Monday, October 17, 2022

بلوم ٽيگزانامي BLOOM TAXANOMY 1956| Muneer Hyder Laghari

 

 

بلوم ٽيگزانامي BLOOM TAXANOMY 1956

  منير حيدر لغاري   

بلوم ٽيگزانامي تعليمي ماھر بلوم جي ٿيوري آھي. جيڪا ٽن حصن ۾ آھي، جنھن جو مقصد ۽ استعمال تعليمي سکيا آھي.

بلوم ٽيگزانامي تعليمي سکيا ۾ بھتر نتائج حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ماڊل جوڙيل آھي. جنھن کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. جيڪي ھيٺيان آھن.

 Cognitive Domain , Affective Domain, Psychomotor Domain.

ڪاگنيٽو ڊومين Cognitive Domain

ڪاگنيٽو ڊومين جنھن جو تعلق سوچ ، سمجھ، چنتا سان آھي. اسان ائين کڻي چئون تہ دماغ سان آھي جنھن کي مزيد  ڇھن حصن ۾ ورھايو ويو آھي . جيڪي ھن ترتيب سان آھن.

1. Knowledge   ڄاڻ

2. Comprehension      سمجهڻ

3. Application  استعمال ڪرڻ

4. Analysis تجزيو ڪرڻ

5. Evaluation  تورڻ تڪڻ

6 Synthesis ٺاھڻ، تخليق ڪرڻ  

تعليمي سکيا جي عمل جو پھريون ڊومين ڪاگنيٽو ڊومين جنھن جو تعلق دماغ، سوچ، سمجھ، ادراڪ ۽ فھم  سان آھي. جنھن کي ڇھن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.  جنھن کي اسان  سمجھڻ لاءِ سنڌي مضمون کي اڳيان رکي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  جنھن ۾ پھريون  آھي ڄاڻ آھي. جنھن ۾ ٻار کي اسان ڄاڻ ڏيون ٿا، مثال طور اسڪول ۾  ٻار کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، جنھن ۾ استاد چوي ٿو تہ شاھ عبداللطيف دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي. ھاڻ ٻار کي صرف شاھ عبداللطيف متعلق  مٿانڇري واري  ڄاڻ ملي ٿي.  شاھ عبداللطيف  ڪيئن دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي، ان متعلق ڪا سمجهہ  ناھي,  شاگرد  جي سکڻ جي عمل جي اھا پھرين سيڙھي آھي. ھاڻ  ٻيو مرحلو سمجھڻ comprehension  جنھن  ۾ اھو شاگرد اھو سمجھي ٿو تہ  شاھ عبداللطيف ڪيئن دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي، ان جي سببن کان واقف ٿئي ٿو  يا ڪارلائل جي اصولن  موجب ان کي تسليم ڪري ٿو، سوچي سمجھي ٿو تہ اھو مرحلو  comprehension  واري مرحلي  ۾ اچي ٿو.  ان لاءِ ھڪ ٻيو مثال لطيف سائين جي بيت سان بہ ڏيئي سگھجي ٿو:

  مُــحبت پــــــائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

 شاھ سائين

 

چائُتِ پائي چِت  ۾، سنھون ڪتيو جن،

تِن  جو  صرافن،  دُڪو  داخِل  نہ  ڪيو.
                                                شاھ سائين

ھاڻ پڙھندڙ يا ٻڌندڙ طالب علم کي اھا ڄاڻ ملي ٿي تہ اھي بيت شاھ عبداللطيف جي رسالي  ۾ سر ڪاپائتي تان ورتل آھن،  جيڪي ياد بہ ڪري ٿو اھا منزل ڪاگنيٽو ڊومين جي Knowledge   واري آھي. ان کانپوءِ جڏھن شاگرد انھن  بيتن جي معنيٰ کان واقف ٿئي ٿو، ۽  ان ۾ سمجهڻ واري صلاحيت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا comprehension  جي دائري ۾ اچي ٿي. ھاڻ جڏھن طالب علم کي ھن بيت مان اھا ڄاڻ ملي تہ محبت، چاھ، لڳاءُ سان اگر روزگار ڪجي  يا ڪو ڪم ڪجي پوءِ ڀلي ان ۾ ڪي اوڻايون ھجن،  پر اھا چاھ اھا محبت اھو لڳاءُ  اھو جذبو  (passion) اوھان کي ضرور ڪامياب ڪندوآهي. پر جي  من ۾ مير رکي، بيزاري رکي ان کي خفي سان اڪلائي ٿو ۽   من ۾ ڪينو پالي ٿو ان  اھو ماڻھو سڦلتا نٿو ماڻي سگهي ۽ آخر  ان  مان  ناڪامي  نصيب  ٿيندي. 

 

ھاڻ  بيت جي اصل مقصد متعلق استاد شاگردن اڳيان ڪي اھڙا  حقيقي زندگي جا مثال ڏيئي سمجھائي ٿو يا طالب علم ان اصول کي پنھنجي زندگي ۾ اپنائي ٿو  تہ،  اھا منزل  ڪاگنيٽو  جي  مرحلي جي ٽئين ڪڙي  Application يا Apply  ۾ شامل ٿئي ٿي. Application  کان پوءِ  ڪانگنيٽو ڊومين جي چوٿين ڪڙي Analysis  جنھن ۾ شاگرد عملي طور تي ان ڄاڻ کي پنھنجي زندگي ۾ آزمائڻ کانپوءِ  ان جي نتيجن جو ڇيد ڪري ٿو انهي ڄاڻ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو، ڄاڻ جي   اھڙي سطح Analysis  ۾ اچي ٿي.  Analysis  کان پوءِ Evaluation آھي. جنھن ۾ سکندڙ  ان ڇنڊ ڇاڻ ڪيل ڄاڻ کي توري تڪي ٿو، ۽ تنقيدي سجھہ(critical thinking) سان  ان جي فائدي  ۽  نقصان جو ڪاٿو ڪري ٿو ، جنھن سان انھي ڄاڻ  انھي فڪر جو قدر (Value) مقرر ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سکندڙ  منجھہ ڪارائتي تخليقي سگهہ جنم وٺي ٿي.

 ڪاگنيٽو ڊومين جو اھو سفر جيڪو سکندڙ  منجھ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، ان کي سمجھڻ پوءِ پنھنجي زندگي ۾ آزمائڻ، آزمائڻ کانپوءِ ان جا نتيجا ڪڍڻ، نتيجن ڪڍڻ کانپوءِ انھن نتيجن  جي تنقيدي نظر جي آڌار تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ،  ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ان جي نتيجن جو قدر (Value) مقرر ڪرڻ جھڙيون صلاحيتون پيدا ڪري ٿو.

 بلوم جي ان نظرئي کي اڳيان رکي ڪري اسان جو استاد ھر مضمون کي انھن ان نموني سان پڙھائي سگهي ٿو ۽ استاد  عقلي سطح (Cognitive domain) جي پھرئين ڏاڪي Knowledge   کان وٺي Synthesis  تخليق تائين حاصلات ماڻي سگهي ٿو.


No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون