اڄ جي فلسفي ۾
ڪهڙيون خاميون آهن؟
هيءَ تقرير
علامه صاحب جو اهو افتتاحي خطبو آهي، جيڪو هن 15مارچ 1958ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ آل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس جي پنجين اجلاس جي موقعي
تي ڏنو. اهو اجلاس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ 15 کان 18 مارچ تائين
جاري رهيو.]
شروع ۾ منهنجي
حوالي صرف اهو خوشگوار فرض هو ته هن ابهم يونيورسٽيءَ ۾ آءٌ توهان سڀني ڏاهپ، ۽
حڪمت جي گهڻگهرن جي مرحبا ۽ آجيان ڪريان، ليڪن بلڪل آخري مرحلي تي مون کي ٻڌايو
ويو ته هن اجلاس جو افتتاح به مون کي ئي ڪرڻو آهي، حالانڪ اهو ڪو پُرمسرت انتخاب
نه هو، ڇاڪاڻ ته جيستائين ان فال جو تعلق آهي ته آءٌ ذاتي طور تي قديم توڙي جديد
فلسفي جي باري ۾ مقلدانه ۽ خوشامدانه رويو ڪونه ٿو رکان، اها رڳو هڪ صدي اڳ جي
ڳالهه آهي ته پيشه ور فيلسوف حضرات انگلينڊ جي هڪ وڏي استدلالي ذهن جي صرف ان ڪري
مخالفت ڪئي هئي! ڇاڪاڻ ته هن فلسفي جي درسي تعليم هڪ مبتديءَ جي حيثيت ۾ حاصل نه
هئي! توهان مان گهڻا سمجهي ويا هوندا ته منهنجو اشارو ڪنهن ڏانهن آهي. اها مايه
ناز شخصيت هربرٽ اسپينسر (1) آهي.
بهرحال وقت اچي ويو آهي ته هر انسان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري،
يعني پنهنجي وس آهر انسانن جي تڪراري مسئلن کي سلجهائڻ ۾ هو جيڪو ڪردار ادا ڪري
سگهي ٿو، سو ڪري. انهيءَ خيال سان آءٌ به هتي ڪي تکيون ڳالهيون چوڻ چاهيان ٿو؛
پوءِ توهان انهن کي فلسفيانه سمجهو يا غير فلسفيانه!
ڪو دؤر هو جڏهن مذهب تي فقط چند پادرين جي هڪ هٽي هئي، سياست کي
فقط بادشاهن ۽ امير امرائن لاءِ مخصوص سمجهيو ٿي ويو، جڏهن برهمڻن ۽ خانداني اميرن
کي ئي مندر ۾ داخل ٿيڻ ۽ ديوتائن جي درشن ڪرڻ جي اجازت هئي. ادنى درجي جي ماڻهن ۽
شودر ويچاري کي مجال نه هئي جو هو انهن مقدس شين جي ويجهو وڃي سگهي. هينئر البت
دنيا جي گهڻن حصن ۾ انهيءَ پاپائيت ۽ مذهبي اجاره داريءَ جو وڏيءَ حد تائين خاتمو
ٿي چڪو آهي ۽ ساڳيو حشر آپيشاهيءَ جوٿيو آهي. ليڪن فلسفي جي ميدان ۾ اوائلي مبلغ ۽
عظيم هستيون اڄ به ساڳيءَ ريت قابض آهن، بلڪ ايستائين ڪو به ماڻهو فلسفي جي باري ۾
ڪجهه ڳالهائڻ جي جرات ڪري نٿو سگهي، جيستائين هو انهن عظيم هستين کي خراج عقيدت
پيش نٿو ڪري. پوءِ اهي افلاطون (2) ۽ ڪانٽ (3) هجن يا ارسطو (4) ۽ هيگل (5) يا کڻي
شوپنهار (6) ۽ نٽشي (7) ڇو نه هجن؛ لاڪ (8) هيوم (9) ۽ برڪلي (10) وغيره ته پري
رهيا. ڇا اهڙيءَ صورت ۾ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته فلسفي جي دنيا ۾ هو پنهنجي مرضيءَ
جو مالڪ آهي؟ ڇا فلسفي جي بنيادي مسئلن ۾ انقلابي تبديلي ممڪن آهي؟ جيڪڏهن نه ته
پوءِ ڪارلائل (11) جي انهيءَ سنئين سبتي ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. جڏهن
هو فلسفي جا بنيادي مسئلا هي ڄاڻائي ٿو. مثلاً : هو پڇي ٿو ، آءٌ ڇا آهيان؟ هيءُ
اجهاڳ وستو جنهن کي ماڻهو ڪائنات جو نالو ڏين ٿا، اها ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ موت
ڇا آهي؟ مون کي ڇا ۾ ويساهه رکڻو آهي؟ يا مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟
هاڻي ان کان اڳ جو اسين ڪارلائل جي پچر ڇڏيون، هتي مناسب ٿو لڳي ته
انهن ذريعن جو ذڪر ڪجي، جيڪي سندس نظر ۾ مذڪوره مسئلن جي گره ڪشائي ڪري سگهن ٿا. هو
ان راءِ جو آهي ته: انهن پيچيده مسئلن جو حل نه اوچن آسمانن ۾ آهي ۽ نه ان جي نيرن
ستارن ۾، نه يونان جي نزاعي فرقن جي ڪج بحثي ۽ لفظي دليل بازيءَ ۾؛ نه يهودين جي
مبهم روايتن ۾، ۽ نه وري، اوائلي عرب جي فضول رسمي اصنام پرستيءَ ۾! اچو ته ٿوري
دير لاءِ اهو ڏسون ته ڪارلائل جنهن کي يوناني فرقن جي لفظي دليل بازي سڏي ٿو، اها
ڇا آهي؟ ڇو ته رابرٽ بريفالٽ (12) (Robert Britfault) انهيءَ لفاظيءَ لاءِ البت چڱا اکر استعمال ڪيا آهن ۽ هو ان کي
عقليت پرستيءَ جي جذبي سان تعبير ڪري ٿو.
بهرحال چڱو ٿيندو ته اسين هت بريفالٽ جي اصلي لفظن تي ويچار ڪريون،
هو چوي ٿو؛ ”يونانين کي قياس آرائين، استدلال ۽ مناظري بازيءَ سان بيحد خوشي حاصل
ٿيندي هئي وٽن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو اصل مقصد قانون سازي نه، بلڪ فقط تنقيد ۽
اختلاف راءِ جو اظهار هو. حد ته اها آهي جو اهو رجحان سندن زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي
حاوي هوندو هو. فصاحت جو مطلب هو دليل بازي سمجهندا هئا ۽ هو وڌ ۾ وڌ فصاحت جا
پرستار هئا، يوناني وڌ ۾ وڌ استدلال ۽ قياس جا قائل هئا ۽ ان ۾ انتهائي دلچسپيءَ
جو مظاهرو ڪندا هئا. عوام جي لاءِ پڻ مناظري ۽ دليل بازيءَ جي مظاهري کان وڌيڪ ٻيو
ڪو مقبول شغل نه هو، مناظري بازيءَ کي ئي هو پنهنجي لاءِ وندرڪري سمجهندا هئا.
مقرر حضرات جو دلپسند مشغلو اهو هوندو هو، ته هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه کي صحيح ثابت
ڪندا هئا، ته ٻئي ڏينهن وري ان جا ڇوڏا لاهي ڇڏيندا هئا.
