Sunday, March 26, 2023

ڪھاڻي / بسمہ

 

ڪھاڻي

بسمہ 

  منير حيدر لغاري                                                     

بسمہ 

بسمہ هڪ محنتي ۽
ھوشيار شاگردياڻي هئي، جنهن هميشه پنهنجي پڙهائي کي اوليت ڏني. هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي  ڪتابن منجھ گم رھندي ھئي. پنھنجي اسڪول جو ڪم ھميشہ وقت تي ڪندي ھئي ۽ تعليم ۾ ماهر ٿين جي جستجو  ۾ اڳتي وڌندي رھندي هئي. ڪلاس جي شاگردن سان سخت مقابلي ۾  بسمہ ڪڏھن بہ ھارايو ھو. هوءَ هميشه ھر امتحان ۾ سڀني کان اڳڀري  رھندي ھئي ۽  سالياني امتحان ۾ پڻ  پنهنجي ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندي هئي. ھاڻ بسمہ صرف پنهنجي ڪلاس ۾  ٽاپ اچڻ تي راضي نه هئي. هن جا وڏا خواب هئا، ۽ هوءَ  اھو ڄاڻندي ھئي ته انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي سخت  محنت ڪرڻي پوندي.



بسمہ جو خواب تہ  ھو  سنڌ جي ڪنھن سٺي تعليمي اداري  ۾  اسڪالرشپ تي تعليم حاصل ڪري. ان لاءِ ھن پنھنجي استاد سان مشورو ڪيو، جنھن تي استاد ھن کي سمجھايو تہ اھو تڏھن ممڪن آھي، جڏھن تون وقت جو صحيح استعمال ڪرين ۽ تمام سخت محنت ڪرين.

 

ان کان پوءِ بسمہ استاد جي ڏنل ھدايتن تي پنھنجو ڏينھن گذارڻ لڳي .ھو صبح سوير اُٿي ڏندڻ ڏيئي تيار ٿي اسڪول ويندي ھئي. اسڪول کانپوءِ گهر پھچي ماني کائي ٿورو آرام ڪندي ھئي. ان کانپوءِ  ٽي ڪلاڪ مسلسل پڙھندي ھئي. پڙھڻ سان گڏوگڏ سھيلين سان راند روند بہ ڪندي ھئي. ھن جي پسند جي راندين ۾  ٽاپون، ڪوڏيون ۽ لڪ لڪوٽي جھڙيون رانديون  شامل ھيون. راند روند کان پوءِ پنھنجي ماءُ سان گڏ گهر جي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊرائيندي ھئي. رات جي ماني کانپوءِ ھڪ ڪلاڪ لازمي پڙھندي ھئي پوءِ آرام ڪندي ھئي.

اھڙي طرح وقت جي درست استعمال ۽ لڳاتار محنت سان ھن جو خواب پورو ٿيو. ھن جي سنڌ جي ھڪ سٺي اسڪول ۾ داخلا ٿي وئي. ان ڏينھن ھو تمام گهڻي خوش ھئي.   بسمہ جي ڪاميابيءَ جو سفر ايڏو سولو نه هو، پر سندس اٽل عزم ۽ محنت آخر ۾ رنگ لاتو. هن اھو ثابت ڪري ڏياکاريو  ته  ڪنھن جي محنت رائيگان نہ ويندي آھي،  محنت  ۽ استقامت سان سڀ  ڪجهه  ممڪن آهي.

 

آخر ۾  بسمہ جو والد ڪلاس جي ٻارن کي مٺو ڀت کارايو ۽ استادن جو شڪريو ادا ڪيو.

 

 

No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون