شمشير الحيدري جي شاعري
توسان ڳالھيون
رستي ھلندي،
گھر ويٺي،
بازارن ۾ گھمندي ڦڙندي،
پيار جون پياريون ڳالھيون.
ڪڏھين منھنجي ھٿ ۾ پنھنجو ھٿڙو ڏيئي،
سمنڊ ڪناري،
ننگين پيرين، آليءَ واري تي، يڪساھيءَ ڊوڙي ڊوڙي ڪري پوين ٿي،
۽ مان تو کي کڻي وٺان ٿو، ڀاڪر پائي.
ڪڏھين شھر جي ڪنھن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويھي،
تنھنجا سونا روپا ٽھڪ ٻڌان ٿو،
ڪڏھين شام ٽَريءَ جي ويلي، ايڪانت ۾ منھنجن ٻانھن ۾ جھولين ٿي.
. . . . پر توساڻ ئي سڀ ڳالھيون تڏھين ٿينديون آھن،
جڏھين تون موجود نه ھوندي آھين.

تون به انھي جھڙيءَ ئي
آھين،
سُڌ ٻُڌ ان جھڙي ئي آھين:
شڪل شباھت، قد ۽ قامت، ساڳي رنگت،
مرڪ به ساڳي، ٽھڪ به ساڳيا، نيڻ نھار به بلڪل ساڳي،
ڄڻ ته اھا ئي ساڳي آھين.
پوءِ به ڪيڏو فرق ٻنھي جي وچ ۾ آھي،
ھن ته مون کي سمجھيو ٿي سپنن جو راجا،
۽ تون مون کي انڪل انڪل ڪوٺين ٿي!
وقت جي ويڇي ڪيو آھي اھو ڪيڏو انوکو ۽ عجب دلچسپ ۽ بي دردي مذاق!
ڪاش تون ھُن جھڙي نه ھجين ھا!

اڄوڪي صبح جو سورج به
ويو لھي آخر،
اڄوڪي شام غريبن تي وئي اچي آخر.
اڄوڪي رات انڌيرا جشن ملھائيندا،
وڃي اجالا ڪٿي پنھنجا سر لڪائيندا.
اڄوڪي رات ڪنديون خوب رقص زنجيرون،
ھزار طوق ۽ زندان جون ٿينديون تدبيرون.
اڄوڪي رات ڪندي باھ راند وحشت جي،
عذاب آڻيندي ڌرتيءَ تي ڌوم دھشت جي.
اڄوڪي رات شھيدن کي ڪو ڪفن ڪونھي،
ڏسو کڻي ته ڪٿي سر، ڪٿي بدن ڪونھي.
اڄوڪي رات مصيبت جي ماجرا جي رات،
اڄوڪي رات قيامت جي ۽ قضا جي رات.
اڄوڪي رات محبت جي منزلن جي رات،
اڄوڪي رات صداقت جي فيصلن جي رات.
اڄوڪي رات محبت جي بندگيءَ جي رات،
اڄوڪي رات ضميرن جي زندگيءَ جي رات.
اڄوڪي رات ۾ انسانيت ڪندي معراج،
تباھ تخت ٿيا ۽ تاج ٿيا تاراج.
اڄوڪي رات اتم، اوچ ۾ اَمر آھي،
صدين کان صبر جي تاريخ جو ثمر آھي.
اڄوڪي رات وئي موت کي به مات ڏئي،
اڄوڪي رات زماني کي وئي نجات ڏئي.
اڄوڪي شام غريبن تي وئي اچي آخر.
اڄوڪي رات انڌيرا جشن ملھائيندا،
وڃي اجالا ڪٿي پنھنجا سر لڪائيندا.
اڄوڪي رات ڪنديون خوب رقص زنجيرون،
ھزار طوق ۽ زندان جون ٿينديون تدبيرون.
اڄوڪي رات ڪندي باھ راند وحشت جي،
عذاب آڻيندي ڌرتيءَ تي ڌوم دھشت جي.
اڄوڪي رات شھيدن کي ڪو ڪفن ڪونھي،
ڏسو کڻي ته ڪٿي سر، ڪٿي بدن ڪونھي.
اڄوڪي رات مصيبت جي ماجرا جي رات،
اڄوڪي رات قيامت جي ۽ قضا جي رات.
اڄوڪي رات محبت جي منزلن جي رات،
اڄوڪي رات صداقت جي فيصلن جي رات.
اڄوڪي رات محبت جي بندگيءَ جي رات،
اڄوڪي رات ضميرن جي زندگيءَ جي رات.
اڄوڪي رات ۾ انسانيت ڪندي معراج،
تباھ تخت ٿيا ۽ تاج ٿيا تاراج.
اڄوڪي رات اتم، اوچ ۾ اَمر آھي،
صدين کان صبر جي تاريخ جو ثمر آھي.
اڄوڪي رات وئي موت کي به مات ڏئي،
اڄوڪي رات زماني کي وئي نجات ڏئي.
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ
۾،
ڌرتيءَ جي ھڪ سندربن ۾ باھ لڳي ھئي.
ڀڙڪي ڀڙڪي، ڪڙڪي ڪڙڪي،
شعلن اھڙو رقص ڪيو ھو،
جنگل منگل رک اڏري ھئي.
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
ڌرتيءَ جي ھڪ سندربن ۾ گل ٽڙيا ھئا،
ڪومل ڪومل، نرمل نرمل،
ڪنول، چنبيلي، موتيو، مگرو،
وک وک تي جنسار جڙيا ھئا.
چنچل شوخ ھوائون چوڏس ايئن ٿي جھوميون،
جنگل منگل سرھاڻين جا ساٺ ٿيا ھئا.
دريا سڀ ڪجھه ڏسي رھيو ھو،
بادل، سج چنڊ، تارا ڪتيون ڏسي رھيا ھئا،
ست ئي سمنڊ پري پري کان ڏسي رھيا ھئا،
حورون ملڪ، مرون ۽ ماڻھو ڏسي رھيا ھئا.
اڏري اڏري، پکي پکيڙو ڏسي رھيا ھئا،
اڀ ۽ ڌرتي، گھوري گھوري ڏسي رھيا ھئا:
باھ لڳي ھئي،
گل ٽڙيا ھئا،
سندربن ۾، سندرتا ۽ ڪٺورتا جي وچ ۾ ڀاري جنگ لڳي ھئي:
ٽانڊن ۾ ڇا گل ٽڙيا ھئا،
گلن اندر ڪيئن ٽانڊا ٽڙڪي ٽِلي رھيا ھئا:
باھ برابر وڌي رھي ھئي،
گل برابر جھومي جھومي کلي رھيا ھئا:
جڳ سارو ئي ڏسي رھيو ھو،
اک ڇنڀ اندر،
سندربن جو ذرو ذرو،
دونھون، دونھون،
اونداھيءَ ۾ ٻڏي ويو ھو.
دريا رڄ رڄ روئي ڏنو ھو،
بادل سڏڪا ڀري رنا ھئا،
سورج، چنڊ ۽ تارا ڪتيون روئي رھيا ھئا،
سمنڊ سمورا روئي رھيا ھئا،
ماڻھن روڄ مچايو روئي،
پکين پاڻ پڇاڙيو روئي،
اڀ ۽ ڌرتي روئي رھيا ھئا،
سندربن ۾ ھيڏي ھتيا،
سندرتا سان ھيڏو ھاڃو،
اڀ ۽ ڌرتيءَ جنم جنم کان ڪونه ڏٺو ھو:
اک ڇنڀ اندر،
سندربن جو ذرو ذرو،
دونھون، دونھون،
اونداھيءَ ۾ ٻڏي ويو ھو!
جڳ سارو ئي ڏسي رھيو ھو،
اک ڇنڀ اندر،
ٻاٽ انڌيرا،
ٽڙي پکڙجي،
وٽڙي ويا ھئا.
باھ ڪٿي ھئي؟
ٽانڊن جي رک جي ڍيرن تي،
جھومي جھومي،
گلڙا خوش ٿي کلي رھيا ھئا!
سُندرتا جي ساري ٿي ھئي،
ڪٺوَرتا جو موت ٿيو ھو،
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
سندربن ۾ باھ لڳي ھئي،
جنگل منگل رک اڏري ھئي.
اڄ کان ڪيئي صديون اڳ ۾،
سندربن ۾ گل ٽڙيا ھئا،
جنگل منگل سرھاڻين جا ساٺ ٿيا ھئا،
سندرتا ۽ ڪٺورتا جي وچ ۾ ڀاري جنگ لڳي ھئي،
سندرتا جي ساري ٿي ھئي،
ڪٺورتا جو موت ٿيو ھو،
سندرتا جي جيت امر آ،
ڪٺورتا جو موت امر آ،
ھتيا پاپ جي پوڄا وارو،
سندرتا جي پريت امر آ!
(پي ٽي وي جي مشاعري ۾ پڙھيو ويو)

سچ جو مچ متل آھي، اچي
جيڪو اچي،
دونھين دردن جي دُکيل آھي، اچي جيڪو اچي.
رنگ ٽانڊن جو، اماڙين جو، الن ڀڀڙن جو،
رنگ ئي رنگ رتل آھي، اچي جيڪو اچي.
ايڏي ٿڌ جو سڄو ماحول ڄمي ويو آھي،
ھڪڙو ڀنڀٽ ئي بچيل آھي، اچي جيڪو اچي.
ڄرَ ۾ ڄاڻ جا آڙاھ ٿا ڀڙڪن، ٽڙڪن،
باھ ۾ بخت ڀريل آھي، اچي جيڪو اچي.
ھڪڙي پاسي کان ازل، ٻئي کان ابد جو عالم،
وچ تي بيٺو اجل آھي، اچي جيڪو اچي.
واٽ واسينگ بني، لاٽ مان اَجگر اپڙن،
ھي ته ڪو ڪاڪ محل آھي، اچي جيڪو اچي.
مچ تي ميڙ ڪرڻ وارو ته ٻيو ڪو ڪونھي،
حيدري آھي، سچل آھي، اچي جيڪو اچي.
دونھين دردن جي دُکيل آھي، اچي جيڪو اچي.
رنگ ٽانڊن جو، اماڙين جو، الن ڀڀڙن جو،
رنگ ئي رنگ رتل آھي، اچي جيڪو اچي.
ايڏي ٿڌ جو سڄو ماحول ڄمي ويو آھي،
ھڪڙو ڀنڀٽ ئي بچيل آھي، اچي جيڪو اچي.
ڄرَ ۾ ڄاڻ جا آڙاھ ٿا ڀڙڪن، ٽڙڪن،
باھ ۾ بخت ڀريل آھي، اچي جيڪو اچي.
ھڪڙي پاسي کان ازل، ٻئي کان ابد جو عالم،
وچ تي بيٺو اجل آھي، اچي جيڪو اچي.
واٽ واسينگ بني، لاٽ مان اَجگر اپڙن،
ھي ته ڪو ڪاڪ محل آھي، اچي جيڪو اچي.
مچ تي ميڙ ڪرڻ وارو ته ٻيو ڪو ڪونھي،
حيدري آھي، سچل آھي، اچي جيڪو اچي.
گھڻي زماني ٿي ڳي جڏھان
سچ سدا سوڀارا ھا
اون دي ڏاڍي ھلدي پڄندي، اون دا وارا نيارا ھا.
گھر گھر اون دا جھنڊا کُتا، در در عام نظارا ھا
ھر ھڪ دل دا دلبر ھا اون، ھر ھڪ اک دا تارا ھا.
ڪنگلا ڪوڙ انھان دي ايڏي شان ڪون ڏيک ڪي سڙدا ھا،
راتيان ڏينھان اندر اندر جلدي پڄندا ڪڙھدا ھا.
ھڪ ڏينھن اينوين ھويا، جيوين سچ ستا ھا سيڄ اتي،
ڪوڙ اچي شبخون ھنيا، ڪئين ڪٽڪ انھان دي ساڻ
سچ ڪون ڏيھه نيڪالي آئي، سچلي ماڻھو ماري ڳئي،
ڪتلي قيدي باندي ٿي ڳئي، ڪتلي دار تي وار ڳئي
سچ تڏھان ڪو لُڪدا ڦِردا، جھنگ جبل وچ رلدا ھا،
ڪوڙ انھان دي مارڻ ڪِيتي، پڇون پڇون ڄلدا ھا.
اٿي آڪر اڄ ٻُڌو سي، سچ درازا وسدا ھي،
چانڊوڪي ديان پاڪي ڇيريان، ڇم ڇم ڇم ڇم نچندا ھي.
جي اي ڳالھه سچي ھي يارو، ڪوڙ به اِٿان ھوسي،
ڳولو ڳولو، مارو مارو، اِٿان ڪِٿان ھوسي.

عاشق ھليا اکين سان، ٿي
نينھن جا نمازي،
لوچي لڌائون لبن سان، دلبر جو در درازي.
چائنٺ جنين به چائي، سُرڪي مِليَن سَوائي،
تيزيءَ ڪين توائي، ملان رھيو نه قاضي.
اکپور ۾ الستي، اھڙي نه ڪائي سستي،
مستيءَ جو مٽ نه ھستي، ھاري ڇڏيئون ھجاري.
جي پاڻ سان مخاطب، ٿيندا نه طُور طالب،
عبرت عجب عجائب، ديدار دم درازي
جانب جي جاءِ جاتي، ٿي روح راءِ تاتي،
ڇرڪيا الائي ڇاتي، محبوب سڀ مجازي.
مُلان مِٺي مِٺائي، قاِضي جي ڪُٺ ڪمائي،
چوکي چِکي ڪڙائي، ڪافر کڻي ويو بازي.
جن من ڪيو مٿيري، آيا اھي اويري،
ويو وقت واڳ ڦيري، ھيءَ ڳالھه آھي تازي.
”شميشير“ يار پنھنجو، ڏس ٿي ويو ڪنھن جو،
ڪونھي قصور تنھن جو، دردن ڪيو درازي.

سنڌ جو سيلاب يا ڌرتيءَ
جو سُور؟
پيو تڪي تاريخ کي سنڌوءَ جو پُور
ڪا نئين تدبير ٿي آھي ضرور،
ويو وڻي تقدير کي پنھنجو ڪلور
ڏيھه تي ايڏو ڏمر ڪھڙو قصور،
مڇريل مھراڻ جي موجن ۾ گھور
وقت جي درياھ سان ڪھڙو غرور،
ھر ھچا سان ٿيڙ کائي ٿو شعور
دور نئين تعمير جو آھي نه دور،
اي ميان ”شمشير“ ڇو آھين ملور.
(پھرين مئي 1973ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي پاران ٻوڏ بابت ڪرايل مشاعري لاءِ ٻيا شاعر: سنڌي علي محمد مجروح ۽ اياز قادري، اردو: حمايت علي شاعر، جميل الدين عالي ۽ صبھا اختر. ٻيھر حيدرآباد ريڊئي پاران ڪرايل مشاعري ۾ پڙھيو ويو)
روزاني ”جاڳو“ ڪراچي ۾ ڇپيو: جولاءِ 1992ع

رات، عورت جي زلفن جي
رنگت کڻي،
بيد جي شاخسارن سان گڏجي وئي،
مان نديءَ جي ڪناري، خيالن جي موجن تي ھسوار ھلندو رھيس.
اوچتو راڳ آلاپ جون تيز لھرون اٿيون،
سارو ماحول پر ڪيف، پر سوز نغمن سان گونجڻ لڳو.
ڇا خبر، وقت جي ڪھڙي رفتار ھئي،
چند گھڙين اندر، ايتري ئي فقط پيئي مونکي خبر،
ھوس حاضر حسنين جي جھرمٽ اندر
جن جي صورت گلابن کي گھايل ڪري،
جن جو جوڀن بھارن کي برھم ڪري،
ھار سينگار ۾ سرس ھر ڪا ڄڻي:
تاج پاڻيءَ جي بيداغ گلڙن جو پھري ۽ گردن ۾ مکڙين جي مالا وجھي،
سا سراپا ھئي پرين جي راڻي بڻي.
ڪيستائين سي ھڪٻئي جي ڳچين ۾ ٻانھون وجھي،
ڳائينديون، مرڪنديون، ٽھڪ ڏينديون رھيون.
مون پڇيو، ”ڪنھن جي خاطر ٿيون ڳايو اوھين؟“
سڀني مرڪي چيو، ”جن جي موٽي اچڻ جون اميدون اٿئون.“
ھڪ ڄڻي پيءُ جي لاءِ ھئي منتظر،
ٻئي ڄاڻي ڀاءَ لاءِ حيران ھئي،
جنھن کي ليڪن ھئي آس محبوب جي واپسيءَ جي
سڀن کان زيادھ پريشان ھئي.
مان نديءَ جي ڪناري، اداس ۽ اڪيلو، خيالن جي موجن تي،
ھسورا، اڳتي وڌيس:
جنھن گھڙيءَ پنھنجي پويان يڪايڪ نگاھون ورائي ڏٺم،
چنڊ نيرين اکين سان ڪئي پئي سدم رھنمائي!
”سھڻي“ حيدرآباد : ٻيو پرچو.
(سورھينءَ صدي جو يوناني شاعره بلز سھڻين تشبيھن ڪري مشھور آھي، فرانس جي جڳ مشھور اديب پيري لوئي 1926ع ۾ سندس نظمن کي نظماڻي نثر ۾ ترجمو ڪري ”سانگ آف بلز“ نالي سان شايع ڪيو. بلز جي ھڪ نظم جو ھي منظوم سنڌي ترجمو پيري لوئيءَ جي ترجمي تان ڪيل آھي.)

ساڳيو رستو، ساڳي گھٽي،
ساڳيا گھرڙا، ھڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
ڪالھه ايئن ئي چوندا ھئاسين،
پاڻ سڀاڻي مرنداسين، ٻيھر جاڳي اٿنداسين:
باک ڦٽڻ سان،
جيئن جيئن رستو روشن ٿيندو،
گھر گھر اندران
ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جا آواز انھيءَ تي
گونجي ويندا.
پنھنجي گذريل حالت، پنھنجون ڳالھيون
پنھنجون بيزاريءَ ۾ جيئندڙ زالون،
پنھنجون پٿرن جھڙيون، شيشي جھڙيون اکيون،
تن تي ھو سڀ کلندا، ٽوڪون ھڻندا، يادن کان بي بھروه ھوندا
تن کي جھوني رستي جي ڪا ڄاڻ نه ھوندي
ھو سڀ کلندا، ٽوڪون ھڻندا،
ڇو جو پنھنجي ڪل جو باعث کين نه
ڪنھن کان پڇڻو پوندو.
ڪالھه ايئن ئي چوندا ھئاسين
”پنھنجي موقعي سازيءَ سان،
وقت اسان جو ٺاھ ڪرائي،
ھڪ ٻئي سان گڏي ڇڏيندو
جيڏانھن ھڪڙو دوست اٿيو
ھوڏانھن ٻئي سڀ وير ڇڏيو“
ڪلھه جو ڏينھن به ڪيڏو گھرو
جذباتي ھو،
جو به چيوسين، شايد سمجھي
ڪين سگھياسين،
وقت اسان کي ھڪ ٻئي ساڻ ملايو آھي.
ليڪن ھڪڙو دوست اڃان بي دوست
بنيو،
ٻئي جي لئه واجھائي بيٺو،
ھاڻي سان جذبات جي گھرائي به وئي،
۽ آھن ساڳئي رستي تي،
ساڳي گھٽي، ساڳيا گھرڙا، ھڪ ٻئي سان لاڳو،
ساڳي ئي خاموشي،
۽ ٻئي پاسي، ھوڏانھن،
بند ٿيل درين جي پويان
وڏيون، ڦاٽل، ڏتڙيل اکيون،
پنھنجن ٻارن جي موٽڻ لاءِ
واجھائيندي،
پٿر جھڙيون، شيشي جھڙيون بڻجي ويون آھن،
خوف اھوئي آھي،
ڏينھن ختم ٿي ويندو!
رستو گم ٿي ويندو.!
(بلندالحيدري، اترئين عراق جي ڪُرد علائقي ۾ ڄائو. عراقي صدر صدام حسين جي مخالفت ڪرڻ سبب 1982ع کان لنڊن ۾ جلاوطن ھيو. 6 آگسٽ 1996ع تي 70 ورھين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. 1950ع جي ڏھاڪي کان، عربي لٽريچر ۾ آزاد نظم کي جدت ڏيندڙن منجھان آھي.)

تنھنجي لاءِ ڪيتريون
ڳالھيون ڳڻي،
تنھنجي گذرڻ وارو ساڳيو گس جھلي،
اڄ سويري ئي اچي بيھي رھيس،
جھول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.
***
تون مگر آئين به ۽ گذري به وئين،
مان خيالن ۾ ھئس ڏاڍو پري،
دڳ مٿي بيٺو ئي بس رھجي ويس،
جھول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.
***
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي،
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالھه ناھي:
تون اڻڄاڻ آھين، اھا ڳالھه ناھي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.
***
نئين ڪا نه ڪا روز حرڪت ڪرين ٿي،
شرارت کان خالي اھا ڳالھه ناھي:
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالھه ناھي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.
***
تنھنجي گذرڻ وارو ساڳيو گس جھلي،
اڄ سويري ئي اچي بيھي رھيس،
جھول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.
***
تون مگر آئين به ۽ گذري به وئين،
مان خيالن ۾ ھئس ڏاڍو پري،
دڳ مٿي بيٺو ئي بس رھجي ويس،
جھول ۾ رابيل جون مکڙيون ڀري.
***
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي،
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالھه ناھي:
تون اڻڄاڻ آھين، اھا ڳالھه ناھي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.
***
نئين ڪا نه ڪا روز حرڪت ڪرين ٿي،
شرارت کان خالي اھا ڳالھه ناھي:
ايئن ٿي ڀڄين، ڄڻ ته ڪا ڳالھه ناھي،
ايئن ٿي ڏسين، ڄڻ محبت ڪرين ٿي.
***
مان ئي آھيان، مان ئي
آھيان، مان ئي آھيان ملحد
ڇا لئه پنھنجي ذات لڪايان، پاڻ پنھون آءُ آھيان آھيان،
اصلون اناالحق الايان، ٺاھ ٺڳيءَ جا ڊاھيان ڊاھيان،
مان ئي آھيان ملحد
آدم کان ڀي اڳ ۾ آھيان، لوح قلم جي بات بتايان،
”ڪن فيڪون“ جي چال چلايان، ”ڪين“ منجھاران ”ڪُل“ بنايان،
عرش مٿي احڪام ھلايان، فرش مٿي فردوس بنايان،
ازل ابد جي راند رچايان، مٿي پاڻي، ٺاھيان ڊاھيان،
سڀ ڪنھن صورت صاحب آھي، جُڳ جُڳ پنھنجو روپ مَٽايان،
ڪڏھين عيسى، موسى آھيان، ڪڏھين ڪرشن، رام سڏايان،
ڪڏھين احمد نانءُ رکايان، گوتم بنجي گيان ڪمايان،
طُور مٿي ڀي پاڻ پسَايان، باھ اندر گلزار بنايان،
وھ وا رنگي رنگ رچايان، ڪثرت وحدت منجھه سمايان،
ڪڏھن ڀوت ڀڀوتي ڀانيان، ھندو بڻجي تلڪ لڳايان،
ڪڏھين ممبر مسجد ٺاھيان، مومن جا مذڪور ٻڌايان،
ڪڏھين ڪربل ڪنڌ ڪپايان، زھر پيان، سقراط سڏايان،
ڪڏھين سوريءَ سيج سجايان، ملڪ مڙئي منصور بنايان،
اول آخر ظاھر آھيان، سنڌ وطن جو ڏاھر آھيان:
مان ئي ملحد آھيان
ڪڏھن دل جي ديڳ دمايان، ڍونگ سڄي جو ڍڪڻ لاھيان،
ڪڏھين لات لطيفي ڳايان، سامي ۽ سرمست سڏايان،
ڪڏھن قرب قليچ ڪمايان، دردن جا درياھ وھايان،
ڪڏھين سانگي پاڻ سڏايان، برھ سندا ڪئين باغ بنايان،
ڪڏھين ”بيوس“ باغي آھيان، جاڳرتا جي جوت لڳايان،
محبت جو دستور ھلايان، الفت جا اعلان ڪرايان،
فطرت جو فرزند سڏايان، پيار سندو پيغمبر آھيان،
اول آھيان، ثاني آھيان، ساڳيو ساڳيو سچ سڻايان،
چارڻ بنجي چڻنگ وڄايان، ڀنڀٽ باھ پيو ڀڙڪايان،
ظلم ذلالت لعنت آھيان، شيخيءَ پيريءَ ڍينگو ڊاھيان،
آزادي جو ناد وڄايان، امن سندو جھنڊو جھولايان،
شيخ اياز اھو ئي آھيان، شوق منجھان ”شمشير“ سڏايان،
ماڻھو ليکي شاعر آھيان، پوءِ به الائي ڇا ڇا آھيان،
جوئي آھيان، سوئي آھيان، آھيان آھيان، ملحد آھيان:
مان ئي آھيان ملحد
روح رھاڻ حيدرآباد مئي 1965ع

ڀت وڏو ڏوھاري آھي
روز اول کان ڪاڙھيو ويو آ،
ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ
ٺاري ٺاري ماريو ويو آ،
ڪڏھن گيھه ٽڙڪايو ويو آ،
لوڻ ڪڏھن ڇرڪايو ويو آ،
مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،
ٽانڊن تي ٽھڪايو ويو آ،
دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ،
ھا، پر پوءِ به انھيءَ جي ساڳي
رھندي آئي ريت اڀاڳي:
جنھن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ٿو،
تنھن جو سارو چين کسي ٿو،
اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ،
پوءِ به ڪڏھن تو ھي سوچيو آ،
ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي؟
ڀت وڏو ڏوھاري آھي!
روز اول کان ڪاڙھيو ويو آ،
ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ
ٺاري ٺاري ماريو ويو آ،
ڪڏھن گيھه ٽڙڪايو ويو آ،
لوڻ ڪڏھن ڇرڪايو ويو آ،
مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،
ٽانڊن تي ٽھڪايو ويو آ،
دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ،
ھا، پر پوءِ به انھيءَ جي ساڳي
رھندي آئي ريت اڀاڳي:
جنھن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ٿو،
تنھن جو سارو چين کسي ٿو،
اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ،
پوءِ به ڪڏھن تو ھي سوچيو آ،
ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي؟
ڀت وڏو ڏوھاري آھي!
مان ڏوئي آن، مان ڏوئي
آن،
مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن . . .
ھن گھر جي گدلي رڌڻي ۾،
ھيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوھي آ،
۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه
جي روئي ٿو ته دروھي آ،
ھي ڏوھ نه آھي، ماڻھو لئه،
مون ديڳ جي دلڙي موھي آ
مان ڏوئي آن. . .
تو دانگيءَ سان وھنوار رکيو،
مون ھڪ ھٽي سا ٽوڙي آ،
مون بريانيءَ جي خوشبو سان،
ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ
مان ڏوئي آن. . .
ھيءَ ڳاڙھي چٽڻي مرچن جي،
ھيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي،
مون لاءِ ٻنھي ۾ ڦير نه آ،
دل راس رھي بس جوڳيءَ جي:
ھن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾،
ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي
مان ڏوئي آن. . . .
جنھن وقت بکن ۾ باھ ٿيل،
انسان گھرن ڏانھن موٽن ٿا،
جنھن وقت ڇَنن ۾ ڳاھ ٿيل
سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا،
مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي،
سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا
مان ڏوئي آن .. .
مون آزاديءَ جي سئن ھنئي،
مون لاٿا ڍڪڻ ھَنڊين جا،
سي پيٽ ھئا يا پاٽوڙا،
مون ڀڀ ڀريا پرديسن جا:
سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا،
ڪو ڀوڳ ڏسي ھي سيٺين جا
مان ڏوئي آن. . .
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿو ڀت وڙھي اڦراٽن سان،
ھر ٻوڙ جي لذت پنھنجي آ،
مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان:
ٿو تنھنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،
ڪئين دالين جي سُرٻاٽن سان
مان ڏوئي آن. . .
تون مون کي باھ ۾ ساڙيندين،
مان توکان مور نه مرڻي آن:
جو سئو سئو ڏوئيون روز گَھڙي،
تنھن ڊکڻ سان مان پرڻي آن:
جا آڌيءَ مانجھيءَ ٻوڙ رڌي،
جا مرڻِي پرڻي ڀت رڌي:
مان ورڻي آن، مان ورڻي آن
مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،
مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن!
ھفتيوار ”اعلان حق“ بدين 6.1.1992
مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن . . .
ھن گھر جي گدلي رڌڻي ۾،
ھيءَ پيڄ جي پاٽِ به ڏوھي آ،
۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لئه
جي روئي ٿو ته دروھي آ،
ھي ڏوھ نه آھي، ماڻھو لئه،
مون ديڳ جي دلڙي موھي آ
مان ڏوئي آن. . .
تو دانگيءَ سان وھنوار رکيو،
مون ھڪ ھٽي سا ٽوڙي آ،
مون بريانيءَ جي خوشبو سان،
ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ
مان ڏوئي آن. . .
ھيءَ ڳاڙھي چٽڻي مرچن جي،
ھيءَ سائي ڀاڄي مٽرن جي،
مون لاءِ ٻنھي ۾ ڦير نه آ،
دل راس رھي بس جوڳيءَ جي:
ھن گوشت مڇيءَ جي دوکي ۾،
ٿي دال ڳري سڀ ٺوڳيءَ جي
مان ڏوئي آن. . . .
جنھن وقت بکن ۾ باھ ٿيل،
انسان گھرن ڏانھن موٽن ٿا،
جنھن وقت ڇَنن ۾ ڳاھ ٿيل
سڀ جوان جنبوڙا جوٽن ٿا،
مان ديڳين کي کڙڪايان ٿي،
سڀ يار ڏندن کي کوٽن ٿا
مان ڏوئي آن .. .
مون آزاديءَ جي سئن ھنئي،
مون لاٿا ڍڪڻ ھَنڊين جا،
سي پيٽ ھئا يا پاٽوڙا،
مون ڀڀ ڀريا پرديسن جا:
سڀ داڻو داڻو چونڊن ٿا،
ڪو ڀوڳ ڏسي ھي سيٺين جا
مان ڏوئي آن. . .
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿو ڀت وڙھي اڦراٽن سان،
ھر ٻوڙ جي لذت پنھنجي آ،
مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان:
ٿو تنھنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،
ڪئين دالين جي سُرٻاٽن سان
مان ڏوئي آن. . .
تون مون کي باھ ۾ ساڙيندين،
مان توکان مور نه مرڻي آن:
جو سئو سئو ڏوئيون روز گَھڙي،
تنھن ڊکڻ سان مان پرڻي آن:
جا آڌيءَ مانجھيءَ ٻوڙ رڌي،
جا مرڻِي پرڻي ڀت رڌي:
مان ورڻي آن، مان ورڻي آن
مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،
مون ڪيئي ڀت رڌيا آھن!
ھفتيوار ”اعلان حق“ بدين 6.1.1992
نظر جي ڳالھه زبان سان
ڪجي ته ڪئين ڪجي،
اِھا ئي ڳالھه جھان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي:
ھي ظلم آھي اسان سان اوھان جي محفل ۾،
اوھان جي ڳالھه اوھان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
v
سدا ظلم جي مات چوندا رھياسين،
سرعام ھر بات چوندا رھياسين:
اوھان ڪيترو ئي دٻايو، ڌُتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رھياسين.
27.7.1959
v
دِل جي پُر شوق دلاسن تي ھليا آياسين،
سُونھن وارن جي سَلامن تي ھليا آياسين،
ڪنھن شھنشاھ جو فرمان اسان تي نه ھَليو،
نينھن وارن جي نياپن تي ھليا آياسين.
v
درياھ کي قطري جي ضرورت سمجھو،
لڙڪن جي طلاطلم جي حقيقت سمجھو:
دل دوست جي فرقت ۾ ٿي روئي جڏھين،
انسان جي انسان سان الفت سمجھو.
v
جھانِ عشق جو سردار آخري آھيان،
حضورِ حسن ۾ حاضر وري وري آھيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آھيان،
عجيب آھيان، ھزارن ۾ ”حيدري“ آھيان.

No comments:
Post a Comment
براءِ مھرباني اھڙو ڪوبہ فضول لنڪ ڪمينٽ باڪس ۾ شيئر نہ ڪندا