هو ان حد تائين منطقي دليل بازيءَ جو شڪار ٿي چڪا هئا، جو خود
عقليت جي مسلم بنيادن کي به ڊاهي وجهندا هئا، هن سلسلي ۾ تحقيق ۽ تجربي لاءِ جنهن
آزمائش ۽ تصحيح واري عملي طريقي جي ضرورت هئي، تنهن کي هنن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو
هو، اڳتي هلي ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو، جو هو سائنس جي علم کان وانجهيل رهجي
ويا. هتي اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته يونانين سچائيءَ جي ڳولها ۾ ڪنهن اعلى جذبي
جو مظاهرو نه ڪيو آهي، نه منجهن حقائق جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ ڪو جنون هو، ۽ نه وري
هنن صداقت جي عظيم تقدس جو ڪو معيار قائم ڪيو آهي.“
هتي لڳي ٿو ته رابرٽ بريفالٽ يوناني جي ڏورانهن سوٽن، خاص ڪري هند-
آريائي ماڻهن جي اظهار، بيان جي طريقن کان چڱيءَ ريت واقف نه هو. نه ته هو ضرور
يونانين جي ”عقليت پرستيءَ“ جي جذبي کي ڪنهن ٻئي نموني ۾ يا ان جي برعڪس ڏسي ها.
هڪ عام پڙهندڙ جنهن اپنشدن (13) جو مطالعو ڪيو آهي ان کي معلوم آهي ته اها عقليت
پرستي دراصل فنِ استدلال هو، جنهن جا نه صرف سوفسطاني (14) فيلسوف شائق هئا؛ پر
سقراط خود شيدائي هو. هن ڳالهه مان ان حقيقت جو مزيد ثبوت ملي ٿو ته بني نوع انسان
هر هنڌ فڪري توڙي حياتياتي ارتقا جون ساڳيون منزلون طئي ڪيون آهن، ان جو مثال ائين
آهي جيئن هڪ ننڍڙو ٻار هلڻ سکندو آهي ته فقط هلڻ خاطر ئي هلندو آهي، ۽ ائين ڪرڻ ۾
ئي کيس مزو پيو ايندو آهي، جيتوڻيڪ هو وکِ وکِ تي ٿاٻڙجي ڪري به پوندو آهي. تيئن
ان زماني ۾ انسان جي بانبڙا پائيندڙ ذهن کي به جڏهن پنهنجي استدلالي قوت جو اندازو
ٿيو ته هو به بحث خاطر ئي بحث ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. اهو نه سوچيائين ته انهيءَ بحث
مان کيس نفعو يا نقصان ڪهڙو ٿيندو؟ بريفالٽ هن سلسلي ۾ بلڪل صحيح نتيجي تي پهتو
آهي ته: ”دراصل زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون اهي سنجيده ڪوششون نه هيون ۽ نه
وري هو ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچي سگهيا. پر جيڪڏهن ڪي نتيجا پراپت ٿيا يا ڪي مقصد
حاصل ٿيا، ته اهي به وجداني طور تي ٿيا. جئن افلاطون سان ٿيو. باقي دليل و دلائل
جي وٺ-پڪڙ مان افلاطون جيڪڏهن ڪي معنى خيز ڳالهيون چيون آهن ته اهي فقط شاعر جي
حيثيت ۾، حالانڪ ساڳئي وقت هو شاعرن تي ڇوهه به ڇنڊيندو رهيو. پر اهو ساڳيو
افلاطون جڏهن رڳو فيلسوف ۽ دليل باز ٿي بيهي رهيو، ته وٽس رڳو الفاظ ئي الفاظ هئا
باقي ڪنهن مسئلي جو حل پيش ڪري نه سگهيو.
اهڙيءَ طرح سمورو قديم فلسفو عملي طور تي ساڳئي قسم جو آهي يعني
اهو وجداني ۽ فرضي آهي، بلڪ ظني ۽ وهمي به آهي. اها ڳالهه سندن منطق سان به لاڳو
ٿئي ٿي، پوءِ ڀلي کڻي هو ان کي استقرائي منطق جو نئون نالو ڏين.
بهرحال اصل انقلاب تڏهن آيو، جڏهن قرآن پاڪ اچي هي الفاظ چيا: ”اهي
ماڻهو ذات - حقيقي بابت بنيادي حقائق ڄاڻڻ کان سواءِ گمان ۽ ويچار ڪن ٿا، جيڪا
جاهليت جي دؤر جي نشاني آهي. ها پر ڳالهه اتي ختم ڪونه ٿي. بلڪ ايمان وارن تي زور
ڏنو ويو ته، بنيادي حقائق کي معلوم ڪرڻ لاءِ اوهين هن مادي ڪائنات، انساني نفس ۽
انساني تاريخ جو مطالعو ۽ تحقيق ڪريو. هن سلسلي ۾ بار بار مشاهدا ۽ تجربا ڪري پوءِ
نتيجا اخذ ڪريو. اهڙيءَ طرح زمين جي وسعتن ۾ سفر ڪيو ”اَبداع خلق“ يعني ڪائنات جي
تخليق بابت علم حاصل ڪريو. وڌيڪ صريح حڪم اهو ڏنو ويو، ته خدا جي ذات متعلق اهڙي
اجائي قياس آرائي بند ڪريو، جيڪا حقائق تي مبني نه آهي.
انهيءَ ڳالهه جو اهو اثر ٿيو جو ان کانپوءِ انسان حقائق جي تلاش ۾
جُنبي ويو، البت جتي گذريل ٽن صدين جي عرصي ۾ حقائق جي جستجو کي زور شور سان جاري
رکيو ويو، اتي سائنس جي بنيادي حقيقتن تي مبني فلسفيانه نقطئه نگاهه وجود ۾ نه
آيو. انهيءَ ڪري اڄ تائين مابعد الطبعيات جا اهي ساڳيا پراڻا طريقا رائج آهن ۽
انهيءَ جو اهو نتيجو آهي، جو فلسفو ڪالعدم يا ٻين لفظن ۾ پنڊ پاهڻ ٿيڻ لڳو آهي.
لهــٰذا سائنسي حقائق تي منبي فلسفو اڃا تائين وجود ۾ نه اچي سگهيو
آهي! هتي البت اسان اهو سوال ڪري سگهون ٿا؛ ته ڀلا آگسٽ ڪومٽي (15) جي اثباتيت جي
باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڪومٽي بيشڪ تڏهن وڏو ڪم ڪيو، جڏهن هن ياد ڏياريو بلڪ ان ڳالهه
کي ذهن نشين ڪرايو ته مذهب جو پراڻو تصور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هينئر سائنس ان جي جڳهه
والاري آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ چوڻ ۾ هو صحيح هو، پر هن کان هڪ سنگين غلطي ٿي وئي، هن
ان ڳالهه تي ڪو زور نه ڏنو، ته سائنسي علوم جي ذريعي صرف حقائق تائين رسائي حاصل
ڪري سگهجي ٿي، البت فلسفو انهن کي بنياد بڻائي اهڙا نتيجا اخذ ڪري سگهي ٿو، جو
اسان انهن قدرن جي اهميت محسوس ڪري سگهون ٿا؛ جيڪي مذهبي عقيدي اسان کي عطا ڪيا
آهن. اهو ئي سبب هو جو دنيا جي آخرين شارخ، دين (يعني پيغمبر اسلام) جي نظر ۾
فلسفي جو مقصد مذهبي عقيدن جي عقل ۽ سمجهه ذريعي تصديقڪرڻ هو. ٻين لفظن ۾ جيئن دين
خود فڪر ۽ فلسفو بنجي پوي، پر اهو سڀ ڪجهه اڃا نه ٿي سگهيو آهي. ان جو سبب بريفالٽ
جي لفظن ۾ هي آهي ته فلسفو ”روايت“ ۽ ”طاقت“ ذريعي ڇانيل فڪر کان آجو ٿي نه سگهيو
آهي، دراصل انهن ٻنهي ڳالهين جي ڪري فلسفي وڏو ڌڪ کاڌو آهي. هڪ طرف روايتيءَ طرز
فڪر ته ٻئي طرف قوم پرستيءَ ۽ علاقائيت جهڙن ورهائيندڙ لاڙن صحيح فلسفي جي نشو نما
۾ هڪ لوهي ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي. اڃا تائين فلسفو عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر
آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا پيشوا فلسفي جي دنيا ۾ به ذات پات جي تعريف روا رکي ويٺا آهن،
ويتر سندن رسمي ۽ روايتي اصطلاح، لفاظي، پيچ در پيچ جملا جيڪي ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائڻ
جي مصداق آهن، سي هو پنهنجي گمراهيءَ کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جيتوڻيڪ
زندگيءَ جا مسئلا اڳي ئي مشڪل آهن ۽ هنن کي ته انتهائي سادگيءَ ۽ سلاست کان ڪم وٺڻ
گهربو هو!
هاڻي جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته جمهوري فلسفو رواج پذير ٿئي يعني
عام ماڻهو پڻ پنهنجن عقيدن کي عقلي ۽ علمي صورت ڏيئي سگهن ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن اسان
جو مقصد آهي ته تعليم عام ٿئي ۽ علم جي روشني هر هنڌ پکڙجي، ته هيءُ وقت آهي جو
اسين فلسفي جي بنيادي مسئلن جي تشڪيل ۾ انقلاب آڻيون. ان لاءِ اسان کي کپي ته آسان
۽ نهايت سليس انداز بيان اختيار ڪريون ۽ سائنسي حقائق کي بنياد بڻائي فلسفيانه
نتائج اخذ ڪريون، پوءِ ڀلي انهن جو تعلق الاهيات سان هجي يا فلڪي ۽ طبعي دنيا سان
هجي، يا کڻي حياتيات ۽ زمان ۽ مڪان سان هجي، يا اڃان به زمان کان ماورا حقائق سان
هجي يا انهن سڀني جي تاريخ سان هجي!
آخر ۾ آءٌ پنهنجي هيءُ اڻ رٿيل تقرير اها ڳالهه چوڻ کان سواءِ ختم
ڪري نٿو سگهان، ته موجوده اختلاف جا ٻه ڪارڻ آهن: پهريون ۽ مکيه ڪارڻ هي آهي ته
اسين اهو فلسفو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جيڪو وافر سائنس حقائق تي مبني ۽ انهن سان
مطابقت رکندڙ هجي، ٻيو ته اسان جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، تنهن سان پڻ پنهنجي زندگيءَ
۽ شعور کي هم رڪاب بڻائي نه سگهيا آهيون، حالانڪ اِهو علم خود انهن قدرن کي جيڪي
اسان فقط بطور عقيدي قبول ڪيا آهن، بخوبي ثابت ڪري سگهي ٿو. فلسفي جي نئين سر
تشريح ۽ تجديد ئي انسانذات لاءِ هي ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهي ٿي، هاڻي جيڪي توهان
چاهيو ٿا ته ائين ٿئي، ته پوءِ حق ۽ سچ جي حاصلات لاءِ باهمي تنگ نظري ۽ جزوي قومي
مفادات کي خيرباد چوڻو پوندو. ٿورن لفظن ۾ اسان کي سخت ايمانداري جي ضرورت آهي،
اها سالميت ۽ ديانتداري نه فقط اسان جي شخصيت کي سالميت بخشيندي، بلڪ ساري انسان
ذات ۽ ڪائنات کي هڪ ڪري يعني ان کي ”ڪُل“ بنائي ڇڏيندي اها ڳالهه واقعي تعجب جو
باعث آهي ته سالميت ۽ ديانتداريءَ(Integrity) جو هُن وحدت ۽ ڪليت (Integration)ڇا وڃي، جيڪا فلسفي جو مول مقصد آهي. اها ڳالهه به گهٽ حيرت انگيز
ناهي ته اسان جي وڏڙن جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ سالميت يا ڪليت(Wholenes) کي صحت يا تندرسي (Healthiness) ۽ پاڪائي يا تقدس (Holiness) جي مترادف سمجهيو ويو آهي، تنهنڪري فلسفي جو وڏي ۾ وڏو مقصد اهو
آهي ته فرد، انسانذات ۽ ڪائنات کي هڪ متوازن ”ڪل“ ۾ مربوط ڪري. منهنجي نظر ۾ اها
ئي جوابداري اوهان فيلسوف حضرات تي عائد ٿئي ٿي.
شل خدا اوهان جو ساڻي ٿئي!
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا