اک انسان جو اهو باب آهي, جيڪو هر جذبي جو اظهار ڪري ٿو. محبت ۾ تہ نيڻن جي نرگسي نگاھ بہ گھايو وجھي, پر جي ڪنھن جي محبوب جي اکين ۾ الماس هجن ۽ تارن ۾ تبرون, ڀرون پالا تہ ان جو شڪار ٿيندڙ عاشق جنھنجي دل تي محبوب جي نشيلي ۽ نماڻي نھار جو نمونو دل تي اهڙي تہ ڇاپ ٿو ڇڏي, جو آخري پساهن تائين به اها ترو تازا رهندي آھي. عاشق ان گرمائش کي محسوس ڪندي زندگي جي هيڪلائي وارن پلن ۾ ٿڌا ساھ ڀريندو رهي ٿو. مجازي محبت جو اهو خيال اهو احساس ڪيڏو نه اتساهيندڙ آهي!
ٿڪل, ٽٽل, ماريل, هاريل ۽ نٻيل روح کي ڪيڏي نہ راحت ڪيڏي نہ طاقت بخشي ٿو. انھي پل جو اهڙو احساس جنھن ۾ رنج بہ آهي تہ راحت بہ، سور بہ آهي تہ سرور بہ. مجازيت سان ٽمٽار هوندي بہ اهي احساس ڪيڏا نہ پاڪ, ڪيڏا نہ صاف آهن. ڪو آهي جو انھي فطري خيال پرکي ۽ پنھنجي ماضي جي معصوم يادن کي ساريندي سرور جون ساعتون ماڻي.


No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا