Wednesday, March 4, 2020

سرويچ سجاولي|شاعري



ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون سرويچ سجاولي



وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪُنڊون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو، سُرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
درشن ٿين جي دوبدو، ته ڄڻ ڪه حورون هوبهو،
سبحانھ سبحانھ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻيءَ ڀرڻ لئه پدمڻيون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،
ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا، سِر تي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا،
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگ ڪر چالن چُرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روهه تان برفون ڀُرن،
يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

خوش ٿي کٿيريون کِلن، تان ماڻڪن جا مڻ ملن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلُون جَلن،
هو سنڌ تان گهوريو گُهمن، ۽ ملڪ جي مٽي چُمن،
هو سنڌ جي خاطر جيئن، ۽ سنڌ جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جڳ رهن، هي جوڌيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِت،
گهوٽيا گُهمن گهاٽن سان جِت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِت،
اوڍيو گُهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بُت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سِڪون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جري ۽ جُواڻ پُٽ، ڳاڙها جيها حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ، ”سرويچ“ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هِڪ هِڪ سندا هيڏا جگر، هِڪ هِڪ ڇڏي ٽوڙي ٽڪر،
هِڪ هِڪ اٿيئي سيني سَپَرَ، هِڪ هِڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هِڪ هِڪ سنديءَ مستيءَ ۾، ڏس مستيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون



تون خود روح جي راڻي آهين، راڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون،
ننڍڙن ننڍڙن ٻارن وانگر، اياڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

جهٽ پٽ اندر جهٽ هڻن ٿيون، جيءُ جهپي ڪن جهيرون جهيرون،
جاڙن ڀروئن هيٺان جاني، جڙاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

لاکيڻي ڪنهن ليکڪ جي سي، ليکن جهڙيون قومي وطني،
قلب جي ڪوري ڪاغذ تي ڄڻ، ڪهاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

ايندن ويندن ونگ وجهن ٿيون، وڍ وجود منجهه تنهين جا،
ويراڳڻ ڪنهن وائي جون سي، وراڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون.

سوڍا ۽ ”سرويچ“ انهن جي، سٽ نه هڪڙي سهندا يار،
ٻهڳڻ ٻهڳڻ ٻلوانن سان، ٻکاڻيون آهن اکڙيون تُنهنجون





انقلاب آيو کپي

ڇا ڪنڌ قاتل پيو ڪپي، ڇا لال لٽَ ۾ پيو لپي،
بـــــــس! انقلاب آيو کپي، هُو انقلاب آيو کپي.

جيئن جيئن جبر جورو ٿئي ۽ قهر نت ڪورو ٿئي،
تيئن تيئن ٿي ڌرتي تپي، بس! انقلاب آيو کپي.

ڇا رَت راڻن جو تتل، جهوري جبل آيا ڳپل،
مڙسن ڇڏي منزل مپي، بس! انقلاب آيو کپي.

هي جيئرا جذبا ته پس ڪاتن ڪهاڙن تي نه ڪس،
يارن کنيا ٺوڪي ٺپي، بس! انقلاب آيو کپي.

سوڍن جي سر سونهن جو قسم، بدڪار جا بارود بم،
جوڌن پٽن ورتا جهپي، بس! انقلاب آيو کپي.

هرهڪ ٻچو سنڌ سان سچو، سينو ڪڍيو چئي پيو اچو،
ٽينڪن اڳيان بيٺو ٽپي، بس! انقلاب آيو کپي.

سوريءَ چڙهڻ سڀ پيا سکن، ”سرويچ“ سوڀن لئه لکن،
۽ ڇاپڻي ڇاپئي ڇپي، بس! انقلاب آيو کپي.


سراپا احتجاج آهيان

سراپا احتجاج آهيان، سراسر انقلاب آهيان،
مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي، حسابن جو ڪتاب آهيان.

ڪڙهان ٿو قوم ساريءَ لئه، سڙان سانگين سٻاجهن لئه،
وڙهڻ ۾ تنهنجي ويرين سان، نه ڏسندو ڏوهه ثواب آهيان.

وجهن جي ونگ وانگين کي، هڻن سنگهرون سنگهارن کي،
انهن لُچن لُٽيرن لئه، وڏو جنگي جواب آهيان.

پيو هر سنڌ واسيءَ جي، اُکوڙيان ننڊ اکڙين جي،
جو جاڳائي جُڳن تائين، اهو چنگ و رباب آهيان.

وٺڻ لئه حق هرهنڌان، ڀڀڙ ڀُون تي پيو ڀڙڪايان،
عداوت سنڌ سان جن جي، انهن جي لئه عذاب آهيان.

جڏهن جنگين جي پڙ اندر، لڳن ٿا گهاوَ گهوٽن کي،
وهي تن جي جو بُت مان رت، اهو گهرو گلاب آهيان.

هي منهنجا ليک سڀ آهن، لٺيون لوڙهيون ۽ للڪارون،
بُرن بَدخواه ماڻهن لئه، بکايل ڄڻ عُقاب آهيان.

چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پڻ،
عوامي شاعري اندر مان، اوچو آفتاب آهيان.

گهڻا نقال نڪ نِرجا، نسورو ڪن نقل مون تان،
انهن ڪم چور ڪوڙن کي ته، ڪندو بي نقاب آهيان.

سُهاڳڻ سنڌ جو سوڍو، سگهو ”سرويچ“ سوڀارو،
نه پيريءَ جو مٿم پاڇو، شباب ئي بس شباب آهيان.


پاڻ ته سادا سُودا آهيون
پاڻ ته سادا سُودا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو
پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون
پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون
پنهنجا هٿ ۽ پير به ڪارا، ٻوٿ به پنهنجو ڪارو يارو،
پاڻ به ڪيئي ماڻهو آهيون، ماڻهو تن جا پنڌ پري.

ديس وڃائي ويٺاسين ۽ دوست وڃائي ويٺاسين،
دوست وڃائي خوب ڪيوسين، ويرين ۾ واڌارو يارو،
پاڻ ته سادا سُودا آهيون. پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو.

پنهنجا ڀونگا پنهنجون ڀيڻيون، پنهنجا ڀاڻا ڀورا ڀورا،
ڪنهن پر پنهنجو سمجهون هاڻي، قمبر ۽ ڪامارو يارو،
پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون، پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو.

پنهنجو دادو ٺٽو ناهي، پنهنجو شاهه نواب به ناهي،
پنهنجو کسجي پاڻ ڪنان ويو، جهانگارو باجارو يارو،
پاڻ ته سادا سُودا آهيون، پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو.

ڪڇ ڪراچي پنهنجي ناهي، بُلڙي ڊگهڙي پنهنجي ناهي
جاتي ۽ جهمپير جهڏي تي، لُچن جو لامارو يارو
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون، پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو.

پنهنجون پاڙون پٽجن پييون، پنهنجو هاڻي ڪونه رهيو آ،
ٽنڊو ڏندو ڍورو نارو، سن سکر سامارو يارو،
پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پاڻ ته سادا سُودا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو.

ٿر جبل ڀي پنهنجو ناهي، لاڙ اتر ڀي پنهنجو ناهي،
پو به اسان وٽ کِل خوشيون ۽ تاڙين جو وسڪارو يارو،
پاڻ اڀومي ماڻهو آهيون، پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون،
پنهنجو وس نه چارو يارو

پنهنجون هاڪون ساکون وييون، سڀ ڪجهه ٻيڙيءَ ٻوڙ کڻي ويا،
هو ڏس ٻيڙيءَ ٻوڙ کڻي ويا، ٻج ٻني ٻيجارو يارو،
پاڻ ته انڌا ٻوڙا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.
پنهنجي ڪکن پکن ۾ اڄ، پاڻ مٿي هت پلپل آهي،
مار مصيبت مارو يارو، ٿڪ بُجو کانگهارو يارو،
پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

سُکن ڪارڻ سِڪي سِڪي، سانگي سانگ ڇڏي ويا پنهنجو،
سنڌيءَ سنڌيءَ جي آ سر تي، سورن جو سانگهارو يارو،
پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو.
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

ڪي پيا جيلن منجهه جلن ۽ ڪن تي ڏنڊا ٻيڙيون ڏنڊ،
سُهڻن سُهڻن ساٿيئڙن تي، ڦٽڪي جو وسڪارو يارو،
پاڻ ته جڏا ماڻهو آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

جيڏو سنڌي ماڻهو اڄ ڪلهه، ڪاهل آهي ڪانئر آهي،
ايڏو ٻيو شل ڪونه ٿئي، ڪٿ قومن ۾ ڪانيارو يارو،
پاڻ ته ٻوڙا گونگا آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون

قومن پنهنجي قوميت کي، ڪنڌ ڪپائي قائم رکيو،
پنهنجي عملن تي ته اچي ٿي، اُلٽي ۽ اوڪارو يارو،
پاڻ ته ٺلها ماڻهو آهيون، پنهنجو وس نه چارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيون.

ڪيڏو ڪُٽيا ڌڪيا آهيون، ڪيڏو وڍيا وڪيا آهيون،
پو به ڏينهان ڏينهن آهي پنهنجي، وِڪري ۾ واڌارو يارو،
پنهنجا هٿ ۽ پير به ڪارا، ٻوٿ به پنهنجو ڪارو يارو،
پاڻ به ڪهڙا ماڻهو آهيو.


قلندر پنهنجي نگريءَ ۾
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.
سڄي هيءَ سنڌ ڌرتي ڄڻ، ته ڪو ٽامو تتل آهي.

پراون پاپين سان گڏ، هي پنهنجا رت پياڪو ٿيا،
جنهين جي قهر ڪاري کان، نه ڀاڳيو ڪو بتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

اڃا ميٽيو نه ڌڪ آهي، هُو احمد خان آصف جو،
ته تازو ئي وري هي تر، سڄو رت سان رتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

برهماڻين ۽ گوپانگن سان گڏوگڏ، ڀاڻ هاشم ۾،
اجهو هُو ڪالهه تازو ڏس! ته ٿيو ڪيڏو قتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

مٿن تي موڙ جن جي ۽، هٿن ۾ مهڪ مينديءَ جي،
انهن گهوٽن ڪنوارين جو، کڙهه تي سر کتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

وڏيرن، ميمبرن، چورن، وزيرن، نوڪرن جو سڀ،
سونهاريءَ سنڌ ڌرتيءَ جي، مٿان هاڃو هتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

گهرون ٿا خير جن جو ۽، ڪڙهون ٿا جن جي ڪرمن لئه،
انهن ”صالح سڀاڳن“ جو ته هي گهاڻو گهتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

اسان جي عام ماڻهن جي مٿان ليڊر تي ليڊر آ،
وڏن واڳن جي واتن ۾، ته هر وانگي وتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

ڏيون هي ڏوهه ڪنهن ڪنهن کي، ته هي قاتل يا هو قاتل،
مگر هن ڪوس پنهنجي ۾، گرو گَنجو گتل آهي،
قلندر پنهنجي نگريءَ ۾، وڏو ڪربل متل آهي.

سجاڳي ۽ سُڌارو سنڌ جو ”سرويچ“ ويجهو ناهه،
سڄي هيءَ قوم تعصب ۽ تفرقي ساڻ تل آهي،
قلندر پنهنجي نگري ۾، وڏو ڪربل متل آهي.




اهڙو گهرجي ڪونه نظام

اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام
جنهن ۾ ڍورن ڍڳن وانگر
ڪسجي ڪُٽجي روز عوام.

ڏوٿيئڙن تي ڏنڊا جنهن ۾،
لچن کي جت ناهي لغام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
خون ۽ ڌاڙا اغوا جنهن ۾،
سانجهي توڙي صبح شام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ قاتل ڪرڙا،
قوم سندم پئي ٿئي قتلام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

سنڌي ماڻهونءَ ويچاري تي،
قائم آهي روز قيام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

ڌرتي جن جي، سي ته ڌِڪن ۾،
هر هڪ ”آيل“ لائي انعام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

پاپي ۽ پرماري ٽولا
جنهن ۾ مستو مست مدام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
لوڌ وزيرن جي آ جنهن ۾
ناهي جن کي ڪوبه لغام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

ڪالهه به قيدي، اڄ به قيدي،
وانگي منهنجا هي وريام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

ٺيڪي ۾ ويا ٺڳ کڻي ڏس،
ماروئڙن جو ننگ ۽ نام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

تنهنجو منهنجو ڪوبه مسئلو،
حل نه جنهن ۾ ڪن حڪام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙي گهرجي ڪونه نظام!!

مارن جو جت ماس چٻاڙي،
حاڪم کائن روز حرام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!
رشوت خاطر، ڪامورو جت،
وڪڻي قومي، ننگ ۽ نام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

آفيسن ۾ ڌاڙيلن کان،
ڦرجي لُٽجي روز عوام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

اڄ به جتي، انصاف وڪامي،
بيحد سستي سستي دام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!

ڪُرسي لئه جت، ڪوڙو پڙهجي،
ڪلمون توڙي پاڪ ڪلام!
اهڙي گهرجي ڪونه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪونه نظام!!


تنهنجي اکين جي اڳيان


تنهنجي اکين جي اڳيان، هرڻن جون اکيون هيچ هيچ،
مون ڏٺيون ڪنهن پر نه ٿيون، ڀيٽ ۾ ڀيچ ڀيچ.

جن به جن سان ٿيون ملن، تن ماڻيو معراج ڄڻ،
ويا اوهان سان تن جا پئجي، پيچ تي ڪي پيچ پيچ.

جنهن به پاسي ٿيون کڄن، سُرمي گڏيل سي سانوريون،
تنهن طرف ساوڻ سڪار، ۽ ڪک پن جا ڪيچ ڪيچ.

ماڻڪيون محبوب تنهنجيون، بي مثل ۽ بي نظير،
مَٽ نه تن جو ڪٿ ملي، هي ملڪ سارا ميچ ميچ.

مرگهه آهو جون اکيون، يا نرگسي ڪي نيڻ ٻيا،
ڪابه قيمت ناهه تن جي، ڀل کڻي ”سرويچ“ ويچ.

محبت سنديون ڪي ماٽيون


اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون،
ڪُلفت جا دوڳ درخت، ڪرٽن سان يار ڪاٽيون.

سک ساڻ هُونِ ماڻهو، سنسار هن سڄي ۾،
ايڏو ته پيار پوکيون، ڪاڇي ڪچي پڪي ۾،
جنهن مان خرار کڻجن، ٽويا نڪي ڪي پاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڪينن ڪدورتن تي، آڻيون قيام ڪاري،
فتنا فتور ميٽيون، جهيڙا رکون نه جاري،
نفرت جا نوڙ ناڀون، ڄيرا ڏئي ڄراٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

امن و امان عافيت، انسان ساڻ الفت،
ڪچ ڪوڙ کي ڪٽڻ جي، قائم ڪريون ڪا قدرت،
دنيا سڄيءَ سان ياريون، گَهريون رکون ۽ گهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

دوکا فريب دُلبا، دنگا فساد ڌوڏي،
لالچ لغورپڻ جي، لاهن کي لوڏي لوڏي،
کوٽي بنياد تن جا، لُٽمار کي لڙهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

نِج ٻِج برابري جو، پوکيون گهٽيءَ گهٽيءَ ۾،
پهريون ئي لفظ پيار جو، پاڙهيون پَٽي پَٽي ۾،
سيئي دليون ڌتاريون، جيڪي دکن دونهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

گڏجي گُهمون ڦرون سڀ، گهيڙن گهٽين گهٽن ۾،
جيڪا به رَٻ پاڻي، ورڇي پيون وٽن ۾،
ڳايون ڳيا خوشي جا، پائي ڳچي ڳراٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

هر دم هجن متل شل، ميڙا ۽ ميڙ پنهنجا،
ٻهڪن ٻڌيءَ جي ٻل سان، گهرگهاٽ گهيڙ پنهنجا،
جُو جُو کي جوت بخشيون، جُٽ جوڙ ساڻ جاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

حُبون هزار سانڍيون، هرپل ڀڄون حسد کان،
ساڙ رکون ڇو ڪنهن جي، حق ۽ حدود حد کان،
سينن ۾ صاف سڪ جا، ٻاريون ڏيا ڏياٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ماڻهن سان ميٺ ميلپ، رکجي مثال واري،
محبوب وانگي مٺڙو، هوئي مزور هاري،
دليون ملن دلين سان، سوڌيون سنيون سواٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڀون ساڻ ٿي ڀيچ ڀيچي، ڀارن جيان گذاريون،
پختن پڪن پيارن، يارن جيان گذاريون.
دشمن امن جا جيڪي، تن کي چٿيون چيهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ويڇا سڀئي وساري، وهسون وسون وطن ۾،
مُرڪون ملون هلون سڀ، هٿڙا ڏئي هٿن ۾،
پيرُن پَڪن، پَڪن جون، ورڇيون پٽن ۾ پاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

ڌرتيءَ سڄي جي جسم تي، جيڪي به کَنڊ ٻُڌجن،
تن تي کڙيل هميشه، چوڏهين جا چَنڊ ڏسجن،
وَستيون اُهي وسايون، جيڪي ورهه وِهاٽيون،
اچ اچ ته ويهي ولوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.

”سرويچ“ سنڌ سوڌو، روشن جهان ڪريو،
سُک ۽ سلامتي جا، پڌرا نشان ڪريو،
ايندڙ صديون رکن جيئن، اوچيون هميشه ڳاٽيون،
اچ اچ ته ويهي وِلوڙيون، محبت سنديون ڪي ماٽيون.




No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون