڳاٽو انسان ننڍن گروهن ۾ رهندو هو ۽ هر
هڪ سان هڪ عورت زال جي حيثيت سان هوندي هئي. پر جيڪڏهن ڪو ٽولو وڌيڪ طاقتور هوندو
هو ته پوءِ وڌيڪ زالون به ان سان هونديون هيون.
انسان جڏهن کان ”ولر“ جي حيثيت ۾ رهڻ لڳو تڏهن
کان ”خاندان“ جو بنياد پيو ۽ اهڙيءَ ريت قبيلا وجود ۾ آيا. عورت – مرد لاڳاپي جو
وجود انساني سماج جي تمام ابتدائي شڪلين ۾ به ملي ٿو ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته
سماج جي ابتدائي حالت انهي جنسن جي باهمي ميلاپ ۽ گڏيل زندگيءَ واري هئي.
سماجي سائنس جي
هڪ نظرئي مطابق انساني تاريخ پنهنجي سماجي تنظيم جا پنج دور (Stages) يا درجا ڏٺا آهن
جيڪي سڀئي پيداواري طاقتن جي ڦرڻ سان ظاهر ٿي وري گم ٿيا آهن. اهي درجا يا Stage آهن:
1. بنيادي (Primitive)
2. گڏيل يا
مشترڪه (Communal)
3. غلامانه (Salve)
4. جاگيرداري (Feudal)
5. سرمائيداري (Capitalist)
6. سماجوادي (Socialist) (23)
هڪ کان ٻئي
مرحلي ڏانهن وڃڻ ۾ انسان جي سوچ ۾ تبديلي ۽ رهائش جي ڪنهن بهتر طور طريقي يا ڍنگ
جي ڪوشش نظر اچي ٿي ۽ ان لاءِ انسان ڏاڍي جدوجهد ڪئي آهي.
پهرئين مرحلي
تي هو سماجي طبقن ۾ ورهايل ڪونه هو، ان ۾ ڪو ذاتي ملڪيت جو تصور ڪونه هو، ڪا
طبقاتي جدوجهد ڪانه هئي. قبائلي جنگين کانسواءِ ڪا اندروني جنگ ڪانه هئي. جيئن
جيئن پيداواري اوزار پيدا ٿيا ذاتي ملڪيت ۽ طبقا پيدا ٿيا ۽ ان کانپوءِ جي زندگي ۾
تاريخي جدوجهد شروع ٿي جيڪا غلامانه زندگي، جاگيرداري نظام، سرمائيداري سسٽم کان
ٿيندي سوشلسٽ سماج لاءِ ڪوشش تائين پهتي.“ (24)
جانورن جا ڌڻ
پالڻ ۽ ٻي ملڪيت گڏ ڪرڻ کانپوءِ خانداني يا ڪٽنبي زندگي تي وڏو اثر پيو... عورتن
کي به ”ملڪيت“ تصور ڪيو ويو ۽ کين هڪ پيداواري وٿ سمجهيو ويو پر پاڻ ڪنهن ملڪيت ۾
حصيدار نه هيون. هو ٻئي درجي تي پهتيون. هنن لاءِ ڪم جي ورهاست هئي پر ملڪيت جي
ورهاست نه هئي. ان ورهاست ۾ پهرين زال کي گهر جا ڪم ڏنا ويا ۽ گهر ۾ برتريءَ جو...
گهر ڌڃاڻي هئڻ جو احساس ڪجهه قدر ڏنو ويو پر پوءِ آهستي
آهستي گهرو پورهئي کي سندس فرض ڄاڻائي ان کي مڃڻ ڇڏيو ويو ۽ ائين سندس حيثيت هڪ
ڪارآمد فرد يا پورهيت واري به نه رهي ۽ هوءَ هڪextra فاضل يا فروعي شي بجي ويئي. (25)
اهڙي ريت انسان
ذات جي انهيءَ قسم جي ارتقا ۾ يقين رکندڙ جديد سماجي نظريو هجي يا ٻيا سماجي
سائنس، علم الانسان (anthropology)جي اصولن تي ٻڌل نظريا... انهن جي ذريعي انسان ذات جي
مجموعي ارتقاءَ تي نظر وجهڻ کانپوءِ اها ڳالهه پوريءَ ريت پڌري ٿي پوي ٿي ته ”انسان“
فطرتاً آزاد آهي. ان فطرتي آزاديءَ جي ڪنهن به جنس لاءِ ڪابه الڳ خصوصيت يا معيار
نه آهي جنهن جي بنياد تي انسان جو هڪ گروهه يا طبقو ٻئي گروهه جي خود ساخته حالتن
۽ اصولن جي ڪري پنهنجي آزادي وڃائي ڇڏي. (26)
عورت جُڳن کان
اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آهي. هن بي انت مصيبتون ۽ مشڪلاتون
سٺيون آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾، سڌريل توڻي اڻ سڌريل سماجن ۾ هن لاءِ عجيب و
غريب مفروضا گهڙي هن کي ڪمزور، ناپاڪ، منحوس، ڪمتر، نڀاڳي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي آهي... اها ته سندس سخت جان آهي، سهپ جي قوت آهي، اڻ مٽ هستي آهي، اڏول وجود
آهي ۽ اجهل همت آهي جيڪا هيتريون صديون پاڻ تي، پنهنجي وجود تي هيڏا ظلم ۽ ڏاڍ
برداشت ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجو وجود ۽ ان جو ڪارج قائم رکندي اچي ۽ قديم توڻي جديد
دورن ۾ هر قسم جي سماجن ۾ پنهنجي پاڻ کي زنده رکندي آئي آهي ۽ نوان نسل اپائيندي ۽
نپائيندي آئي آهي... پر اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪن ڪن سماجن ۾، تاريخ جي ڪن ڪن
دورن ۾ هوءَ وڏو مرتبو به ماڻي چڪي آهي، سو آهي ”ماءُ“ جو، ”ديويءَ“ جو يا ”ماءُ
ديويءَ“ جو!! ”مائيتي“ يا ”ماءُ آدرشي“ سماج بابت ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ تاريخ کان اڳ
واري pre- historic دور ۾ هندستاني اپکنڊ ۾ اتي جي تهذيبي ارتقاءَ ۾ خاندان يا
ڪٽنب هڪ ايڪي (Unit) طور نظر اچي ٿو، ان ۾ مائيتو، ماءُ آدرشي
سماج (Matriarchal
Society) به آهي ته
پِيَتَو سماج، پيءُ وارو (Patriarchal
Society) پڻ آهي، سنڌ ۾
موهن جي دڙي مان لڌل غير آريه سڀيتا ۾ ان جا چٽا اهڃاڻ آهن ته اها ماءُ آدرشي(matriarchal) هئي.
“Matriarchal character of this advanced
pre-Aryan civilization is obvious. (27)
مادري حق (mother right) اهڙو نظام آهي
جنهن ۾ خاندان ۽ ڪميونٽيءَ ۾ فرد جا سڱ، ناتا ۽ لاڳاپا ”ماءُ“ جي معرفت مقرر ٿيندا
آهن. ان ۾ کيس مليل حق، رعايتون، سندس فرض ۽ سماجي ذميداريون مائٽاڻن (ماءُ طرفان
سڱن مطابق هونديون آهن.
Mother
right is a form of social organization in which the rights of a person is
relation to other members of his community and to the community as a whole are
determined by relationship traced through the mother.(28)
مائيتو سماج (Matriarchy) : انسان جڏهن
اهڙن گروهن ۾ رهندو هو جتي باقاعدي شاديءَ جو تصور ڪونه هو ۽ ڪا هڪ زال هميشه لاءِ
ڪنهن هڪ مرد لاءِ مخصوص ڪانه هوندي هئي... يا ڪي ٻيا اهڙا سماج جتي گروهي شادي (group marriages) جو رواج هو (جتي
هڪ کان وڌيڪ مرد هڪ يا هڪ کان وڌيڪ زالن سان گڏجي رهن) تڏهن پيدا ٿيندڙ اولاد جي
طبعي يا حياتياتي (biological) پيءُ جي خبر ڪانه هوندي هئي. لازمي طرح
سان هر ڪو ماءُ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ان کانسواءِ زمين وانگر اپائڻ جي
صلاحيت به صرف ماءُ ۾ سمايل هئي. ان مشابهت هن کي اوتري ئي اهميت ڏني جيتري زمين
يا ڌرتيءَ کي هئي، جيڪا ان داتا هئي. اولاد ۽ پيداواري ذريعن جي خالق به پاڻ هئي.
ان ناتي قبيلي جي سردار به ڪن حالتن ۾ پاڻ هئي. گهڻن علم الانسان جي ماهرن (anthropologist) جو ته خيال آهي
ته مائيتي سماج جي پيدا ٿيڻ جو سبب شايد گروهي شاديءَ جو رواج هو. دنيا جي مختلف
حصن ۾ اڃا تائين اهڙيون شاديون ۽ اهڙا سماج موجود هجڻ جو اهڃاڻ ملن ٿا.
Matriarchy
arose form group marriages in ancient societies and was the origin of every
social group (29)
ماءُ جي سڃاڻپ
سبب خاندان جو نالو عورت پٺيان ٿي هليو. ورثي ۾ به جو ڪجهه هوندو هو ماءُ کان ڌيءُ
ڏانهن منتقل ٿيندو هو.
Because
agriculture is the discovery of women, it created condition for the economic
and therefore, also of social supremacy of female. (30)
ڇاڪاڻ جو زراعت
جي ايجاد عورت ڪئي هئي ان ڪري معاشي ۽ سماجي برتري حاصل هئس. پر پوءِ باقاعدي طور
هَر جي ايجاد کانپوءِ جڏهن مرد انهيءَ ڪم کي هٿ ۾ کنيو ته هوءَ محض هڪ ڪارڪن بنجي
وئي ۽ کيس ٻين گهرو ڪمن ۾ لڳائي کانئس اها ذميداري کسي ويئي.
سماجي تاريخ جي
مطالعي مان اها به خبر پوي ٿي ته اهڙيون قومون جن ۾ جنگ ۽ ويڙهه تي گهڻو زور هوندو
آهي، اهي مردانه سماج رکنديون آهن ۽ عورتن تي پابنديون ۽ چيڙ (Taboos) وجهي انهن کي
دٻائي رکنديون آهن. جي ڪنهن سماج ۾ يا قبيلي ۾ شڪارين جي ضرورت آهي يا ڪو سخت ڪم
ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ان سماج ۾ مردن کي اهميت ملندي. ڇوڪرن جي پيدائش تي خوشي ڪئي
ويندي. پر جن قومن ۾ معيشيت زرعي هوندي ۽ اهي امن پسند هونديون آهن ته اتي گهڻو
ڪري ماءُ آدرشي سماج هوندو آهي. اهڙن سماجن ۾ مذهبي يا ڌرمي اصول به اهڙي ئي قسم جا
هوندا آهن.
سنڌ ملڪ ۾ به هڪ
دور ۾، موهن جي دڙي جي هڪ دور ۾ ماءُ آدرشي سماج ملي ٿو. دڙي جي کوٽاين مان مٽيءَ
جون ٺهيل زنانيون مورتيون مليون آهن. پهرين نظر ۾ اهي راند ڪرڻ جون گڏيون يا
ڀوريون لڳن ٿيون. پر سر جان مارشل انهن مورتين مان هڪ نظريو قائم ڪيو، اهو آهي
مادر عقيدو“Mother cult” ! اهو عقيدو (cult) مغربي ايشيا جي
سڀني غير آريه (Non-
Aryan) ماڻهن جي اهڙي
ساڳئي عقيدي يا Mother cult (ماءُ جي پوڄا) سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. سندس خيال مطابق انهن
ماڻهن، موهن جي دڙي جي رهواسين يا ويدن کان اڳ جي ماڻهن (pre-Vedic People) ماتا ديوي(Mother goddess) يا ماءُ ديويءَ
جي پوڄا ٿي ڪئي. دڙي جي مورتين ۾ هڪ اهڙي به مورتي آهي جنهن جي گرڀ مان هڪ وڻ
ڦٽندو ڏيکاريو ويو آهي. ان لاءِ سر جان مارشل جو خيال آهي، ته اها ”تخليق جي ديوي“
يا ”ڌرتي ديوي“ جي اهڃاڻي مورتي آهي. (32)
عام طور تي هندن
جي ويدن ۾ ٻن زنانين ديوين (deities) جو ذڪر آهي، هڪ
”ڌرتي ماتا“ (Aditi) يا اديتيءَ ۽ ٻي ”سوما“ (Soma)، جيڪا براهمڻن (Brahmanas) ۾ گوري (Gouri) سڏي ويئي آهي.
بنگال ۾ ماءُ ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي جيڪا شاسٺي جي نالي سان سڏي وڃي ٿي ۽ ان کي
کير پياڪ ٻارن ۽ گرڀوتين زالن جي سنڀاليندڙ سڏيو ويو آهي.(33)
عورت جو ديويءَ
جو رتبو تاريخ کان اڳ ۽ تاريخ کانپوءِ وارن دورن ۾ ملي ٿو. پر تاريخ جي ڪنهن دور ۾
پيداواري ذريعن ۽ طريقن بدلجڻ ڪري يا ڪن ٻين سببن جي ڪري عورت اهڙي حيثيت وڃائي ۽
مائيتي يا مادري سماج بدران پيئتو يا پدري سماج وجود ۾ آيو.
”پدري سماج هڪ تاريخي طور پيدا ٿيل سماج آهي،
جيڪو عورتن ۽ مردن جي گڏيل ڪوششن سان وجود ۾ آيو.“ (34) ڏٺو وڃي ته اهو پدري سماج
اڍائي هزار سالن ۾ وڃي مڪمل ٿيو. نتيجي ۾ ماءُ جي حق بجاءُ پيءُ جو حق وجود ۾ آيو
۽ ضروري ٿي پيو ته ٻار جي اصلي پيءُ جي خبر پوي ۽ ائين هڪ مرد جي هڪ عورت سان تعلق
جو رواج پيو.
جڏهن ذاتي
ملڪيت جو تصور آيو، ”هَر“ جي ايجاد کانپوءِ ”زمين“ يا مخصوص ايراضيءَ جي ”ملڪيت“
جو تصور آيو، جانورن جا ڌڻ پالڻ کانپوءِ ”مال“ جو تصور آيو، تڏهن عورت به هڪ فرد
يا ڪارڪن نه رهي، معاشي طرح خودمختيار نه رهي بلڪه ”مال ملڪيت“ بنجي ويئي. مال، زر
۽ زمين سان زن تي به مالڪي ڪئي وئي. مردانه پورهيو ملڪيت کي وڌائيندڙ ثابت ٿيو
(عورت جي گهر ۾ محدود ٿيڻ ڪري) ته مردن يا ڇوڪرن جي اهميت وڌي ۽ ڇوڪرن جي پيدا ٿيڻ
تي خوشي ٿيڻ ۽ ڇوڪرين جي ڄمڻ تي رنج ٿيڻ جو رواج پيو. وراثت به پيءُ طرفان پٽن
ڏانهن منتقل ٿي ۽ ائين عورت آخر ڪار پستيءَ ڏانهن ڌڪجي ويئي. عورت کي ملڪيت يا پٽ
پيدا ڪندڙ يا زمين وانگي ڦل ڏيندڙ وڻ سمجهي هر طرح قابو رکڻ لاءِ مٿس پابنديون
وڌيون ويون. جڏهن ٻار جي سڃاڻپ لاءِ (Mono-andry) وجود ۾ آئي ته
عورت جي ”عصمت“ کي قائم رکڻ کي وفاداريءَ جو اهڃاڻ بنائي کيس هڪ مرد لاءِ پابند
ڪيو ويو. اهو ساڳيو اصول مرد لاءِ به هئڻ کپندو هو. پوءِ جي مذهبن ۽ خاص طرح اسلام
۽ سڌريل سماجن ان ڳالهه (مرد جي عصمت تي به زور ڏنو آهي، پر ڏٺو ائين ويو آهي ته عورت
ته ان تصور کي مڃي ورتو پر مرد هميشه ان جي ڀڃڪڙي ڪندو آيو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن
صورت ۾Polygamy يا هڪ کان وڌيڪ
عورتن سان تعلقات قائم رکندو آيو آهي. ائين عورت ته هڪ گهر تائين، هڪ مرد تائين
محدود ٿي ويئي پر مرد جي اهڙي روش جي ڪري سماج ۾ گندگيءَ جي شروعات ٿي جا وڃي
وئشيا گهرن(Prostitution) جي پيدا ٿيڻ جو
باعث ٿي.
معاشي تباهي
عورت لاءِ جسماني ۽ اخلاقي غلامي ثابت ٿي ۽ هوءَ گگدام جانور وانگي خريد ۽ وڪرو
ٿيڻ لڳي. جڳ مشهور سماجيات جي ماهر ايف اينجلز جو ان سلسلي ۾ هڪ حوالو ڳالهه کي
وڌيڪ واضح ڪري ٿو جيڪو سندس تصنيف “Origin of the family, private
property and the state” ۾ ملي ٿو.
The
overthrow of mother- right was the world historical defeat of the female sex.
The man took command in the home also, the woman was degraded and reduced to
servitude, she became the slave of his lust and a mere instrument for the
production of children.
مادري حق ختم
ٿيڻ عورت جي دنيا ۾ تاريخي شڪست هئي، مرد گهر ۾ به اختيار حاصل ڪيو ۽ عورت غلاميءَ
جي پستين ۾ ڌڪجي وئي ۽ هوءَ سندس هوس پوري ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين بنجي ويئي.
مرد ۽ عورت جي
لاڳاپي کي حياتياتي، سماجي ۽ نفسياتي ضرورت طور قبول ڪرڻ کانپوءِ هڪ دور اهڙو به
آيو جنهن ۾ ”شاديءَ“ جو تصور پيدا ٿيو. جيڪو ”سماج ۾ رائج ٿيل ۽ مقرر ڪيل مخصوص
قانون تحت عورت ۽ مرد جو پاڻ ۾ ظاهري طور (عوام آڏو) زال مڙس بنجڻ جو بنيادي سماجي
ادارو آهي“(35) اهو هڪ قسم جو عهد نامو آهي جيڪو مختلف سماجن ۾ مختلف صورتن ۾ نظر
اچي ٿو.
شاديءَ جا قسم:
1. هڪ مڙس هڪ
زال جي شادي (Monogamy) : جهڙيءَ طرح پکين جي تقريباً سڀني جنسن
۾ جوڙي جو تصور ملي ٿو ۽ هڪ نر هڪ ماديءَ سان جوڙي (monogamous family) ٺهي ٿي، ساڳيءَ طرح انساني سماج جي سڀني
سطحن تي اهڙو تصور ملي ٿو ته هڪ مرد جي هڪ زال هجي ۽ هڪ زال جو هڪ مڙس هجي. ضروري
ناهي ته دنيا جي سماجن ۾ ساڳيو سماجي ڍانچو رهيو هجي. ڪيترن جهنگلي قبيلن (Savage tribes) ۾ اڃا تائين اهو
طريقو ملي ٿو ته ڪيترن سڌريل يا جديد سماجن ۾ ٻيا قسم به ملن ٿا. پر هاڻوڪن سڌريل
سماجن ۾ اهوئي هڪ مڃيل، قابل قبول ۽ قانوني طريقو آهي شاديءَ جو، جنهن ۾ هڪ مرد
لاءِ هڪ زال جو تصور ٿئي ٿو.
2- شادي جو ٻيو
قسم هڪ مڙس وارو (mono-andry) به مٿيئن قسم سان ملي جلي ٿو پر هتي هڪ
زال لاءِ هڪ مڙس هئڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو جيڪا ڳالهه عام طور رواج ۾ آهي.
3- گهڻن مڙسن
واري شادي يا (Polyandry): هن قسم جي شاديءَ ۾ هڪ زال جا ٻه يا ان کان وڌيڪ مڙس ٿي
سگهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻه، ٽي، چار توڻي پنج به ٿين جيڪي پاڻ ۾ ڀائر هجن.
(هندستان جي تاريخ ۾ دروپديءَ جو مثال جيڪا پنجن پانڊو ڀائرن جي هڪڙي زال هئي) يا
آهي ڀائر نه پر سوٽ ماسات يا مرڳو ڌار ڌار به ٿي سگهن ٿا. موجوده دور ۾ هندستان ۾
يوپي جي دهرادون ضلع ۾ جانسر ۽ باور (Jaunser and Bawar) قبيلا آهن جيڪي برهمڻ ۽ راجپوت آهن. انهن
وٽ هڪ عورت ٽن يا چئن مڙسن جي زال هوندي آهي، جي پاڻ ۾ ڪڏهن ڀائر، ڪڏهن سوٽ ماسات
ته ڪڏهن بلڪل ڌاريان ٿين.(36)
ڪشمير ۽ آسام ۾
به گهڻن مڙس واري زال جو وجود ملي ٿو. نه صرف هندستان ۾ پر تبت يا منگول نسل جي ڪن
قبيلن ۾ پڻ اهو رواج ملي ٿو، آمريڪي ريڊ انڊين قبيلن ۾، برفاني علائقن جي اسڪيموز
۾، اتر آمريڪا جي الاسڪا ساحل وٽ ڪن قومن ۾، توڻي ڏکڻ سامونڊي ٻيٽن ۾ يا اوڀر
افريقه جي ”واهونا“ قبيلن ۾، سيلون (سريلنڪا) جي ڪجهه علائقن ۾ ۽ Arabia Felix ۾ به ڪجهه روايتون ملن ٿيون. (37)
4- گروهي شادي (Group Marriage) ۾ ٻه يا ٽن کان
وڌيڪ مڙس ٿين جن جون گڏيل زالون ٻن يا ٽن کان وڌيڪ ٿين.
هندستان جي
نائر قبيلي ۾ هڪ گروهه ۾ ٽن يا چئن مردن جي هڪ زال هوندي آهي. هر هڪ مرد ٻي زال به
رکندو آهي جيڪا ٻن يا ٽن مڙسن جي به ساڳئي وقت زال هوندي آهي. اهو هڪ خاص قسم جو
گروهي شادي جو طريقو آهي جنهن ۾ مرد گهڻيون زالون رکن ۽ زالون گهڻا مڙس ڪن“.(38)
6- گهڻ زالاڻي
شادي (Polygamy): هڪ مڙس وڌيڪ زالن واري شاديءَ جو رواج گهڻن ملڪن ۾ ملي
ٿو. دنيا جي ڪيترين قومن ۽ قبيلن ۾ زالن جو تعداد ڪنهن ماڻهوءَ جي سماجي رتبي جي
سڃاڻپ آهي. نه صرف مسلمانن ۾ پر دنيا جي ٻين ڪجهه مذهبن ۾ به مرد جي وڌيڪ شادين جي
اجازت آهي. ”هندستان جي ناگا قبائل ۾، دراوڙن جي ڪن جاتين ۾، افريقه جي ڪيترن
قبيلن ۾، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي اصلوڪن رهاڪن جي ڪن علائقن ۾ گهڻين زالن وارا
ڪٽنب ملن ٿا. بنگال جي ميمن سنگهه علائقي ۾ نه صرف مسلمان پر هندن ۾ به آبادي جي
تمام تڪڙي واڌ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي. جيڪا آسام تائين پکڙجيو وڃي. ان جو سبب اتي جي
ماڻهن جون وڌيڪ شاديون ڪرڻ آهي ۽ هو تمام گهڻا ٻار ڄڻين ٿا. اسلام کان اڳ عربن وٽ
گهڻا حرم عزت ۽ مرتبي جي نشاني سمجهيا ويندا هئا. (39)
شادي ڪهڙي به
قسم جي هجي؟ ان ۾ ڇوڪريءَ يا عورت جي مرضي ڪيتريقدر شامل ٿئي ٿي ان جي باري ۾
مختلف سماجن ۾ مختلف رايا آهن. مسلمانن ۾ ڇوڪريءَ جي راءِ نڪاح مهل (۽ ان کان
پهرين به) وٺڻ تمام ضروري آهي. پر ان تي عمل گهٽ ٿيندو آهي. هندن ۾ به گهڻئي قومون
آهن جن مان ڪن ۾ ڇوڪري سوئمبر ذريعي پسند جو مڙس چونڊيندي آهي. ڪٿي وري ساڻس زوري
به ٿيندي آهي. دنيا جي ڪن ٻين علائقن ۾ به مختلف ۽ عجيب طريقا آهن. ڪرغز (Kirghiz) نالي قبيلي جا
ماڻهو شاديءَ کان اڳ هڪ ڊوڙ جو انتظام ڪندا آهن. ان کي پيار جي ڊوڙ (Love Chase) سڏيو ويندو آهي.
ان ۾ ٿيڻ واري ڪنوار هٿ ۾ هڪڙو چهبڪ کڻي گهوڙي تي سوار ٿيندي آهي. سندس پويان ساڻس
شاديءَ جا خواهشمند مرد ڀڄندا آهن ۽ کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڻ وڻندڙ يا
ناپسند ماڻهوءَ کي هڪ چهبڪ هڻي پاسي ڪندي آهي. پر جنهن
کيس جهلي ورتو تنهن سان شادي ڪرڻي پوندي اٿس. اصل ۾ هوءَ جهل رڳو ان ماڻهوءَ کي
ڏيندي آهي جيڪو کيس وڻندو“. (40)
اهڙي ئي قسم جي
هڪ ڊوڙ ”اتر اوڀر ايشيا جي ڪورياڪ (Koryak)قبيلي ۾ به ملي
ٿي. هڪ وڏي تنبوءَ ۾ ننڍا ننڍا خانا ٺاهيندا آهن ۽ ڇوڪري انهن ۾ ائين ڊوڙندي آهي
جو کيس ڪنهن به خاني ۾ ڪير به جهلي نه سگهي. هوءَ گهوٽن کي ڊوڙائي ٿڪائڻ کانپوءِ
جنهن سان چاهيندي ڪنهن هڪ خاني ۾ ان کي وٺ ڏيندي“. (41)
مٿين تمام گهڻن
مثالن مان سماج جي ان بيحد اهم ٻنڌڻ يعني ”شادي“ جو جيڪو به فطري ۽ قدرتي تعلق آهي
ان کي ماڻهن، مختلف سماجن ۾ پنهنجي پنهنجي رسم و رواج جي روشني ۾، ڏاڍو منجهائي
ڇڏيو آهي ۽ عورت جي وجود کي عجب قسم جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. اصل ۾ شاديءَ جو مطلب
آهي گهر ڪرڻ، ٿانيڪو ٿي زال مڙس جو هڪ پناهه گاهه ۾ رهڻ. انساني زندگي ۾ گهر جو
تصور ڏاڍو اهم آهي ۽ سنڌ ۾ ته لفظ ”گهر“ خالص عورت لاءِ به ڪم ايندو آهي. ”گهر
انسان جو پهريون مڪتب آهي. اهوئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز
آهي.“ (42)
”گهر“ انساني
سماج جو ايڪو (Unit) آهي. اهو نه هجي ها ته دنيا ۾ ڪابه مٽي
مائٽي رشتيداري نه هجي ها. گهر آهي زال ۽ مڙس ٻنهي سان زال ”گهر واري“ ته مڙس ”گهر
وارو“ سڏجن، ”گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي. گهر اهو آهي جنهن ۾ جوءِ ۽ مڙس
ٻوڙ پلاءَ يا جائي جواري روٽي کائي، گڏ گذارين ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا حال ڀائي ٿين
ٿا. ائين هڪ ٻئي سان ايتري پريت ٿئين ٿي جو هڪ ٻئي تان گهوريو قربان وڃن ٿا. تنهن
ڪري سڀني سڌريل قومن پرڻي يا نڪاح جي ضرورت محسوس ڪئي آهي“ (43)
قديم سنڌ ۾
شاديءَ جي يا وهانءَ جي طور طريقن جي ڪا خاص ڄاڻ ڪانه ٿي ملي پر تڏهن به پراڻي ۾
پراڻو دور جنهن بابت ڪتابن ۾ ڪا ثابتي ملي ٿي سو آهي ويدن وارو دور. ”رگ ويد ۾
جيڪي حقيقتون ڄاڻايل آهن تن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن بالغ ٿينديون
هيون تڏهن پرڻبيون هيون. البت ”ٻال و واهه“ يا ننڍ پڻ جي شاديءَ جو رواج ان دور
کان گهڻو پوءِ سُومرن واري زماني ۾ عام ٿيو.“ (44) ۽ ان جي اگرن نتيجن جي خبر پوءِ
پئي پر اهو خراب رواج سنڌ ۾ اڃا هلندو اچي. رڳ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته ”جيڪي
جوان ڇوڪريون پرڻبيون هيون سي پنهنجو گهوٽ يا ”ورُ“ پاڻ چونڊينديون هيون. ور پاڻ
چونڊڻ جي رسم کي ”سوريمور“ يا ”سويمبر“ به چيو ويندو آهي. ان ڪري اڪثر پريم وواه
ڪڏهوڪو موڪلائي چڪي آهي ۽ هاڻي پنهنجو وَرُ پاڻ چونڊڻ يا پيار جي شادي (Love Marriage) کان وڏو ته عورت
جو ڪو ٻيو ڏوهه ئي ڪونهي. ”رگ ويد واري زماني ۾ ذات پات جو ڀيد ڪونه هو ان ڪري
جنهن جي دل جنهن سان لڳندي هئي سو تنهن سان پرڻبو هو. البت جنهن جا لڇڻ چڱا ڪونه
هوندا هئا توڻي جو ڌن گهڻو هجيس ته به ان کي سڱ ڪونه ڏيندا هئا“ (46). پر اڄ جي
سنڌ ۾ ذات کان ٻاهر سڱ ڪونه ڏين ۽ پنهنجو هجي ته لڇڻ به ڪونه ڏسن ۽ اها عمر ڀر جي
خواري کڻڻ کان ڪونه ٿا ڪيٻائين.
رگويد ۾ ائين
به آهي ته ”نو ورني ڪنوار کي ساهري گهر پير پائڻ سان جهجهو مان ملندو هو ۽ سڀ ڪنهن
ڳالهه ۾ مردن جهڙي ”آزادي“ هوندي هئس.“ (37)
اڄ جي عورت
لاءِ ”مان“ ۽ ”آزادي“ جا لفظ ڪيڏا وڻندڙ ۽ ڪشش وارا آهن، جنهن جي لاءِ هوءَ صدين
کان سڪايل آهي. سنڌ ۾ شادي جون رسمون پراڻي وقت کان ساڳيون هلنديون اچن. عام طور
تي گهوٽ جا مائٽ ڪنوار ڳوليندا آهن جيڪا اول پنهنجي ڏاڏاڻي آڪهه ۾ نه ته پوءِ
ناناڻي آڪهه ۾ ڏسبي آهي. ٻنهي طرفن ڪو سڱ نه هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي برادر ۽ ساڳي
ذات ۾ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي سٺو ڪو نه سمجهيو ويندو
آهي.... سک بنا عيوض ڪونه ٿيندو آهي. ”بدو“ يا ”ڏي وٺ“ سڱ بدران سڱ ڏيڻ کي چيو
ويندو آهي. بدي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪو سڱ نه هئڻ جي صورت ۾ پيٽ لکي ڏيڻ جو رواج آهي. يعني
ته شادي ڪري ايندڙ ڇوڪريءَ جي پيٽان ڄمندڙ ڌيءَ ڏيڻي ڪئي ويندي آهي. ان رسم جي
نتيجي ۾ عمر جي فرق کي ڪونه ليکيو ويندو آهي. ننڍڙي عمر جي ڇوڪريءَ کي ڪنهن پوڙهي
سان پرڻائڻ يا ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جي ننڍڙي ٻار سان وهانءَ کي بلڪل مناسب ۽ جائز
سمجهي خوشيءَ سان سڱ ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ مذهبي ۽ اخلاقي طور شادي کان اڳ
ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي مرضي پڇڻ جو حڪم آهي، پر ان تي عمل تمام گهٽ ٿيندو آهي. بدي ۾
ڏيڻ لاءِ سڱ نه هئڻ جي صورت ۾ ڇوڪريءَ کي ”ڦلن مٺ“ تي ورتو ويندو آهي. اها ”ڦلن
مٺ“ عام زبان ۾ ٽڪن تي سڱ، ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. بدي جي شادي هجي يا ٽڪن تي ڪيل سڱ
ٻنهي صورتن ۾ ڇوڪريءَ جو مُلهه طئي ڪري کيس وڪري جي وٿ بنايو ويو آهي. سڀني کان
ظالم رواج آهي قبائلي ۽ خانداني جهيڙن جي فيصلن ۾ ڏنڊ طور ڪنهن ڇوڪريءَ جي ٻانهن
ڏيڻ. اها سڄي عمر وَيل جي منهن ۾ هوندي آهي.
جديد دور ۾
شهرن ۾ جتي جتي تعليم جو ڦيلاءُ ٿيو آهي اتي ڪنهن حد تائين عورت کي ڪجهه ڇوٽ ملي
آهي ۽ هوءَ ٿوري گهڻي آزاد ٿي آهي شاديءَ کان اڳ سندس راءِ پڇي ويندي آهي. ڪڏهن
ڪڏهن کيس پنهنجي پسند جي شاديءَ جو حق پڻ ڏنو ويندو آهي. پر مجموعي طرح پسند جي
شادي يا پيار جي شادي کي سٺي نظر سان ڪونه ڏٺو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ طرح جو اخلاقي
توڙي سماجي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي. اهڙي شادي ڪرڻ واري مرد تي ڪوبه الزام ڪونه
هڻندو آهي پر پيار ڪرڻ يا پيار جي شادي ڪرڻ واري عورت تي آڱريون کنيون وينديون آهن
۽ کيس بد ڪردار، بد اخلاق ۽ بدنام عورت سمجهيو ويندو آهي.... نه صرف اها پاڻ پر
سندس گهر وارا ۽ خاص ڪري ننڍيون ڀينر ۽ خاندان جون ٻيون ڇوڪريون ماڻهن جي عتاب جو
شڪار رهنديون آهن.
ٻهراڙين ۾ اڃا
تائين جهالت هئڻ ڪري عورت ۽ مرد جو پيار هڪ ناقبل معافي گناهه سمجهيو ويندو آهي،
جنهن جي سزا موت آهي. جنهن عورت ۽ مرد کي اهڙو الزام رکي ماريو ويندو آهي انهن کي
”ڪاري ڪارو“ سڏيو ويندو آهي ۽ غيرت جي نالي ۾ ڪيل اهڙي قتل تي شرمندو ٿيڻ بدران
قاتل ۽ ان جا لاڳاپيدار فخر جو اظهار ڪندا آهن ۽ سماج جا پڳدار انهيءَ جو هر طرح
سان بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
سنڌ ۾ شاديءَ
جي رسمن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه به دلچسپيءَ کان خالي ڪانهي ته سماجي ۽ معاشي
لحاظ کان مٿيون طبقو ڇوڪريءَ جي شادي ڏاڏاڻي آڪهه ۾ نه ٿي سگهڻ جي صورت ۾ سندس
شادي ”قرآن شريف“ سان ڪرائيندا آهن ۽ ان رسم کي ”حق بخشائڻ“ جي رسم چيو ويندو آهي
۽ ان کي سماجي قبوليت مليل آهي، ان جو سبب ملڪيت آهي. ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته
گهر جي ملڪيت گهر ۾ رهي.
دنيا جي قديم
سڌريل سماجن ۾ عورت
يونان:
جهوني تاريخ ۾
”يونان“ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي تهذيب، تمدن، علم ۽ فن ۾ ترقي، ڏاهپ ۽ فلسفي ۾
اڳواڻي مڃيل حقيقت آهي، ايتريقدر جو ڪيتريون ٻيون تهذيبون ۽ ڪيترائي علم انهن جي
بنيادن تي ٻڌل آهن. هن آڳاٽي تهذيب ۽ تمدن ۾ عورت جي باري ۾ ڪهڙو رايو ٿي رکيو
ويو؟ کيس سماج ۾ ڪهڙو درجو ٿي ڏنو ويو؟ کيس ڪهڙا حق حاصل هئا؟ ۽ انهن جي بنياد تي
ساڻس ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿي ويو؟ انهن ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ يوناني تاريخ ۽
تهذيب مان حوالا کڻڻا پوندا.
يونان جي شاهي
دور ۾، ايٿنس جي آريه نسل جي بادشاهت واري زماني ۾، تخت ۽ تاج جي وراثت شاهي
خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ واري جو حق هئي. يعني ته تخت ۽ تاج بادشاهه جي
ڌيءَ سان لاڳاپيل هو پر هوءَ پاڻ حڪومت ڪانه ڪري سگهندي هئي بلڪه ساڻس شادي ڪرڻ
وارو ان جو حقدار سمجهيو ويندو هو، ”ايٿنس جا ٻه مشهور بادشاهه ٿي گذريا آهن.
سيڪراپس (Cecrops) ۽ ايمفيڪٽان (Amphicton) جيڪي پنهنجي
زالن جي ڪري بادشاهه بڻيا هئا، اهي کانئن اڳوڻن بادشاهن جون ڌيئون هيون. ان روايت
جي ثابتي اها به آهي ته ايٿنس ۾ مائٽي مٽيءَ ۾ ماءُ طرفان (ناناڻي) مائٽي کي پيءُ
طرفان (ڏاڏاڻي) مائٽيءَ کان وڌيڪ اهميت هئي“. (48) يونان ۾ انهي ڳالهه جو پوءِ
واري دور ۾ اهو نتيجو نڪتو جو شاهي غرور يا وڏائيءَ سببان شاهي خاندان مناسبت سڱ
نه ملڻ جي صورت ۾ ڇوڪريون وهاري ڇڏيندا هئا ۽ پنهنجا ڇوڪرا ٻين ملڪن جي شهزادين
سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته جيئن اهي پنهنجي زالن کي ڏاج ۾ مليل تخت تاج جا
وارث ٿي بادشاهي ڪن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن قومن ۾ سماجي ارتقا جي ڪنهن دور ۾
مردن کي نه پر عورتن کي شاهي خون يا نسل اڳيان کڻي ويندڙ يا پيڙهي هلائيندڙ ٿي
سمجهيو ويو ۽ ”اهو شاهي خون (Royal blood) ناناڻي نک ۾
هلندو هو جنهن ڪري انهن سان شادي ڪري ڪو عام ماڻهو به شاهي خاندان جو فرد يا خود
بادشاهه ٿي سگهيو ٿي. اهڙي حالت ۾ مرد جي صرف جسماني خوبصورتي، طاقت ۽ بهادري ڏٺي
ويندي هئي.“ (49)
”مشهور شاعر
هومر جي زماني ۾ ڪٽنب جي سربراه کي ڀاتين جي زندگي ۽ موت تي اختيار هو پر عورت کي
مٿاهون درجو مليل هو.“ (50)
(51) Women were held in high regard.، يعني عورتن جي گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي.
پوءِ وارن دورن
۾ ڏاهن جي هن سرزمين يونان جا ماڻهو پنهنجي معقوليت پسندي جي باوجود عورت جي باري
۾ اهڙا خيال ٿا بيان ڪن جو حيرت وٺيو وڃي. هن قوم جي شروعاتي دور ۾ اخلاقي نظرين،
قانوني حقن ۽ معاشرتي ورتاءُ ۾ عورت جي حيثيت ڪافي گهٽ هئي. هن تهذيب ۾ ڪنهن دور ۾
عورت جي انسان هئڻ تي به شڪ ڪيو ٿي ويو ۽ ساڻس جانورن کان بدتر سلوڪ به ڪيو ويو.
سماجي زندگيءَ ۾ سندس ڪابه حيثيت ڪانه هئي. هڪ دوست ٻئي دوست کي تحفي ۾ پنهنجي زال
ڪنهن شي وانگر پيش ڪري ٿي سگهيو ۽ اها ڪا خراب ڳالهه نٿي سمجهي ويئي بلڪه اهو فيشن
هو. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ نر اولاد نه هئڻ جي صورت ۾ زال کي ورثو ڪونه ملندو هو ۽
نه ئي مڙس جي وراثت ۾ ڪنهن ٻئي طرح سان حقدار هئي.
”يوناني ڏند
ڪٿائن ۾ هڪ خيالي عورت پنڊورا Pandora کي اهڙي طرح انساني مصيبتن جو سبب ڄاڻايو ويندو هو، جيئن
يهودي ڏند ڪٿا ۾ بيبي حوا کي ڄاڻايو ويو آهي.“ (52) تنقيد ڪرڻ وارا ائين به ٿا چون
ته ”ڪام ديوي ايفرو ڊائيٽ (Aphrodite) جي پوڄا ڪئي
ويندي هئي جنهن هڪ ديوتا جي زال هوندي به وڌيڪ ٽن ديوتائن سان ناتو جوڙيو هو ۽ هڪ
انسان سان به سندس تعلق هو. انهي جي ڪک مان محبت جي ديوتا ڪيوپڊ جنم ورتو هو. هن
دور ۾ طوائف جو ڪوٺو عبادتگاهه مثل هو، فاحش عورتون ديوداسيون ۽ زنا هڪ مقدس مذهبي
فعل جي درجي تي پهتل هئي.“ (53)
ڪنهن يونانيءَ
جو قول آهي ته ”باهه سان سڙڻ ۽ نانگ جي ڏنگڻ جو علاج ممڪن آهي پر عورت جي شر کان
بچڻ مشڪل آهي.“ (54)
هڪ يوناني اديب
لکي ٿو ته ٻن موقعن تي عورت مرد لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿئي ٿي هڪ شاديءَ ڏينهن ۽ ٻيو
مرڻ ڏينهن. طلاق جو حق عورت کي قانوني طرح حاصل ته هو پر عدالت ۾ ان جو اظهار نالي
ناموس ۽ عزت جي خلاف هو ان ڪري ان مان فائدو ڪو نه ورتو ويندو هو.
افلاطون
(467-347 ق.م) البت پنهنجي ڪتاب رياست (Republic) ۾ عورت ۽ مرد ۾
برابريءَ جي دعوي ڪئي هئي ۽ سندس لفظ هئا ته ”ٻنهي جنسن ۾ مڪمل مساوات هئڻ گهرجي“
پر اهو محض ان ڪتاب تائين محدود هو، صرف نظريي جي حد تائين، عملي زندگيءَ ۾ ائين
ڪونه هو. ڪن ٻين هنڌن تي پاڻ ئي لکيو اٿس ”دنيا جي هر خرابيءَ جو مُنڍ عورت آهي،
عورت فتني ۽ فساد جي جڙ آهي“.
ساڳئي ڪتاب
رياست (Republic) ۾ شادي ۽ ٻين طريقن متعلق هن جيڪي قانون
ايجاد ڪيا آهن سي نيوگ جي رسم کي جائز قرار ڏين ٿا. (55) نيوگ جي رسم موجب ڪمزور
مرد پنهنجون زالون مضبوط مردن جي حوالي ڪندا هئا ته جيئن تندرست ٻار پيدا ٿين ۽
قوم ۽ ملڪ کي بهادر سپاهي ملن. ان کي اڪثر تهذيبن ۾ بيشرميءَ وارو غير فطري عمل
سمجهيو وڃي ٿو. يوناني رياستن مان اسپارٽا کي سڀني رياستن تي فوقيت ۽ عظمت حاصل
هئي. ”هن رياست ۾ 8 صديون ق.م ۾ جيڪي نوان قانون لائيڪرگس رائج ڪيا تن موجب نيوگ
جي رسم جاري رکڻي هئي جيئن زالون ملڪ ۽ قوم لاءِ تندرست ٻار ڄڻين. قانون هر شخص کي
موقعو ڏيندو هو ته هو چاهي ته ٻئي جي زال گهري وٺي.“ (56)
تهذيب ۽ تمدن
جي شروعات ۾ ته عورت کي ڪافي گهٽ درجو مليل هو پر پوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ علم ۽
ڏاهپ جي واڌاري کان متاثر ٿي سماج ۾ عورت کي ڪجهه بهتر حيثيت ملي. (57) هوءَ
يوناني گهر جي راڻي هئي ۽ گهر جي اقتدار جي مالڪياڻي هئي. سندس عصمت قيمتي شي هئي.
شريف گهرن ۾ نڪاح ٻڌي زال جو درجو ڪسبياڻيءَ کان مٿي هو پر تنهن هوندي به مردن جو
طوائف وٽ وڃڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانه هئي. پر گهرو عورتون اهڙو ڪو عمل ڪونه ڪري
سگهنديون هيون ڇو جو سماج ۾ عورت ۽ مرد لاءِ ”عصمت“ جا جدا جدا معيار رکيل هئا.
عورت جي عصمت رڳو پنهنجي مڙس لاءِ ۽ مرد جي عصمت تي رنڊين ۽ طوائفن وٽ وڃڻ جي
باوجود ڪو حرف ڪونه ٿي آيو. (اهي ٻٽا معيار موجود دور جي اسان جي سماج ۾ اڃا تائين
موجود آهن.) يونان جا وڏا ڏاها، فيلسوف، اديب، شاعر، تاريخ دان ۽ فنڪار طوائفن جي
ڪوٺن تي ويندا هئا، اتي عدم ادب جون محفلون مچائيندا هئا. وڏا وڏا سياسي نبيرا
ٿيندا هئا جن ۾ انهن عورتن جي راءِ کي وڏو وزن هوندو هو ۽ هو
قوم جي زندگي ۽ موت جي فيصلن ۾ پنهنجي راءِ ڏينديون هيون. ڇاڪاڻ جو يوناني بنيادي
طرح حُسن ۽ جمال جو ذوق رکندڙ هئا ۽ حُسن پرستيءَ سبب جنس (sex) کي خراب نه
سمجهندا هئا، اهوئي سبب آهي جو سندن آرٽ ۾ اگهاڙن مجسمن جو گهڻو حصو آهي، جن ۾
انساني عضون کي نمايان حيثيت ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن وقت انهن جي پوڄا به ڪئي ويندي
هئي. ڪام ديوي ايفروڊائيٽ جي پوڄا عام هئي.
مٿين ڳالهين
مان هي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته يوناني سماج ۾ شروع ۾ عورت جو درجو ايترو بلند نه هو
پر پوءِ جي قانون هن جي حيثيت بدلائي. جهوني سماج ۾ (ڏند ڪٿائن واري دور ۾) عورت ۽
مرد لاءِ ”عصمت“ جا ٻٽا معيار هئا. سهڻين عورتن کي ديوين جيتري عزت هئي ۽ سندن
مشورا اهم معاملن ۾ قبول ڪيا ويندا هئا. ڪامه ديوي ۽ سندس محبت مان پيدا ٿيل ڪيوپڊ
ديوتا جي اهميت ثابت ٿي ڪري ته يونانين وٽ جنس سان لاڳاپيل محبت جو تصور مٿانهين
درجي تي پهتل هو. اصولي طور تي افلاطون جهڙي ڏاهي انسان عورت ۽ مرد جو مساوات يا
برابريءَ کي مڃيو ٿي.
روم:
يونان کانپوءِ
جنهن ملڪ جو نالو تهذيبي عروج جي حوالي سان ملي ٿو سو آهي روم. قديم دور ۾ ڪٽنب جو
سربراه پيءُ هوندو هو. عورتن کي مٿاهون درجو مليل هو. اهي فنڪشن، پارٽيون، جلسن
جلوسن ۽ ٻين موقعن ۾ حصو وٺنديون هيون. اهي قانوني عدالتن ۾ وينديون هيون. ٻارن جي
سنڀال سندن مکيه فرض هو. ڇوڪريون گهڻو ڪري شاديءَ کان اڳ پردو ڪنديون هيون.“ (58)
لاطيني (Latin) سماج ۾ به
يوناني آرين بادشاهن وانگر شاهي خاندان جون عورتون ٻاهرين مردن سان شادي ڪري کين
بادشاهت جو حقدار بنائينديون هيون. اهوئي سبب آهي جو روم جي تاريخ ۾ اڪثر بادشاهه
ڌاريا ٿيا آهن. سندن ان دور جي سماج ۾ (Nobility) يا وڏ ماڻهپائي
عورتن جي حوالي سان سڃاڻبي هئي، مطلب ته نسلن جي سڃاڻپ ماءُ جي ذريعي هئي ۽ ماءُ
کي اهميت حاصل هئي، ان کانپوءِ ڌيءُ کي:
Descent through mother is every
thing but descent through father is nothing.(59)
انڪري ”مٿئين
طبقي جي ڇوڪرين جون شاديون هيٺئين طبقي جي ڌارين مردن (غلامن سان به) ڪرڻ ۾ عيب
ڪونه سمجهيو ويندو هو، بس کين صرف جسماني ۽ ذهني طرح مناسب معيار رکندڙ مرد کپندا
هئا ته جيئن سندن ٻار شاهي ماءُ ۽ مڪمل طرح صحتمند مرد جو اولاد هئڻ ڪري بهتر نسل
طور سڃاتا وڃن. جي ڪو شاهي خاندان ۾ اهڙو ڇوڪرو ملي وڃي ته به ٺيڪ هو پر نه ته
ٻاهر جي انهن وصفن واري ڇوڪري کي به گهٽ ڪونه سمجهيو ويندو هو.“(60)
روم جو پهريون
قانون ساز بادشاهه روميولس اٺين صدي قبل مسيح ۾ ٿي گذريو آهي، تنهن ”ڪنوارين
ڇوڪرين کي عبادتگاهن ۾ خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو ۽ هو 30 سالن جي عمر تائين
ڪنوارو رهڻ جو قسم کڻنديون هيون، جيڪا اهو قسم ڀڃندي هئي ان کي زنده دفن ڪيو ويندو
هو.“(61)
عام خاندان ۾
مرد کي برتري هئڻ ڪري زال ۽ ٻارن تي کيس پورو اختيار هو ۽ هو جڏهن چاهي زال کي گهر
مان ڪڍي ٿي سگهيو. پيءُ جي حيثيت ۾ ڌيءَ کي جتي چاهي پرڻائي ٿي سگهيو يا پرڻيل
ڌيءَ جي شادي ٽوڙي ٿي سگهيو. کيس ڪنهن غلطيءَ تي ”عورت کي قتل ڪرڻ جي به آزادي
مليل هئي. غلامن وانگر عورت جو مقصد خدمت چاڪري کانسواءِ ڪجهه ڪونه هو، مرد شادي
ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن خدمت ڪرائي سگهن. عورتن کي ڪنهن به عهدي لائق نٿي سمجهيو
ويو. کيس شاهدي جو به حق حاصل ڪونه هو ڇو جو مٿس اعتبار گهٽ هو. قانوني طرح رومي
سلطنت ۾ عورت کي ڪوبه حق حاصل ڪونه هو البت سندس طبعي ڪمزورين سبب ڪجهه رعايتون
مليل هئس.“ (66) البت پوءِ جي دور ۾ رومين عورت جا حق سڃاتا ۽ کيس حق ڏنائون پر
مردن جي برابر رتبو نه مليس.
اهي ته هيون
دنيا جي تاريخ ۾ مڃتا حاصل ڪيل تهذيب يافته قومون، جن ڄڻ ته علم ادب ۽ ڏاهپ ۾ ٻين
قومن جي اڳواڻي ڪئي پر ڪجهه ٻيون قومون اهڙيون به آهن، جن کي تاريخ ۽ مذهبي ڪتابن
۾ تمام جاهل، غير مهذب ۽ غير متمدن قومون مڃيو ويو آهي. جن جي جهالت ۽ ظلم جا
داستان مذهبي ڪتابن انجيل، توريت ۽ قرآن ۾ بيان ٿيل آهن، جيڪي گهڻو ڪري نازل به
انهن جي سر زمين تي ٿيا هئا. انهن جو جيڪڏهن هڪ وسيع علائقو ڳڻپ ۾ آڻجي ته مجموعي
طرح ان کي ”عرب دنيا“ چئي سگهجي ٿو.
حوالا
(1)Darwin. Charles—The Expressions of
Emotions is Man and Animals. Chicage University Press 1965.
(2) مغل، ڊاڪٽر
سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1985، ص 241.
(3) Morgan.Ellaine—The Descent of Women.
Bontam Books. New York July 1973 pp.78
(4) مغل، ڊاڪٽر
سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي، ص-245.
(5) Morris. Desmond—The Naked Ape,
Transworld publishers ltd. Bashley road Lnodon pp.21
(6) Morgan,
Ellaine—Descent of Women pp.171
(7) Morgan, Ellaine—Descent of Women
pp.177
(8) Briffault. R—The Mothers. Second edition
London 1953 pp.2
(9) Morris, Desmond—The Naked Ape. pp.
57
(10) Morgan, Ellaine—Descent of Women pp.
140
(11) مغل ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي
ڪهاڻي، ص- 261
(12) Moragan, Ellaine—Descent of Women
pp.31
(13) Ibid
pp. 30
(14) مغل، ڊاڪٽر سڪندر، ارتقاءَ جي ڪهاڻي،
ص -263
(15) Moragan, Ellaine, Descent of Women
pp.117
(16) Ibid,
Descent of women pp.119
(17) Morris, Desmond—Naked Ape pp.34
(18) Dange, S.A—India from Primitive
Communism to Salvery peoples Publishing House ltd.Bombay
(19) ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، سنڌي
ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 1974، ص
-5
(20) ايضاً،ص- 6
(21) ايضاً، ص-6
(22) ايضاً، ص-8
(23) Dange,
S.A-India from Primitive Communism to Slavery. pp.1-2
(24) Dange,
S.A-Slavery of Women and Fall of Matriarchy India from Primitive Communism to
Slavery pp.118
(25) Ibid
(26) کهڙو، ڊاڪٽر حميده، عورت جي
آزادي، لطيف ادبي اڪيڊمي ڪراچي، ڊسمبر 1984، ص -1
(27) Chattoopadhyaya, Debiprasad-
Lokayata- A Study in Ancient Indian Materialism, Peoples Publishing House N.
Dehli July 1959 pp.241
(28) Ibid
pp. 238
(29) Danges S.A. Slavery, of Women and
Fall of Matriarchy India from Primitive Communism to slavery. pp.66
(30) Chattoopadhyaya, Debiprasad,
Lokayata pp.232
(31) Mujmdar, D.N—Races and Culture of
India (4th edition) 1965 pp.250
(32) Sankarananda, Swami—“The Mother’,
The Reg Vedic Culture of the Pre- historic Indus, Vol.I-1944 pp.137
(33) Ibid pp.137
(34) Lerner, Gerda—The Creation of
Patriarchy- Oxford university press. 1984 pp.212
(35) ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، سنڌي
ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ص-14.
(36) Mojumdar, D.N—Races and Culture of
India pp.200
(37) Ibid
(38) Dange, S.A—India from Primitive
Communism to Salvery. Pp75
(39) Mojumdar, D.N—Family and Marriages
in Polyandrous Society pp.203
(40) Frazer, J.G. Golden Bough. Vol. I-
Abridged edition. London Macmillan & Co. 1957 pp.206
(41) Ibid
(42) آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، قديم
سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ 1957، ص – 251.
(43) ايضاً.
(44) ايضاً، ص –
263
(45) ايضاً، ص –
264
(46) ايضاً، ص –
279
(47) ايضاً، ص –
279
(48) Frazer
J.G. The Golden Bough. Vol I.pp302
(49) Ibid
pp. 204
(50) Hashmi, Anwar—A Short History of
Vivilization. Karachi book center, Karachi 1974—pp. 68
(51) Ibid pp.70
(52) سومرو عبدالرزاق، عورت اسلام کان
اڳ، ماهوار الصادق، آگسٽ 1984. شمارو 8، جلد 6، ص -16
(53) ايضاً
(54) عمري، سيد
جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره ۾، اسلامڪ پبليڪيشنز لميٽيڊ، لاهور، 1985، ص
-20
(55) مولائي
شيدائي، رحيم داد خان، تاريخ تمدن سنڌ، يونيورسٽي پريس، حيدرآباد سنڌ، 1959، ص –
294.
(56) ايضاً، ص-
295
(57) مودودي،
ابوالاعليٰ، پردو، مترجم سومار علي سومرو، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي،
حيدرآباد، سنڌ، ص – 6
(58) Hashmi,
Anwar—A Short History of Civilization pp.128
(59) Frazer,
J.G—Golden Bough pp.203
(60) Ibid
(61) مولائي شيدائي، رحميداد خان،
تاريخ تمدن سنڌ، ص -295.
(62) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت
اسلامي معاشري ۾“ ص-21.
عرب سماج ۾ عورت
(اسلام کان اڳ ۽
پوءِ)
عرب دنيا جي
باري ۾ جڏهن به ڪجهه چيو يا لکيو ويندو آهي ته ان جي تاريخ کي ٻن حصن ۾ ضرور
ورهايو ويندو آهي، هڪ اسلام کان اڳ جو دور، جنهن کي اڪثر ڪري زمانه جاهليت به
چوندا آهن ۽ ٻيو اسلام کانپوءِ جو دور يا اسلامي دور.
“The period in the Arabian history
preceding the rise of Islam is known as Jahilya or the age of ignorance”.(1)
انهي پهرئين
زماني ۾ عربن ۾ بهادري، مهمان نوازي، پنهنجي قبيلي ۽ ان جي سردار سان محبت،
آزاديءَ سان پيار ۽ شاعري جي شوق ۽ ذوق سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي خاصيتون
هيون، پر ڪو اهڙو اخلاقي نظام ڪونه هو جيڪو سندن سماج ۾ ڪو ضابطو يا ڪا تنظيم رکي،
ان ڪري سماجي لحاظ کان تمام خراب حالت ۾ رهندا هئا ۽ سندن سياسي، سماجي ۽ اخلاقي
حالت تمام پست هئي. قبائلي جنگيون عام هيون ۽ تهذيبي حالت نهايت ابتر هئن. معاشي
لحاظ کان به غربت ۽ بک انتها تي هيون ۽ عام عرب بدو ريگستان ۾ رڻ پٽن ۾ رلندا
رهندا هئا، البت ڪجهه شاهوڪار ماڻهو ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. عورتن جي
حالت اهڙن معاشرن ۾ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي سو سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو، تنهن هوندي به ڪي
عورتون پنهنجي سر واپار وغيره ڪري سگهنديون هيون يا ڪو ماڻهو مقرر ڪري پنهنجو ڪم
هلائينديون هيون. مذهبي لحاظ کان عرب بت پرست هئا ۽ وٽن سڀ کان وڌيڪ ”وينس“ ديويءَ
جي پوڄا ٿيندي هئي ”منا“ قسمت جي ديوي هئي.
“Al-Uzzah
(the most mighty Venus, the morning star) was in great veneration in East
Makkah and hers was the most venerated idol amongst the Quresh…..
Mannah
was the goddess of destiny” . (2)
هونءَ ديوين جي
پوڄا ڪندڙ انهيءَ قوم وٽ عورت جي ڪابه عزت ڪانه هئي ۽ سندس وجود هنن لاءِ شرم جو
باعث هو.. ”اولاد نرينه پر فخر اور لڙکيون کو زنده درگور کرنا انکا کام تها.“ (3)
اهل عرب عورت کو موجب ذلت و عار سمجهتي تهي لڙکي کي پيدائش ان کي لئي غم و اندوه کا پيغام
تهي. (4) ٻين شروعاتي ۽ قديم تهذيبن وانگي گهڻ زالاڻي (polygamy) ۽ گهڻ مڙساڻي (polyandry) شادين جو رواج
هو.
“Plurality
of husbands (Polyandry) and wives (polygamy) was the order of the day, Adultry
was common and frequent, sons could marry their step mother and even brothers,
some times, married their own sisters.” (5)
جنسي ميلاپ عام
هو ۽ ماٽيلا پٽ ماٽيلين مائرن سان پرڻجي سگهندا هئا ۽ ڪڏهن ته ڀائر به پنهنجين
ڀيڻن سان شاديون ڪندا هئا. ڇاڪاڻ جو رشتن ناتن جي حوالي سان اهڙا ڪي قانون ڪونه
هئا جيڪي کين ڪن مخصوص ويجهن رشتن سان شاديون ڪرڻ کان روڪين. هن سماج ۾ سڀ کان
وڌيڪ ظلم جي منهن ۾ هئا غلام ۽ عورتون، بلڪه عورتن جي حيثيت ۾ ڇوڪرين سان پيار
محبت ڪرڻ يا انجو اظهار ڪرڻ ۾ به شرمندگي محسوس ڪئي ويندي هئي. ڇوڪرين کي پيءُ جي
ورثي مان ڪجهه به ڪونه ملندو هو. عربن جو خيال هو ته ڇاڪاڻ ته عورت گهوڙي تي سوار
نٿي ٿئي ۽ نه ئي جنگ ۾ وڙهي ٿي. ان ڪري کيس ڪو حق ناهي ته ڪو هوءَ پيءُ جي ڇڏيل
مال دولت مان ڪو حصو وٺي. ان ڪري جڏهن اسلام ۾ کيس پٽ جي حصي کان اڌ جيترو ورثو
ملڻ جي ڳالهه ٿي ته به ماڻهن نبي سڳوري کي اچي چيو ته ”يا رسول الله ڇا عورت اڌ
ورثي جي حقدار آهي؟ جيڪا نه گهوڙي تي سوار ٿي سگهي ٿي نه ئي بچاءُ ڪري ٿي سگهي“
(6) ان معاشري ۾ جيئن شادين ڪرڻ تي ڪا پابندي ڪانه هئي تيئن طلاق تي به ڪا روڪ
ڪانه هئي، مرد کي جڏهن وڻندو هو طلاق ڏئي ڇڏيندو هو، وري جڏهن وڻندو هئس واپس رجوع
ڪري وٺندو هو. عورت مڙس جي جيئري ته عذاب هئي پر سندس مرڻ کانپوءِ به سندس خاندان
جي ملڪيت هوندي هئي، جنهن کي وڻندو هو کڻي ڏيندا هئس يا پاڻ مان ئي ڪنهن سان
پرڻائي ڇڏيندا هئس، نه ته سڄي عمر سندن گولي ٿي گذاري ڇڏيندي هئي. نه پنهنجي مال
ملڪيت تي ڪو حق هئس نه مڙس جي ڇڏيل ورثي ۾ ڪا پتي رکيل هئس جو زندگي گذارڻ لاءِ ڪو
آزاد طريقو اختيار ڪري سگهي. اهڙي محتاجيءَ سببان بي وسيءَ ۾ زندگي گذاريندي هئي.
”اسلام کان اڳ
عرب جا وحشي سفاڪيءَ ۾ گهٽ ڪونه هئا، عورتن کي تفريح جو سامان سمجهندا هئا...
زراهه جيڪو تميم قبيلي جو رئيس هو، تنهن پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مجوسي
هو... لڙاين ۾ جيڪي عورتون قيد ڪندا هئا، تن جا پيٽ چاڪ ڪرڻ ۽ معصوم ٻارن کي وڍڻ
عموماً جائز هو... محض انتقام جي جوش ۾ عورتن کي جيئرو باهه ۾ ساڙيندا هئا، جيئن
عمرو بن هند تميم جي عورتن کي ساڙايو هو. بڪري ۽ تغلب جي جنگ، جا جاهليت ۾ ”حرب
سوس“ جي نالي سان مشهور آهي تنهن جو سبب هي هو ته هڪڙي بدويءَ هڪڙي عورت جا پستان
وڍيا هئا“ (7) اهي ڳالهيون سيرت ابن هشام ۽ سيرت النبيءَ جي حوالي سان منظر عام تي
آيون جن کي پڙهي خبر پوي ٿي ته عورتن سان عربن ڪيترو نه انسانيت سوز سلوڪ روا رکيو
هو.
“Arabia During the pre-Islamic days was
sunk into the Lowest stage of civilization.” (8)
مطلب ته اسلام
کان اڳ عرب دنيا، تهذيب جي انتهائي هيٺين درجي تي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن تمام وڏي
انقلاب رستي سڌارا آڻڻ جي ضرورت هئي... جيڪو آخر ڪار اسلام جي صورت ۾ آيو.
عربن جي تاريخ
جو ٻيو دور اسلامي دور سڏجي ٿو. ان نئين دور ۾ تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ
سماجي زندگي ۾ عورت جي حيثيت ۾ نمايان تبديلي نظر اچي ٿي. ان لحاظ کان اسلام دنيا
جو اهو پهريون مذهب آهي، جنهن عورت لاءِ مَسهُو ۽ مصيبت واري ماحول ۾ ڪي قدر
تبديلي آندي ۽ هوءَ سک جو ساهه کڻي سگهي. ڇوڪرين کي ڄمندي ئي زنده دفن ڪرڻ ۽ ساڻن
بڇڙو سلوڪ ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو ويو. کين وراثت ۾ حق ڏنو ويو. مردن وانگي
تعليم جو حق ڏنو ۽ شاديءَ جي معاملي ۾ سندن راءِ جو احترام ڪرڻ جو واضح حڪم ڪيو
ويو. اهي انقلابي قدم هئا، پر پوءِ جي دورن ۾ قبائلي ۽ خانداني رسمن رواجن جي نالي
۾ سندن انهن حقن کي ختم يا گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ملن ٿيون. بنيادي طرح سان اسلام هڪ
نهايت ئي اعليٰ روايت قائم ڪئي جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت هئي نه ڪي گهٽ ڪرڻ يا
ختم ڪرڻ جي. بقول نياز فتحپوريءَ جي:
”اسلام عرب
سوسائٽي مين سب سي بڙي دو انقلاب لايا، ايک غلامون سي بهتر سلوڪ اور دوسرا عورت کي
پوزيشن کو بلند کرنا. مگر عربون کي ذهنيت ان دونون باتون کو آساني سان قبول نه
کرسکي کيونکه وه غلام اور عورت دونون کو اپني ملکيت کي حيثيت سي ديکهني اور سمجهني
اور انکو هر طرح سي استعمال کرني کي عادي تهي. جب تک رسول الله (صلعم) خود حيات
تهي اس وقت تک آپ کي مخالفت کرني کي همت نه کي مگر آپ کي رحلت کي بعد جب عهد بني
اميه اور بني عباس مين کچهه بندشون کو توڙني اور کچهه نئي باتون کو اختيار کرني کي
لئي حديثين وضع کرني کي ڻکسال کهولي گئي تو کئي نئي احاديث بنائي گئين جن کا تعلق
عورت اور اس باري مين تمدني موقف سي تها“ (9)
نه صرف عربن وٽ
پر ڏٺو وڃي ته سموري اسلامي دنيا ۾ اسلام جا اسول – خاص ڪري عورت جي حوالي سان
مختلف ماڻهن مختلف نموني سان سمجهائڻ ۽ interpret ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن مان ڪي تمام سخت Orthodox رويو اختيار ڪن ٿا ته ڪن وري ان ۾ لچڪ رکي ڪجهه نرم Liberal رويو رکيو آهي. بهرحال اسلام ۾ انسان – عورت ۽ مرد ٻنهي کي
مخاطب ٿيڻ ۾ ڪو ابهام نٿو ملي. جتي جتي مرد کي مخاطب ڪيو ويو آهي، اتي اتي عورت کي
به ساڳيءَ طرح مخاطب ڪري برابريءَ جو اصول رکيو ويو آهي.
اِنَ
المسلِمينَ وَ المُسلِماتِ وَالمُومنِين وَالمُومنِات وَالُقنتِين وَالقنتِاتِ
والصادقينَ وَالصَادقَاتِ والصابِرِين وَالصابِرات اَلخاشيعِيِنَ وَلخَاشِعَاتِ
وَالمتصدقِين الَمُتَصَدقاتِ والصَّابمينِ وَالصابِماتِ وَالحافظِينَ قُرُ وجَهُم
وَالحفظتِ وَالذاکِرِينَ اللهَ کَثِيرًا وَ الذٰکِرٰتِ اَعَدَ اللهُ لَهُم مَغفِره
وَاَجرًا عَظِيما (35)- (الاحزاب)
35. lo!men who surrender unto Allah, and
women who surrender, and men who believe and women who believe, and men who
obey and women who obey, and men who speak the truth, and women who speak the
truth and men who persevere (in righteousness) and women who persevere, and men
who are humble and women who are humble, and men who give alms and women who
give alms and men who fast and women who fast, and men who guard their modesty
and women who guard (their modestry), and men who remember Allah much and women
who remember Allah hath prepared for them forgiveness and a vast reward.
بلاشبه مسلمان
مرد ۽ مسلمان عورتون، اهل ايمان مرد ۽ اهل ايمان عورتون ۽ عبادت گذار مرد ۽ عبادت
گذار عورتون ۽ سچ ڳالهائيندڙ مرد ۽ سچ ڳالهائيندڙ عورتون ۽ صابر مرد ۽ صابر عورتون
۽ روزيدار مرد ۽ روزيدار عورتون ۽ صدقو ڪرڻ وارا مرد ۽ صدقو ڪرڻ واريون عورتون ۽
شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا مرد ۽ شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ واريون عورتون ۽ الله
تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪرڻ وارا مرد ۽ ياد ڪرڻ واريون عورتون – الله انهن لاءِ مغفرت
۽ اجر عظيم تيار ڪيو آهي. (الاحزاب -35)
ان ڏس ۾ چئي
سگهجي ٿو ته اسلام ۾ عورت ۽ مرد جي برابري جو تصور موجود آهي.
وَلَهُنَ مِثلُ
الَذِي عَلَيهِنَ بالَمعرُوفِ
۽ عورتن جا به
ساڳيا حق آهن جهڙا هنن جا
لِلَرِجَال
نَصيِبً ممِاَ اکتَسَبُواوَلِلَنساءِ نَصيِبً مِماَ اکتَسبَنَ
مردن کي اهو
ڏنو ٿو وڃي، جيڪو اهي ڪمائين ۽ عورتن کي جيڪو اهي ڪمائين. (11)
اهي ۽ انهي قسم
جو ڳالهيون نمايان ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي.
“But these verses have not been given
their due importance and a theory has been propounded that women are not the
equal of men in all respects.”(12)
۽ هروڀرو اهو
مفروضو گهڙيو ويو آهي ته عورتون هر ڳالهه ۾ مردن جي برابر ناهن... جيڪڏهن ڪن
ڳالهين ۾ مرد عورت کان بهتر ڪارڪردگي ٿا ڏيکاري سگهن ته ڪن ٻين ۾ وري عورتون مردن
کان بهتر ثابت ٿيون آهن. ان ڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته سندن صلاحيتون گهٽ وڌ آهن.
بلڪه انهن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪجهڙا موقعا نه ملڻ ڪري ۽ مختلف ماحول ۾ پلجڻ
سببان هنن جا دائرا مختلف ٿي ويا آهن. نبي سڳوري عورت کي جيڪا اهميت ڏني اها انهي
دور جي حوالي سان تمام گهڻي چئي سگهجي ٿي. پاڻ عورت جي وجود لاءِ ناپاڪي، منحوسيت
۽ برائي وارن خيالن کي رد ڪيائون ۽ صاف لفظن ۾ چيائون ته ”دنيا ۾ مون کي عورت ۽
خوشبو پسند آهي ليڪن منهنجي اکين جو ٺار نماز ۾ رکيل آهي.“ (13)
حُتِب الي من
الدَنيا النساءَ رالطيب و جعلت قره عيني في الصلواة
ان جو نتيجو ڇا
نڪتو؟: ”اس تعليم ني فکر و عمل مين ايسا انقلاب پيدا کيا که وه لوگ جنهين ايک
معصوم جان کو زنده درگور کرني مين کوئي تامل نهين هوتا تها اور جن کي پيشاني کبهي
اس سنگدلي پر عرق آلود نهين هوتي تهي اس کي چاره گري اور پرورش کو اپني لئي سرمايه
حيات تصور کرني لگي.“ (14)
عورت کي ڪمائڻ
لاءِ ٻاهر نڪرڻ کپي يا نه؟ ان تي بحث به ڏاڍو دلچسپ رهيو آهي. ان ڏس ۾ ”اسلام
ماليات جي ميدان ۾ عورت ۽ مرد جي ڊوڙ ڊڪ جي اجازت عطا فرمائي ٿو ۽ سندن محنت جو
صلو سندن جائز حق تسليم ڪري ٿو. حتيٰ ڪه خاوند به زال جي مال کي استعمال نٿو ڪري
سگهي. نه ئي زال لاءِ اهو جائز آهي ته مڙس جي دولت ۾ پنهنجي مرضي هلائي.“ (15)
عورتن کي گهرن
مان نڪرڻ کان هرگز منع ڪونه ڪيو ويو آهي، البته کين زيب ۽ زينت سان پنهنجي نمائش ڪري
نڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ان لاءِ به ضرور سبب هئا. اهو معاشرو اهڙو تهذيب وارو
ڪونه هو جتي عورت محفوظ رهي سگهي. اسلام ۾ ضرور ڪمائڻ لاءِ، جنگ ۽ عبادت لاءِ ۽ حج
جي موقعي تي عورتن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ مردن سان لهه و چڙ ۾ اچڻ جي اجازت آهي. پردي جي
ڏس ۾ عالمن جون مختلف تشريحون ملن ٿيون. ڪي عورت جو ٻاهر نڪرڻ ئي قبول نٿا ڪن، ڪن
عورت جو ٻاهر نڪرڻ قبول ڪندي کين پاڻ کي مڪمل طرح ڍڪڻ جي صلاح ڏني آهي، ڪن وٽ منهن
۽ هٿ کولڻ جائز آهي ته ڪي نقاب ۽ دستانن سان اِنهن کي ڍڪڻ جي ڳالهه ٿا ڪن. مطلب ته
اسلامي حڪم کي مختلف فقهن وارا به مختلف انداز ۾ سمجهڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. مجموعي طرح
سان هي نتيجو نڪري ٿو ته ”اسلامي قانون ۾ وڻندڙ صورت اها آهي ته هوءَ گهر اندر رهي
پر هن باب ۾ زياده سختي ان لاءِ نه ڪئي ويئي جو ڪن حالتن ۾ عورتن جو گهرن کان ٻاهر
نڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته عورت جو ڪوئي سرپرست نه هجي، اهو به ممڪن
آهي ته خاندان جي محافظ جي مفلسي، روزگار جي تنگي، بيماري، معذوري يا ٻين اهڙن ئي
سببن ڪري عورت ٻاهر ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اهڙين سڀني صورتن ۾ قانون ۾ ڪافي
گنجائش رکي وئي آهي. حديث ۾ آهي ته: ”الله تعاليٰ توهان کي اجازت ڏني آهي ته توهان
پنهجين ضرورتن لاءِ گهر کان نڪري سگهو ٿيون.“ (16)
قل
لِلمُومِنيِن يَغُضوامِن اَبصارِهم وَيَهفَظُوافروجَهم ذٰلِلڪَ اَز کلي لَهُم اِن
اللهَ خَبِيرا بِمَا يصلَنَعُنَ (30)
وَقل
لِلمُومِنتِ يَغضضنَ مِن اَبصَارِهِنَ وَيَحفظنَ فرُوجَهُنَ وَلاَيُبديِنَ
زِينَتَهُنَ اِلاَ مَاظَهَرَ مِنهَا. (النور 30-31)
30. Tell the believing men to Lower
their gaze and be modest. That is purer for them. Lo! Allah is Aware of what
they do.
31. And tell the believing women to
lower their gaze and be modest, and to display of their adornment only that
which is apparent.
چئو ايمان وارن
مردن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ باعصمت رهن، اها انهن لاءِ پاڪيزگي آهي. بيشڪ
الله کي معلوم آهي جيڪي هو ڪن ٿا ۽ چئو ايمان وارين عورتن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ
رکن ۽ باعصمت رهن ۽ صرف اهڙي آرائش ظاهر ڪن جيڪا ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچي.
مٿين آيتن
(سوره نور) مان ٻه ڳالهيون واضح ٿين ٿيون: هڪ ته مردن کي نظرون هيٺ رکڻ لاءِ چيو
ويو آهي ۽ ٻيو ته عورتن کي سندن سونهن ۽ سينگار ضرورت کان سواءِ ظاهر ڪرڻ کان منع
ڪيو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿيو ته نبي سڳوري جي دور ۾ عورتون ڪم ڪار لاءِ ٻاهر
نڪرنديون هيون ۽ مردن سان لهه وچڙ ۾ اينديون هيون تڏهن ته مردن کي نظرون هيٺ ڪرڻ
لاءِ چيو ويو. سونهن جو مظاهرو نه ڪرڻ واري ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورتون ان
دور ۾ منهن ڪونه ڍڪنديون هيون. عورت جو اهو منهن کولڻ جو حق پوءِ جي دورن ۾ رسمن
رواجن جي نالي ۾ ڦريو ويو ٿو ڏسجي.
“As a matter of fact this loss of
women’s rights,originally granted by the Quran was due to the influence of
customary laws… The prophet himself recommended the Muslims to have a look at a
woman before marrying her. This also shows that the traditional purdah or
seclusion of women now in vogue in some Muslim countries did not exist during
the life time of the prophet”.(17)
حضور جن شادي
کان اڳ مسلمانن کي پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار کي هڪ نظر ڏسڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ڇوڪرين
جي مرضيءَ خلاف شاديءَ کي ناجائز قرار ڏنو آهي پر اهي ٻئي ڳالهيون ڪيتريقدر عمل ۾
آهن؟ طلاق جي ڏس ۾ اسلامي معاشرو عورت کي ڪجهه حق ڏي ٿو. مرد ته سڌو سنئون طلاق
ڏئي سگهي ٿو پر عورت پاڻ طلاق نٿي ڏئي سگهي بلڪه طلاق جو مطالبو ڪري خلع جي لاءِ
پاڻ پتوڙي سگهي ٿي.
پوءِ جي دورن ۾
سخت رويي ۽ روايتن رسمن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته: ”سياسي سطح تي مسلمان ملڪن جي
غربت ۽ پٺتي پيل ذهني حالت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ سامراجي قوتون پنهنجا سياسي مقصد
ماڻڻ لاءِ اسلام جي اهڙي تصور کي غالب آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جنهن ۾ جهالت، پٺتي
پوڻ، علم کان انحراف، منطق کان اڻڄاڻائي ۽ پنهنجي دور سان لاتعلقي جا عنصر وڌيڪ
شامل هجن، ان ڪري اسلام جو مطلب، برقعو، عورت جو گهر ۾ پابند رهڻ، شاهديءَ کان وٺي
سماجي عمل دخل جي هر پهلوءَ ۾ ناقابل عمل ۽ زندگي کي ناقابل قبول بنائڻ ٻڌايو وڃي
ٿو... اسلام جي عملي حيثيت کي ٿو ڏسجي ته فقهن جي بنياد تي گهڻائي فرقا سامهون
ايندا. هر فرقي جو پنهنجو مسلڪ ۽ پنهنجا منطقي دليل آهن. هر فرقي جو تهذيب ۽ ثقافت
جي باري ۾ پنهنجو خيال ۽ انساني تعلقات ۽ رشتن جي باري ۾ پنهنجو مسلڪ آهي، جنهن ۾
هو ڪا لچڪ نٿا رکن. عورت جي سلسلي ۾ لباس کان وٺي وراثت، شادي، طلاق، طور طريقن،
مڙس جي تابعداري، گهر گرهستي مطلب ته هر ڪم ۾ چوڏهن سو سال اڳ جي سڀني روايتن کي
لاڳو ڪرڻ کي اسلام جو بنيادي ۽ لازمي عمل سمجهيو ٿو وڃي. جڏهن ته مردن جي سلسلي ۾
ايتريقدر سختي يا لازميت سان ان دور جون روايتون لاڳو ڪرڻ ضروري نٿو سمجهيو وڃي.“
(18) ”عورتون سونهن جي نمائش نه ڪن“ اها ڳالهه ته هزارين دفعا دهرائي ويئي آهي
پر”مرد نظرون هيٺ رکن“ ان ڳالهه کي ڪير به نٿو دهرائي. پردي جي ڏس ۾ علامه آءِ آءِ
قاضي لکي ٿو: ”توهان عورتن کي ان ڪري قيد ۾ رکو ٿا ته شهواني خواهش (Sexual thrust) کان بچي
سگهجي... ان کان بچڻ لاءِ ڇو نه مردن کي پردو ڪرايو وڃي... خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾
صاف صاف چيو آهي ته خدا صرف پاڻ تي ضابطو رکندڙ (self controlled) مردن ۽ عورتن کي
پسند ڪري ٿو، پوءِ ڇو نه مردن ۽ عورتن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو خدا تعاليٰ اڳيان
پنهنجون لياقتون ۽ خاصيتون ظاهري ڪري سگهن.“ (19)
اسلام عورت کي
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ واپار، نوڪري ۽ مزدوريءَ جي اجازت ڏني آهي.
“According to Ibn Hazm, a woman can
hold all posts except the post of Caliph, She can be a leader, an inspector and
a judge. If the view of Ibn Hazm is accepted, she can now a days function as
the head of state, because there is no Caliphate”. (20)
مطلب ته ابن
حازم مطابق هڪ عورت خليفي جي عهدي کان سواءِ ٻيو هر عهدو رکي سگهي ٿي. هوءَ وڪيل
ٿي سگهي ٿي، انسپيڪٽر ۽ جج به ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ابن حازم جو نظريو قبول ڪجي ته
پوءِ عورت ملڪ جي سربراهه طور به ڪم ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ جو هاڻي خلافت ته آهي ڪانه.
هڪ کان وڌيڪ
شادين جي باري ۾ آيل سورتن کي به مردن پنهنجي مطلب لاءِ پنهنجون معنائون ڏئي ڇڏيون
آهن. چيو ويندو آهي ته اسلام گهڻين شادين ۽ ڪنيزن رکڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جڏهن ته ان
اجازت سان رکيل شرطن کي بلڪل وساريو ۽ نظر انداز ڪيو ويندو آهي.
اوِن خفُتُم
اَلاَ تَقسطُوافِي اليتٰاميٰ فَانکحُو امَا طَابَ لکُم مِنَ النِسَاءَ مثنيٰ وَ
ثَلثَ وَرُبعَ فَانِ خِفتُم اَلاَ تعدِلُوانَوَاحِدَهً اَو مَامَلکَت اَيماُنکُم
ذللڪَ ادنيٰ اَلاَ تَعُولُو.(النساءَ-3)
“And if you fear you can not do
justice to orphans, marry such women as seem good to you, two or three or four,
But if you fear that you will not do justice, then marry only one or that which
your right hand possesses. This is more proper so that you may not do
injustice”. (21)
ملطب ته جيڪڏهن
توهان کي ڊپ آهي ته توهان يتيمن سان انصاف نه ڪري سگهندا ته پوءِ اهڙين عورتن سان
شادي ڪريو جيڪي اوهان کي وڻن، ٻه ٽي يا چار. پر جي توهان کي ڊپ آهي ته توهان متان
انصاف ڪري نه سگهندا ته پوءِ صرف هڪ سان شادي ڪريو جيڪا اوهان جي ساڄي هٿ تي آهي.
اهو وڌيڪ بهتر آهي جيئن توهان ناانصافي نه ڪري وجهو.
اها سوره جنگ
احد کانپوءِ نازل ٿي هئي جڏهن مسلمانن جي هڪ ننڍڙي معاشري مان گهڻائي مرد شهيد ٿي
ويا هئا ۽ سندن يتيم ٿيل ٻار بي سهارا بنجي ويا هئا. ان صورت ۾ انهن ٻارن کي سهارو
ڏيڻ لاءِ انهن جي مائرن سان شاديءَ جي اجازت ڏني وئي سا به انهن ٻارن ۽ زالن سان
انصاف ڪرڻ جي شرط سان ۽ اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته پوءِ جي سماج ۾ هڪ کان وڌيڪ
شادي ڪرڻ وارا ڪيترا مرد يتيم ٻارن جي مائرن سان شادي ڪندا آهن؟ ۽ ٻي يا ٽين زال
اچڻ کانپوءِ پهرين زال ۽ ان جي ٻارن سان ڪيترو انصاف ٿيندو آهي؟ سڀني زالن ۾
ڪيتريقدر برابري رکي ويندي آهي؟ سڀني زالن سان هڪ جيترو پيار ڪرڻ، ساڻن هڪ جيترا ڏينهن
۽ هڪ جيتريون راتيون گذارڻ ڪيتريقدر عمل ۾ آهي؟ انساني نفسيات جي مڪمل صورت جو
احساس ڪندي حڪم ڪيو ويو ته ” جي انصاف ۽ برابري ممڪن نه هجي ته پوءِ صرف هڪ عورت
سان شادي بهتر آهي.“
“The verse permits polygamy but
under exceptional circumstance and that also with the condition of justice with
women. If this condition could not be fulfilled the permission would be
withdrawn.” (22)
ساڳي ڳالهه
مولانا مودوديءَ هن طرح بيان ڪئي آهي:
”متعدد بيويان
هوني کي صورت مين کسي ايک کي طرف مائل هو کر دوسري بيوي يا بيويون کو معلق رکهه
چهوڙنا ظلم هي، جسي قرآن شريف صاف الفاظ مين ناجائز ڻهراتا هي... قرآن شريف مين
تعداد ازدواج کي اجازت عدل کي شرف کي ساتهه دي گئي هي، اگر کوئي شخص عدل نه کري تو
اسي اس مشروط اجازت سي فائده اڻهاني کا حق نهين هي.“ (22)
پوءِ جي زمانن
۾ نه صرف ڪيترا ملان ۽ مذهبي ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي اکٻوٽ ڪري وڌيڪ شاديون ڪري
گنهگار بنجندا رهيا آهن، پر بظاهر مذهب ۾ ڪا دلچسپي نه رکندڙ ڪي وڏا ترقي پسند ۽
سماجي انصاف جا پرچارڪ، باشعور اديب، شاعر ۽ سياستدان به مذهب جي ڏنل ڇوٽ جو فائدو
وٺي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن ۽ ان لاءِ جواز طور ڪڏهن ذهني هم آهنگي لاءِ،
ڪڏهن پيار ٿي وڃڻ ڪري ته ڪڏهن وري سماجي رتبي (status symbol) طور پڙهيل لکيل
۽ انٽليڪچوئل عورت سان شادي ڪرڻ تي ”مجبور“ ٿي پوندا آهن ۽ پاڻ کي لا مذهب (Atheist) ۽ سيڪيولر(secular) سڏڻ وارا به
مذهب جي ان تشريح مان فائدو وٺندي دير ڪونه ڪندا آهن ۽ هڪ عورت مٿان ٻي عورت آڻي
کيس ڏهاڳ ڏئي زنده درگور ڪري ڇڏيندا آهن.
ان سموري ڳالهه
جو مطلب اهو ٿيو ته عورت سان سماج ۾ رسمن رواجن جون ڏاڍايون صاف مذهبي هدايتن جي
باوجود به جاري ۽ ساري رهنديون آيون آهن ۽ نه صرف عرب سماج ۾ پر اڪثر اسلامي ملڪن
۾ اهڙيون حالتون آهن. جيڪڏهن اسلام جي اصل روح کي ۽ ان جي انقلاب جي پيغام کي قائم
رکيو وڃي ها ته اڄ ماڊرن دور جي نوجوانن جي ذهنن ۾ مونجهارا پيدا نه ٿين ها.
“We stick to the medieval notions of a
woman’s status in society and offer resistance to the changes called forth by
modern needs because most of those who interpreted Islam for us belonged to the
medieval period and they tried to justify their own notions of the rights of
women in Muslim society from Quran and the Hadith. But these interpretations do
not appeel to the modern mind and there is an urgent need to re-interpret Islam
in tis original spirit by Muslim scholars and intellectuals”. (24)
مجموعي طرح سان
چئي سگهجي ٿو ته اسلام جي صحيح تشريح ڪرڻ وارن عالمن، مفڪرن جي ضرورت آهي، جيڪي ان
جي اصلي روح کي اجاگر ڪندي عورت جي سماج ۾ رتبي ۽ ڪردار کي متعين ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽
جديد دور جي ذهنن کي پڻ ان جي صحيح پيغام ڏانهن مائل ڪري سگهن.
اهي ته هيون
اسلام جي حوالي سان عرب دنيا ۽ ٻي اسلامي دنيا ۾ عورت بابت حقيقتون جيڪي قديم دور
تائين عورت جي ڪردار تي روشني وجهن ٿيون. هاڻي اسان پنهنجي اردگرد يعني هند ۽ سنڌ
جي اپکنڊ ۾ عورت جي حيثيت تي مختلف دورن ۾ نظر وجهنداسين.
حوالا
(1) Hashmi
Anwar—A Short History of Civilization, Karachi book Center 1974, pp.283
(2) Ibid.
pp. 285
(3) سليم، مولانا محمد حسين، تاريخ
ادب عربي، آزاد بک ڊپو، لاهور، سرگودها، 1968، ص -12.
(4) عمري، سيد جلال الدين انصر، عورت
اسلامي معاشره مين، اسلامک پبليکيشنز لميڻڊ لاهور، ص -22.
(5) Hashmi
Anwar – A Short History of Civilization pp.286
(6) عمري، سيد
جلال الدين انصر، عورت اسلامي معاشره مين. ص -26.
(7) مولائي شيدائي، عورت ۽ قديم سماج،
رسالا شاعر، رفيق حيات نمبر، ايڊيٽر غلام محمد گرامي، جولاءِ کان ڊسمبر 1957،
حيدرآباد.
(8) Hashmi
Anwar—A Short History of Civilization pp.287
(9) نياز فتح
پوري، رساله نگار، اگست 1942، ص -32.
(10) The Glorious Quran, Translation by
MohammadPickthall. The Muslim World League, U.N Office New York pp. 445
(11) Ref:
Kausar Niazi – Modern Challenges to Muslim Families. Sh. Mohammad Ashraf.
Lahore 1976 pp11-12
(13) بحواله: عمري، سيد جلال الدين
انصر، عورت اسلامي معاشره مين. ص-70.
(14) ايضاً، ص – 72
(15) ايضاً، ص –
72
(16) مودودي،
سيد ابوالاعليٰ، پردو، مترجم، سومار علي سومرو محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي
حيدرآباد، 1978
(17) Kausar
Niazi, Modern Challenges to Muslim Families pp.32
(18) ڪشور
ناهيد، عورت خواب اور خاک کي درميان، لاهور 1985
(19) آءِ آءِ قاضي، اسلام ۽ عورت،
رساله شاعر، جولاءِ، ڊسمبر 1957، ص -13
(20) Kausar
Niazi—Modern Challenges to Muslim Families pp.42
(21) Ibid
pp.27
(22) Ibid pp.28
(23) مودودي، سيد ابوالاعليٰ، حقوق
الزوجين، دفتر رساله ترجمان القران، لاهور، ص -14.
(24) Kausar Niazi—Modern Challenges to
Muslim Families.pp10-11
هند ۽ سنڌ ۾
عورت
”آڳاٽي هندستان جي ننڍي کنڊ، جنهن کي
سياسي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت چيو وڃي ٿو، اتي جي زندگيءَ ۾ انسانيت جي
پراڻي تاريخ موجب فقط ٻه ثقافتي اڪائيون معلوم ٿين ٿيون، سنڌ ۽ هند“ (1) سنڌ تي
اهو نالو سنڌونديءَ تان پيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته آڳاٽا لوڪ سنڌونديءَ ۽ ان جي ڀرتي
ڪندڙ ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جن مان پنج نديون
پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو. انهن ستن ندين کي گڏي ”سپت سنڌو“
يعني ست درياهه سڏيندا هئا. جنهن جو اچار پارسين کي زند اوِستا ۾ ”هپت هندو“ لکيل
آهي... سنڌو لفظ جو اچار آڳاٽن ايرانين ڦيرائي ڪيو ”هندو“. (2) ان مان اهو نتيجو
ڪڍي سگهجي ٿو ته هند يا هندستان تي اهو نالو سنڌ تان پيو.
“India Was the land of the great river
Sindhu of Indus Which paradoxically flows mostly withen the modern state of
Pakistan”. (3)
قديم ايرانين
وٽان قديم يونانين کي هندوستان جي سڌ پئي. سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن
به سنڌو ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو سنڌو (هندو) پر اچار ڦيرائي ڪيائون انڊو، نديءَ کي
سڏيائون، انڊوس(Indos) ۽ سڄي ملڪ کي
سڏيائون انڊيڪا (Indica) ۽ انڊيڪوس(Indicos). پوءِ لئٽن
ٻولي ڳالهائيندڙن انڊوس (Indos) جو اچار ڦيرائي(Indus) ڪيو ۽ هندستان
کي انڊيا (India) سڏيائون... آڳاٽن عربن کي به هند جي سڌ
قديم ايرانين وٽان پيئي هئي. سن 711-712ع ۾ عربن سنڌ ۽ ملتان پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ته
معلوم ٿين ته سنڌ جو علائقو ڌار آهي ۽ هند سڄي هندستان جو نالو آهي. انهي وقت کان
وٺي سنڌ ۽ هند جي فرق جي خبر پين.(4)
سنڌ جي قديم
رهاڪن جي اصل نسل جي باري ۾ مختلف رايا آهن، ڪي انهن کي آريه ته ڪي غير آريه ٿا
ڪوٺين ۽ ڪول سنٿال، ڀيل، دراوڙ نالا ٿا ڏين. ڪن جو ته خيال آهي ته انسان ذات جي
ابتدا ئي هن خطي ۾ ٿي.
“We see that a wide variety of authors
and scholars located the birth place of the entire human race between the Indus
and the Ganges”. (5)
اسين ڏسون ٿا
ته گهڻائي ماهر ۽ ليکڪ انسانذات جي پيدائش جو هنڌ سنڌو ۽ گنگا ندين جي وچ ۾ سمجهن
ٿا. اها ڳالهه ڪيتريقدر ممڪن آهي سو ته چئي نٿو سگهجي پر اهو ضرور چئي ٿو سگهجي ته
سنڌ جي سڌريل سڀيتا دنيا جي گولي تي انسان جي تهذيبن جي تاريخ ۾ سڀني کان نمايان
آهي ۽ سندس شاهوڪاريءَ نه صرف اسان سنڌ وارن کي، پر سموري هندستاني اپکنڊ جي ماڻهن
کي، ان تي فخر ڪرڻ جو سبب ڏنو آهي.
Indus
Civilization from various parts of India and Pakistan have given us a fairly
unique cultural background of India going as far back as 2500 B.C. or before.
(6)
مطلب ته سنڌو
سڀيتا جي هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف حصن ۾ اهڃاڻ هندستان جي منفرد ثقافت ۽ تاريخي
قدامت کي 2500 ق م تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
”دنيا جون سڀ
پراڻيون تهذيبون دريائن جي ماٿرين ۾ پيدا ٿيون ۽ وڌيون ويجهيون.“ (7) نيل ندي،
دجله فرات ۽ قارون دريائن جون تهذيبون ان جو ثبوت آهن. سنڌونديءَ جي ماٿريءَ ۾ به
هڪ تمام عظيم الشان تهذيب جا آثار مليا آهن. جنهن کي سنڌو ماٿر جي سڀيتا (Indus valley civilization)چيو وڃي ٿو. هند ۽ سنڌ جي جهوني تاريخ ڪن پراڻن ڪتبن، سڪندر
اعظم جي حملن جي احوال، ٻاهرين سياحن وغيره جي سفر نامن، هندن جي مقدس ويدن، پراڻن
وغيره جي مبهم اشارن، مهاڀارت ۽ رامائڻ جي ڏند ڪٿائي قصن جي آڌار تي جوڙي ويندي
هئي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ذريعي سنڌو سڀيتا جا اهڃاڻ لڀجڻ کانپوءِ ان
جي قدامت قبل از تاريخ جي ثابت ٿئي ٿي.
“A cardle of civilizaition, the
cultural supremacy of Sindh dates back to pre – historic times”.(8)
پر سنڌ جو سڀ
کان آڳاٽو ذڪر رگويد ۾ ملي ٿو جنهن ۾ سنڌوءَ کي پاڻ وهيڻي سون ورني ندي سڏيو ويو
آهي ۽ اهو موهن جي دڙي واري دور کان اٽڪل هڪ هزار سال پوءِ لکيو ويو.
اجهل، اڻموٽ
سنڌو
ٻل واري،
سگهاري سنڌو
ڏيهن ۽ ميدانن
مان
اپار پاڻيءَ جا
ڦهلاءَ کڻي
جرڪندي، ڪڙڪاٽ
ڪندي وهندي رهي ٿي
جهڙي ابلق
گهوڙي، سونهاري ۽ سوڀيا وان
سنڌو ڀلن گهوڙن
۾ شاهوڪار آهي
۽ آهي شاهوڪار
رٿن ۽ ويس وڳن ۾
سهڻي گهڙيل سون
۾ شاهوڪار
اڻ مئي مايا جي
مالڪ
هتان جا گاهه
نيڻ ٺار ۽ لذت وارا
اُن اهڙي جو
ويٺو ڏس
شربت جو ميٺاڄ
نه پڇ. (9)
ٻيو اهم ڪتاب
مهاڀارت آهي جنهن ۾ پڻ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. سنڌو ۽ سووير جي راجا جئدرٿ دروپديءَ کي
اغوا ڪيو هو.
“Jayadarth, king of the Sindhus, who is
also re-ferred to as Sovir Rajah, saw Daraupadi at her svayamvara, subsequently
took occasion to intrude on her when the pandavas were out hunting, and carried
her off”. (10)
دروپديءَ کي
سندس سئمور جي موقعي تي ڏسي جئدرٿ ان وقت اغوا ڪيس جڏهن پانڊو شڪار لاءِ ٻاهر ويل
هئا. مهاڀارت ۾ پوئين دور ۾، دروپديءَ واتان سنڌ جي شاهوڪاريءَ جو ذڪر ملي ٿو.
As
to the later classics, in the Mahabharata, Daraupadi speaks of Sindhus as a
rich country. (11)
هڪ تمام قديم ۽
شاهوڪار سڀيتا جيڪا لکيل تاريخ کان اڳ جي دور جي آهي ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي قديم
آثارن مان نروار ٿي آهي، انهي ساڳي سنڌ جي آهي جنهن جو ذڪر اسان کي تاريخ جي قديم
ترين ماخذن ۾ ملي ٿو.
سنڌو ماٿر جي
سڀيتا سچ پچ ته انسانن جي خوابن جي تعبير جهڙي هئي. ”سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم
سماج هو. اهو سماج، جو اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا
جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن جو ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو. ان
کانسواءِ ڏور ڏيساور سان واپاري ناتا ۽ شين ۽ وستن جي مٽا سٽا جو بندوبست به ڪري
سگهيو ٿي. شهر جي بيهڪ ۽ اڏاوت، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جايون، گهرو
استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌي يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو شاهوڪار،
فلاحي، منظم ۽ موثر سماج هو. اهو تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو.“ (12)
“Large number of substantial courtyard
houses imply a wide distribution of wealth and a prosperous middle class during
the best period of Mohen-Jo-Daro.” (13)
جڏهن اڃا دنيا
کي خبر ئي ڪانه هئي ته تهذيب ڇا ٿيندي آهي، ۽ ثقافت ڪهڙي بلا جو نالو آهي، تڏهن
سنڌ تهذيب جو گهر هئي.
“Long
long before the Egyptians or Sumerians, the two known earliest nations were
heard of, long before anything like civilization and culure appeared on the
earth, there lived on the banks of the Indus a highly civilized people. They
knew how to live comfortably”. (14)
ان کان اڳ يورپ
جي نسل پرست عالمن ۽ ماهرن آرين نالي قوم جي نسلي ۽ تهذيبي برتري جو هڪ مفروضو (Aryan myth) گهڙي هتان جي
اصل ماڻهن کي اڻ سڌريل، غير مهذب، اڻاسو (بنا نڪ جي يا وات جي) ۽ ڪارو ڪوجهو
ڄاڻايو هو پر موهن جي دڙي جي کوٽائي مان سندن ڏنل تاريخن کان اڳ ئي سڌريل ماڻهن جي
موجودگيءَ کين وڏو ڌڪ رسايو.
“This
discovery came as a sudden blow to all the pet and assumptive theories of a
nosless, black- skinned, culture less aboriginal people inhabiting Indian
plains prior to the hypothetical white Aryans, who came in and began to dwell
in this land by destroying the former aboriginal people. Here was and
undeniable proof of a pre- historic civilization in which the hypothetical
Aryans, of the European scholars, could not be fitted in”. (15)
هن تهذيب جي
خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جو گهڻو فرق نظر نٿو اچي، ڪي
عاليشيان عمارتون هن ۾ ڪونه آهن، نه ئي ڪو گهرن جي اڏاوت ۾ ڪوبه گهڻو فرق نظر ٿو
اچي. گهرن جي ننڍ وڏائي يا هڪ ٻه ماڙ هئڻ جو سبب ڪٽنب جي ڀاتين مطابق ٿو لڳي. سڀئي
گهر پڪسرا آهن. سڀني ۾ ڪمرن اڳيان هڪ ڪشادو اڱڻ آهي ۽ ان اڱڻ ۾ هڪ ننڍو کوهه آهي.
وهنجڻ جاين ۽ کوهه جي پاڻيءَ جي نيڪال جو سڀني وٽ بندوبست آهي ۽ سڀني گهرن مان اهو
پاڻي ڍڪيل نالين رستي نيڪال ٿي مک نالين ۾ ٿو وڃي پوي. شهري منصوبا بندي ۽ اهو
نيڪال جو نظام ٻي ڪنهن به قديم تهذيب ۾ نه مليو آهي. وڏي ڳالهه ته ان ۾ نه محل هئا
نه مقبرا.
“Un
like the Egyptian or Sumerian cities the city of the Mohen-Jo-Daro was without
massive buildings or Tombs”. (16)
انهي دور ۾
ڌاتو (ٽامو ۽ ڪنجهو) ۽ انهن جو استعمال عام هو ۽ پٿر، ٽامي ۽ ڪنجهي جا عام استعمال
جا ٿانو چاقو، ڇريون، ڪهاڙي ۽ ڏاٽو ملن ٿا پر سبط حسن چواڻي ”ڍهال، تلوار، زره،
بکتر بند يعني اسلحه ايک بهي نهين ملا، اس سي ثابت هوتا هي که وادي سندهه کا
معاشره نهايت محفوظ معاشره تها، لوگ بڙي امن پسند اور صلح جو تهي، لوٽمار، قتل
غارتگري ان کان شيوه نه تها. وه نه سپاهه و لشکر رکهتي تهي اور نه کسي ملڪ پر حمله
کرتي تهي.“ (17)
”ان ۾ دنيا امن
۽ آسودگيءَ جو آدرش حاصل ڪري چڪي هئي، جنهن جي دولت جو ڪو ٿورو حصو به دفاع يا
اڳرائي ڪرڻ لاءِ هٿيار بنديءَ تي خرچ ڪونه ٿيندو هو. اها ئي ته جنت آهي، جنهن جو
تصور هر معقول انسان جي تصور ۾ آهي... هيءَ اها جنت هئي جت ڪو بک نه مرندو هو، جتي
انسان جي ذهن تان ڏک ڳڻتي ميسارڻ لاءِ ناچ، سنگيت، نقاشي، بت تراشي ۽ ماکيءَ مان
ٺهيل مڌ موجود هئا، جنهن ۾ انسان کي گندگيءَ کان چڙ هئي، جنهن ۾ هر انسان ٻئي
انسان جو دوست هو، جنهن ۾ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ شيون سڀني جي گڏيل ملڪيت هيون، جنهن
۾ مذهب جي نالي ۾ تنگدلي ۽ خونريزي وڏي ۾ وڏو گناهه هو، جنهن ۾ ٻين کي رنجائڻ غير
انساني حرڪت سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري ماڻهن يا ملڪن سان اڳرائي يا
جنگ حرام هئي. اها هئي موهن جي دڙي جي سنڌ“. (18)
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا