Saturday, March 7, 2020

شاه جو سر سارنگر|لطيفيات|ڊاڪٽر علامہ دائود پوٽو

شاه سارنگ کي پنهنجو يار ٿو سڏي: ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا“. سانوڻ ۽ بهار سال جي جوانيءَ جا ڏينهن آهن. مون جهڙا ڪتابن جا ڪيڙا ۽ گهر گهيتڙا به جوش ۾ اچي ويندا آهن. اڃا جهڙ جهاما ٿيو، رعد جي رڙ ٿي، ۽ وڄڙين ور وڌا ته حال في الحال ٽپڙ سيري ڇڏيندس، پير ۽ ٽنگون بي اختيار نچڻ لڳنديون، ۽ وات مان سارنگ جي بيتن جي جهونگار نڪرندي. اهڙي وقت موڙهلن کي به مت اچيو وڃي، ۽ اُهي به قدرت جي موج مستيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري، ڪو وقت اونگهه ۾ اچي ويندا آهن.
ڏينهن ڏاڍا ٿيا آهن ۽ ڪانءَ جي اک پيئي نڪري، هاڙهه لڳو پيو آهي. گاه سڪي ويا آهن. پري کان رڃ پيئي جرڪي. ماڻهو، مرگهه، مينهون، سڀ سارنگ کي پيا سارين. اَڙيون ابر جي آسري انتظار ۾ آهن. تاڙا تنواري رهيا آهن. سمنڊ جون سپون سج ڏي سڪ سان پيون نهارين. ساريءَ جوڙ ۾ آنڌ مانڌ آهي. ڏڪار پريان ڏيڪر پيو ڪري. ٿري بري ويلا ڪڍي رهيا آهن، باقي ڏڪارين جا ڀانڊا ڀريا پيا آهن. کڳيون پيا هڻن، چي ڄاڻ اسان جي آنن جو اگهه ٿيو. پر اجهو ٿو سندن سانڍيل ان گرڪي ٿئي. مطلب تي ساري ڪائنات ۾ ٿرٿلو آهي.
اتي خدا جي رحمت جنبش ۾ اچي ٿي. اتر جي ڪنڊ کان ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي لڳهن جي لالائي پسو، چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿيون ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. سانگ کي ساٺ ڪري ڏرکي چِٽي، رسيلا رنگ ڏيئي، سيج تي چاڙهيو اٿن. مينهن ٽهه ٽهه ڪري پيو ٽمي. سڀڪو پنهنجي اجهي ڀيڙو اچي ٿيو آهي. مينهيون ڀٽاريون به ڀڄنديون پنهنجي وٿاڻ تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي. ڪانئر ڪم کان ڇٽي پيا آهن. جتي ڪٿي ساز سرندا،سارنگيون ۽ چنگ پيا وڄن.پر انهيءَ اگم جو انگ اهڙو نه آهي، جهڙو پرينءَ جو پسڻ؛ مينهن ۽ نيهن ٻئي هڪڙي اکر آهن. ورهين جا وڇڙيل اچي مليا آهن. ڇو ته سيڻن کان سواءِ روح رچنڊيون ڪيئن ٿينديون؟ انهي عالمگير خوشيءَ ۾ اسان جي لافاني شاعر جو خيال وڃيو غريبن تي پوي چي، ويچارا هن وڏڦڙي ۾ ڪيئن ڪندا؟ هنن جا نجهرا هيڻا آهن، واءُ ۽ مينهن انهن کي وڌيڪ جهوري وجهندو. ويچارا ڪهڙي وَهَه ويندا، نه اوڇڻ اٿن نه آجڪو. ٻرحال وانڊين جا، جن جا جاني وَرَ همشہ لاءِ جدا ٿي ويا آهن. شال سندن پکا نه پُسن! ويچاريون گجگوڙ ٻڌي وسيون ٿيو وڃن، ۽ ساه ئي سڪيو وڃين. شال، وارث مٿن اچي اولو ڪري ۽ سندن جهڳي کي جوکو نه رَسي!
پر اِهي منڊل ته مند تي منڊيا آهن. مندائتي مينهن جي ڪا کنوڻ کوٽي ٿئي؟ ٿر بر وٺا آهن. تل ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي وييون آهن. پلر جي پالوٽ سين پَٽن پاههَ جهليا آهن. گسن تي گاه ٿيا آهن. وڻ به ساوا چهچ پيا لڳن. اگوندري آب ڪري سانگين جا ساهه وريا آهن. ڌرار ڌڻ ڪاهي، ڇنا ڇڏي، ثمر سنباهي پٽن تي پکڙي پيا آهن. هاري ٻج کڻي، هيج سان ٻنين ڏي هليا آهن، ۽ هر سنباهيا اٿن اَنُ اَرزان ٿيو آهي. جن مهانگو ميڙيو هو، سي اڄ هٿ پيا هڻن. شل اُهي ڏڪاريل موذي، جن کي پندرهن جو آسرو هو، سي ڏيهه مان مري کڄي وڃن! (شاه جي اها دعا ٻن صدين کان پوءِ اگهاڻي آهي). سنگهارن ۾ سک ٿيو آهي. مينهيون پاڻ مرادو ٿڌا گاه پيون چرن. وڏي اوهه سان ڦَر پٺيءَ لائي آيون آهن، ۽ سامهون سڄر کير پيون ڏين. مکڻ ماٽيءَ ۾ ڪُنَ پيو ڪري. شل اهڙي وقت ۾ پرين پاسارا نه ٿين.
نيٺ سارنگ ملڪ تان سوڙهه لاٿي ۽ سانده سهائو ٿيو. اهي وڄڙيون جي لال لبيس ڪري آيون، تن جي مهر فقط هن ملڪ سان نه آهي! اهي ساري جهان جو سير ڪري، رسول الله صلعم جي روضي پاڪ تي وسي، روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين، گرنار کان گهمي ڦري، ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تي پنهنجي ورکا ڪرڻ آيون آهن. اي سائين! سنڌ تي سڪار ڪرين ۽ سڀ عالم آبادڪرين! شاه جي همدردي سنڌ تائين محدود ناهي، بلڪ ساري جهان کي پنهنجي دامن ۾ آڻي ٿي!
_________
جيئن ته اڄ ڪلهه جا نؤخير علاما ۽ مَها مهوپڌيا انهيءَ ڳالهه تي اصرار ڪري رهيا آهن ته ”ادب“ [4] جهڙي پاڪ لفظ جو اشتقاق ”دُب“ يعني رڇ جهڙي ذليل ۽ نڪ ۾ نوڙي پيل جانور مان نڪتل آهي ۽ خوشامدڙيا انهن کي ”علامہ دوران“، ”اديب العصر“ ۽ ”فريدالدهر“ جهڙن بلند آواز القابن سان پڪاري رهيا آهن، ۽ جيئن ته شاعري رڳو نقالي ۽ تُڪ بندي بڻجي پئي آهي، ۽ نظم ۽ نثر جا صاحب انهن ٻنهي فنن کي اضافي ترڪيبن جي بيجا استعمال سان پائمال ڪري رهيا آهن، تنهن صورت ۾ واجب ٿيو ته ڀريءَ مجلس ۾ انهيءَ نازڪ مسئلي تي ٿڌيءَ دل سان ويچار ڪجي.
نهان کي ماند آن رازي کزو سازند معفلها
ورهين کان وٺي اندر ۾ اها آرزو پئي رهي آهي ته انهيءَ وڌندڙ ڦٽ جي مرهم پٽي ڪيئن ڪرڻ گهرجي. انهيءَ خيال سان چند سال اڳ ”ادبي ذوق“ تي هڪ مقالو لکيو هوم، جنهن ڪيترن ڪوچڙن جي ڪابوس ۾ هام وجهي ڇڏي هئي. ليڪن حضرت آغا شاه سرهندي جهڙي بزرگ ان جي تحسين ۾ هڪڙو وڏو خط لکي موڪليو هو. ان جو وقتي اثر هيءُ ٿيو، جو اضافي ترڪيب جو استعمال ڪي قدر گهٽ ٿيڻ لڳو. پر پوءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ. اسان جا ناثر ۽ ناظم انهيءَ علت غائيءَ کان آزاد ٿي نه سگهيا، ۽ سڀڪو اديبڙو، شاعرڙو پاڻ کي ڪَوِيسر سمجهڻ لڳو. تان جو نثر جي ڪايا پلٽ ٿي پيئي ۽ سڌاري بدران بگاڙو ٿيڻ لڳو. وقت آيو آهي ته انهيءَ ٻِرڙ کي ٻنجو ڏجي ۽ نثر ۽ نظم کي صحيح اعتدال ۽ ميزان تي آڻجي.
شاعرن بابت چيو ويو آهي ”لله ڪنوز تحت العرش مفاتيحها السنة الشعراء“: يعني الله تعاليٰ کي عرش هيٺان خزانا آهن، جن جون ڪنجون آهن شاعرن جون زبانون. ائين پڻ چيو ويندو آهي ته ”الشعراء السنة الرحمان “ يعني (شاعر الله تعاليٰ) رحمان ۽ رحيم جون زبانون آهن. تڏهن چئبو ته شاعر کي نهايت وڏو رتبو حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنهن کي شعور يا احساس هجي، جنهن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇُهڻ سان نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾ وڄن. جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل آهن ۽ ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني لفظن ۾ ادا ڪري، ۽ ان جي رازن جي اهڙي فطري نموني ۾ تعبير ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻهن جو عقل چرخ کائي وڃي. شاعر اهو آهي جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ چڱائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بکن. شاعر اهو آهي جنهن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي نڪري، ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي مٿي اُڀري. شاعر اهو ناهي جو هڪ هنڌ ويهي. ڪاغذ کڻي قافين جي لانڍ لکي، بحر ۽ وزن نبائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي لفظن سان ڀري بيشڪ، اهڙيءَ ڪار گذاريءَ ۾ نزاڪت ۽ نفاست، صناعت ۽ مهارت آهي، پر اهڙيءَ سخن کي سگهڙ پائي سڏبو، نه شاعري. سگهڙ اهو آهي جو ڪلام کي چڱيءَ طرح گهڙي، ٺپي ٺاهي. وزن تي پورو بيهاري. ان جو مثال واڍي وانگر آهي، جو اڻ گهڙيل ڪاٺ واهولي سان گهڙي، ۽ رندي روات سان ان کي لسو ڪري. يا رازي وانگر آهي، جو سِرون رکندي، چُوني يا گاري سان کُپائيندي، شاهل سان ڀت جي اوساري سڌي ڪندو آهي.
جيڪڏهن  اهو آهي امتياز شاعر ۽ سگهڙ جي وچ ۾، ته مهرباني ڪري ٻڌائي سگهندا ته اسان جي نظم نويسن مان ڪيترا شاعر آهن ۽ ڪيترا سگهڙ؟ ڪنهن کي به رنجائڻ بنان مان بي ڌڙڪ چوندس ته انهن مان اڪثريت سگهڙن جي ئي آهي، جي پنهنجي نظم کي عربي ۽ فارسي بحرن جي قالب ۾ وجهي پورت تي آڻين ٿا. غالباً شهري نظم نويس سگهڙ آهن. مان انهن کي شاعرن جو نالو نه ڏيندس. حقيقت ۾ ٻهراڙيءَ جا ڪلام چوندڙ ئي سچا شاعر آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڪلام هروڀرو بحرن ۽ وزنن تي ٻڌل ناهي ۽ تصنّع ۽ تڪلّف کان گهڻي قدر خالي آهي. انهن جو سخن بيساختہ درياه جي پالوٽ وانگر آهي ۽ اهي پنهنجي احساسن ۽ امنگن کي ازخود، بلڪ بي خوديءَ جي حالت ۾ اظهارڪندا آهن. جڏهن به شعر چوڻ جو جذبو اندر جاڳندو اٿن، تڏهن سندن وار ڪانڊا جي ويندا آهن. اکيون ڦوٽارجي يا ٻوٽجي وينديون اٿن، دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڪندي اٿن، ۽ غشي وٺي ويندي اٿن. پوءِ انهيءَ محويت ۽ فنائيت جي عالم ۾ انهن تي وجد ۽ حال طاري ٿيندو آهي ۽ وحدت جي واديءَ ۾ غرق ٿي، بي اختيار ڪلام چئي وجهندا آهن؛ جو کين ياد رهندو آهي، يا حاضرين قلمبند ڪري ڇڏيندا آهن. اها پيغمبري ريت آهي.
اهڙيءَ طرح صوفي سماع ۽ رقص ڪندي، راڳ ڳائيندي ۽ جلي ذڪر هلائيندي؛ ۽ عاشق صادق پنهنجي معشوق جي فراق ۾ جهڄندي جهرندي، پنهنجو وجود وڃائي، حسن جي حدن کان نڪري، روحاني عالم جو سير ڪندي، اچانڪ شعر چئي وجهندا آهن، جو عين حسن ۽ ڪمال هوندو آهي. بلڪ هڪ رواجي ماڻهو به قدرت جا نرمل نظارا پسي، موج مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي ۽ سهڻي الحان سا ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندو آهي.
اهڙي قسم جا شاعر دنيا ۾ ڪي قليل ٿي گذريا آهن. انهيءَ معيار موجب ڏسبو ته شاه لطيف پڻ گهڻي قدر سگهڙ هو ۽ ڪن شاذ ۽ نادر موقعن تي الهامي شعر چيو اٿس ۽ تخيل جي توڙ کي پهتو آهي؛ ۽ اهي عالمگير فلسفيانہ سچ چيا اٿس، جيڪي سندس خارق العادة بزرگيءَ جو باعث آهن، ۽ جيڪي کيس انهن قليل هستين ۾ مقام بخشين ٿا. اهڙا بيت اٽڪل سؤ کن آهن، جن ۾ تصّوف جي تنوار آهي، باقي ٻيو اڪثر رسالو بياني، اخلاقي ۽ عشقي افڪارن سان ڀريو پيو آهي، جو پنهنجيءَ پَر ۾ لاثاني آهي. اگرچ ان ۾ ڪي عميق خيال سمايل ناهن. مارئيءَ جي سر ۾ وري وطن جي اڪير جي بي نظير تصوير پيش ڪئي اٿس. درحقيقت بيت سازي جي باب ۾ شاه صاحب اڳين توڙي پونين سنڌي شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. ليڪن ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر سگهڙپائي جو به دخل آهي. مثلاً سر ڪلياڻ جو پهريون ئي بيت، جيڪڏهن سندس چيل آهي، انهيءَ ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو؛ ۽ خصوصاً اهي وڳارون بيتن جون، جن ۾ لفظي توڙي معنوي تڪرار آهي ۽ جي ٿوري مٽاسٽا بعد ورجايا ويا آهن. اهڙو ورجاء يا دهراء، منهنجي تخميني موجب اٽڪل هزار بيتن ۾ لڀندو، جو سندس سگهڙپائي جو قوي ثبوت آهي، جو ڪنهن عربي، فارسي يا فرنگي يا ٻئي ڪنهن غير ملڪي شاعر ۾ مشڪل ملندو، ۽ بلاغت جي اصولن خلاف آهي، جن ۾ ايجاز کي تطويل تي ترجيع ڏني ويندي آهي. اگرچه باز گوئي من حيث المجوع ٿڪائيندڙ آهي، تڏهن به من حيث المفرد نهايت فصيح ۽ بليغ آهي.
شاه صاحب جيڪو ٻئي قسم جو شعر چيو آهي، سو آهي وايون يا ڪافيون، جي علي العموم ڦِلهڙيون آهن، ۽ انهن مان ڪيتريون ئي راڳاين جون يا خود رسالي جي جمع ڪندڙن جون چيل ٿيون ڏسجن. رڳو انهن جي آخر ۾ شاه لطيف جو نالو وڌو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٽيهه اکريون (سواءِ سسئي واريءَ اکريءَ جي) ۽ ڏينهن راتين وارا بيت غالباً ڌاريا آهن. ”ڪاپائتي مت“ حافظ پيني جي چيل آهي، جيئن مُلي نعمت واري قلمي نسخي مان ظاهر ٿيو آهي. ڪافيءَ جي صنف ۾ متاخر شاعرن جهڙوڪ سچل سائين، رمضان ڪنڀر، پير اميد علي، نور محمد واڍو، مصري شاه، خير محمد فقير وغيره، شاه صاحب کان عبارت ۽ مضمون جي رنگيني ۽ هنر بازيءَ، رزانت ۽ متانت ۾ گهڻي قدر سرسا آهن. انهن ۾ رمضان ڪنڀر، نور محمد واڍو وغيره ٻهراڙيءَ جا اُمي يا اڻ پڙهيل شاعر آهن؛ جن جي ٻولي نهايت زوردار ۽ مٺي آهي. انهن کي ڪنهن به قول سگهڙ چئي نٿو سگهجي. سندن ڪافين جا مثال هتي وقت بچائڻ خاطر نٿا ڏجن.
اهڙي طرح شاه صاحب غزل کي ته ڇڏيو، پر شعر جي ٻين صنفن جهڙوڪ مولود، معجزي ۽ مدح ۾ به پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي آهي. اگرچه ٻين ڪيترن ئي ٻاهراڙيءَ جي شاعرن انهن ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو آهي. مان فقط رمضان ڪنڀر جهڙي امي ۽ دهاتي شاعر جي ڪلام مان حاضرين کي هڪڙا ٽي فقرا سڻائڻ گهران ٿو. پهريون هرڻيءَ واري معجزي مان، جو سڄوئي موتين جي ڪٺمال آهي:
هن ميو مستاڪ موهن، سوز دلبر جي سجهي
انت پنهنجي عشق جو، سڌ ڏس نه ٻئي ڪنهن کي ڏجي
حب هنيين ۾ حال هردم، ڪل نه وڃي ڪنهن سان ڪجي
جانڪون جيين دم زندگي، ناتو نباهي نينهن نجي
نفس مدعي نور ناقص، ڊءِ نه ڪنهن ڊپ کان ڊڄي
حق هدايت راه ڪڙدم، ڀؤ ڏسيو بيڪس ڀڄي
هڪ ٺپيءَ ۾ هيڪلو، ٻر ٻر! نڪو ٻيلي ٻجهي    
تنهنجو سڄڻ سندرو سڌرُ، سڪرات ۾ سرور سجهي.
سامعين ڪرام تجنيس حرفي کي ڏسن ته ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان استعمال ڪئي ويئي آهي! ٻيو ۽ ٽيون فقرو ”ڪانگ“ جي وچين ڪلمي مان ڏجي ٿو، جو ٽنهين ڪلمن جو نڪ آهي:
(1) شهر بانوءَ جي سونهن جي ساراه:
شهر ولايت شام ۾، هئي حسن حيرت ڪا
دختر سندي ڌيءَ بادشاه، وڏو هو وياءُ
مورت ماهئون اڳري، نظر نزديڪا
بر نه تنهن بروبري، ڪينچل آه ڪجا
سج نه صورت سامهون، ڪري نه تابش تاءُ
هُوءَ منهن لڪائي لڄ پئي، قمر قنديلا
رخ جنهن جي روءِ جا، پيا پکن پرتوا
سي کاميو وڃن خاڪ ٿيو، پچيو پتنگن جان
سٽجو پون پٽ اُتي، ڪيفي ڪبابا
هوءَ کلنديئي خون ڪري، خوشدر خوشحالا
هي نه ڀيرو هيڪڙو، جنهن کي قدر پوي ڪهلا
نينهن تنهين نار جي، ڪيا نازڪ نهالا
چارئي عين چڀي ويا، ڳجهڙي رمز ڳتا
جيئن چندن وڻ ۽ چانڪو، تيئن پرت پيچ پيا.
(2) شهر بانو جو باغ جي بهاني عاشق فقير سان ملاقات لاءِ نڪرڻ:
افريد ڪيائين اڳ ۾، نڱي نروارا
ٻي سڀ چپ چپات هئي، ڪنهين ڪل نه ڪا
کنئي پور پرين جي، جيئن دور درياها
اُڀريس لهريون عشق جون، اجگر اُليلا
ڇلنگا ڇول اکين مان،آيس آب سندا
ٻُڏيو ٻُوڙهٽ ۾ وڃي، جنهن کي سورن ڏنو ساءُ
حُسن ڪيا تنهن حور جي، گنير گفتارا
چنڊ تارا چور ٿيا، همہ هيڪاندا.
ڪلام جو زور ۽ سلسلو ته ڏسو ٻولي اُها آهي جا سڀڪو سمجهي، نه ٻاتاڙي ٻولي جيڪا فقط شهري ڪم آڻيندا آهن. سڀڪو انهيءَ مان حظ پرائي سگهي ٿو. بيت چوڻ سولا آهن، پر اهڙو مسلسل ڪلام چوڻ؛ ڪنهن رواجي سگهڙ جو ڪم نه آهي.
شايد ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻئي نوع جي شاعرن کي سگهڙ ڪري چئجي، جن جو ڪلام، هڪ سؤ سال اڳي مرحوم آخوند محمد وفا عباسيءَ پنهنجي ڳُٽڪي ۾، ۽ تازو مسٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۾ ڏنو آهي، جهڙوڪ جلال، ڪبير شاه وغيره. انهن ۾ لفظن جي جهاجهه آهي، جي اڪثر تهه ٻهراڙيءَ وارا استعمال ڪندا آهن ۽ شهري ماڻهو انهن کان به خبر آهن، پر انهن اڻ پڙهيل شاعرن به پنهنجي نموني ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ماڻهو عجب ۾ پئجو وڃي ته انهن کي پنهنجي صاف ۽ چيدي ٻوليءَ تي ڪيترو نه دسترس هو سندن شعر گوئيءَ جو نمونو بلاشڪ فطري آهي، اگرچه تصنّع! ۽ تڪلّف انهيءَ ۾ پڻ گهڻي قدر ساري ۽ طاري آهي. مان ته اهڙن شعر گوين کي به سگهڙ ڪين چوندس، ڇاڪاڻ ته انهن سنئون سڌو قدرت جي صاف چشمي مان پوڄ پيتو آهي.
تڏهن سگهڙ ڀلا ڪنهن کي چئجي؟ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته سگهڙ اُهو آهي جو پنهنجا خيال بحر ۽ وزن جي سانچي ۾ سميٽي صاف ڪري بيهاري، جو جاءِ بيجاءِ زير اضافت جو مڪروه استعمال ڪري، ۽ جنهن جو ڪلام سواءِ ڪن شهري فارسي ۽ اردو زده ماڻهن جي ڪنهن کي به سمجهه نه اچي. اسان جا ڪيترائي موجوده وقت جا شاعر انهيءَ مرض ۽ مبتلا آهن، الا ماشاءَالله. ليڪن هاڻ نئون واءُ وريو آهي ۽ اسان جا ڪيترائي نوان شاعر هندو خوان مسلمان، سادو، سولو ۽ فطري شعر گونا گون نمونن ۾ چئي رهيا آهن، جنهن مان اصليت جي بوءِ اچي ٿي. سندن ڪوششون تحسين جوڳيون آهن، مگر آءٌ کين عجز ۽ نياز سان عرض ڪندس ته زير اضافت جي ڪني ۽ قبيح استعمال کان احتراز ڪن، نه ته سندن شعر پڻ مصنوعي، فارسي ۽ اردو زده ٿي پوندو، جن ٻنهي ٻولين اسان جي سونهاري سنڌي زبان جي ستيا ناس ڪئي آهي.
صاحبو! مون کي معاف ڪندا، مون پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن خاص شخص ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو آهي. منهنجي مراد اصلاح آهي، نه فساد.
مراد ما نصيحت بود و گفتيم
حوالت با خدا کرديم ۽ رفتيم.

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون