ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري
قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
”اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.“
انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ ”عالم اڪبر“ ڪري سڏيو آهي،
۽ انسان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي ”عالم اصغر“ ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات
۾ موجود آهي، تنهن جو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن
يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي. انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به
لامتناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاه صاحب فرمايوآهي ته:
نڪا اِبتدا عبد جي، نڪا انتها
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“
(جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو).
باوجود انهي رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي.
منجهس ملڪوتي طاقتون به آهن ته بهيمي (يعني مِرُن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي
طاقتون زور پئجي ويون ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو. پر جيڪڏهن
ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته مَلڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو. جيئن فارسي واري
چيو آهي ته:
آدمي زاده طرفہ مهجونيست
از فرشتہ سرشتہ و از حيوان
گر کند ميل اين شود بہ ازين
ور کند ميل آن شود بہ ازان.
تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميشہ جنگ جاري آهي. جنهن
پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻ کي اِلاهي حضور
جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙي حد کي پهچي ٿو، جتي
ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، جو
نڪي عاشق آهي نڪي معشوق، ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق. انهيءَ باري ۾ شاه لطيف فرمائي ٿو:
عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق
خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چؤ مخلوق
سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو.
اهڙي حبيبي حقيقت، جنهن کي صوفي ”حقيقت محمدي“ ڪري چوندا آهن،
خواجہ محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي:
عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي
نڪين چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا
شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل و نهار کي.
گرهوڙي صاحب وري ان جو وستار هن طرح ڪيو آهي:
وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه
سسئي سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا
پاڙي مون پرينءَ جي، مجنون مشتاقا
حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آه
جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ
آگو چؤ مَ ان کي، نڪين مخلوقا.
اهو سالڪ، جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گويا توڙ ڪيو ۽ اهوآهي
انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاه فرمائي
ٿو:
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪبي اُتِ ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي
قصي ۾ نمايان آهي. ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهن جي اپٽار انهن بزرگن ڪئي آهي،
جي اسلامي تصّوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن، سي انهن روحاني وارثن
وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين. اها تمثيل شاه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان
آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين:
نرتي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل
راجا رتولن ۾، اونائي امل
راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل
انااحمد ”بلاميم“ چئي، سين هنئي سائل
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هردوئي هيڪ ٿيا.
ڪنهن ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي
”الانسان سري واناسره“ ورتي ايءَ وائي
راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا.
اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي. تتيءَ ٿڌيءَ
ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پِر جو.
واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيهه ڏٺوم
ڏونگر ڏوراپن سين، ڪانيءَ ري ڪٺومِ
جيلاه محب مُٺومِ، تي ڇُلون ڪريان ڇپرين
هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون
ساڄن سونهن سُرت، وِکائي ويجهو گهڻو.
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا