ڀٽ تي ڀيرو (گنج جو
مطالعو)
ڀلي ڀٽ ڌڻيءَ تي ڪرڻ
ڀيرو گهرجي
انهيءَ راهه ۾ منهن ڪرڻ
ميرو گهرجي.
هئو دوست سنڌ جو سڄڻ
سورمو
مٿيري مڙس ڏي ڪرڻ ڦيرو
گهرجي.
لڪي لال ويٺو. ڀڄي ڀٽ ۾
طلب ۾ تنهين جي کڻڻ
پيرو گهرجي.
”عمر“ کي اصل کان رهي
سڪ اندر ۾
انهيءَ در تي دمدم، دمڻ
ديرو گهرجي.
هُونءَ ته لال لطيف جي
زيارت لاءِ گهڻائي ڀيرا ڀٽ تي وڃڻ ٿيو آهي ۽ انهي ڀليري جي ڀلاين جو تصّور ڪندي
روح کي رقت حاصل ٿي آهي، پر هي پويان ٻه لڱا خاص سندس ڀر ۾ رهي، لُڪن ۽ جهولن جا
جهوٽا سهندي، سندس ڪلام سان رهاڻيون رهندي ۽ جهڻ ڀڻ ڪندي جا قلبي راحت سري سان
بيان کان ٻاهر آهي.
جڏهن مرهيات گربخشاڻي
سان گوڏا ڀڃي شاه جي رسالي جو متن ۽ شرح لکندو هوس، تڏهن کيس چوندو هوس ته: اڄ ڪ
سنجهه صباح سندس سخن تي سميٽڻ منهنجي پُکي پوندو مرهيات به چوندو هو ته: مون جيئري
مون مئي، اهو ڪم سرانجام تون ڪجانءِ ورهين جا ورهي گذري ويا، اها آس اندر ۾
سانڍيندو آيس، پر اها ڳالهه خواب خيال به نه هيم ته اهڙو وڏو مهم منهنجي هٿان ڪيئن
تمام ٿيندو. ”ڪرهو نه ڪيڪان، پيرين آءٌ نه پڄڻي“، قدرت کي منظور هو، جو سنڌ ادبي
بورڊ جو آرنڀ ٿيو. پهرين پهرين مڪمل رسالي جي اشاعت جي رٿ آئي. سيّد غلام مرتضيٰ
شاه، انصاري عثمان علي، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين سڄڻن جي اها صلاح بيٺي ته اهو ڪٺن ڪم مان
پنهنجن هيڻن ڪلهن تي هموار ڪريان. جوانيءَ جو اهو جوش نه رهيو آهي؛ پيري زوران زور
ڪاهيندي اچي؛ اکيون نست ۽ عضوا نٻل: ”وڏڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کاڏو کوڙيو.“ دهشت وٺي
ويم، پيريءَ ۾ پيئي اکيون آريءَ ڏي ڪيئن کڻندس پر دل جهلي چيم ته: اها منهنجي
ورهين جي آرزو هئي، ۽ اگرچه پاڻ ۾ اهو ست نٿو سڀران، ته به ضرور پنهنجي وت آهر
ڪوشش ڪندس؛ من آگو ٻاجهه پئي ڪرائِيءَ ۾ قوت وجهي، جو اهو باري بوجو کڻي سگهان:
سر در قدم يار فدا شد
چه بجا شد
اين بارگران بود ادا شد
چه بجا شد.
مرحلا ۽ منزلون نظر
آيون، پر اندر کي آٿت هوم ته الله جي آڳهه سان انهيءَ آجيڪار مان ضرور پار پوندس،
”عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها.“
محترم انصاريءَ کي
پنهنجي وساطت سان مرهيات گربخشاڻيءَ کان رسالي جا ٻه قديم نسخا، بلڙي ۽ ڀٽ وارا
وٺي ڏنا هئم، جي وٽس رهجي ويا هئا. کيس استدعا ڪئي وئي ته اهي ٻئي نسخا ڪجهه وقت
لاءِ عاريت طور ڏئي، پر مرد پڙ ڪڍي بيهي رهيو. اهڙي طرح ”لطائف لطيفيءَ“ جو قلمي
نسخو، جو مون کي مرهيات جي ڪتبخاني مان هٿ آيو هو، ۽ جو مولوي دين محمد وفائيءَ
مون کان ”لطف الطيف“ جي لکڻ لاءِ اڌارو ورتو هو، سو سندس وفات کان پوءِ گم ٿي ويو
۽ وڃي ڏاڍن جي ور چڙهيو. انساني ناسپاسيءَ جو مثال ٻيو ڪو ڇڊو لڀندو ان جو جيتري
قدر افسوس ڪجي، اوترو ٿورو آهي. مِٺي به ماٺِ، مُٺي به ماٺِ.
بهرحال مون کي مايوسي
ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته اهو بار آورد گنج ڪٿي پوريل آهي، جنهن جي ملڻ
ڪري، اهي ننڍڙا ۽ نوان نسخا بالڪل ناچيز ٿي ويندا، جيئن سج جي سهائي تي ستارا الوپ
ٿي ويندا آهن ۽ سندن جمال جي جوت جهڪي ٿي ويندي آهي. اها ڪيميا ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل هئي
جا ٽامي کي سون ڪري ڇڏي. جڏهن اصل مليو ته نقل سڀ بيڪار؛ هنڊيءَ ڏٺي پائنٺ رد. اهو
گنج بي رنج 1207 هجري کان تمر فقير جي اوطاق جي هڪ ڊٺل ڪوٺڙي ۾ سانڍيل هو، جو ڪنهن
ٻڌو هو پر اکين نه ڏٺو هو؛ جنهن جي زيارت شاه جا شائق ضرور ڪندا هئا، پر ان کي
اُپَٽي، اُن جو اُهاءُ نه ورتو هئائون. انهيءَ گنج بي رنج جي ڏسڻ جي اندر ۾ آپر
اُڪير جاڳي، چيائون ته: فقير ويجهو به وڃڻ نه ڏيندا. دل ۾ چيم ته ماشاءَالله، هيڪر
ته حملو ڪبو، پوءِ يا نصيب.
فبروري 1952ع جي آخر
ڌاري، وڏيءَ اُڪاس ۽ اُڪنڊ سان ڀٽ کي ڀيڙو ٿيس. اسهڻ کان اڳ صاحب سجاده، جنهن سان
اڳ نيازمنديءَ جو رستو هو ۽ سندس فرزند ميان غلام شبير شاهه کي پنهنجي ارادي جو
اطمينان ڪيو هوم، جن ڪرم فرمائي، پنهنجي بنگلي تي خلاصي ڪمري ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ پڻ
خبر ڏنائون ته تمر فقير جي جانشين ميهر فقير اجازت ڏني آهي، بيشڪ گنج شريف ڀيٽيو،
پر انهيءَ شرط تي ته گنج کي اوطاق کان ٻاهر نه ڪڍبو، ۽ ڪرسي ۽ ميز کانسواءِ تڏي تي
ويهي ڪم ڪبو. عجب ته فقير صاحب ڀلي تمر فقير جي دڪيءَ تي ويهي، پر ٻاهر ورانڊي ۾
ڪرسي ۽ ميز نه رکجي! ورانڊي توڙي اڱڻ ۾ ٿڪون ڦٽيون نه ڪجن، پر پيرين اگهاڙي هلجي!
اتي پهچڻ شرط ڪمري ۾ لڏو لاهي، هٿ منهن ڌوئي، وضو ڪري ترت تمر فقير جي اوطاق ڏي
راهي ٿيس. واٽ ويندي سهڻي لال لطيف جي زيارت ڪيم. اوطاق ۾ تڏي تي ڀت ڀر ٽيڪ ڏيئي
ڪم کي جنبي ويس. نواز فقير ويراني مان گنج ڪڍي آڻي اڳيان رکيو، ان کي ڏسي گد گد ٿي
ويس. اوطاق جي اونداهي، پٽ جي سختي ۽ اڱڻ جي ميرائي وسري ويم. ڄڻ ته سون جي کاڻ
ملي هيم.
پيرن صاحبن چڱي پرورش
ڪئي؛ پنهنجو خاص ماڻهو، جو اڳي اسان وٽ بورچي جو ڪم ڪري ويو هو، ۽ جنهن جو
رڌ پچاءُ مون کي وڻندو هو، سو منهنجي خدمت ۾ ڏنائون. صبح جو سويرو نيرن ڪري اوطاق
۾ وهندو هوس، ظهر جو آرام ڪرڻ کان سواءِ، فقط هڪ وقت استنجا ڪري وضو ساري، ٻپهري ۽
ٽپهريءَ جي نماز گڏ پڙهي، سارو وقت گنج شريف ڀيٽيندو هوس ۽ ان جون مختلف پڙهڻيون
ميرزا قليچ بيگ صاحب واري ڇاپي ۽ نسخي ۾ درج ڪندو هوس. لکڻ سان گڏ بيت الحان سان
زيرلب جهونگاريندو هوس. انهيءَ ريجهه رهاڻ ۾ خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته وقت ڪيئن
گذريو. وچ تي فقط ”هارلڪ“ جو پيالو گرم کير سان پيئندو هوس، ٻيو سڀ خير. شام
جو هر روز ڏهه يارهن ڪلاڪ سانده ڪم ڪري، مغرب نماز پڙهي ڪمري ڏي موٽندو هوس. اهڙي
طرح اٺ ڏينهن لحظي ۾ لنگهي ويا. پهرئين ڏينهن سو خالي تڏي تي ويهي چيلهه چُڪي پئي
هئي، پر ٻئي ڏينهن ڀٽ جي هيڊ ماستر صاحب ۽ سندس نائبن هڪ رضائي ۽ طول آڻي ڏنو،
جنهن ڪري اوطاق جو پَٽُ به پَٽَ جهڙو نرم ٿي لڳو، ۽ ورانڊو شاد روان ٿي پيو. موسم
نهايت خوشگوار هئي ۽ پاڻي وڻندڙ، ۽ باوجود مشقت جي منهنجي صحت گهڻو سڌري پئي. شايد
اولياء الله جي ڀلائي هئي، جنهن جي ڪلام سنوارڻ لاءِ ايڏا ڪشٽ ٿي ڪڍيم.
انهن ڏينهن ۾ هڪ دکدائڪ
واقعو ٿي گذريو، جمعي رات شغل ۽ راڳ کان پوءِ، مجاورن ۽ ماڻهن جي بيخبريءَ جو
فائدو وٺي، هڪ خبيث، شاه لطيف جي قبي جي سوني نيل لاهي فرار ٿي ويو، جو باوجود
ڪوششن جي اڃا عدم پيدا آهي. منهنجي دل کي صدمو پهتو ۽ پير صاحب به تمام غمگين ڏسڻ
۾ آيا. فقيرن هينءَ پئي چيو ته: شاهه هاڻي پنهنجو گهر ٿو ڦٽائڻ گهري ۽ اڳتي ڪوبه
ماڻهو منجهس ويساه نه رکندو. هيئن آهي ته الله جي پيارن کي نڪا سونين نيلن جي، نڪا
عاليشان مقبرن جي ۽ نڪا ميڙن ملاکڙن جي ضرورت آهي. اهي شيون ته پيٽ پالڻ جا ذريعا
آهن، جي اوليائن جي پوئلڳن اختيار ڪيا آهن. اهي مقبول ٻانها ته دنيا ۽ ماسوا کان
منهن موڙي، الاهي ديدار ۾ محو ۽ مستغرق آهن. انهن کي دنيا جي جنسار ۽ ٺاٺ سان ڪهڙو
واسطو؟ هڪ ويساه واري سفيد ريش اچي تمر فقير جي دڪيءَ اڳيان سجدو ڪيو. مون تنهن تي
گهڻو شرمايو مانس ته اهي سڀ خدا جا عاجز بندا آهن، تنهنڪري هڪڙي خدا پاڪ اڳيان
سرجهڪاءِ ته تنهنجي من جون مدعائون پوريون ٿين. ٻڍو رمز سڃاڻي ويو ۽ واتان ٻڙڪ به
ٻاهر نه ڪڍيائين.
سنڌ ۾ گهڻا اولياءالله
آهن، پر جيڪو شغل ۽ چهچٽو شاه جي درگاه تي ٿئي ٿو، سو ٻئي هنڌ ورلي لڀندو، رات
ڏينهن زيارتين جي ڌم لڳي پئي آهي. هڪ هنڌ جهنڊيون پيون لهن ۽ زالون پيون ڳائين، ته
ٻئي هنڌ گهوٽ کي سرگس ڪرائي، پڇاڙيءَ جو نفل اچي شاه جي درگاه تي پڙهائين. جمعي ۽
سومر رات، خاص رونق هوندي آهي، خصوصاً ماهون پهرئين سومر رات جڏهن آسپاس جا ماڻهو
اچي ڪٺا ٿيندا آهن. زالن ۽ مڙسن جي پيهه لڳي پئي هوندي آهي. راڳائي فقير حلقي ۽
ويهي طبنورن تي شاه جا بيت ۽ وايون چوندا آهن هڪ هڪ راڳيندڙ کي سڄو رسالو ياد
هوندو آهي، ليڪن سندن ڳائڻ جو طريقو علحدو آهي، جو اسان جهڙن مغربي تهذيب زده
انسانن کي هوند نه آئڙي. اڃا بيت ته جيئن تيئن ڪري سمجهبا مگر وائي ڳائڻ ۾ اهو
ولولو ۽ ووڪ آهي، جو هڪڙو حرف به سمجهي نه سگهبو. هڪ قسم جي زيل ۽ سانده ڪوڪ آهي،
جو ٻڌندڙ جو ساهه نڙيءَ تائين پهچيو وڃي. هڪڙي قسم جي محويت ۽ سنسناٽو هوندو آهي،
۽ اهڙي چپ چپات لڳي پئي هوندي آهي، جو جيڪر سئي ڪري ته به ان جو آواز به معلوم ڪري
سگهجي. ماهون پهرئين سومر جي رات وري صحن ۾ مچ ٻاريندا آهن، جنهن جي چوڌاري ميهر
فقير جي سرڪردگيءَ هيٺ فقير سماع ڪندا آهن، ۽ چوگرد ڦرندا آهن. اها هڪڙي قسم جي
بدعت آهي، جا قديم زماني کان هلي اچي. شاه جي باري ۾ گهڻيون روايتون ۽ نقل ۽ نظير
فقيرن جي وات آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي. اميد ته شاه جي سوانح عمريءَ ۾
انهن جو وستار ڪيو ويندو.
گنج شريف هڪ ڪهنو ڪتاب
آهي. وچئون شيرازو ٽٽي پيو اٿس. ورق اهڙا جهونا ٿي ويا ٿس جو ڇهڻ سان ڦاٽيو پون.
گنج نالو انهيءَ ڪري پيو اٿس جو منجهس شاه جا سڀيئي بيت سواءِ ترتيب جي درج ڪيا
ويا آهن. پر حقيقت هي آهي ته گنج جي ترتيب نهايت سهڻي آهي. داستان مضمون موافق
ڏياريا ويا آهن ۽ بيتن جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ سان مليل آهي. هيئن چوڻ روا آهي ته رواجي
قلمي نسخا ۽ ڇاپي نسخا، جي جمعي فقير، حسين فقير ۽ ٻين راڳاين جي رسالن تان اتاريا
ويا آهن. تن ۾ ڪنهن به قسم جي ترتيب ڪانهي. خبر ناهي ته گنج جي جوڙ اول ڪنهن
بگاڙي. بهرحال جنهن صورت ۾ فقيرن هٿان ئي شاه جي بيتن جو ربط ضبط پئي ڦريو آهي،
تنهن صورت ۾ نئين سنواريندڙ کي حق آهي ته رسالي جي جوڙجڪ کي مضمونن جي مدنظر تي
نئين جوڙ ڏئي ۽ سچ پچ ته رسالي کي نئين رنگ ۽ ريت ۾ پيش ڪرڻ نهايت اهم آهي.
گنج شريف 1207 هجريءَ ۾
يعني شاه صاحب جي وفات کان 42 ورهيه پوءِ لکيو ويو. اهو ڪم تمر فقير جي خليفي ميان
اسماعيل جي تحريڪ سان سيّد عبدالعظيم نالي فقير هٿان پورو ٿيو. ميون اسماعيل هڪ
برگزيدو شخص هو ۽ شاه لطيف سان روحاني توسّل هوس. سڄا سارا سؤ سال تمر فقير جي
مسند تي ويٺو هو. ۽ سڄي ڄمار تجرد ۾ گذاري 1282هه ۾ وفات ڪيائين. سڀني فقيرن جو هن
ڳالهه تي اتفاق آهي ته گنج کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نسخو معتبر ناهي. جيڪي يبت ان ۾ ناهن
سي ڌاريا آهن ۽ شاه جي فقيرن جا جوڙيل آهن، ۽ زماني جي گذرڻ ڪري شاه جي ڪلام سان
گڏجي سڏجي ويا آهن. مثلاً بمبئي ڇاپي ۾ جيڪي فالٽو بيت آهن ۽ جي مرحوم ميرزا صاحب
پنهنجي ڇپايل رسالي ۾ درج ڪيا آهن، انهن مان اڪثر گنج شريف ۾ اصل ڪينهن ازانسواءِ
گنج ۾ ڪيترا اهڙا بيت آهن، جي ٻين نسخن ۾ موجود ناهن. مثلاً:
جڏهن سائين ٿي سڏ ڪيا،
ٻڌءِ نه ٻوڙي
همراهي هوتن سان، تو
جودان نه جوڙي
پلءِ ڄام پنهونءَ جو،
جهليئي نه ڊوڙي
هاڻي ناحق ندوري، ٿي
رندن ۾ ٿي ريهون ڪرين.
________
هڪ تراڙي گناه، سڀيئي
سنواريا
پاڻيءَ پار ناه ڪا، نڪا
ويساند واء
کاڌي لرز، لطيف چي، سبب
اُن جي ساه
ڪو فضل ڪر فتاح، ٻي
تراڙي ٻاجهه جو.
اهڙا بيت بيشمار آهن ۽
انهن ۾ بيشڪ لطيفي لغار آهي. تنهن کان سواءِ گنج جون پڙهڻيون زياده موزون آهن ۽
مٿن قدامت جو رنگ آهي. موجوده خطي نسخن ۾ ڪاتبن ۽ فقيرن پنهنجا رنگ رچايا آهن.
مثلاً ڪير چوندو ته هيٺيون بيت شاه جو آهي:
انت تمثي في الطلوع،
صبح ٿيو صاف
ميي تي مصحف، پنهون ڄام
پڙهندو هليو.
جنهن ۾ چون ٿا ته امام
حسين رضي الله عنہ جي سِري مبارڪ ڏي اشارو آهي. اهڙيءَ طرح شاه جو مشهور بيت:
جي تو بيت ڀانئيا، سي
آيتون آهينِ
نيو من لائينِ، پريان
سندي پار ڏي.
گنج شريف ۾ هن ريت
سمايل آهي:
جي تو بيت ڀانئيا، سي
آيتون آهينِ
سڳر سُونهائينِ، پريان
سندي پار جو.
منهنجي نماڻي راءِ موجب
هيءَ قراًت افضل ۽ اعليٰ آهي ۽ زياده شاه جي مقصد کي نروار ڪري ٿي.
چون ٿا ته گنج شريف کان
اڳ شاه جو سڄو ڪلام خود تمر فقير گڏ ڪيو هو، جو هڪ روايت موجب ڪڇ ڀڄ ڏي ويندي
اڏيري لال جي سيّدن وٽ امانت طور رکي ويو هو، ۽ اتيئي زبون ٿي ويو، يا ٻيءَ روايت
موجب ڪڇ ڀڄ ۾ رهجي ويو، جتان تمر فقير جا ٻالڪا ڪيڏانهن کسڪائي کڻي ويا. بهرهال هن
وقت دنيا ۾ گنج کان سواءِ ٻيو ڪونسخو وڌيڪ آڳاٽو ۽ معتبر ڪونهي. هڪ خطي نسخو عزيزم
محمد حنيف صديقي کان مليو اٿم، سو به سؤ سال کن جهونو آهي. اهڙي طرح برٽش ميوزم
وارو نسخو ايتري ئي عمر جو آهي. آخوند احمد ڀٽائي واري صحيح نسخي جو پتو عزيزم
محبوب علي چنا وٽ پيو آهي، اهو ڏسجي ته ڪيتري قدر جهونو آهي.
گنج جي ترتيب به عجيب
آهي. پهريائين سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، جو يڪو ڏنل آهي ۽ پنجن سرن ۾ نه ورهايل
آهي. ان جو پهريون بيت آهي:
وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل
ڪوڪاري
هن پڻ پنهنجا ساريا،
هيءَ هنجون هڏن لءِ هاري.
جو سر معذوريءَ جي ڇهين
فصل جي آخر ۾ ڏنل آهي. ساڳيءَ طرح سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ گڏجي هڪ سر جي صورت ۾ آيل
آهن، ۽ ”اول الله عليم اعليٰ“ جي بدران پهريون بيت آهي.
اُٿياري اٿي ويا،
منجهان مون آزار
حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا
جي پچار
طبيبن تنوار هَڏِ نه
وڻي هاڻِ مون.
جو ڪلياڻ جي ٽئين فصل
جو پهريون بيت آهي. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن سر جي صورت علحدي آهي.
سر سسئي، جو رسالي جو
نائون حصو آهي، تنهن جا بيت ايتري قدر منتشر آهن، جو هرهڪ بيت جي پڇاڻ لاءِ ڇاپي
رسالي جا سؤ ورق اٿلائڻا ٿي پيا. تنهنڪري اهي اٺ ڏينهن رڳو انهن جي سوجهڻ ۽ تصحيح
ڪرڻ ۾ گذري ويا. منجهس ٻٽي نوان داستان ۽ ڪيترائي نوان بيت آهن، جي پنهنجي پر ۾
نهايت شيرين ۽ رقت آميز آهن. اهي نوان داستان ۽ ليزين جو داستان، ٻين قلمي نسخن ۽
ڇاپيل رسالن مان حذف ڪيا ويا آهن. پڙهندڙ بيتن جي هن ڇُڳي تي ڌيان ڏين ته منجهس
ڪيتري نه لذت ۽ لاءُ آهي!
مون ڀانيو مون گهر،
هميشہ هوندا پرين
ساجن سيڄ وڇايان، جوڙي
جيءَ اندر
ڪہ ڄاڻان ڪنهن پر، ڏير
ڏمرجي هلئا.
_________
ڏير ڏمرجي هلئا، بر
ڪاهي بوتا
نِهو نماڻي پاڻ سين،
هيڪر آئين هوتا
مارن ٿا معذور کي، گنگن
جا گهوتا
ايهيءَ پر پهتا، رات نه
رهيا هيڪڙي.
_________
ڏير ڏمرجي هلئا، ڪرهل
قطاري
چڙهئا لڪ، لطيف چي،
توڏا تنواري
ٻانڀڻ ٻروچن لءِ، رويو
جر هاري
آديون اوتاري، رات نه
رهئا هيڪڙي.
___________
جي نه رهئا رات، ته
ڪهڙو سک سرتيون
ٻانڀڻ ٻروچن جي، مٺي ملاقات
متان مُٺي ڇڏيين، طلب
پريان جي تات
آءٌ تان جوٺي ذات، تون
پاڻ سڃاڻج سپرين.
هڪڙي داستان ۾ وري مُلن
ت مَٽيو آهي ۽ سندين چڱي لاک لاٿي اٿس. ڪي بيت اغراقي شطحيات سان ڀريل آهن، جي
ڇاپي نسخن مان ڄاڻي واڻي ڪيرايا ويا آهن. مثلاً:
منکي ڪين ڪئو،
موران مسلمان
احمد ڪونه آندو، عرب
کان ايمان
اي سر آهي سبحان، آدم
ليکي آدمي.
انهن ڏينهن ۾ پڙهڻ جو
چشمو اتفاق سان ڀڄي پيو، جنهن ڪري ڪجهه ڪم ۾ کانجاڻو پيو. پر لطيف جي لطف سان بنان
عينڪ نور نچوئيندي اکين کي اهنج نه پهتو. مطلب ته اٺ ڏينهن خير سان پورا ڪري
ڪراچيءَ پهتس، دل ۾ حسرت رهجي ويئي ته ڇو نه سموري گنج کي نظر مان ڪڍيم. پهرين جون
1952ع جي 55 ورهين جو ماڻ ڀرجڻو هوم، سڄا اٺ مهينا حقي موڪل رهيل هيم، پر ڪميشن ۾
زود پڪي نه ٿيڻ ڪري اها نه ورتم. نيٺ ربّ جي رحمت وري، اپريل جي شروعات ۾ پڪو
ڪيائين ۽ تاريخ 14 کان وٺي ويندي 30 مئي تائين 47 ڏينهن حقي موڪل ورتيم، انهيءَ
لاءِ ته گنج جو رهيل ڀاڱو ختم ڪريان.
16 تاريخ اپريل جي
گرميءَ ۾ ڀٽ تي پهتس. اگرچه سيّدن ۾ شاديون هيون ۽ سندن جايون ڄاڄين ماڃين سان
معمور هيون، تڏهن به پاڻ ملهائي وري به ساڳيو ڪمرو عطا ڪيائون. چؤڌاري غوغاءِ هئو
ته به بندي کي ”خلوت در انجمن“ حاصل هئي. غلام حيدر خانسامان هن دفعي ڪراچي هليو
ويو هو، تنهنڪري پهريان ڏينهن سوڪ سنهڙي ماني ۽ تورين جي ڀاڄي، سجاده نشين جي
حويليءَ تان ايندي هئي. رات جو سڻڀو ماهيو کير ايندو هو، جو رات جو به پيئندو هوس
۽ صبح جو سوير نيرانو به واپرائيندو هوس. انهيءَ سنهيءَ سيڪيل مانيءَ مان جا لذت
ايندي هئي، سا هوند جعفرخاني ۽ باقرخاني مان به نه اچي، پر هن خاڪسار کي مانيءَ جي
گهرج ڪانه هئي ۽ انهيءَ سڪيءَ مانيءَ جي ساءَ ننڍي هوندي طالبيءَ جو زمانو ياد
ڏياريو، جڏهن پاروُٿيون مکڻ سان جهٻيل جوئر جون مانيون، سياري ۾ ٽانڊن تي سيڪي،
انهيءَ ذوق سان کائيندا هئاسين، جو هفت اقليم جي حاڪم کي به نصيب نه هوندو. چئن
پنجن ڏينهن جي عرصي بعد غلام حيدر موٽي آيو، ۽ لذيذ کاڌو پيٽ پيو. پر ان ۾ ايترو
حظ نه هو، جيترو سيّدن جي رکي روٽلي ۾.
ٻارهن ڏينهن سڄا لڳولڳ
تمر فقير جي اوطاق ۾ تڏي تي گذاريم. سراسري ڏهه ڪلاڪ هر روز متن جي مقابلي جو ڪم
ڪندو هوس. ڪڏهن به پاسي ڀرنه ليٽيس. اهڙي روحاني سرور ۽ حبور ۾ شاه کي چپن ۾
ڳائيندي وقت گذريو: جو ٿڪ جو احساس نه رهيو. موسم گرم ٿي رهي هئي، لُڪون ۽ جهولا،
سارو ڏينهن واري پئي وسي. ڪپڙا لٽا ۽ جسم سڀ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويندا هئم. ايندڙن
ويندڙن کي عبرت هوندي هئي ته ڪيئن اهڙي فضا ۾ هڪ ڪَنِهي ويهي ڪم ٿو ڪريان. لال
لطيف جي جوانيءَ جا ڏينهن ياد پيم، جڏهن يار جي خيال ۾ ڀٽ تي ويهي، سندس جسم مبارڪ
تي واري وري ويئي هئي، ۽ شاه حبيب وڏي ارمان سان مٿانئس هيءُ درد انگيز مصرع
اُچاريو هو:
”لڳي لڳي واءُ، ويا
انگڙا لٽجي“
۽ شاه، واريءَ جي تهن
اندران وراڻيو هو:
”پئي کڻي پساه، پسڻ
ڪارڻ پرينءَ جي“.
تاريخ 24 جو خميس ڏينهن
اٺين بجي ڌاري، جڏهن سويلئي تُندِ هوا شروع ٿي هئي، ۽ هينئڙو ٻيڙيءَ جان پئي ٻڏو ۽
اُپڙيو، تڏهن هڪ طوطن جو شوخ ۽ شنگ ٽولو اچي کٻڙ جي وڻ تي ويٺو. هيڏانهن هوڏانهن
پرواز ڪري پاڻ ۾ خوب پئي راندين ڪيائون ۽ ٻوليون پئي ٻوليائون. اهڙي وٺي ”ٽِين
ٽين“ مچايائون جو دل بي اختيار انهن ڏانهن ڇڪجي ويئي. اهو تماشو ڏسي دل کي ڏاڍي
فرحت آئي. فقيرن کان معلوم ٿيو ته اهڙو طوطن جو ٽولو ڪڏهن به ڀلجي ڪونه آيو
هو، اگرچه ڪڻڪ جون پوکون نزديڪ آهن. سمجهيم ته سبز پوش فرشتا يا ڇُٽل روح، طوطن جي
شڪل ڌاري منهنجي دل ڌتارڻ آيا هئا. ايتري قدر خوشيءَ مان ڇاتي کُلي جو بيان کان
ٻاهر آهي.
باقي چار ڏينهن به
انهيءَ ڌُنَ ۾ گذريا ۽ گنج جو ڪم پورو ڪري، خير سان حيدرآباد پهتس. اندر کي آٿت
هوم ته وڏو خزانو ساڻ کڻي آيو آهيان:
ويا جي عميق ڏي، منهن
ڪائو ڏيئي
تِنِ سِپُون سوجهي
ڪڍيون، پاتاران پيهي
پسندا سيئي، اَمُل
اکڙين سين.
No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا