Thursday, February 20, 2020

مهمل رديف‘ جو جائزو| لسانيات|ڊاڪٽر الطاف جوکيو


مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’مهمل رديف‘ جو جائزو
ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ لفظن جي بازيگري جو وڏو سمنڊ سمايل آهي. شعرن ۾ لفظن جا رنگ ته سڀڪو پيو بيهاري پر قافين ۽ رديف جي ٻولي بيهارڻ سؤلي ناهي. قافيا ۽ رديف به اهڙا ڪم آڻبا جيڪي عام ٻوليءَ ۾ ڳالهائجن ٿا. شاعري لفظن جي سٽاءَ جو سهڻو نالو آهي، ان سبب هر شاعر سهڻا لفظ ڳولهي ڪم آڻيندو آهي. مولوي صاحب وٽ لفظ ڳولهڻ جو تصور گهٽ ٿو لڳي، ائين ٿو لڳي ڄڻ لفظ سندس استعمال جي تاڙ ۾ ڦيرا ڏيندا هجن. لفظ به اهڙا جيڪي عام ٻوليءَ ۾ بيڪار ۽ غير معياري ڄاتا ويندا هجن، پر مولوي صاحب انهن کي ڪم آڻي جهڙوڪر جئيدان بخشي ڇڏيو هجي. هتي رديف جي دائري ۾ ’مهمل رديف‘ کي ڏسجي ٿو. ’مهمل رديف‘ مان مراد، رديف جي لفظن جِي اهڙي صورت بيهارڻ جن کي ٻوليءَ ۾ عام طور غير معياري لفظ يا بازاري لفظ ڄاتا ويندا آهن، يا وري صورتخطي/ لکت جي صورت ۾ عام طور ڪم نه آندا ويا هجن. ڪهاڻيءَ جا مڪالما اهڙي بازاري ٻوليءَ جي زينت بڻبا آهن، ليڪن شاعريءَ ۾ اهڙا تمام گهٽ لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. اهڙي ٻوليءَ جي لفظن يا فقرن کي ’مهمل لفظن‘ ۾ ڄاتو ويندو آهي. ان گروه ۾ اهڙا لفظ به ايندا آهن جيڪي ٻوليءَ ۾ ڪا معنى نه رکندا هجن، ليڪن ٻين لفظن سان ملي ڪو مفهوم ڏيندا هجن.
مهمل رديف: [مُهمَل- مُفعَل- اسم مفعول (هَمَلَ= هو آزاد چوڳو چريو، هن ڇيڪ ڇڏي ڏنو، هن نظر انداز ڪيو) ڇيڪ ڇڏيل- نظر انداز ڪيل + رَديف- فَعِيل- صفت مبالغو- مفعول جي صورت ۾ ڪم ايندڙ (رَدَفَ = هو ٻيلهه ويٺو، هو وهٽ تي پويان ويٺو)] ڇيڪ ڇڏيل ٻيلهه وهندڙ، جيئن:
سڄڻ منهنجو سَدا سهڻو، سِڻيءَ جو ڦُل اَهاهاها،
مِٺو محبوب مَن مُهڻو، مَڻيو بي مُل اَهاهاها.
لڳو ان حسن جو هُل هُل، ڪٿي قُو قُو، ڪٿي قُل قُل،
ٻُرن بُلبُل، چوَن گُل گل، سخن صُل صُل اَهاهاها.
احد کان ڪُل، نه ’احمد‘ رُل، گهڙي ٻيا گُل، نه بُلبُلِ، ڀُل،
ڪرم سان ڪُل، بچان بلڪل، بچان بلڪل اَهاهاها.
مٿئين غزل جي سٽرن ۾ ’اَهاهاها‘ هڪ وڻندڙ اسم کي ڏسي اچانڪ زبان مان نڪرندو آهي. ظاهري طور لغت ۾ اهڙي انداز جي ڪا لغوي معنى ڪونه بيهندي، ليڪن اظهار جي ڪيفيت موجب هڪ ’دلٺار‘ گفتو آهي، جيڪو عام ٻوليءَ جو جز آهي. مولوي صاحب جا اهڙي انداز جا به رديف ڪم آندل آهن، جن کي مهمل لفظن پٽاندر ’مهمل رديف‘ ڪوٺبو.
گل گهڻا گلزار ۾، پر اڄ گڏيَم گل واهه جو،
سَرو قد، سينو سَمن، سِر وار سُنبل واهه جو.
مُنهن مٺي محبوب جو، ڪر مشعلو محلات ۾،
تن تجلين تَن تپايم، هيءُ تجمُل واهه جو.
ڪات ڪهڙا، ڪاٺ ڪهڙا، جي ڪرين ڪاوڙ قريبَ،
قتل لئي ڪاريون اکيون بس، قيد ڪاڪُل واهه جو.
آس ’احمد‘ کي احد ۾، سو ڪندم اوڏا عجيبَ،
تار تِک طوفان ۾، تُرهو توَڪل واهه جو.
واهه جو‘ اهو انداز بنهه عوامي آهي، جيئن عام ٻوليءَ ۾ ڪنهن وڻندڙ شيءِ لاءِ بي اختيار چئي ڏبو آهي ته ’واهه جي شيءِ آهي‘، ’واهه جو ماڻهو آهي‘، ’واهه جا گل آهن‘ وغيره. اهڙا لفظ ’مهمل‘ واري کاتي ۾ ايندا آهن ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت سان ڪم ايندا آهن. مولوي صاحب جي شاعريءَ جا لفظ عَروضي شاعري ۽ سنڌ جي عوامي ٻوليءَ جي امتزاج جا مثال آهن.
سِڪ مَ ڇڏ، سِر وڃي ته وڃڻ ڏِينس،
ڌَڙ پريان در وڃي ته وڃڻ ڏِينس.
دل دنيا دين دوست تان گهوريان،
گنج گوهر وڃي ته وڃڻ ڏِينس.
لب رکي لَب تي ماڻ مِڙ مطلب،
حوض ڪوثر وڃي ته وڃڻ ڏِينس.
پار احڪام عشق جا ’احمد،
مِهت منبر وڃي ته وڃڻ ڏينس.
وڃي ته وڃڻ ڏينس‘ رديف آهي، جيڪو عام ٻوليءَ ۾ موج مستيءَ جو اهڃاڻ آهي. جڏهن ماڻهو ڪن خيالن جي اڏام ۾ هوندو آهي ته ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه ڪندو آهي ۽ بغير ڪنهن نفعي نقصان ڏانهن ڏسڻ جي بي اختيار چئي ڏيندو آهي ته ’فلاڻي شيءِ وڃي ته وڃڻ ڏينس‘، ’فلاڻو ماڻهو وڃي ته وڃڻ ڏينس‘ وغيره. اهو گفتي جو انداز اهڙو هوندو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي چهري جا تاثرات به ڏسڻ جهڙا هوندا آهن. اهڙي انداز جي گفتي کي ’مهمل لفظن‘ ۾ آڻبو آهي.
پِير کي ڇڏ، پُوڄ پروَر، چئو ته پوندس چُهنڊڙي،
ايءَ سُنت سردار سَرور، چئو ته پوندس چُهنڊڙي.
خَلق سڀ کائي خدا جو، ڳائي جيڪو ڳڻ ٻين،
ان جو لنگر ٻئي جو لنگر، چئو ته پوندس چهنڊڙي.
وَر وَنيءَ والي ملايا، پوءِ وليءَ تي ڇو وڃي،
ان جي ناتر ٻئي جي ناتر، چئو ته پوندس چُهنڊڙي.
ڪَر احد جو حمد ’احمدَ‘، مڃ محمد مصطفى،
دوست ٻئي کي دين تي وَر، چئو ته پوندس چُهنڊڙي.
چئو ته پوندس چُهنڊڙي‘ اهڙو رديف آهي جيڪو طنز طور ڪم ايندو آهي. ’فلاڻي کي سچ چئو ته لڳندس چُهنڊڙي‘، ’فلاڻي کي ڪا حق سچ جي ڳالهه ڪر ته پوندس چُهنڊڙي‘ يا ’لڳنس ٿا مرچ‘ وغيره. اهي عام ٻوليءَ جا گفتا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي عوامي گفتگوءَ ۾ ڪم آڻيندو آهي. ان سبب ان کي ’مهمل رديف‘ سمجهجي ٿو.
ڀلي آئين، اُجاريَئي اڄ، اڱڻ ايوان لک لائق،
جِيَس جاني، ٺَري پيَڙم، جسم ۽ جان لک لائق.
هيم آسيون، اچين شل تون، رکيَئي رايو، رچين شل تون،
ڀلي آئين، بچين شل تون، بنيا بستان لک لائق.
هِنيون لايم حبيبن سان، ڪچهري گُل قريبن سان،
مليو ’احمد‘ عجيبن سان، عجب احسان لک لائق.
سماجي ٻوليءَ ۾ ’ٿورا مڃڻ‘ جا ڪافي انداز ۽ لفظ آهن، ’لک لائق‘ به ٿورن مڃڻ جو هڪ گفتو آهي. لفظن جو لغوي ڇيد ڪرڻ سان ڪا خاص معنى ڪونه جڙندي، ليڪن عوامي سطح تي مهرباني ادا ڪرڻ لاءِ عام جام ڪم آندو ويندو آهي. اهڙو انداز ۽ گفتو رديف جي صورت ۾ ’مهمل رديف‘ چئبو.
مرحبا، محبوب جِي، آئِي اَنباري، پوش پوش،
سَير تي صاحب چڙهيا، سامهين سواري، پوش پوش.
شغل شاديون شهر ۾، شاباس شمعن جا شعاع،
بَرسر بازار ٿئي، بوند و بهاري، پوش پوش.
سينڌ تان سُوڌي پٽي، سُرمي سوا سونهن اکيون،
چيلهه تي چوٽو چندن، چوڌاري چاري، پوش پوش.
اهو رديف ’پوش پوش‘ به هڪ سماجي برتريءَ واري ڪار جو گفتو آهي، جيڪو پردي ڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هيو. اڄڪلهه ته اهو انداز گهٽجي ويو آهي، ليڪن اڳي وڏ گهراڻي جون زالون جڏهن گهٽين ۾ نڪرنديون هيون ته انهن جا نوڪر وغيره رستي تي ’پوش پوش‘ جو آواز ڏيندا هيا ۽ جتي به ڪو ماڻهو هوندو هيو، ته اهو پاسي ۾ ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهندو هيو. ڄاڻايل رديف به ’مهمل رديف‘ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ان کان علاوه سندس مزاحمتي شاعريءَ ۾ به اهڙا انداز ملن ٿا، جيئن:
هيل حَج بي حال هو، پَر ڳالهه توسان ٿو ڪريان،
سخت ڏاڍو سال هو، پر ڳالهه توسان ٿو ڪريان.
ڪنهن به ماڻهوءَ کي مليو، ميلي پڄاڻان ڪو مريد،
قول تنهنجو ڪال هو، پَر ڳالهه توسان ٿو ڪريان.
تو سُئو ۽ مون سُئو ’احمد‘ ٻين کي اَت مَ ڏج،
ايءُ عجب احوال هو، پر ڳالهه توسان ٿو ڪريان.
جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪا ڳالهه ڪرڻ لاءِ پيو وَٽَ کائيندو آهي، جيستائين اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪندو تيستائين سڪون نه ملندس. هي به ساڳيو انداز آهي ته ’ادا، هيءَ ڳالهه ٻڌ، ڳالهه رڳو توسان ٿو ڪريان، ڪنهن سان ڪجان نه‘ وغيره. هن ۾ به طنزيه انداز سان ائين چيو ويو آهي ته ’پر ڳالهه توسان ٿو ڪريان‘، يعني ٻئي کي ڪجهه ٻڌايو ئي نه اٿم. جڏهن ته سڄي راڄ سان پيو ڪندو آهي. مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا طنزيه انداز به ڪافي ملن ٿا: ’اهو ٿو وڃئي‘، ’چُوها خان کي چئجو‘ وغيره

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون