Friday, January 26, 2024

ديدار شھباز جي شاعري

ديدار شھباز جي شاعري   


غزل

جو غزل اَحساسَ جِي مهڪارَ سونپي ٿو وڃي،

سو غزل سِيني اَندر  سِڪَ سارَ سونپي ٿو وڃي.


شَخصُ جنهنکي ٿا ڏِسڻَ چاهيون سدائين مُرڪندي،

سو اَکين کي بي مُندِي وَسڪارَ سونپي ٿو وَڃي.


عِشقُ ھِڪَ طَرفو بہ ڄَڻُ ڪا باهَ وونئڻاٺِين سَندِي،

تانگهَ  کي شعلا ڪري آزارَ سونپي ٿو وڃي.


سو لَھي ڀيٽا گُلابَن جِي اَوَس ٿو آدمِي:

جو اَدبَ جا کيتَ کي گُلزارَ سونپي ٿو وَڃي.


شاعريءَ جو تاجُ پائي ڪو ڏُکَنَ  جو بادشاه،

تَڙپَ جا تَڙپِي لُڇِي اَشعارَ سونپي ٿو وڃي.


رُوحَ ۾ رابيلَ راحَتَ جا ٽَڙَن ڀُلجِي نٿا،

هِي وڇوڙو دَردَ جِي جهُونگارَ سونپي ٿو وڃي.


آ اَکين کي جِن اَکين جِي آرزُو ڏِسجَن نَٿيون،

وَقتُ جَذبن کي وَڏِي ماٺارَ سونپي ٿو وَڃي.


ساهُ سُرهو ٿِي وَڃي ٿو پَيارَ جِي پَرچارَ سان:

جيڪڏَھن ڪو گُلڪندِي گُفتارَ سونپي ٿو وَڃي.


سو مَرِي شھبازَ جِيئرو ٿو رَھي دِليِن اَندَر،

جو بہ اوکِيءَ ۾ اَچِي آڌارَ سونپي ٿو وَڃي.



غزل



ٽارُ جهُڪائي مُونکي روڪي وَڻَ ڳالهايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟

ڇو تہ وَڍِين ٿو پاڳَلَ پنهنجي سِر جو سايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


بَن بَن ڀَٽِڪَڻَ کان تہ ڀَلو آ ڪنهنجون گهُرجُون پُوريُون ڪَر!

رَبُ ڳولهڻَ لئہ ويٺو آھِين پاڻُ  وِڃايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


ڪَمَ جُون نِينهَن نمازُون آھِن، نِوِڙَتَ اَصلِي سَجدو آ،

ڇو تہ ڪَرِين ٿو تُون سَجدَن  تي هَٺُ اَجايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


لَفُظَن جا هَڻُ! تِيرَ ڀَري تُون ڏِس! ٿو ڏاڍو ڪِيئَن ڏَڪي،

ڇا لئہ ويٺو پنهنجا آھِين چَپَ سِبايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


هِندُوءَ مُسلِمَ عِيسائِيءَ جِي شَھَ رَڳَ ۾ آباد اَٿَئِي،

ڇو ويٺو آن نَفرتَ جا تُون مَذھَبَ ٺاهيو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


تو تہ چَيو هو مُون سان هَرگِز سُورُ سَلِيندين تون نہ ڪَڏَھن،

سُڏِڪِين ويٺو اَڄ ڪِيئن مونکي ڀاڪُر پايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


خَوابَ غَرِيبن جا ڪِٿِ جِيئَري پُورا ٿا شھبازَ ٿِيَن،

ڇو ويٺو آن سَپنن جِي تُون سيجَ سَجايو ڇا ٿِيو ٿَئِي؟


___________________________________________________________________

غزل

زُلفَ گهَٽا هِي نيڻَ نَشا هر مَستُ ادا دل گهائي ٿِي

هِيءَ لالُ لَبن جي لَرزش جِي خاموش صدا دل گهائي ٿِي


خود ڏُورُ نہ ڪَر! دل چُورُ نہ ڪر! مجبُورُ نہ ڪَر! اَکُ روئڻَ لئہ

 ڇَڏ! ڳالهِ وِڇوڙي ويريءَ جِي هر دردَ ڪٿا دل گهائي ٿِي


رابيل ٽِڙيا، ڏِس! ڀونرَ ڀِريا خوشبو آ ھَوا جي ڀاڪر ۾

تورِيءَ صَفا هِيءَ ماڪَ ڀِنَلَ بيباڪ صَبا دل گهائي ٿِي


ڪو ٻارُ اُباريل ڀَت کَڻي پِيو ڍير منجهان ڪجه صافُ ڪَري

ٿِي ڏَنگَ ھَڻي لاچارِي ۽  هِيءَ بُکَ بلا  دل گهائي ٿِي


ٿِي دِيدَ ڏِسي جي خَوابَ اَندر سي ڏيک نِظارا ڪونہ رهيا

ڪا پِينگهَ نِمن جي لامن ۾ ڪا ياد اَلا! دل گهائي ٿِي


ڪَڙڪاٽَ کِنوِڻُ جي تي ڊوڙِي جو مونکي تو هو ٻَکُ وِڌو

اَنمول مِٺِي دل جِي ڌَڪ ڌَڪ سا سارَ صَفا دل گهائي ٿِي


شھباز نہ سوچيو مُورُ ھِيو تَبديل صفا ايئن ٿِي وِيندي

هي خنجَرَ تنهنجي لَھِجَن جا هِيءَ وقتَ جفا دل گهائي ٿِي


___________________________________________________________________

غزل

تون وَسڻَ جا ويس ڪَر! رُوحَ جي ٿَرَ جي مٿان،

پِيارَ جي وَسڪارَ ڪر! دل سندي گهرَ جي مَٿان.


چَنڊَ کان چانڊاڻُ آ، ٿِي جُدا ڌَرتيءَ پُڳِي،

ڏَئِي مِٺِي مهراڻَ کي پَئي نَچي جَرَ جي مَٿان.


ڏُورُ بَنسِي ٿِي وَڄي سوزُ اوري ٿو اَچي،

تانگهَ دل کي ٿِي رَکي هِجرَ جِي چَرَ جي مَٿان.


 هِي مِزاجِي جو خُدا، آ ڏِنُو توکي خُدا،

پاڻُ واري زندگِي ڇَڏ! وَنِي وَرَ  جي مَٿان.


تو چَيو هو موٽَندس مُون وِساريو ڪونہ آ:

دِيدَ پَئِي  آھي ٽَنگِي دلربا! دَرَ جي مَٿان.


ٿو ڪَفَن خالِي مِلي شاه هُجي توڙي گَدا:

ڇو اَنا ايڏِي اَٿئِي ڪَئِي ڀَلا زَرَ  جي مَٿان؟


مون سکيو جنهن کان اَکرُ ھِڪ بہ سو اُستادُ آ،

قَرضُ تَنهِن جو تا عُمُر ڏاتُ جي ڇَرَ جي مَٿان.


ڪَرَ ڪَتِين موڙيا مَگر مَڌُ کُٽو نہ ڏاتُ جو،

لَفظَ سَجدي ۾  ڪِريا قَلبَ ڪاڳَرَ جي مَٿان.


سُونهَن تُنهنجيءَ جو سَرُڳ سوچَ ڳولهِيندِي رَھِي،

خوابَ جو پَنڇِي لَٿو  دَيدَ ڪوثَر جي مَٿان.


ٿِي ڊِگهِي موسَم  وَئِي، آ وِڇوڙي جِي صَفا،

پِيو اُڏي شَھبازُ  ٿو  آسَ اَمبَرَ جي مٿان.



___________________________________________________________________

غزل 


سَفَرَ مَنجهُ سارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون،

اَندَرَ  جون اُڏارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


ڀَلي         اِنتِظارِي      ٿَڪائي   بَدَن،

نَظرَ   جُون نِهارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


اَچو    يا   نہ   جانِي!  اوهانجِي رَضا،

اَسانجُون  پُڪارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


زَبانُن    جا   خَنجَرَ    کُٽَن   ڪِينَ  ٿا،

حَسدَ جُون تَرارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


مُئَن    ۾     نہ    شايَدُ  وَزَن آ   رَھيو،

مِٽِيءَ  جُون مَزارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


ٻَچَن جِي ٿِي روزِي  مِلڻَ  کان جهَلي،

اوهانجون مَيارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.


ڏُکَن     جا    ڏِيهاڙا   وَڌيو   ٿا   وَڌَن،

هِي لُڙڪَن قَطارُون ٿَڪَن ڪِين ٿِيون.


نہ شھبازُ   ٿو   پِيارُ   پنهنجو    پَلي،

هِي سُورَن پَچارُون ٿَڪَن ڪِينَ ٿِيون.




_______________________________________________________________________

غزل

صَنم! سَندِي تہ سوچَ ۾ ٺَھُون پَيا ڊَھُون پَيا،

وَفا وَفا ڪَري جَفا سَھُون پِيا، ڊَھُون پِيا.


اوهان جِي تانگهَ تارَ جي ڪُنَن جِي ڪَنهن قَطارَ ۾:

ڪَچي گهَڙي جِيان اَندرُ لَھُون پَيا، ڊَھُون پَيا.


اوهانجو اِنتظار هو، وَچَن سَندو ڀَرَم ٽُٽو،

 اسان تہ لُڙڪَ لارَ ۾ وَھُون پَيا، ڊَھُون پَيا.


ڏِسو! تہ پِريتَ پِياسَ ۾ رُلِي ڄَمارَ ٿَرُ بَڻِي،

اَڃان بہ آسَ تاسَ ۾ رُھُون پَيا، ڊَھُون پَيا.


گُلابَ صُورتن هَنيا خَنجَرَ فَريبَ جا ڪَڍِي،

حُسُنَ سَندِي اُجاڙَ کان ٽَھُون پَيا، ڊَھُون پَيا.


 اَڪيلِڙِي حَياتِڙِي سَتَم هِي سَردُ راتِڙيُون،

ٺَرِي ٺَرِي سَڙُون هِتي ٻَھُون پَيا، ڊَھُون پَيا.


سَڄو هِي سارَ جو سَفَر سَزا آ شھبازَ ٿِيو،

ڳَرو هِي ڳاهُ دَردَ جو ڳَھُون پَيا، ڊَُھون پَيا.


_______________________________________________________________________

غزل


بزرگ ہو سامنے تو لہجہ نرم رکھو !

آداب_گفتگو ہے تھوڑی شرم رکھو!

 

ہے   آخری   تمنا     دیدار  کی  صدا،

مل نہ سکیں گے پھر سے اب تو بھرم رکھو!


تم پر بھی آ ہے سکتی مشکل گھڑی کبھی:

گرتے کا ہاتھ تھامو جذبا  گرم  رکھو!


مانگوں میں اور کیا بس نظر _ وفا کرو!

آنکھوں میں تم بسالو دل میں صنم رکھو!


مشکل بڑی نہیں ہے منزل کی چاہ سے،

جھک جائیں گی  چٹانیں بڑھ کر قدم رکھو!


مشکل کشائی کو ہے مشکل کشا ملا :

نادے علی علی سے دم دم میں دم رکھو!


ہر لفظ دے گواہی اے مالک _جہاں،

تیری ہی نعمتوں کو لکھتی قلم  رکھو!


شہباز ہیں اندھیرے نفرت کے ہر قدم،

جگ میں دیئا بنا کر اپنی نظم  رکھو!

 _______________________________________________________________________

غزل


تنهنجا حَجَ زَواريُون جارِي پاڙي ۾ بِيمارُ مَرَي وِيو،

تو پَئي پنهنجِي جَنَتَ ڳولِي تَڙپِي ڪو لاچارُ مَرِي وِيو.


لَبَ تي ڪَلمُو، هَٿَ ۾ تَسبيح، ڳالهيُون وَلِين واريُون ساڳيُون:

زورُ نِمائِش تي آ باقِي  ماڻھُوءَ مان ڪِردارُ مَرِي وِيو.


لوڀَ لَتاڙي گُذرِي ويئي اَحساسَن جون اکيون ڪومَل:

ماڻھُن پوجيو مَطلَبَ پنهنجو دُنيا مان اُپڪارُ مَرِي وِيو.


ننڍڙا ننڍڙا خوابَ ڏِٺاسِين سي بہ اَڌُوار ڀَٽڪَن پَيَڙا،

اُلفَتَ جو آڌارُ مِرِي وِيو، سَپنن جو سَنسارُ مَرِي وِيو.


ٻارَ اَکيُون ٿِي بِيٺا آھن اوسِيئَڙي ۾ جنهنجي بُکَ تي:

ساهَن جو ڪَشڪول ٽُٽِي پِيو رَستي تي پينارُ مَرِي وِيو.


پاڻُ لُٽائي پُھتِي ليڪن دير لُٽِيندڙ ڏاڍِي لاتِي،

دارُونءَ لاءِ تَڙپِي تَڙپِي جنهنجو ننڍڙو ٻارُ مَرِي وِيو.


منهنجي گهر مان واسُ وَٺڻَ لاءِ ھاڻي جُگنُو ڪونہ اَچن ٿا،

منهنجو چين قرارُ مَرِي وِيو تنهنجو جي ديدارُ مَرِي وِيو.


تنهنجون شَبنم جهڙيُون ڳالهيون يارَ! وِڇوڙي ڏُورُ ڪَيون جو:

جهورِيءَ ۾ شھبازُ جَلي ٿو جنهنجِي دل جو ٺارُ مَرِي وِيو.


_______________________________________________________________________

غزل


جي گهُرِين تون آزمائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي،

ڀَل تہ ٽانڊَن تي هَلائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


سِنڌُ تو تان سِر بہ گهوري ٿا سَگهُون اُلڪو نہ آ،

ڀل تہ سُورِيءَ تي سَڏائي ڏِس! اسانجي عِشق کي.


شَرطَ آ اَکيُون مِلائي وارُ ڪَر! ڌَڙُ ڌارُ ڪَر!

تون ڪَڍِي خَنجر هلائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


پَيارَ جو گُلزارُ پوکي ٿو سگهي تو ۾ سَڄو،

تون ڪَڏَھن سيني لڳائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


ڍال آ مَظلُومَ آڏو ظالمَن جي رُوبَرو:

زور لائي تون جهُڪائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


موتَ جو مَنظَر پَسائي ٿا سَگهُون ميدانَ ۾،

تيشَ کي ٿورو تَپائي ڏِس! اسانجي عِشقَ

 کي.


هر غُلامِيءَ کان بَغاوَتَ ٿا ڪَيُون باغِي اسان:

ذَھِنَ  تان زَنجِيرَ لاهِي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


ظُلمَ جِي اُنداهَ جو سِينُو وَڍي چِيري ڪَپي،

آجپي کي پِيو بَچائي ڏِس!'اسانجي عِشقَ کي.


لوڀَ جا اَلماسَ پيرَن سان ٿُڏي ٺوڪَرَ ھَڻِي:

ٿو  مِٽِيءَ سان پيچُ پائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.


ديسَ جِي واکاڻُ سان  شَھبازَ ساهَن کي ڀَري،

گيتُ ڳائي ٿو نَچائي ڏِس! اسانجي عِشقَ کي.






No comments:

Post a Comment

براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا

فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس| منير حيدر لغاري

  فطرت جا ڦورو اَنَا انفراديت ۽ سائنس منير حيدر لغاري گھڻي عرصي کانپوءِ هڪ جيڏا ماسات، ماروٽ، سوٽ ۽ دوست جڏهن ننڍپڻ کي ياد ڪرڻ ويٺا سين ...

تمام گهڻي ڏسجندر پوسٽون